مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

جذبات

جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته ذهني زندگيءَ جو ٻيو پهلو آهي احساس. اسان صرف سوچيون ئي نٿا پر ان سان گڏ محسوس پڻ ڪريون ٿا. اسان صرف دماغ ئي نٿا رکون پر ان سان گڏ جذبات پڻ رکون ٿا. اچو ته ڏسون ته نفسيات اسان جي جذبات متعلق ڇا ٿي چوي. نفسيات جذبات متعلق سڀ کان اڳ ۾ هيءَ ڳالهه چوي ٿي ته ”جذبات زندگيءَ جي روح روان آهي، موٽر انجڻ لاءِ جا حيثيت پيٽرول جي آهي، ريلوي انجڻ لاءِ جا حيثيت ٻاڦ جي آهي اها ئي حيثيت انساني شخصيت لاءِ جذبات جي آهي. اهو برابر سچ آهي ته عقل جي مدد کانسواءِ انسان ڪڏهن به ترقي نه ڪئي آهي ليڪن هن حقيقت کان پڻ انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته انسان پنهنجي مخالف قوتن تي هميشه پنهنجي جذبات جي مدد سان فتح حاصل ڪئي آهي.
ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي جذبات کي ڪا اهميت نٿا ڏين يا چون ٿا ته جذبات اسان جي ڪمزوريءَ جي نشاني آهي ۽ صلاح ڏني وڃي ٿي ته انسان کي جذبات کان خالي رهڻ گهرجي. جذبات جي اظهار کان پرهيز ڪجي ۽ هر تجويز کي صبر سڪون سان برداشت ڪجي.
جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته اهي خيال سؤ سيڪڙو يا سؤ فيصدي صحيح نه آهن. اهو سچ آهي ته جذبات جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ مان ڪو به فائدو ڪو نه آهي. جذبات تي ضابطو هئڻ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو مصيبت جي وقت ۾ روڄ راڙو مچائي ڏئي ۽ پنهنجي جذبات جو آزاديءَ سان مظاهرو ڪري ته ڇا هو انهيءَ خطري کان بچي ويندو؟
جذبات جڏهن توهان تي حاوي ٿي وڃن ٿا تڏهن توهان کي انهن تي نه پر انهن کي توهان تي اختيار ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح هو جيئن چاهين تيئن توهان کي ڦيرائي گهيرائي سگهن ٿا. انهيءَ حالت ۾ جذبا مهذب انسانن کي زيب نٿا ڏين ۽ ڪنهن به صورت ۾ سهائيندڙ نه آهن، ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته غصي ۾ بي قابو ٿي وڃڻ بي وقوفي آهي. غصي ۾ بي قابو ٿي وڃڻ ڪري اوهان ٻن طرحن سان گهاٽي ۾ رهون ٿا. هڪ ته توهان اهو ظاهر ٿا ڪريو ته توهان ۾ صبر ۽ ضبط جي طاقت نه آهي، ٻيو ته توهان غير موافق حالتن جو مردانه وار ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکو. جڏهن توهان غصي ۾ بي قابو ٿي وڃو ٿا تڏهن توهان پنهنجو هوش وڃائي ويهي رهو ٿا ڇو ته جوش اچڻ کان پوءِ هوش سالم نه رهندو آهي ۽ هوش وڃڻ کان پوءِ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو سا ڪا لڪل ڳالهه نه آهي.
ساڳيءَ طرح جڏهن اسان تي خوف طاري ٿي وڃي ٿو ته اسان بي وس ٿي پئون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته اسان جا هٿ پير ئي جواب ڏئي ٿا بيهي رهن ۽ اسان اتي ئي ڄمي بيهي ٿا رهون جتي اسان جي جان کي خطرو آهي. اهڙا ئي بي قابو جذبا آهن جن کي ڏسي ڪي مفڪر انهيءَ فيصلي تي پهتا ته بهتر آهي ته جذبات جو اظهار ئي نه ڪجي. انهن مفڪرن کي انهيءَ فيصلي تي پهچائڻ جي جوابداري تهذيب ۽ شائستگيءَ کي آهي يقيناً جذبن جو بي قابو ٿي وڃڻ تهذيب ۽ شائستگيءَ جي خلاف آهي.
