مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

منهنجو ادو انور

محترم انور احمد قاضي، جنهن کي ننڍي هوندي کان، اسان سڀ ”ادو انور“ ڪري سڏيندا هئاسين، عمر ۾ مون کان لڳ ڀڳ پنج ڇهه سال وڏو هو. سندن ٻالڪپڻو ۽ ابتدائي زندگي، موري شهر ۾ اسان جي عظيم المرتبت بزرگن، عالمن ۽ درويشن جي قديمي اباڻي حويليءَ ۾ گذري. اسان جي ڏاڏي سائين مخدوم مولوي محمد صادقؓ جن جو هن حويليءَ ۾ پنهنجو هڪ ننڍڙو گهر هوندو هو جتي پاڻ پنهنجي ڪٽنب سان رهندا هئا. سندن ٽي نيڪ، لائق فائق ۽ قابل فرزند، قاضي محمد هاشم، قاضي محمد قاسم ۽ قاضي محمد طيّب، پنهنجي آل عيال سان هن گهر ۾ سڪونت پذير هئا. منهنجون هن حويليءَ ۾ رهائش جي حوالي سان يادگيريون بنهه هلڪيون ۽ ڇڊيون آهن. اسان جي گهر جو دروازو، حويليءَ ۾ اندروني گهٽيءَ ۾ کلندو هو. شايد ڪل چار پنج گهر هئا ۽ ٻاهران هڪ سير وارو در، شهر جي عام رستي سان هوندو هو. هڪ گهٽيءَ مٽائبي هئي ته بزرگن جي جوڙايل جامع مسجد ۾ پهچبو هو جنهن ۾ چاچي حافظ محمد عمر جو گهر هوندو هو. مون ادي انور کي پنهنجي هڪ جيڏن، هم ڪلاسي عزيزن جهڙوڪ مرحوم قاضي قمر الدين ۽ مرحوم عطا محمد سومري سان اسڪولي ڪمن جي پڙهائي ۽ مختلف موضوعن تي ڪچهريون ڪندي هن گهر ۾ ڏٺو. ادو انور جڏهن موري جي مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو، تڏهن اسڪول طرفان هڪ ڊرامو اسٽيج ڪرايو ويو جنهن جو نالو هن وقت ذهن تي نٿو اچي. هن ڊرامي ۾ اسڪولي شاگردن کي مختلف پارٽ ۽ ڪردار ڏنا ويا. ادي انور احمد هن ڊرامي ۾ وڪيل جو پارٽ ادا ڪيو. زندگي به ڇا ته عجيب ۽ خوبصورت اتفاقات ۽ ساڀيان ماڻيندڙ واقعن جو نالو آهي!! ادي انور جي وهم گمان ۾ به اهو ڪين هيو ته پاڻ عملي زندگيءَ جا ڀريا ٽيهه سال، ڊرامي ۾ ادا ڪيل پروفيشن، حوالي ڪري ڇڏيندو. منهنجي ذاتي خيال موجب ادو انور، جج ۽ پروفيسر جي عهدن لاءِ نهايت موزون ذهن، فهم، ذوق ۽ طبيعت جو لاڙو رکندڙ هيا. پر چوندا آهن ته:
”جيئن ڪارڻ جيڏيون مون وڏا ڪيا وس!!“
”جو لکيو هجي نراڙ ۾ ته پوءِ قلم ڪياڙيءَ ڪيئن وهي!!“
ادو انور، ننڍپڻ کان سنجيده ۽ نرالي طبيعت جو مالڪ هو. مون کين ڪڏهن به اجائي سجائي گفتگو ڪندي ڪين ٻڌو ۽ نه ئي بي جا راندين روندين ۽ مصروفيتن ۾ وقت وڃائيندي ڏٺو. ڪتابن جو مطالعو، سندن اولين مشغلو هو. درسي ڪتابن ڏانهن ايڏو چاهه ڪونه هوندو هون جيترو پنهنجي دلچسپيءَ وارن موضوعن تي ڪتابن ۽ رسالن پڙهڻ جو شوق بلڪ عشق!! پاڻ جڏهن گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جا شاگرد هئا تڏهن انگريزي رسالو ”ريڊرس ڊائجيسٽ“ ۽ دهلي مان نڪرندڙ ”بیسویں صدی“ باقاعدگي سان خريد ڪندو ۽ پڙهندو هو. مان انهن ڏينهن ۾ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ شاگرد هوس. ادي انور کان متاثر ٿي اسان به اهي رسالا پڙهڻ شروع ڪيا. پاڻ پنهنجي ذاتي خرچيءَ جا ڳپل پيسا ڪتابن ۽ رسالن کي خري ڪرڻ ۾ خرچ ڪندو هو. هڪ لحاظ سان ڏسجي ته خاندان جي اسان واريءَ ٽهيءَ لاءِ پاڻ ”رول ماڊل“ هئا. ڪتب بيني جو شوق اسان وٽانئن پرايو. ادي انور کي علم ۽ ادب سان گهرو گهاٽو لڳاءُ هو. پاڻ ڪيتريون ڪهاڻيون، افسانا ۽ مضمون لکيائون: هڪ مضمون ياد ٿو اچي جيڪو ڪراچيءَ مان سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ روزانه اخبار ”نواءِ سنڌ“ ۾ ڇپيو هو. سال شايد 1952ع يا 1953ع هو. مضمون جو عنوان هو ”نئين ۽ نرالي دنيا“ جنهن ۾ هڪ اهڙي دنيا اڏڻ جو عزم ظاهر ڪيل هو جتي اعليٰ انساني قدرن ۽ آدرشن جو عملي نمونو نظر ايندو. جتي زندگي، سک، سُرهاڻ ۽ سونهن ڀري هوندي. پاڻ ساري ڄمار ادبي سرگرمين سان سلهاڙيل رهيا.
