مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

ادراڪ

اسان جي ذهني زندگيءَ جا ٽي پهلو آهن: پهريون ادراڪ، ٻيو احساس، ٽيون ارادو.
نفسياتي نقطئه نگاهه کان ادراڪ جي معنيٰ آهي واقفيت. زندگيءَ جي هرگهڙيءَ ۾ ڪانه ڪا ڳالهه اهڙي ٿيندي رهي ٿي جا اسان جي توجهه کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺي ٿي. اسان جي ادراڪ جي بلندي ۽ پستيءَ جو دارومدار اسان جي سجاڳيءَ تي آهي. ننڊ جي حالت ۾ اسان کي ڪيترين انهن ڳالهين جي خبر نٿي رهي جي اسان جي چوڌاري ٿينديون رهن ٿيون، ڇو ته ان دوران اسان نه ڪجهه ڏسي سگهون ٿا ۽ نه ڪجهه ٻڌي سگهون ٿا. اهريءَ طرح اسان جي ادراڪ ۽ حواسن جو چولي دامن جو ساٿ آهي. اهي حواس ئي آهن جن جي وسيلي اسان جو ادراڪ يعني واقفيت وڌندي رهي ٿي. ان ڪري اهڙا ماڻهو جي هر وقت غافل رهندا آهن، انهن کي صرف انهن ئي شين جي خبر رهندي آهي جي هنن جي احساس جي محدود دائري ۾ اچي سگهن. وچولي ذهنيت وارا انسان انهن غافل رهندڙ ماڻهن جي نسبت ۾ وڌيڪ شين جو مشاهدو ڪن ٿا پر تنهن هوندي به انهن سڀني شين جي واقفيت حاصل ڪري نٿا سگهن جي هنن جي ارد گرد ٿينديون رهن ٿيون. صرف اهي انسان صحيح معنيٰ ۾ زندگي گذارن ٿا جي هر وقت خبردار رهن ٿا ۽ هر ڪنهن شيءِ، حققيقت ۽ تجربي جو خنده پيشانيءَ سان خير مقدم ڪن ٿا. اهي ئي سڀني کان وڌيڪ واقفيت رکن ٿا. انهن جو ئي ادراڪ زياده بلند آهي. انهن جي زندگي ئي صحيح معنيٰ ۾ زندگي آهي. هنن جي ذهني زندگي مالامال آهي. هنن جا تجربا عجيب و غريب، رنگين ۽ حيران ڪندڙ آهن. دنيا ته ساڳي آهي جا هر ڪنهن ماڻهوءَ جي سامهون اچي ٿي پر غافل انسان اهو اندازو لڳائي نٿا سگهن ته انهيءَ جي دامن ۾ ڇا ڇا آهي. وچولي درجي جا انسان ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪن ٿا پر تڏهن به ڪيترين چيزن کان غير واقف رهن ٿا. زندهه دل ۽ روشن خيال فرد ئي هر ڪنهن چيز جي معلومات رکن ٿا.
دنيا ته ساڳي آهي پر ڪي ماڻهو ٻين کان ڪيترو مختلف ٿين ٿا؛ اهو نقطو اسان کي هڪ نفسياتي حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ اها حقيقت هيءَ آهي ته هيءَ دنيا اسان لاءِ ايئن ٿي پوي جيئن اسان هن کي بنائڻ چاهيون ٿا، مطلب ته اسان جي دنيا اسان جي ئي ذهن مطابق بدلجندي رهي ٿي. اسان هن کي جنهن صورت ۾ ڏسون ٿا اِها اسان کي انهيءَ صورت ۾ ڏسڻ اچي ٿي. انهيءَ جو سڄو دارومدار اسان جي صلاحيت تي آهي.
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي سگهون ٿا ۽ پنهنجي زندگيءَ کي وڌيڪ سهڻي نموني سان گذاري سگهون ٿا. اچو ته پاڻ کي آزمايون ته اسان ڪيتري خبرداريءَ سان زندگي گذاري رهيا آهيون. پنهنجي ڪنهن گهري دوست جو مثال وٺو. ڇا توهان ٻڌائي سگهندا ته:
1. هن جي اکين جو رنگ ڪهڙو آهي؟
2. هو پنهنجي وارن کي ڪهڙي طرف ورائي ٿو؟
3. هو پنهنجي ڪهڙي کيسي ۾ رومال رکي ٿو؟
4. هو ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پسند ڪري ٿو؟
جيڪڏهن توهان انهن چئني سوالن جو جواب صحيح ڏئي سگهو ٿا ته توهان جو شمار اهڙن ماڻهن ۾ آهي جي 24 جا 24 ڪلاڪ صحيح معنيٰ ۾ زندهه رهن ٿا. پر اوهان کي اهڙن ماڻهن جي اڪثريت ڏسڻ ۾ ايندي جيڪي انهن سادن سوالن جو صحيح جواب ڏيئي نه سگهندا.