ساڳئي وقت اها پڻ هڪ حقيقت آهي ته جذبن ۽ امنگن کانسواءِ زندگيءَ کي ئي زندگي بنائي نٿو سگهجي. اهڙا سڀئي انسان جن دنيا جي ترقي ۽ بهبوديءَ ۾ حصو ورتو، انهن اهو سڀ ڪجهه جذبن ۽ امنگن کان متاثر ٿي ئي ڪيو آهي. جذبات کان عاري يعني خالي ٿيڻ جي معنيٰ اها آهي ته هڪ اڳتي وڌائيندڙ طاقت کي ختم ڪري ڇڏجي. ائين ڪرڻ سان زندگيءَ جو حسن ۽ رنگيني ئي ختم ٿي ويندي. انهيءَ کي ته ڪڏهن به سياڻپ چئي نٿو سگهجي ته هڪ زهر کان بچڻ خاطر ٻئي زهر جو پيالو پيتو وڃي.
اڳئين باب ۾ دلچسپيءَ متعلق ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ ڪري ڪنهن به ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ تڪليف يا دشواري نٿي محسوس ٿئي. ساڳي حالت محبت ۽ همدرديءَ جي آهي. اهي ٻئي جذبا زندگيءَ لاءِ نهايت اهم آهن ۽ انساني شخصيت کي بلند ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. مثال طور: وطن جي محبت انسان کي ڪيترين سرڪش طاقتن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اڀاريو آهي ۽ انهن مٿان فتح حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. مذهبي جذبا انسان کي ڪيترين ئي تڪليفن سهڻ جي باوجود سچ ۽ صداقت جي جهنڊي کي سربلند رکڻ ۾ جيڪا مدد ڏين ٿا سا ڪنهن به ذڪر جي محتاج نه آهي. انهن جذبن ئي مظلومن تي ترس کائڻ ۽ خطاڪارن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.
اسين جذبات جي سهاري ايترين بلندين تي پرواز ڪري سگهون ٿا جن تائين رسائي ٻي حالت ۾ ممڪن ئي نه آهي. جا ڳالهه دل ۾ گهر ڪري وڃي ٿي اسان ان جي لاءِ وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ٿا پئون.
باقي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هر ڪنهن ڳالهه ۾ انتهاپسنديءَ کان ڀڄڻ گهرجي. هر ڪنهن چيز جي ڀلائي وچٿري واٽ ۾ آهي. رسول اڪرم ﷺ جن پڻ فرمايو آهي ته ”خَير الامور اوسطها“ اسان کي نڪي مڪمل طرح جذبات کان منهن موڙي ڇڏڻ گهرجي ۽ نه وري ان جا خادم ٿي رهڻ گهرجي. اسان کي هر حالت ۾ پنهنجن جذبن تي ڪلي ضابطو هئڻ گهرجي مگر انهن کي ختم ڪرڻ نه گهرجي.
اسان کي عقل کان ڪم وٺي پنهنجون راهون جاچڻ گهرجن ۽ انهن راهن تي هلڻ لاءِ جذبات جو سهارو وٺڻ گهرجي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته اسان عقل ۽ دانش سان پنهنجي زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪريون ۽ اهو فيصلو ڪريون ته اسان کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي ۽ پوءِ پنهنجي منزل جي تلاش ۽ جستجو ڪريون ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جذبات کان ڪم وٺون.
هاڻي اچو ڏسون ته ڪهڙا جذبا ٻين جذبن کان وڌيڪ بهتر آهن. محبت جيڪڏهن هڪ جذبو آهي ته نفرت پڻ هڪ جذبو آهي. همت هڪ جذبو آهي ته خوف ۽ تذ بذب پڻ هڪ جذبو آهي. صبر ۽ تحمل به هڪ جذبو آهي ته تنگ نظري ۽ خود غرضي پڻ جذبو آهي. انهن جذبن مان ڪهڙا سٺا ۽ ڪهڙا خراب آهن، تنهن جو بيان ڪرڻ ضروري نه آهي. هرڪو ماڻهو ڄاڻي ٿو ته انهن مان ڪهڙا جذبا سٺا آهن ۽ ڪهڙا خراب، باقي سوال هيءُ آهي ته ڪهڙي طرح سٺن جذبن کي پنهنجو بنائي سگهجي ٿو ۽ ڪيئن خراب جذبن کان دامن بچائي سگهجي ٿو.
ڪنهن به جذبي کي صرف سوچڻ يا خواهش ڪرڻ يا ان متعلق پريشان ٿيڻ سان ختم ڪري نٿو سگهجي. ڪنهن به جذبي کي ختم ڪرڻ جو صرف هڪڙو طريقو آهي ۽ اهو هيءُ ته ان جي ابتڙ جذبي کي اڀاريو وڃي. جيڪڏهن اوهان دل مان نفرت ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي دل ۾ محبت کي جاءِ ڏيو. جيڪڏهن خوف کي ختم ڪرڻ جي تمنا اٿوَ ته بهادري ۽ همت پيدا ڪريو.