مناسب سمجهان ٿو ته هتي موري جي سنڌي ادبي سنگت طرفان”استاد بخاري“ سان ملهايل ”ادبي شام“ جو ٿورو ذڪر ڪيان. عظيم سنڌي جيڪو ان وقت، سنڌي ادبي سنگت موروجو سيڪريٽري هئو ۽ مان گڏجي استاد بخاريءَ ڏي دادوءَ وياسين ۽ کيس ٻڌايوسين ته موري جا ادب دوست اوهان سان شام ملهائڻ گهرن ٿا. استاد بخاريءَ کي اسان ڪيقدر تذبذب، ٻڏتر ۽ فيصلو نه ڪرڻ واريءَ ڪيفيت ۾ ڏٺو. پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته ”سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نظم ۾ مون ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“ بدران ”سنڌي ٻولي تنهنجي ٻولي منهنجي ٻولي“ ڪري پڙهيو ۽ قومي ٻولي چوڻ کان پاسو ڪري ويس جو ان وقت جي سختگير حڪومت ۽ سنڌ دشمن قوتون ٻٽ ٿي ويون هيون ۽ هرو ڀرو به سنڌي سرڪاري ملازمن تي ڪاوڙيل هيون. مون مصلحت طور، اهڙي معمولي تبديلي ڪئي جيڪا وقتي نوعيت جي هئي. ان ڳالهه تي جيئي سنڌ جا شاگرد مون سان ناراض ٿيا ۽ معاملو سائين جي ايم سيد تائين وڃي پهتو جنهن به شاگردن جو ساٿ ڏيندي چيو ته ”استاد بخاري“ جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ کيس ڪنهن به فنڪشن ۾ مدعو نه ڪيو. هاڻي توهان جو ادبي سنگت طرفان شام ملهائڻ جي دعوت کڻي آيا آهيو ته مان محسوس ٿو ڪيان ته متان ڪو ناخوشگوار واقعو ۽ اڻ وڻندڙ صورتحال نه ٿئي جنهن ۾ توهان جي ڪا گهٽتائي نه ٿئي. مون کي فقط اهو خدشو آهي ٻيو ڪُل خير!“ اسان جي سنگت ”استاد“ سان شام ملهائڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو هئو تنهن ڪري کيس پڪ ڏياريسين ته اهڙيءَ ڪنهن ڳالهه جو خيال پنهنجي دل تان لاهي ڇڏي. ڳالهه طئي ٿي وئي. موري اچڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جي ڪن ميمبرن جي راءِ هئي ته استاد جي شام کان اڳ، سنگت جون چونڊيون ڪرايون وڃن. هنن اصرار ڪيو ته عظيم سنڌيءَ استاد جي شام کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ بابت چيو. ليڪن هنن جو اصرار برقرار رهيو. منهنجو خيال هو ته اسان عظيم سنڌيءَ کي ٻيهر سيڪريٽري چونڊينداسين تنهنڪري چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪو هرج ناهي. مگر عظيم سنڌي کي ڳالهه دل سان نه پئي لڳي. منهنجي يقين ڏيارڻ تي هن ماٺ ڪئي. چونڊن واري گڏجاڻيءَ ۾ صورتحال، ڪنهن اڳ رٿيل سٽا موجب تبديل ٿي وئي ۽ ڪن دوستن راشد مورائي جو نالو سيڪريٽري شپ لاءِ تجويز ڪيو جنهن جي سڀني دوستن تائيد ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت راشد مورائي سنڌي ادبي سنگت مورو جو سيڪريٽري چونڊجي ويو ۽ استاد بخاري سان شام به سندس سيڪٽري شپ ۾ ملهائي وئي. عظيم سنڌي اعليٰ ظرف جو ثبوت ڏيندي هن ادبي شام ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ سخت محنت ڪئي. هن شام ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو ۽ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دوستن مڪمل ساٿ ڏنو. عظيم سنڌي، استاد تي هڪ بهترين ادبي تقرير ڪئي. هيءَ تقريب نهايت سادگي سان باوقار نموني منعقد ٿي جيڪا اسر ويلي پڄاڻيءَ کي پهتي. موري جي سڀني ادب دوست ۽ ادب نواز احباب شرڪت ڪئي ۽ شام کي ڪامياب بڻايو. هن يادگار ادبي شام جي صدارت موري جي برک اديب ۽ نقاد، محترم انور احمد قاضيءَ ڪئي جيڪا سندن ادب سان والهانه محبت جو ثبو هئي.
