فڪرمند نه ٿيو
بهرحال ناموافق ماحول هڪ اهڙي حقيقت آهي جو ايامن کان ڀوت وانگر ڏند کڙڪائي انسان ذات کي ڊيڄاريندو ۽ پريشان ڪندو رهيو آهي. ڪم همت ۽ ڪمزور دل انسان ان جي ڏند کڙڪي تي مٿان ٿي ڪرندا آهن ۽ تڙپي تڙپي ساهه ڏيندا آهن. پر بهادر ۽ بلند حوصلي وارا انسان هن ڏي توجهه ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي واٽ وٺيو هليا ويندا آهن پر جيڪڏهن مقابلو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو چارو نه هوندو آهي ته مانجهي مڙس ٿي ميدان تي ايندا آهن ۽ الله جي آسري تي جنبي ويندا آهن. قسمت سان پهرين ملهه دسجي پيا ته ڇلانگ ڏئي اٿندا آهن. پنهنجي قوت، حواسن ۽ استقامت کي جمع ڪري وڃي ڀاڪرين پوندا آهن ۽ پوئين ملهه ماري پنهنجي مخالف ڏانهن ڏسندي، مرڪي منزل طرف وڌندا آهن.
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا
زندگي بيشڪ، انهن مڙسن جي آهي باقي بزدلن جي زندگي به ڪا زندگي آهي؟ پوءِ ڇو نه اسان به مڙس ٿي مشڪلات کي منهن ڏيون ۽ ناموافق حالتن جو مردانه وار مقابلو ڪريون. زندگي پڇ پائي ڀڄي وڃڻ جو نالو ته نه آهي. زندگي نالو آهي بهادر ٿي پڙ ۾ پير پائڻ جو. جي حالتن تي اسان جو ضابطو نه آهي ته پنهنجي پاڻ تي ته ضابطو آهي پر جيڪڏهن اسان کي پنهنجي پاڻ تي ضابطو نه آهي ته پاڻ تي ضابطو ڪري سگهجي ٿو. اچو ته پنهنجي پاڻ کي سمجهون ۽ پنهنجا مالڪ پاڻ بڻجون. ٻاهرين حالتن کي ۽ ڌارين ماڻهن کي پنهنجي پاڻ تي ايترو اثر انداز ٿيڻ ڇو ڏيون جو اهي اسان جي خوشين کي غمن ۽ پريشانين ۾ بدلائي ڇڏين.
فڪرمند يا پريشان ٿيڻ اسان لاءِ ڪيتري قدر نقصان ڪار آهي؟ تنهن جو اندازو تمام ٿورن ماڻهن کي هوندو. فڪرمند رهڻ يا پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري اسين ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڦاسي وڃون ٿا. اسان جا ڪيترا ئي جسماني مرض اسان جي ذهني مرض جو سنئون سڌو نتيجو آهن.
ويهين صديءَ جي طبي سائنس علاج جو هڪ نئون تصور پيش ڪيو جنهن موجب جسم ۽ دماغ کي ٻن الڳ الڳ حيثيتن سان نه پر صرف هڪ حيثيت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي علاج جي تصور کي انگريزيءَ ۾ Psychosomatic Concept of Medicine ڪوٺيو وڃي ٿو، ان علاجي اصول مطابق ڪنهن به ماڻهوءَ جي جسماني مرض جو علاج ڪرڻ وقت ان جي ذهن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. انهيءَ اصول ۾ عقيدو رکندڙ ڊاڪٽر نبض ڏسڻ، رت جو دٻاءُ جاچڻ ۽ مرض جي شروعات کان وٺي توڙ تائين حالت خيال ۾ رکڻ سان گڏوگڏ مريض جي جذباتي حالت (Emotional Status) ۽ اهي ڳالهيون جي هن جي روزمره جي زندگيءَ ۽ لاشعور تي اثر انداز ٿين ٿيون تن کي پڻ ڀليءَ ڀت جاچن جوچن ٿا. ڇو ته انسان صرف اهڙو جسم نه آهي جو ذهن جي حڪمن جي تعميل ڪندو رهي پر انساني جسم ۽ ذهن ٻئي هڪ ئي حيثيت رکن ٿا. پاڻ ۾ ايترو ته گهرو تعلق اٿن جو هنن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي.
