ذهني بلوغت
چہل سال عمر عزیزت گذشت، مزاجِ تو از حالِ طفلی نہ گشت
بلوغت جي عمر کي پهچڻ کان پوءِ اسين سڀ ٻالپڻي جي عادتن کان آزاد ٿيڻ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وڃون ٿا. ننڍپڻ جا سهارا اسان کي روڪين ٿا ۽ وڏن جي آزادانه زندگي اسان کي پنهنجي طرف ڇڪي ٿي.
اڪثر والدين پنهنجي اولاد کي سيني سان لڳائي رکن ٿا، هر ڪنهن ڳالهه ۾ هنن جي مدد ڪندا رهن ٿا ۽ هو نٿا چاهين ته هنن جو ٻار هنن جي مدد کانسواءِ ڪجهه به ڪري. حيرت ته اها آهي ته ڪجهه والدين جوان ٿيڻ بعد به پنهنجي اولاد کي ٻار ئي سمجهن ٿا. انهيءَ ابتڙ ڪجهه مائٽ ان وقت به پنهنجي ٻار جي مدد نٿا ڪن، جڏهن اولاد کي سندن محبت ۽ سهاري جي سخت ضرورت هوندي آهي.
هو پنهنجي ٻارن کي جلد از جلد جوان ۽ آزاد بنائڻ چاهيندا آهن. اهڙيءَ طرح اڪثر نوجوان پنهنجي ننڍپڻ جي سهارن لاءِ بي چين رهن ٿا. انهن کي يا ته ٻالجتيءَ ۾ محبت ملڻ گهرجي سا نه ٿي ملي يا ته ضرورت کان وڌيڪ ملي ٿي، جنهن ڪري هو پنهنجون راهون پاڻ ٺاهڻ جي قابل نٿا رهن. ان ڪري ڪيترائي نوجوان پنهنجي زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ همت هاري ويهي ٿا رهن ۽ ڪجهه ته عمر ڀر پنهنجن عزيزن ۽ دوستن جي سهاري ڪنهن نه ڪنهن طرح گهلبا اچن ٿا. انهن مان ڪيترا اهڙا به آهن جي اوستائين ڪشمڪش ڪندا اچن ٿا جيستائين هنن کي ڪاميابي نصيب ٿيندي اچي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن موڙ تي ناڪامي نصيب ٿي ته ننڍپڻ جا سهارا ياد اچڻ شروع ٿيا . اهڙي صورتحال ۾ چئني طرفن اکيون ڦاڙي گهوريندا رهن ٿا ته آهي ڪو جو هنن جي مدد ڪري. جڏهن ڪو مدد ڪرڻ وارو ڪو نه ٿو ملينِ ته جدوجهد ختم ڪري هٿ تي هٿ رکي ويهي ٿا رهن. ڪي اهڙا به آهن جي ڪشمڪش جاري رکن ٿا پر دل جي گهراين ۾ ڪنهن سهاري جا منتظر رهن ٿا ۽ انهيءَ ٻِچتائيءَ جي ڪري هنن ۾ مونجهه پيدا ٿي پوي ٿي.
جذباتي اعتبار سان اهو ئي شخص بالغ سمجهيو وڃي ٿو جو مصيبتن جي وقت پڻ پنهنجي قوتن تي ڀروسو رکي ٿو. ناڪامين جي ڪري بد دل نٿو ٿئي ۽ وري ڪاميابيءَ جي اميد ۾ اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهي ٿو. اتفاق سان ڪري پوي ٿو ته وري اٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ وري ٻيو دفعو جاکوڙ شروع ڪري ڏئي ٿو.
هاڻي اچو ڏسون ته ننڍي هوندي جي سهارن جي زيادتيءَ جو ڪهڙو اثر ٿئي ٿو. ان جي ڪري ذهني بيماريون پيدا ٿيڻ ته عام آهن پر انهيءَ سبب ڪري اڪثر ڏوهه پڻ ٿين ٿا ۽ زندگي عذابِ جان بڻجي پوي ٿي. ان سبب ڪري هڪ نئين ڪنوار شاديءَ جي ذميدارين جو تاب نه جهلي موٽي مائٽن جي گهر پهچي وڃي ٿي. نوجوان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت ناپيد ڏسي دل ئي دل ۾ پشيمان ٿين ٿا ۽ پنهنجي ڪمزوريءَ کي لڪائڻ لاءِ هزار حيلا بهانا ڪن ٿا. جنهن ڪري هو ذهني ۽ جسماني بيمارين ۾ مبتلا ٿي پون ٿا. ڪي پنهنجي ڪمزورين کان بيزار ٿي انهن کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ وڃي بدمعاشن جي ٽولين ۾ شامل ٿين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح ڪي انسان پنهنجي ڪمزورين جي ڪري زندگيءَ سان مقابلي ڪرڻ جي اهليت نه ڏسي وڃي جيلن کي پنهنجي زندگي بنائين جتي هنن کان زبردستي ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ جنهن جي بدلي کين ٻه وقت ماني نصيب ٿئي ٿي.