جيڪي انسان ڪنهن خاص قسم جي ڪم يا شيءِ سان دلچسپي رکن ٿا تن جي واقفيت جيستائين ڪه انهيءَ خاص شيءِ يا حقيقت جو واسطو آهي، تمام معتبر آهي. هنن جي دنيا انهيءَ نقطئه نگاهه کان ڏاڍي رنگين ۽ دلچسپ آهي. جن ٻارن کي هوائي جهازن سان دلچسپي آهي ته هو ڪوشش ڪري ان متعلق اهڙي معلومات حاصل ڪري وٺن ٿا جو بنا ڏسڻ جي، صرف آواز ٻڌڻ سان هو ٻڌائي سگهندا ته اهو ڪهڙي قسم جو هوائي جهاز آهي. جن ماڻهن کي فلمي چهرن سان دلچسپي آهي اهي پنهنجي محبوب ايڪٽر ۽ ايڪٽريس جي زندگيءَ متعلق اهڙي معلومات حاصل ڪري وٺن ٿا جنهن کان عام انسان واقف نه هوندا آهي. مزي جي ڳالهه ته اها آهي ته انهن ماڻهن کي پنهنجي دلپسند معلومات حاصل ڪرڻ ۾ زياده تڪليف وٺڻي نٿي پوي. اهي پنهنجي دنيا کي وسيع بنائين ٿا ۽ هنن جو شوق ۽ دلچسپي هنن لاءِ معلومات جا خزانا کوليندا رهن ٿا. ان مان هِن حقيقت جو پتو پوي ٿو ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع يا فن تي دسترس حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته انهيءَ موضوع يا فن ۾ دلچسپي وٺڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ زندگيءَ کي انهيءَ خاص راهه تي لڳايو. اهڙي طرح اوهان کي ان متعلق معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به دقت محسوس نه ٿيندي.
جيڪڏهن اهڙي دلچسپي فطري هجي ته باقي ڇا گهرجي. اهڙي حالت ۾ اوهان کي محنت ۽ ڪوشش سان دلچسپيءَ کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي. ليڪن اڪثر ائين نٿو ٿئي. انسان کي ڪوشش وٺي ڪنهن موضوع يا فن ۾ دلچسپي وٺڻي ٿي پوي. اهڙي ڪوشش جيڪو ڦل ڏئي ٿي سو اهڙو ته لذيذ آهي جو ان لاءِ ڪيتري به ڪوشش ڪرڻ سجائي ۽ ضروري آهي.
زندگيءَ ۾ وسعت، رنگيني ۽ قدرت ان وقت پيدا ٿئي ٿي جڏهن اسان هڪ پرجوش جذبي سان ان طرف وڌون ٿا. شوق جي آڏو مشڪل ۾ مشڪل ڪم پڻ آسان ٿي پون ٿا.
ياد رکڻ گهرجي ته اسان هر گهڙي پنهنجي دنيا جي تعمير ڪندا رهون ٿا. هي دنيا اها ئي صورت اختيار ڪندي ويندي جيڪا اسان ان کي ڏيندا وينداسين.
پنهنجي ادراڪ جي قوت وڌائڻ جا ڪيترائي طريقا آهن پر انهن مان اهي طريقا ئي بهتر آهن جي فطري آهن ۽ جن تي سولائيءَ سان عمل ڪري سگهجي ٿو. ڇا توهان شرميلا آهيو؟ حساس طبيعت آهيو؟ الڳ ۽ خاموش رهڻ جا عادي آهيو؟ ته اوهان کي گهرجي ته ماڻهن ۾ دلچسپي وٺڻ جي ڪوشش ڪري انهن جي زندگي گذارڻ جي طريقن تي غور ڪريو. انهن جون عادتون جاچيو، ڏسو ته اهي ڪهڙي نموني سان ڳالهائين ٻولهائين ٿا. هنن جا دلپسند موضوع ڪهڙا آهن. هو ڪهڙي قسم جا ڪپڙا پائين ٿا وغيره وغيره . اڪثر انسان ٻين جي طور طريقن جو مشاهدو ڪن ٿا مگر هنن جون نظرون غلط آهن. هنن جي اڪثر اها ڪوشش رهي ٿي ته هو ٻين جي ڪمزورين ۽ گهٽتاين کي جاچيندا رهن. اهو طريقو نهايت ئي نامناسب آهي. توهان جو طريقو ان کان مختلف هئڻ گهرجي. توهان ته ماڻهن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ، انهن جي اٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ، عادتن وغيره جي مشاهده ڪرڻ جي خيال سان هنن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهيو. اوهان جو خيال اهو آهي ته اوهان جي سنگت ساٿ جو دائرو وڌي. سچ ته ٻين جي شخصيتن جي مطالعي ڪرڻ ۾ ڏاڍو لطف اچي ٿو ۽ اوهان جو بيجا شرم ۽ حجاب پڻ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ اوهان جو ادراڪ وڃي ٿو روز بروز ترقي ڪندو.
