ابتدا
یا رب بفضل خویش رسانی بہ انتہا’’
خوشيءَ جي تلاش اسان مان هر ڪنهن کي آهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا حيلا ۽ بهانا ڪيون ٿا پر افسوس جو جيترو اسان خوشيءَ کي ويجهو پوڻ چاهيون ٿا اوتروئي اها اسان کان پري ڀڄندي ٿي وڃي. اسان مان ڪيترا آهن جي خوشيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ نفيس ۽ نازڪ ڪپڙا پائين ٿا، طرحين طرحين لذيذ کاڌا کائين ٿا. فلمون ڏسن ٿا، ناچ گهرن جو طواف ڪن ٿا. شراب پيئن ٿا ۽ ڪيترائي ٻيا اخلاق کان ڪريل ڪرتوت ڪن ٿا. پر ڇا ائين ڪرڻ سان هنن سچي خوشي حاصل ڪئي آهي؟ انهن کان ئي پڇو. جيڪي هنن مان وڌيڪ بي باڪ آهن، سي توهان کي ٻڌائيندا ته هنن جي دل هٿائين وڌيڪ ڌڪيل آهي. هُنن چند گهڙين لاءِ جيڪا عارضي خوشي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تنهن پاڻ هنن جي دائمي ۽ سچي خوشيءَ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي.
انسان جي فطرت عجيب ۽ پيچيده آهي. جيستائين ان کي سمجهي ان جي مطابق نه هلبو تيستائين سچي خوشيءَ جو حاصل ٿيڻ ناممڪن آهي. جيڪڏهن اسان مان ڪو پيٽرول کانسواءِ موٽر ڪار هلائڻ چاهي ته توهان هن کي ڇا ڪوٺيندا؟ بيوقوف، نالائق، وغيره وغيره. پوءِ ڀلا جيڪو ماڻهو انسان جي جسماني توڙي ذهني ۽ روحاني بنيادي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ کانسواءِ خوشي حاصل ڪرڻ جي تمنا رکي تنهن متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
خوشگوار زندگي گذارڻ خود هڪ فن آهي ۽ اسان مان هر ڪنهن لاءِ هن فن کي سکڻ ڪيترو ضروري آهي سو ڪنهن به بيان جو محتاج نه آهي. انهيءَ فن جو ماهر صرف اهو ئي انسان ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي پاڻ کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ۽ پنهنجي ڪردار (Behaviour) کي پنهنجي فطرت جي مطابقت ۾ آڻي ٿو. اهڙو ماڻهو نه صرف هن دنيا ۾ سرخرو ۽ خوشحال گذاري ٿو پر پنهنجي آخرت پڻ ٺاهي وٺي ٿو. پاڻ کي سمجهڻ کان پوءِ ئي انسان پنهنجي خالق کي سمجهي سگهندو ڇو ته هرڪا صنعت پنهنجي صانع جو کليل ثبوت آهي. صنعت کي ڏسڻ سان ئي ان جي صانع جي حسن، خوبي، ڪاريگري ۽ ڪمال جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته:
”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ “ اهڙيءَ طرح دنيا جا سڀئي مصلح ۽ فيلسوف پڻ انسان کي اهائي نصيحت ڪندا آيا آهن ته ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ Man know thyself
اهڙو علم جنهن مان اسان کي پنهنجي پاڻ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي تنهن کي نفسيات يا علم النفس چئجي ٿو. نفسيات هڪ اهڙو علم آهي جيڪو اسان کي انساني ذهن ۽ جسم جي افعال، عمل ۽ چرپر جي صحيح ڄاڻ ميسر ڪري ڏئي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح انسان جي فڪر ۽ معمولي ۽ غير معمولي ڪردار دوران ذهن يا جسماني وجود ۾ پيدا ٿيندڙ حقيقتن کان آگاهه ڪري ٿو، اٽڪل سؤ سالن کان نفسيات کي بحيثيت سائنس تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان کان اڳ ۾ هن کي فلسفي جي هڪ شاخ ڪري ليکيو ويندو هو. هن جي شروعات ته ان ڏينهن کان ٿي، جڏهن کان وٺي انسان پنهنجي پاڻ ۽ ماحول متعلق سوچڻ شروع ڪيو، جيتوڻيڪ ان وقت ان کي ڪو خاص نالو نه ڏنو ويو هو.