شايد ڪي دوست هن ڳالهه تي تعجب ڪن ۽ چون ته جنهن دل ۾ نفرت آهي ان ۾ محبت ڪيئن پيدا ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ عرض هي آهي ته ائين ٿي سگهي ٿو مگر ان لاءِ ڪافي ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ڪجهه عرصي جي پڻ ضرورت آهي. پنهنجي دل ۾ ڪنهن جذبي کي پيدا ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن:
1. جيڪو جذبو اوهان پيدا ڪرڻ چاهيو تنهن متعلق ذهني خاڪو تيار ڪريو ۽ تصور ائين ڪريو ته گويا اهو جذبو اوهان ۾ پيدا ٿي چڪو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪتابن جو مطالعو پڻ مفيد آهي. مثال طور بهادري ۽ جانبازيءَ جا قصا بلند همٿيءَ جي جذبن جي پيدا ٿيڻ ۽ انهن کي تقويت ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. بهادر ۽ جانباز ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ انهن سان گفتگو ڪرڻ جي ڪري پڻ بهادريءَ جي ترغيب ملي ٿي.
تخيل ئي تخيل ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪنهن جذبي کي ختم ڪرڻ جو عزم ۽ ان جي جاءِ تي ان جي ابتڙ جذبي جي پيدا ڪرڻ جو پڪو پهه گهڻي مدد ڏئي سگهن ٿا. تصور ۾ ئي ڪيتريون وصفون ۽ صلاحيتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون جن جي ڪري شخصيت جي تعمير ٿئي ٿي ۽ ترقي ڪرڻ جون راهون هموار ٿين ٿيون.
2. ٻيو طريقو هيءَ آهي ته توهان پاڻ ۾ اهڙيون عادتون وجهو ڄڻ ته گهربل جذبو پيدا ٿي چڪو آهي. انهن طريقن کي اڄ ئي آزمائڻ شروع ڪريو. جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ غم ۽ ڳڻتي گهر ڪري ويئي آهي ته ڪنهن سان به کل خوشيءَ جون ڳالهيون ڪري ڏسو ۽ اهڙي انداز ۽ لهجي ۾ ڳالهايو ڄڻ ته اوهان واقعي تمام خوش آهيو. مرڪندي کلندي ڳالهايو ته توهان کي هي محسوس ڪري تعجب ٿيندو ته انهيءَ ئي گهڙيءَ اوهان جي دل ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر اٿندي ۽ اوهان جي دل جي گهراين مان غم جو بار هلڪو ٿيندو ويندو. اهڙين ئي جسماني ڪوششن سان خوشيءَ جو جذبو پيدا ڪري سگهجي ٿو.
جو به جذبو اوهان پيدا ڪرڻ چاهيو. جسماني طرح ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيو. اهڙيءَ طرح اوهان انهيءَ دروازي کي کولي رهيا آهيو جنهن جي رستي گهربل جذبو اوهان جي دل ۾ داخل ٿي سگهندو. هي صرف ڳالهيون نه آهن پر حقيقتون آهن جي نفسياتي عمل گاهن ۾ هزارن ماڻهن تي آزمايون ويون آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي اڪثر خوف زده رهندا هئا، کين پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪو نه هو. هميشه محجوب ۽ پريشان رهندا هئا تن جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي ويا، اهي بزدل مان ڦري بهادر ۽ بيباڪ ٿي پيا ۽ خود اعتماديءَ سان غير ممڪن کي ممڪن بنائي ڇڏيائون. هاڻي هيءَ حقيقت ثابت ٿي وئي ته صرف خيالات ئي اسان جي شخصيت کي نٿا سنوارين پر انهن سان گڏ جذبات پڻ نمايان حصو وٺن ٿا.
جيترا ئي پاڪ اوهان جا جذبا هوندا اوتري ئي دلڪش بڻجي ويندي اوهان جي شخصيت. اسان پنهنجا جذبا پاڻ پيدا ڪري سگهون ٿا اهڙي طرح جهڙيءَ طرح دوست بنائبا آهن. هاڻي سڀ ڪجهه منحصر آهي اسان جي انتخاب، اسان جي احتياط، عقل ۽ دانش تي ته اسان ڪهڙي قسم جا جذبا پنهنجي لاءِ چونڊيون ٿا.