هر شخص ۾ ڪانه ڪا ڳالهه ضرور اهڙي ٿئي ٿي جنهن کي پسند ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي تعريف ڪري سگهجي ٿي ۽ جنهن جي ئي ڪري انهيءَ انسان جو قدر ٿئي ٿو. هن طريقي استعمال ڪرڻ سان يادگيريءَ جي قوت کي پڻ وڌائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اوهان جي حافظي جي قوت ڪمزور آهي ته هيٺين طريقي تي عمل ڪري ڏسو.
جڏهن اوهان جو ڪنهن نئين ماڻهوءَ سان تعارف ڪرايو وڃي ته ڪوشش ڪري ان جو نالو ياد ڪريو. جيڪڏهن سرسري ملاقات ۽ رسمي گفتگوءَ کان پوءِ وري ٻئي دفعي ڪڏهن اوهان جي ملاقات اُن سان ٿئي ۽ اوهان ان شخص کي نالي سان پڪاريو ته هو نهايت خوش ٿيندو، هن کي احساس ٿيندو ته اوهان هن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهيو. پهرين ملاقات ۾ ئي توهان هن جو نالو ياد ڪري ڇڏيو. ورنه عام حالتن ۾ ڪيترين ملاقاتن بعد به ماڻهو هڪ ٻئي جو نالو ياد نه رکي سگهندا آهن.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اوهان ڪهڙي طرح ان جو نالو ياد ڪري سگهندا. ان شخص جي صورت ۽ نالي ۾ تعلق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. مثال طور هڪ ماڻهو آهي جنهن جو نالو آهي لطيف. توهان هن جي چهري ڏانهن نگاهه ڪريو. هو هڪ خاموش طبع ۽ موچاري صورت وارو آهي پر ساڳئي وقت هن جي صورت ۾ هڪ ڪشش هڪ لطافت آهي. اهڙي طرح توهان هن جي نالي ۽ صورت ۾ تعلق پيدا ڪري سگهندا ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته ان کي ڪنهن مشهور ۽ معروف هستيءَ سان پڻ منسوب ڪريو. جيئن مثال واريءَ حالت ۾ ٿي سگهي ٿو. انهيءَ نالي واري ماڻهوءَ کي سنڌ جي مشهور ۽ لاثاني شاعر شاهه عبداللطيف سان نسبت ڏيئي سگهجي ٿي.
انسان جو حافظو ڪجهه اهڙي نموني سان ئي ڪم ڪري ٿو جو هر ڪا شيءِ، ڳالهه ۽ حقيقت پنهنجي لاڳاپي رکندڙ ڪنهن ٻيءَ شيءِ، ڳالهه ۽ حقيقت سان گڏ ياد اچي ٿي. ان ڪري حافظي جي قوت وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته آسان ۽ ٺهڪي ايندڙ لاڳاپا ٺاهجن جن جي وسيلي اها ڳالهه وغيره ياد رکي سگهجي. انگريزيءُءَ ۾ انهي کي Laws of Associations چيو وڃي ٿو. ڪن ماڻهن کي شڪايت رهي ٿي ته انهن جي حافظي جي طاقت ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ هو ڪنهن ڳالهه ڏانهن متوجهه ٿي نٿا سگهن. انهيءَ جو سبب هو پنهنجي دماغ جي ڪمزوري يا بيماري ٻڌائين ٿا پر گهڻي قدر ائين نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ماڻهوءَ جي يادگيريءَ جي طاقت جي ترقي نه ٿي هجي يا هن کي پنهنجي حافظي جي طاقت تي شڪ ٿي پيو هجي.
جسم جا اهي عضوا جن کي استعمال ۾ نٿو آڻجي سي مفلوج ۽ بي جان ٿي وڃن ٿا. دماغ جو پڻ اهو ئي حال آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ذهني صلاحيتن کان ڪم نٿا وٺن انهن جون اهي صلاحيتون زنگ آلوده ٿي وڃن ٿيون ۽ اهو ته سڀ ڪنهن کي معلوم آهي ته ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جن کي پنهنجين صلاحيتن جي خبر ئي نه آهي، انڪري هو انهن صلاحيتن مان ڪم نٿا وٺن ۽ پنهنجي ذهن تي اعتماد يا ڀروسو نٿا رکن. اسان جو دماغ پڻ اسان جي دوستن وانگر آهي، جيترو هن تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو ويندو اوترو هو وڌيڪ ڪم ايندو. توهان هن تي ذري برابر شڪ ڪيو، هي ڀڄي نڪتو اهڙيءَ حالت ۾ هي اوهان کي ڪڏهن به مدد نه ڪندو.