هاڻي پريشان يا فڪرمند ٿيڻ ڪري ذهن تي جيڪو اثر ٿئي ٿو تنهن کان ڪير انڪاري آهي؟ جيڪڏهن پريشانيءَ ۽ فڪر جي ڪري ذهن اثر انداز ٿئي ٿو ته جسم ان جي اثر کان ڪيئن بچي سگهندو؟ فڪر انسان کي ڪهڙيءَ طرح جسماني بيمارين ۾ مبتلا ڪري ٿو، ان لاءِ هڪ انجن ڊرائيور جو مثال پيش ڪجي ٿو. هڪ انجن جو ڊرائيور جيڪو عام طرح سٺيءَ صحت جو مالڪ هو تنهن کي ويٺي ويٺي اچي خيال ٿيو ته هو رت جي دٻاءُ (Blood Pressure) جي مرض ۾ مبتلا آهي. آهستي آهستي انهيءَ خيال وهم جي صورت اختيار ڪئي ۽ هن جي ذهن ۾ پڪو گهر ڪري ويهي رهيو. جڏهن هن جو طبي معائنو ڪيو ويو تڏهن هن جو وهم غلط نڪتو پر تنهن هوندي به اهو ڊرائيور متفڪر رهندو آيو. جڏهن ڪجهه عرصي بعد وري هن جو طبي معائنو ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته هو واقعي رت جي دٻاءَ واري مرض ۾ مبتلا هو. هاڻي اچي هن کي اهو غم ٿيو ته هن کي پينشن جي وقت اچڻ کان اڳ ۾ نوڪري کان برخواست ڪيو ويندو جنهن ڪري هو پينشن جي حق کان محروم رهجي ويندو. جيئن جيئن هو انهيءَ مرض جي باري ۾ سوچيندو ويو تيئن تيئن هن جو مرض ويو وڌندو. جڏهن به هن جو طبي معائنو هن کي انهيءَ ڳالهه ٻڌائڻ کانسواءِ ڪيو ويو ته ڪو هن جو مرض ڏٺو وڃي ٿو، تڏهن هميشه هن جو مرض معمولي حيثيت وارو معلوم ٿيو پر جڏهن به ريلوي ڊاڪٽر کيس اها ڳالهه ٻڌائي ته تنهنجو مرض جاچيو پيو وڃي، تپاس ڪئي ته مرض شديد ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ تجربي مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته هن جو اهو مرض گهڻي حد تائين سندس خيالات ۽ تفڪرات جي تابع هو.
هاڻي اچو ڏسون ته فڪر آهي ڇا؟
آخر ڪهڙي بلا آهي جنهن کي فڪر جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. عام طرح ايندڙ واقعي جي باري ۾ غور ڪرڻ کي فڪر چئجي ٿو. پر نفسياتي نقطه نگاهه کان فڪر جي اها وصف ڪافي نه آهي. فڪر ۾ هميشه خوف جو پهلو نمايان رهي ٿو.
ڪنهن ايندڙ واقعي کان خائف ٿي ان متعلق سوچڻ کي فڪر ڪوٺجي ٿو. فڪر هڪ قسم جو خوف آهي جو اسان جي ذهن ۾ تلخ احساس پيدا ڪري ٿو، جيڪڏهن فڪر مان خوف جو پهلو ڪڍي ڇڏجي ته اهو صرف خيال وڃي رهي ٿو جو نقصانڪار نه آهي. سو فڪر ۾ نقصانڪار حصو خوف جو آهي. خوف جو جذبو ئي آهي جيڪو اسان جي اندروني عضون ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو، جڏهن به ڪنهن انسان تي خوف طاري ٿئي ٿو ته هن جو چهرو زرد ٿي وڃي ٿو. ساهه کڻڻ ۾ گهُٽ محسوس ٿئي ٿي. دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿي وغيره وغيره. خوف جي ڪري اندروني طرح پڻ ڪيتريون ئي تبديليون رونما ٿين ٿيون. سڀ کان پهريائين معدو ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏئي جنهن جي ڪري خوفزده ماڻهوءَ کي ڪڏهن قبضي ٿي پوندي آهي ۽ ڪڏهن دست ٿي پوندا آهن. اهي ظاهري باطني تبديليون صرف ان ڪري ظاهر ٿين ٿيون جو ٻاهرين خطري جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اسان جي اندر مان ٻه اهم غدود جن کي انگريزيءَ ۾ پٽيوٽري گلئنڊس (Pituitary Glands) چئجي ٿو، پنهنجي هڪ خاص رتوبت اسان جي رت ۾ شامل ڪندا رهن ٿا. ان لاءِ ته اسان جي اندر ۾ ٻاهرين خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اضافي طاقت پيدا ٿئي. جڏهن ٻاهريون خطرو ختم ٿي وڃي ٿو تڏهن اهي تبديليون خود بخود ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ اسان جا عضوا موٽي پنهنجي معمول واري حالت کي رسن ٿا مگر طويل خوف جي ڪري جو مسلسل تفڪرات جي حالت ۾ ٿئي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل غدود پنهنجي رطوبت مستقل طرح اسان جي رت ۾ شامل ڪندا رهن ٿا، جنهن جي ڪري ڪيتريون بيماريون ٿي پون ٿيون. هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي ته اُها ڳڻتي يا پريشاني جنهن ۾ خوف جو پهلو پڻ اچي وڃي ٿو سا انساني صحت لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ نقصانڪار آهي.