تحقيق مان ثابت ٿي چڪو آهي ته انساني ذهن ۽ جسم هڪ ٻئي تي تمام گهڻو اثرانداز ٿين ٿا. ايتري قدر جو ذهني خرابين جي ڪري ڪيتريون جسماني بيماريون پيدا ٿي پون ٿيون. ان ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾ جسماني بيمارين جي علاج ڪرڻ وقت اهو ڏٺو وڃي ٿو ته مريض جي ذهني حالت ڪهڙي آهي. ڪيترين حالتن ۾ ذهن جو نفسياتي علاج ڪرڻ سان ڪيترين جسماني بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويو آهي.
افسوس ته اسان مان ڪيترا ههڙي ڪارائتي علم جي نالي کان به واقف نه آهن. درحقيقت اڄ اسان کي جيتري هن علم جي ضرورت آهي اوتري ٻئي ڪنهن به علم جي ضرورت نه آهي. اسان جا ذهن ايترا ته آلوده ۽ منجهيل ٿي پيا آهن جو الله ڏي پناهه. ايتري قدر جو ڪيترين حالتن ۾ اسان کي پنهنجي خواهشن جو پڻ پوريءَ طرح اندازو ٿي نٿو سگهي. هيءَ ڳالهه ظاهريءَ طرح ته تسليم ڪرڻ جهڙي نه آهي پر آهي حقيقت. ان لاءِ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
هڪ غريب ماستر هو جو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ مائٽن کان ورثي ۾ مليل جاءِ ۾ رهندو هو. وفات ڪرڻ وقت هن پٺيان هڪ زال ۽ هڪ پٽ ڇڏيو. ڇوڪري کي ڏکين ڏينهن اچڻ سبب تعليم کي ڇڏي مزدوري ڪرڻي پيئي. هڪ ڏينهن جيئن ڇوڪرو مزدوري ڪري واپس گهر پهتو تيئن کيس معلوم ٿيو ته سندس ماءُ ۽ چاچس ڌم ڌما جهڙو جهيڙو ڪيو آهي. ماڻس منهن سڄايون ويٺي هئي ۽ هن کي ڏسڻ شرط اچي رئڻ ۾ ڇٽڪي ۽ چوڻ لڳي ته ”اهو ڪهڙو ڏينهن ٿيندو جڏهن منهنجو پٽ انهيءَ لائق هوندو جو اسان پنهنجي هڪ الڳ جهوپڙي ٺاهي وِهنداسون. هيءَ جاءِ ته منهنجي لاءِ دوزخ جي ٽڪري آهي. مان هت هڪ پل به رهڻ نٿي چاهيان“ ڇوڪري اهو سڀ ڪجهه ٻڌو ۽ خاموش رهيو پر هن جو ذهن سوچي رهيو هو ته هو ضرور پنهنجي ماءُ جي خواهش پوري ڪندو، پر ماڻس جي خواهش پوري ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. شهر ۾ جهوپڙيءَ جو ملڻ هڪ مسئلو هو. ان ڪري هو بظاهر خاموش رهيو پر پنهنجي منهن ڪوشش ۾ ڪو نه گهٽايائين. ماڻس ۽ چاچس جو جهڳڙو ته ٻئي ٽئين ڏينهن پيو ٿيندو هو ۽ ماڻس پنهنجي جدا جهوپڙي وٺي وِهڻ واري خواهش کي پئي دهرائيندي هئي. ڇوڪرو ويچارو ٻڌي کڻي چپ ڪندو هو ۽ پيو سوچيندو هو ته هو هڪ ڏينهن اوچتو اوچتو ماءُ کي اها خوشخبري ٻڌائيندو. آخر هڪ ڏينهن هو مسواڙ تي هڪ جهوپڙي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. شام جو ڊڪندو ماءُ وٽ آيو ۽ ساڻس اها خوشخبري ڪيائين پر ماڻس خوش ٿيڻ بدران رئڻ ۽ پٽڻ شروع ڪري ڏنو ۽ چوڻ لڳي ته ”منهنجي قسمت ئي خراب آهي جو منهنجو پيٽ ڄڻيو پٽ پڻ منهنجي دشمنن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي. هو چاهي ٿو ته مان پنهنجي مڙس جو گهر ڇڏي ڏيان جنهن تي منهنجو حق آهي ۽ جو منهنجي مڙس جي نشاني آهي وغيره وغيره.“ ماءُ جي اهڙي هلت ڇوڪري جي ذهن تي جيڪو اثر ڪيو هوندو تنهن جو بيان ڪرڻ ضروري نه آهي، اچو ته ڏسون ته ڇوڪري جي ماءُ اها هلت ڇو ڪئي؟
ڏيراڻين جو اڪثر جهيڙو ٿيندو رهندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ سبب جي تلاش ڪبي ته اهو معلوم ٿيندو ته درحقيقت هو هڪ ٻئي تي پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ عام رواجي ۽ گهڻو ڪري بلڪل بي بنياد ۽ اجايا بهانا هٿ ڪري جانبوٽجي وينديون آهن. ڏنل مثال ۾ پڻ جهڳڙي جو بنيادي سبب اهوئي آهي. جيڪڏهن ڇوڪري جي ماءُ گهر ڇڏي وڃي ها ته اهو ٿئي ها پنهنجي ڏيراڻيءَ جي سامهون شڪست مڃڻ. پنهنجي شڪست ڪير برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ سا به انهيءَ ماڻهوءَ جي سامهون جو هڪ جهڙي حيثيت رکندو هجي. ان ڪري ڇوڪري جي ماءُ جو گهر ڇڏي وڃڻ جو خيال هرگز نه هو.
هاڻي ڏسڻو آهي ته هن اهڙي خيال جو اظهار ڇو ٿي ڪيو؟ مڙس جي مري وڃڻ ڪري زال جو هانءُ خالي ٿي پوي ٿو، ڇو ته مڙس زال لاءِ ڍال آهي جو کيس هر تڪليف ۽ مشڪلات کان بچائي ٿو. ان ڪري بيوه عورتن ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي. هاڻي ڇوڪري جي ماءُ مڙس جي فوت ٿي وڃڻ ڪري اڳيئي ذهني طرح ڪمزور ٿي وئي هئي. ويتر ڏيراڻس جي لڳاتار جهيڙي هن جو ذهني توازن لوڏي ڇڏيو. جهيڙي جو وقتي دٻاءُ هن جي برداشت کان وڌيڪ هو. هن کي پهريون خيال اهو ئي آيو ته ڀڄي جند ڇڏائجي پر ٿڌي ٿيڻ ۽ سوچڻ سمجهڻ کان پوءِ هن پنهنجي انهيءَ خيال جي ترديد پئي ڪئي هوندي.
جيڪڏهن پٽس جهوپڙي حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ ساڻس پنهنجي اهڙي خيال ۽ ان کي عملي جامي پارائڻ لاءِ ڪوشش جو ذڪر ڪري ها ته هو جيڪر کيس اهڙي ڪوشش ڪرڻ کان منع ڪري ها. نه پٽس ئي ساڻس اهڙو ذڪر ڪيو ۽ نڪي پاڻ ئي هن کي پنهنجي خيال جي ترديد جي خبر ڏني، ان ڪري اهڙي عجيب و غريب هلت جو اظهار ٿيو.