محترم انور احمد قاضي جي شخصيت جو هڪ ٻيو رخ اعليٰ تعليمدان وارو آهي. 1964ع ۾ موري ۾ هڪ انٽرميڊئيٽ آرٽس ڪاليج قائم ڪيو ويو. ڪاليج قائم ڪندڙ انتظاميه ”ايجوڪيشن سوسائٽي مورو“ هئي جيڪا باقاعده رجسٽرڊ تنظيم هئي. محترم انور احمد قاضي هن سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو جنهن عهدي تي پاڻ 1964ع کان 1969ع تائين رهيا. 1969ع کان 1972ع تائين پاڻ هن سوسائٽيءَ جا صدر منتخب ٿيا. 1972ع ۾ پرائيويٽ تعليمي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ۽ ڪاليج جا سمورا اثاثه به سرڪار جي ضابطي هيٺ اچي ويا. هن ڪاليج اڳتي هلي ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ مهراڻ ڪاليج موري جي نالي سان تعليمي ميدان ۾ بي مثال خدمتون آڇيون. هزارين شاگرد زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپجي ويا ۽ پنهنجو نالو ڪڍيائون ۽ ”مورو ناهي ٿورو“ جي حقيقي تعبير بنجي ويا. نمحترم انور احمد قاضي هن ڪاليج جي بانيڪارن مان هڪ هو جنهن اداري جي اهم عهدن تي رهي بي لوث خدمت باوقار انداز ۾ ڪئي. سندن زندگي جاڪي اصول هئا، ساري ڃمار پاڻ انهن تي ڪاربند رهيو. اسان جي پوئتي پيل، بيمار ۽ مفادن تي ٻحڌل سماج ۾ آدرشن مطابق زندگي گذارڻ وارن داناءَ، سچار، سچيت، محنتي ۽ ديانتدار ماڻهن کي ”ڌار مخلوق“ سمجهي ڏچا ۽ ڏوجهرا ڏنا وڃن ٿا ۽ قدم قدم تي انهن لاءِ رنڊڪون وڌيون وڃن ٿيون. اهو احساس گهٽ ماڻهن کي آهي ته قاعدي قانون، انصاف ۽ اصل تي هلڻ سان سماج ۽ قومون ترقي ڪن ٿيون. پنهنجي هوشياري، قابليت، محنت ۽ اعليٰ تعليم يافته هجڻ باوجود، سندن ڪنهن اعليٰ عهدي/مقام تي نه پهچڻ ۾ وڏو دخل سندن اصولن ۽ آدرشن سان بي لچڪ وابستگي هئي. مقتدر ڌريون اهو ڏسنديون هيون ته ڪنهن عهدي تي پهچي هيءُ ماڻهو اسان جي مفادن جو ڪيترو تحفظ ڪندو. عدم اطمينان باعث هو ڪو جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ ادو انور، هر هيٺاهين مٿانهين کان بالاتر قلندرانه مزاج رکڻ وارو صحيح معنيٰ ۾ سنت ۽ صوفي هو. ان ڏس ۾ مون کين ڪڏهين به فڪر مند ۽ بي چين ڪين ڏٺو. فقير ۽ دلگير ٿئي، کوڙو، لڳي ئي نٿو!!
ادو انور، موري جي بزرگ، ديندار ۽ عالم گهراڻي سان تعلق رکندڙ فرد هو. دين اسلام سان سندن لڳاءُ قلبي ۽ روحاني به هو. وڏڙن جي نظرِ عنايت سان، کين به آفاقي فيض مان ونڊ ۽ واٽو نصيب ٿيو جنهن جو اظهار پاڻ ته ڪڏهين به ڪين ڪيائون ليڪن سندن قول ۽ فعل، اٿڻي ويهڻي مان تجليون ۽ ترورا، اڪثر نروار ٿيندا رهندا هئا.