هاڻي اچو ڏسون ته زندگيءَ جا اهي ڪهڙا پهلو آهن جي عام طرح ماڻهن کي وڌيڪ پريشان ڪن ٿا ۽ اهڙين حالتن ۾ نفسيات ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿي.
اڪثر انسان پنهنجي صحت متعلق گهڻو پريشان رهن ٿا. هو پنهنجي جسم ۾ ايتري چستي ۽ توانائي نٿا محسوس ڪن جيتري ڪه انهن جي خواهش آهي، مطلب ته پنهنجي نظر ۾ هو سست ۽ ڪم طاقت آهن. هنن کي پوري بک نٿي لڳي ۽ هر ڪنهن ڳالهه ۾ ڪنهن نه ڪنهن گهٽتائيءَ جو احساس رهينِ ٿو. زندگيءَ ۾ هنن لاءِ ڪو به لطف يا مزو نه آهي.
جيڪڏهن ڪو صحتمند شخص بيمار رهڻ لڳي، طبيعت پريشان رهي، بک گهٽ لڳي، وزن گهٽجندو رهي ته گهڻو امڪان اهو آهي ته هن جي جسم ۾ ڪا خرابي پيدا ٿي چڪي آهي. ان لاءِ بهتر آهي ته جلد ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان طبي معائنو ڪرائي. پنهنجي ڪرندڙ طبيعت متعلق سوچي پريشان ٿيڻ مان ته ڪو فائدو حاصل ڪو نه ٿيندو. هن کي ڊاڪٽر ئي ٻڌائي سگهندو ته اهڙيءَ حالت ۾ هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ هن لاءِ ڊاڪٽر جي صلاح مشوري تي عمل ڪرڻ ۾ ئي بهتري آهي. پر هتي ته اهڙن ماڻهن جو ذڪر نٿو ڪيو وڃي. اهڙا ماڻهو ته عام طرح ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪندا رهن ٿا ۽ هنن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ سان صحت حاصل ڪندا رهن ٿا. هتي ذڪر اهڙن ماڻهن جو ڪيو وڃي ٿو جي هميشه پنهنجو پاڻ کي بيمار سمجهن ٿا. بار بار ڊاڪٽرن کان تپاس ڪرائين ٿا. ڊاڪٽر هنن کي يقين ڏيارين ٿا ته اوهان ته بلڪل تندرست آهيو. توهان ۾ ڪا به بيماري نه آهي، اوهان ڇو ٿا هروڀرو پريشان رهو؛ ته هنن کي ڊاڪٽرن جي ڳالهه تي يقين ئي نٿو اچي. سمجهن ٿا ته هن کي ضرور ڪا اهڙي بيماري آهي جنهن جو عام طرح پتو ئي پئجي نٿو سگهي. اها بيماري اندر ئي اندر ۾ انهن کي کائيندي رهي ٿي. ڪڏهن وري سوچين ٿا ته ڪو نه ڪو ڊاڪٽر ملي ويندو جو هنن جي بيماري سمجهي سگهندو. پوءِ دنيا کي خبر پوندي ته هو ڪهڙي منحوس مرض ۾ مبتلا آهن ۽ اها هنن جي همٿ هئي جو اڪيلائيءَ ۾ انهيءَ بيماريءَ جي چوٽن کي برداشت ڪندا رهيا. هنن جي جاءِ تي ٻيو ڪو هجي ها ته ڪيترو اڳ ۾ ختم ٿي چڪو هجي ها. ظاهر آهي ته اهڙي قسم جا ماڻهو پريشان نه هوندا ته ٻيو ڇا هوندا. هڪڙو ويچارا بيمار، ٻيو ته اهڙن ڊاڪٽرن جي ڪمي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هنن جو مرض سڃاڻي سگهن.