اهڙيءَ طرح هر ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه انهيءَ قسم جا واقعا نمودار ٿيندا رهن ٿا پر اڪثر انسان انهن کي تسليم ڪرڻ کان ئي انڪاري آهن، ان ڪري انساني زندگيءَ جا مسئلا پاڻ وڌيڪ منجهندا وڃن ٿا. انهيءَ مونجهه کي سمجهڻ ۽ ان جي علاج ڪرڻ ۾ اسان جو ڇوٽڪارو آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان کي نفسيات ئي مهيا ڪري ڏئي ٿي. ههڙي اهم علم کي اسان جي ملڪ ۾ جنهن بي پرواهيءَ سان نظر انداز ڪيو ويو آهي سو نهايت ڏکوئيندڙ آهي. اسان جي سنڌي زبان ۾ ته صرف ٻه چار ڪتاب تعليمي نفسيات تي شايع ٿيا آهن باقي ٿيو خير. شايد ان جو سبب اهو آهي ته اسان جي مصنفن کي ههڙي پيچيده علم کي سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي.
مگر ڪا به مشڪلات اهڙي نه آهي جنهن کي حل ڪري نه سگهجي. انهيءَ خيال سان مون ارادو ڪيو ته علم نفسيات تي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪجي پر هينئر ڪن سببن ڪري ان خيال کي بدلائي ڪتابي سلسلي ۾ آندو ويو آهي، جنهن جي پهرين ڪڙي اوهان جي پيش خدمت آهي.
هن ڪتابي سلسلي هيٺ هر ٻئي مهيني نفسيات ۽ ان سان واسطو رکندڙ موضوعن تي اٽڪل سؤ ويهن کان ڏيڍ سؤ صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويندو. هن سلسلي ۾ هيٺ ذڪر ڪيل موضوعن تي ڪتاب شايع ڪيا ويندا.
1- نفسيات جا ابتدائي اصول 2- شخصيت جي تعير 3- انسان ۽ سندس قوتون 4- احساس ڪمتري ۽ ان جو علاج 5- پريشانيون ۽ ان جو حل 6- خوف ۽ ان تي قبضي حاصل ڪرڻ جا طريقا 7- قوت ارادي 8- تربيت اولاد 9- دوست پيدا ڪرڻ جو فن 10- حافظو ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ جا طريقا 11- خوش گذارڻ جو فن 16- پاڻ تي قبضي حاصل ڪرڻ جو فن 13- ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو فن 14- ذهن کي ترقي ڏيارڻ جو فن 15- عملي طرح سوچڻ جو فن 16- تندرست گذارڻ جا طريقا وغيره وغيره.
هن ڪتابي سلسلي کي شايع ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اسان جي عوام کي پنهنجي مشڪلاتن کي پاڻ حل ڪرڻ جي قابل بنايو وڃي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته صرف نصيحت ڪرڻ سان ڪنهن کي سڌاري نٿو سگهجي، جيڪڏهن ڪنهن کي سڌارڻ مقصود آهي ته ضروري آهي ته هن کي پهريائين پنهنجي غلطيءَ يا ڪوتاهيءَ جو احساس ڏيارجي، کيس انهيءَ غلطيءَ يا ڪوتاهيءَ جي بنيادي سبب کان آگاهه ڪجي. قدرت انساني ذهن کي اهڙيءَ طرح ٺاهيو آهي جو پنهنجي غلطي يا ڪوتاهيءَ جي احساس ۽ ان جي بنيادي سببن کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ مناسب موقعو وٺي پنهنجي اصلاح پاڻ ڪري وٺي ٿو. دنيا جي سڀني رهبرن اصلاح آڻڻ جو اهڙو طريقو اختيار ڪيو آهي. هت رسول اڪرمﷺ جن جي زندگي مبارڪ مان هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا ﷺ جڏهن مسجد شريف ۾ آيا ته ڪن مسلمانن ويٺي وضو ساريو. جيئن ته سڀ ڪوزا والاريل هئا ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ کي ڪجهه وقت ترسڻو پيو. پاڻ جتي