پاڻ، نبي اڪرمﷺ جن جي پاڪ ذات والا صفات جا سچا عاشق هئا. پاڻ عشقِ رسولﷺ سان والهانه محبت ۽ عقيدت جي رنگ ۾ ايڏو ته رڱيل هئا جو پاڻ ڪريمﷺ جي مٺڙي نانءَ ٻڌڻ ۽ وٺڻ سان سندن دل ڀرجي ايندي هئي، اکيون آليون ٿي وينديون هيون ۽ آواز ۾ عجيب رقت، درد ۽ سڪ سوز سمائجي ويندو هو. مون ڪيترن موقعن تي سندن اهڙي استغراقي ڪيفيت کي پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو جذب جي اهڙي منظر ۽ لقاءَ ۾ ڪيف ۽ سرور جي معجزاتي مام رکيل هئي.
الله پاڪ، ادي انور کي چئن فرزندن ۽ چئن نياڻين سان نوازيو. سندن چار نيڪ، صالح ۽ فرمانبردار پٽ، باعزت روزگار سان لڳل آهن. جيڪي پنهنجا فرض، محنت، قابليت ۽ ديانت سان ادا ڪندا رهن ٿا. سندن ٽيون نمبر فرزند صادق انور قاضي (جنهن تي اسان جي ڏاڏي سائينءَ جو نالو رکيل هئو.) جي اوچتي، ناگهاني ۽ انتهائي ڏکوئيندڙ وفات تي سڄو خاندان ڏک، غم ۽ شديد ذهني ۽ قلبي پيڙا ۾ ويڙهجي ويو. پاڻ پاڪ ايئر فورس ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ ٿي ڀرتي ٿيا ۽ اسڪوائڊرن ليڊر جي عهدي تي فائز هئا جو اوچتو دل جي دوري پوڻ سبب، جوانيءَ ۾ ئي هن فاني جهان کي ڇڏي، پنهنجي ابدي گهر ڏانهن راهي ٿيا. (ان وقت مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر رياض قاضي، پنهنجي گهر وارين سان گڏ، عمري جي سعادت ماڻڻ بعد واپس اچڻ لاءِ جدي جي ايئرپورٽ تي هياسين، جو اهو جيءُ جهوريندڙ اطلاع مليو. رهندو نانءُ الله جو-ٻيو جڳ سارو فاني آهي.)
مرحوم صادق انور قاضي (الله پاڪ سندس درجات بلند ڪري ۽ جنت ۾ جايون ڏئيس) اعليٰ صفتن، گڻن، خوبين ۽ لياقتن جو مالڪ هو. ربّ پاڪ کيس اعليٰ تخليقي ذهن عطا ڪيو هو. پاڻ قائدِ اعظم يونيورسٽي
اسلام آباد مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائون. سندس مستقبل روشن ۽ تابناڪ هيو. خالق مالڪ، مٺڙو موليٰ پنهنجا راز پاڻ ٿو ڄاڻي اهو
بي پرواهه بادشاهه آهي. انسانَ بي وس ۽ ويچارا آهن جن کي سندس رضا آڏو ڪند نِمائڻو آهي، جيڪا ئي ٻانهپ جي سچي نشاني آهي.
مونکي پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم مائيگي جو ڀرپور احساس آهي. نه ته مان لائق مصنف جي تحريرڪيل مواد ۽ موضوع بابت راءِ ڏيڻ ۾ انصاف ڪري سگهيو آهيان ۽ نه ئي نفسيات جهڙي نازڪ، نفيس ۽ پيچيده مضمون کي چڱيءَ طرح سمجهائي سگهيو آهيان. بس، رڳو رنڍا ئي روڙيا اٿم، فقط هڪ اطمينان اٿم ته ”يوسفؑ جي خريدارن“ ۾ نالو ڳڻائڻ جو سعيو ۽ جتن ڪيو اٿم.
موري جي قاضي (قريشي) خاندان جي سڄاڻ فرزند محترم خالد حيات قاضي کي جس شاباس هجي جو ”ساميءَ جي مَٽَ“ مان هن بهترين علمي ڪاوش کي هَٿِ ڪري، عدم جي واديءَ مان ڪڍي، عالمِ وجود ۾ آندو اٿن.
سنڌيءَ ٻوليءَ جي مشهور ۽ معروف اشاعتي اداري ”سنڌيڪا“ کيرون لهڻي جو ڪتاب جي موضوع ۽ اڄوڪي دؤر ۾ ان جي افاديت، اهميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي جديد اهتمام سان هڪ گم ٿيل ناياب قلمي ڪاوش ۽ قيمتي تصنيف کي سهڻي نموني جديد طرزِ طباعت تي شايع ڪيو آهي. ان لاءِ مان اداري جي لائق سربراهه سائين نور احمد ميمڻ ۽ سڀني ڪارڪنن کي دلي واڌايون ڏيان ٿو.

نذير قاضي
”القاسم“. A-2491
ٻيو فيز، گلشنِ حديد بن قاسم ڪراچي