تحقيق ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته اهڙا انسان هر وقت پنهنجي متعلق سوچيندا رهن ٿا. اهي جسماني طرح ته صحتمند آهن پر ذهني طرح بيمار ضرور آهن. دل ۽ دماغ جون اهي قوتون جي ٻاهرين دنيا سان تعلقات پيدا ڪرڻ ۾ ڪم اچڻ گهرجن سي هنن لاءِ طرح طرح جي بيمارين جي شڪل اختيار ڪري وڃن ٿيون. ذهني يا نفسي طاقت (Psychic Energy) کي آخر ڪو ڪم ته گهرجي. هنن جي ڏک درد جو سبب ئي ڪجهه ٻيو آهي هو جڏهن به ٿڪاوٽ محسوس ڪن ٿا ته هنن جي تصور ۾ ڪجهه خيالي بيماريون آهن.
هڪ اهڙيءَ عورت جي ڳالهه ٻڌو جيڪا پنهنجي پاڻ کي ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا سمجهندي هئي. حقيقت ۾ هو ذهني بيمار هئي. جسماني شڪايت ته هن کي ڪا به ڪا نه هئي. وڏي مشڪل سان هن کي اها حقيقت سمجهائي وئي ته هو زندگيءَ کي جنهن نظر سان ڏسڻ جي عادي ٿي وئي آهي، سا غلط آهي. جڏهن هن پنهنجا خيال بدلايا. زندگيءَ ۾ نئين دلچسپي پيدا ڪئي، تڏهن وڃي هو پنهنجي پيدا ڪيل ڦندن مان آزاد ٿي. هن جي تڪليفن جو خاتمو ٿي ويو پر اهو ڪو ڏينهن ٻن ۾ نه ٿيو. نظريا ۽ خيال بدلائڻ ڪا آسان ڳالهه نه آهي پر ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجي زندگي سڌاري سگهي ٿو.
پنهنجي صحت متعلق فڪرمند فقط اهي انسان رهن ٿا جن جو اڪثر وقت بيڪاريءَ ۾ گذري ٿو. اهي انسان جن جو گهڻو وقت مشغوليءَ ۾ گذري ٿو تن کي پنهنجي متعلق سوچڻ جي فرصت ڪٿي آهي. اچو ته انهيءَ عورت جو مثال وٺون جنهن کي ڪيترا ٻار آهن. گهر آهي، ذميداريون آهن. هوءَ توهان کي مرڪندي ٻڌائيندي ته هن کي بيمار ٿيڻ جي مهلت ئي ڪا نه آهي. هن کي به مٿي ۾ سور پوي ٿو، عضوو عضوو سور ۾ ڦاٽي ٿو. ڪم ڪندي ڪندي شل ٿي وڃي ٿي پر ڪڏهن به ائين نٿي سوچي ته هوءَ سرطان يا تپ دق جهڙي مهلڪ بيماريءَ ۾ گرفتار آهي.
بستري تي ليٽڻ سان ئي هن کي گهري ننڊ ورائي وڃي ٿي ۽ صرف صبح جو سريل ئي هن جي اک کلي ٿي. اهو هن جو نيم ٿي ويو آهي. اڄ کان نه پر سالن کان ۽ سالن تائين رهندو. ممڪن آهي ته هو سرطان جي مريض هجي ۽ اها ئي بيماري هڪ ڏينهن هن جي زندگيءَ جو خاتمو آڻي. ممڪن آهي ته هن کي به اهڙيون شڪايتون هجن جي سالن کان کيس پريشان رکنديون ٿيون اچن پر هن کي زندگيءَ سان ايتري ته محبت آهي، پنهنجي ذميدارين جو ايترو ته احساس آهي، دلچسپين ۽ مصروفيتن جي ايتري ته ڪثرت آهي جو هن جو خيال پنهنجين پريشانين ۽ بيمارين طرف وڃي ئي نٿو. جيستائين هن ۾ طاقت آهي هوءَ پنهنجي زندگي جي هڪڙي گهڙي به ضايع نٿي ڪري. اهڙا انسان ئي گهڻو وقت زندهه رهن ٿا ۽ زندگيءَ جو حق ادا ڪندا رهن ٿا.