بيٺا هئا ان جي ڀر سان هڪ مسلمان ويٺي وضو ڪيو. پاڻ ڏٺائون ته ان وضو صحيح نموني سان ادا نه ڪيو. جڏهن اهو ماڻهو وضو ڪري واندو ٿيو ته پاڻ کيس فرمايائون ته ادا ڪجهه وقت ترس ته مان به وضو ڪري وٺان، پوءِ ٿا هلي گڏجي نماز پڙهون. اهو ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ رسول اڪرم جي ڀرسان بيهي رهيو. هن ڏٺو ته جنهن نموني حضور جن وضو ساريو سو ته ٻيو طريقو هو، هن انهيءَ طرح وضو نه ڪيو هو. يقيناً جيئن حضرت جن وضو ساريو سو درست هوندو. ان ڪري کيس پنهنجي غلط طرح وضو سارڻ جو احساس ٿيو ۽ وضوءَ ڪرڻ جو صحيح طريقو پڻ معلوم ٿي ويو. حضور جن جڏهن وضو ڪري واندا ٿيا تڏهن اڪيلا ئي مسجد شريف ۾ هليا ويا. اصحابي اهو موقعو وٺي وري وضو ساري ورتو ۽ وڃي نماز ادا ڪئي.
اهڙيءَ طرح ان اصحابيءَ کي پنهنجي غلطيءَ کي درست ڪرڻ جو مناسب موقعو ملي ويو جنهن ۾ هن ڪنهن به قسم جي شرمساري محسوس ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي غلطيءَ جو اصلاح ڪري ورتي. جيڪڏهن رسول اڪرم ﷺ جن انهيءَ اصحابي کي پاڻ سان گڏ هلي نماز ادا ڪرڻ لاءِ فرمائين ها جيئن کيس پهريائين ٻڌايو ويو هو ته جيڪر ان اصحابيءَ کي پنهنجي غلطي جي اصلاح ڪرڻ جو مناسب موقعو نه ملي ها ۽ ممڪن آهي ته هو شرمساري محسوس ڪرڻ جي ڊپ کان پنهنجي غلطيءَ جو اقرار نه ڪري ها.
هن مثال کي پيش ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته هن ڳالهه کي چڱي طرح ذهن نشين ڪيو وڃي ته ڪنهن جي به اصلاح تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن پهريائين هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ڏيارجي. ٻئي نمبر ۾ هن کي صحيح حقيقت جي ڄاڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي طريقي کان واقف ڪجي ۽ پوءِ ٽئين نمبر ۾ هن کي اهڙو موقعو ڏجي جو ڪنهن به قسم جي شرمساري وغيره محسوس ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي اصلاح ڪري وٺي. هن طريقي اختيار ڪرڻ کان سواءِ سڌارو آڻڻ ممڪن ئي نه آهي.
هن ڪتابي سلسلي ۾ نفسياتي حقيقتن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪيو ويندو جيئن پڙهندڙن کي ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي غلطين يا ڪوتاهين جي معلومات حاصل ٿئي ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي طريقن کان پڻ واقفيت ملي.
باقي رهيو مناسب ماحول، ان لاءِ پڻ اها ڪوشش ڪئي ويندي ته پڙهندڙ ۾ اهڙي سمجهه ۽ جرئت پيدا ٿئي جو پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ ماحول پيدا ڪري وٺي. اميد ته اوهان پڻ انهيءَ خيال جا آهيو ته سنڌيءَ ۾ هن قسم جي ڪتابي سلسلي جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ ان ڪري هن ڪتابي سلسلي جي سالياني خريداري قبول فرمائيندا ۽ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن جي دائري ۾ هن جو تعارف ڪرائيندا.
پني جي نايابيءَ سبب هن دفعي سادو پنو استعمال ڪيو ويو آهي. اميد ته ٻئي دفعي بهتر پنو پيش ڪيو ويندو.
انور قاضي
16 سيپٽمبر 1960ع