ڪي ماڻهو اهڙا آهن جي پنهنجي ڀٽڪندڙ ذهن جي شڪايت ڪن ٿا. هنن جو خيال اهو آهي ته ڪنهن هڪ موضوع تي پنهنجو سمورو توجهه ڏيڻ ڪو تمام مشڪل ۽ ڏکيو ڪم آهي ۽ ان کي صرف ڪي چند نهايت هوشيار ۽ قابل انسان ئي ڪري سگهن ٿا باقي هر ڪنهن جي جاءِ نه آهي ليڪن اهو خيال سراسر غلط آهي. ڪنهن چيز طرف پنهنجو پورو توجهه ڏيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي جنهن کي هرڪو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو في الحال ان کي ڪري نٿو سگهي ته ان جو مطلب هيءُ آهي ته هن پنهنجي اِنهيءَ صلاحيت ڏانهن توجهه نه ڏنوآهي، جنهن ڪري اها ترقي ڪري نه سگهي آهي. حقيقت ۾ دماغ جو ڪم ئي اهو آهي ته هو ڪنهن چيز يا ڳالهه طرف پنهنجو پورو توجهه ڏئي جيڪڏهن دماغ جي چڱي طرح تربيت ٿيندي اچي ته هن کي ائين ڪرڻ ۾ جيڪر ڪا به تڪليف محسوس نه ٿئي بهرحال جيڪڏهن اوهان ڪنهن چيز يا ڳالهه طرف پورو توجهه نٿا ڏئي سگهو ته پريشان نه ٿيو، ٿوري ئي ڪوشش سان اوهان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. صرف اهو خيال رهي ته هڪ دفعي صرف هڪ ئي ڳالهه متعلق سوچي سگهجي ٿو.
هي ڳالهه ياد رکو ته اسان جي سمورين خوشين جو دارومدار اسان جي ذهن تي آهي. اسان ايترا تندرست ۽ خوش رهي سگهنداسون جيترو اسان چاهينداسون ۽ محسوس ڪنداسون. پنهنجي دنيا ته اسان پاڻ بنايون ٿا. چاهي ان ۾ تڪليف هجي چاهي آسدوگي، سڀ ڪجهه اسان جي عمل جو نتيجو آهي. اسان جيترو زياده بيدار رهنداسون، اوترو ئي وڌيڪ نون تجربن سان واسطي ۾ اينداسون. جيتري پنهنجي دلچسپي وڌائينداسون اوترو ئي وڌيڪ پنهنجي ادراڪي قوت کي طاقت ڏينداسون.
جيڪڏهن اسان ذهني طور تي بيدار رهنداسون ته اسان جي دنيا روز بروز وسيع ٿيندي ويندي ۽ ان ۾ رنگيني پيدا ٿيندي ويندي. اسان جي زندگيءَ ۾ نيون نيون ڳالهيون پيدا ٿينديون رهنديون ۽ زندگي ڪڏهن به عذاب نه بڻبي ۽ نه دنيا مان بيزاري محسوس ٿيندي. تنهن ڪري، اچو ته اڄ ئي عهد ڪريون ته اسان هر وقت خبردار رهي زندگي صحيح معنيٰ ۾ گذاريندا سون ۽ پنهنجي زندگيءَ کي وسيع ڪندا رهنداسون. علم جتان به حاصل ٿئي حاصل ڪندا رهنداسون، ڇو ته جيترو علم وڌندو اوترو ئي اسان جي دنيا وسيع ٿيندي رهندي. زندگي ته قدرت جو هڪ وڏو معجزو آهي، ڇا اسان پنهنجين اکين تي پٽي ٻڌي انهيءَ معجزي کان بي خبر گذري وينداسون؟ هرگز نه. دماغ هوندي سوچڻ کان محروم رهڻ. اکين هوندي نه ڏسڻ ۽ ڪنن هوندي نه ٻڌڻ ڪيتري نه حماقت ۽ بدنصيبي آهي. پنهنجي سڀني حواسن کي پوريءَ طرح استعمال لائق بنائي سگهون ٿا. پوءِ دير ڇاجي آهي! اٿو ته پنهنجي زندگيءَ کي ٺاهيون. ان کان سواءِ ٻيو انساني زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي ۽ ان جو انعام معلوم اٿو ته ڇا آهي؟ خوشي ۽ مسرت جنهن لاءِ دنيا جو هرڪو فرد پريشان ٿي رهيو آهي. هزار حيلا ۽ بهانا ڪري ٿو پر کيس اها ڳالهه حاصل نٿي ٿئي ڇو ته ان کي حاصل ڪرڻ جا صحيح طريقا استعمال نٿو ڪري. نفسيات مان فائدو وٺو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي سنواريو .