جيڪڏهن اوهان صحتمند آهيو ته پنهنجي تندرستيءَ متعلق فڪر ۽ پريشاني ختم ڪري ڇڏيو. پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مشغول رکو. زندگيءَ ۾ دلچسپي پيدا ڪريو ۽ پنهنجي سامهون ڪو مقصد رکو جنهن جي لاءِ زندهه رهو. ذهن جي توانائي جسم کي به طاقت بخشي ٿي. جسم ته هڪڙي مشين آهي جو ڪم ڪرڻ لاءِ ئي ٺاهيو ويو آهي. اسان جيترو به هن کي مشغول رکنداسون هي اوترو ئي اسان جو ساٿ ڏيندو. جيڪي انسان جسماني آسائش جو خيال رکن ٿا ۽ ذهن يا روح طرف هنن جو توجهه ئي نٿو وڃي سي جسم جا ئي ٿي رهجي وڃن ٿا. جسماني لذتن کانسواءِ هنن کي ٻِي ڪنهن به لذت جو احساس نٿو رهي. اهڙن انسانن کي هڪ نئين نظرئي جي ضرورت آهي. زندگيءَ جي هڪ نئين فلسفي جي ضرورت آهي.
ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جن کي ننڊ نه ايندي آهي. ان کان انڪار نه آهي ته اها هڪ تڪليف ڏيندڙ حقيقت آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي ائين چوڻ ته ننڊ نه اچڻ ڪري پريشان ڇو ٿو ٿِين؟ ظاهري طرح هڪ نامناسب ڳالهه آهي پر سواءِ ان جي ان بيماريءَ جو ٻيو علاج ئي ڪهڙو آهي.
ڪن ماڻهن لاءِ ننڊ جو نه اچڻ ڪا اهميت ئي ڪو نه ٿو رکي. اسان مان ڪيترا انسان چند ڪلاڪن جي ننڊ سان ئي پنهنجو سارو ٿڪ دور ڪري سگهندا آهن. اهڙا ماڻهو جن کي ننڊ نٿي اچي تن کي گهرجي ته رات جو آرام سان بستري تي سمهي پون ۽ دل ۾ ائين چون ته ”ننڊ اچي نه اچي بهرحال مان آرام ته ڪري وٺان ٿو“ ائين ڪرڻ سان ننڊ جو نه اچڻ ڪو به نقصان نٿو پهچائي ڇو ته ننڊ جو مطلب آهي آرام. جيڪڏهن ننڊ اچڻ کانسواءِ ئي آرام اچي وڃي ته پوءِ ننڊ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
ننڊ نه اچڻ جو مکيه سب دماغي بار آهي. ڪيترن ماڻهن جي اها عادت ٿي وڃي ٿي ته سمهڻ وقت دنيا ڀر جون ڳالهيون سوچڻ شروع ڪري ٿا ڏين، اهڙيءَ حالت ۾ ننڊ وري ڪهڙي ايندي؟ ان ڪري سمهڻ واري جڳهه کي پرسڪون ۽ آرامده رکڻ گهرجي. سمهڻ وقت دل ۾ خوشيءَ ۽ اميد جي ڳالهين کي دهرائيندي سمهي پئو.