هڪ ڪامل بالغ انسان ڪنهن به قسم جي احساس ڪمتري يا خود پرستيءَ ۾ مبتلا نٿو ٿئي. ان جي برخلاف جن نوجوانن ۾ پخته ڪاري نٿي رهي، تن جي جوانيءَ ۾ پڻ ننڍپڻ جو حصو غالب رهي ٿو. اهي پنهنجن بزرگن ۽ مقتدر انسانن کان ڊڄن ٿا جنهن ڪري هنن جي عزت ڪن ٿا. هنن جي خودداري جلد ئي مجروح ٿي پوي ٿي. هنن کي ٻين جي ڪاميابيءَ تي حسد ٿئي ٿو ۽ ٻين کي پنهنجي ڪاميابيءَ جي راهه ۾ حائل سمجهن ٿا. اهو سڀ ڪجهه پاڻ هنن ۾ وڌيڪ احساس ڪمتري پيدا ڪري ٿو. اهي سڄيءَ دنيا کي پنهنجو دشمن محسوس ڪن ٿا ۽ قدم قدم تي خيالي دشواريون هنن کي جدوجهد ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ان جي ابتڙ هڪ پخته ڪار انسان ڪنهن به ڳالهه ۾ پاڻ کي ڪمتر محسوس نٿو ڪري. هو پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو رکي جدوجهد ڪري ٿو. هو ڪنهن کي دشمن نٿو سمجهي پر ٻين کي پنهنجو دوست ۽ همسفر سمجهي ٿو.
نفسيات جي موجوده تحقيق ٻڌائي ٿي ته انسان جي راهه ۾ خود ان جي ئي هستي آڏو اچي ٿي، ورنه جيڪڏهن ڪنهن فرد ۾ جسماني خرابيون به کڻي هجن تڏهن به هن ۾ احساس ڪمتري پيدا نٿو ٿئي بشرطيڪه هو ذهني اعتبار سان بالغ ٿي چڪو هجي. پخته ڪاريءَ جي ڪري انسان ۾ حقيقتن جي اعتراف جي وصف پيدا ٿي پوي ٿي.
اهي ٻار جن جي حد کان وڌيڪ نگهداشت ڪئي وڃي ٿي، جن جون مائرون هنن جي اکين ۽ ڪنن جي حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن، سي خود پنهنجي اکين ۽ ڪنن کي استعمال نٿا ڪن. دنيا ۽ ان جون حقيقتون ته ساڳيون آهن پر هر شخص پنهنجي مخصوص روايتي نگاهه سان انهن ۾ رنگ ڀري ٿو. اهڙي طرح ڪارن ڪاون واري عينڪ پائيندڙ کي هر چيز ڪاري ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
جن ٻارن جي حد کان زياده نظرداري ڪئي وڃي ٿي سي پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ نٿا سکن. ان ڪري جڏهن هنن جا سهارا يعني نظرداري ڪندڙ هستي جدا ٿي وڃي ٿي تڏهن هو هڪ پل به بيهي نٿا سگهن. هو هميشه ٻين ماڻهن مان اها اميد رکن ٿا ته اهي سندس مدد لاءِ اچن ۽ ائين نه ٿيڻ جي حالت ۾ پاڻ کي نه پر ٻين کي خطا وار سمجهن ٿا. اهڙيءَ طرح هنن جي جذباتي ارتقا ۾ خرابيون شامل ٿي وڃن ٿيون.
جيڪڏهن جذباتي ارتقا ۾ ڪا خرابي آهي ته زندگيءَ ۾ ڪو به لطف نٿو رهي. ٻين ماڻهن سان انساني رشتا قائم ٿي نٿا سگهن. هر وقت خدشا لڳا رهن ٿا ۽ دل ۾ نفرت ۽ بيزاري ديرو ڄمائي ويهي ٿي رهي. ننڍپڻ جي تربيت جو هيءُ سلسلو جيئن ته ازل کان شروع آهي ۽ نسل در نسل هلندو ٿو اچي، ان ڪري جيڪڏهن چيو وڃي ته اڄ جي دنيا ۾ ڪو به فرد صحيح معنيٰ ۾ بالغ نه آهي ته اهو ڪنهن حد تائين درست آهي. موجوده دور جا صحت مند ۽ توانا نوجوان به ذميدارين ۽ جدوجهد کي صرف ڪنهن حد تائين برداشت ڪري سگهن ٿا.
فرار جي خواهش ڪنهن حد تائين هر ڪنهن مرد ۽ عورت ۾ موجود آهي، مثال طور فلم بيني پڻ فرار جو موقعو مهيا ڪري ٿي. غور سان ڏسجي ته فلم بيني مان انسان جي دل ۾ پوشيده هڪ جذبي کي سڪون ملي ٿو. اهو جذبو آهي سهاري جي تلاش. لائيٽ گل ٿيڻ بعد آرام سان ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، موسيقيءَ مان لطف اندزو ٿيندي، دشمن کان محفوظ فلم بين حضرات فلم جي هيرو ۽ هيروئن کي ساٿي بنائي وٺن ٿا. پر جيڪي انسان هر ٻئي ٽئين ڏينهن فلم بينيءَ مان لطف حاصل ڪن ٿا تن جو تجزيو ڪيو وڃي ته هنن جي دل ۾ حقيقي دنيا کان بيزاري ۽ تصورات ۾ مرڻ ۽ جيئڻ جو جذبو ڏسڻ ۾ ايندو.
فلم بيني ۽ ڪتب بيني ٿڪل ٽٽل دماغ کي آرام پهچائڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿي ليڪن جي ڪو انسان ڪا به عملي جدوجهد ڪرڻ کانسواءِ بيڪاريءَ جي ڏينهن ۾ فلم بينيءَ ۾ وقت گذاريندو رهي ته ان مان هن جي فراريت جي جذبي جو پتو پوي ٿو.
هر انسان ۾ ٻه جذبا ٿين ٿا: هو ٻين لاءِ ڪجهه قربانيون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪجهه ٻين جي قربانين مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. محبت ۽ جنس انهن ٻنهي جذبن جي تقاضائن کي پورو ڪن ٿيون. بالغ ٿيڻ کان پوءِ قربانيءَ جو جذبو شادي ڪرڻ، ٻار پيدا ڪرڻ، انهن جي پرورش ڪرڻ ۽ خانداني زميدارين کي قبول ڪرڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اڪثر انهيءَ جذبي جي ڪميءَ سبب زال مڙس ۾ اڻ بڻت ٿي پوي ٿي ۽ والدين جا جهڳڙا سندن اولاد لاءِ وبال جان ٿي پون ٿا. جنسي جذبات جي تڪميل بغير قربانيءَ يا قيمت ادا ڪرڻ جي ممڪن نه آهي. اهي ماڻهو جي پنهنجي پاڻ کي جنسي جذبات جي لذت تائين محدود رکن ٿا ۽ شادي ۽ اولاد جي ذميدارين کي قبول ڪرڻ نٿا چاهين، انهن کي هميشه اهو خيال ستائيندو رهندو آهي ته هنن زندگيءَ جي تقاضائن کي پورو نه ڪيو آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه وڃائيندا ئي رهيا آهن. آخر ۾ اهڙا انسان اڪيلا، مجبور ۽ مفلس ٿي رهجي وڃن ٿا.
جيڪڏهن انسان جذباتي لحاظ سان بالغ آهي ته هن جون ڪمزوريون منجهس احساس ڪمتري پيدا ڪرڻ کان قاصر رهن ٿيون. بالغ انسان پنهنجي جسماني ڪمزورين تي غالب اچي وڃن ٿا. باقي اهي انسان جي ذهني طرح بالغ نه آهن، تن کي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون جهڙوڪ ننڍو قد، وڏو قد، وارن جو رنگ وغيره پڻ پنهنجي راهه ۾ حائل نظر اچن ٿا. جيڪڏهن انهن ڳالهين کي هيءُ سوچي نظر انداز ڪري ڇڏجي ته انهن تي انسان جو ڪو به اختيار نه آهي ۽ هر فرد ۾ ڪا نه ڪا ڪمزوري ٿئي ٿي ته جيڪر ان جو اثر ۽ ڪڙاڻ گهٽجي وڃي. باقي جيڪڏهن هر وقت ٻين سان ڀيٽ ڪبي رهبي ته هر وقت دل کي چوٽ ئي رسندي رهندي. جيڪڏهن اوهان جي موجوده زندگي چڱيءَ طرح نه گذري رهي آهي ته پنهنجي ئي هستيءَ جي انهن پهلوئن کي هٽائي ڇڏيو جي ديوار بڻجي اوهان جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿي بيٺا آهن. هن سلسلي ۾ علم نفسيات اوهان جي مدد ڪري سگهي ٿو.