سمهڻ وقت ڪلام پاڪ جي آيتن جي تلاوت ڪرڻ يا ڪنهن سٺي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ پڻ سودمند آهي. اهڙيءَ طرح انساني ذهن کي خراب ڳالهين کي سوچڻ جي فرصت ئي ڪا نه ٿي ملي. ڪن ماڻهن کي ننڊ نه اچڻ ڪري اهو خوف ستائيندو آهي ته ڪٿي هو ذهني توازن ته وڃائي نه وِهندا. پاڳل ته نه ٿي ويندا آهن. اهڙا ماڻهو چوندا آهن ته هيءَ ڪهڙي زندگي آهي جو رات جي ننڊ به حرام ٿي وئي آهي. اهڙي حالت ۾ڪهڙو ماڻهو باهوش رهي سگهندو؟“
اهڙن ماڻهن کي اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ديوانگي هميشه اهڙن ماڻهن تي حملو ڪندي آهي جيڪي بي خبر هوندا آهن ۽ تنهن کانسواءِ ديوانگي نتيجو آهي جذبات جي شديد دٻاءَ جو. ننڊ نه اچڻ سان هن جو ڪو به تعلق نه آهي. اسان مان اڪثر ماڻهو ان وقت به پريشان ٿيندا اهن جڏهن ڪنهن به ڪم ۾ هنن جي دل نه لڳندي آهي. جيڪو ڪم سالن کان ڪندا آيا آهن ان مان به دل بيزار ٿي پوندي آهينِ. ڊاڪٽرن ڏانهن رجوع ڪرڻ سان هنن کي معلوم ٿئي ٿو ته ڪا به بيماري نه اٿن پر تنهن هوندي به اهڙن ماڻهن کي اهو خيال ستائيندو رهي ٿو ته هاڻي ذميداريون کانئن سنڀاليون نٿيون ٿين.
ظاهر آهي ته جيڪي توهان سالن کان وٺي ڪندا آيا آهيو تنهن لاءِ توهان مناسب هئا. هڪ عرصي تائين ان کي خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏيندا رهيا. هاڻي اچي اوهان کي احساس ٿيو آهي ته اوهان انهي ڪم جا اهل نه آهيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو واقعو رونما ٿيو هجي، ڪا اهڙي ڳالهه جنهن جو رد عمل هي رويو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اوهان کان ڪا غلطي ٿي ۽ اوهان چاهيندا هجو ته ان جي ڪنهن کي به خبر نه پوي ۽ انهيءَ ناڪاميءَ کي لڪائڻ ۾ اوهان جي ذهن جون ڪيتريون ئي قوتون صرف ٿينديون هجن. توهان کي گهرجي ته پنهنجي ناڪاميءَ جو اعتراف ڪريو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي بدليل حالتن مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪريو. انهيءَ ناڪاميءَ کي دل ۾ نه رکو، ان کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڄڻ ته ڪا ڳالهه ئي نه ٿي آهي. ان متعلق پنهنجي ڪنهن دوست سان ذڪر ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن دوست سان اها ڳالهه ڪرڻ مناسب نه سمجهو ته پنهنجي پاڻ سان ئي ان متعلق ڳالهيون ڪريو. اهڙيءَ طرح اوهان جي ذهن جون اهي قوتون جيڪي انهيءَ راز کي راز رکڻ ۾ صرف ٿين ٿيون سي ضايع ٿيڻ کان بچي پونديون. ان ڪري پنهنجي پاڻ کان اهو سوال ڪريو ته اوهان کان غلطي ته نه ٿي وئي آهي؟ اهڙي غلطي جنهن کي اوهان لڪل رکڻ چاهيو ٿا. ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي انسان پنهنجي پاڻ کان پڻ لڪائيندو آهي. جيترو جلد اهڙين غلطين جو اعتراف ڪجي اوترو بهتر.
ائِين به ٿي سگهي ٿو ته اوهان جي دل ڪنهن ڪم ڪرڻ مان انهيءَ ڪري کٽي ٿي پئي هجي جو اوهان سڀيئي ذميداريون پنهنجي پاڻ تي رکندا ويا هجو. سڀ ڪم پنهنجي سر ڪندا هجو ۽ پنهنجي زيردستن تي ڀروسو نه ڪندا هجو. ياد رکڻ گهرجي ته ذميداريءَ جو حد کان وڌيڪ احساس نهايت خطرناڪ آهي.
هڪڙو فرم جو مئنيجر هو جو ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ان ڪري هن کي موڪل وٺڻي پيئي. هن جو مرض آهستي آهستي شديد صورت اختيار ڪندو ويو جنهن ڪري وڃي بستري داخل ٿيو. بستري تي ستي ستي سوچيندو رهندو هو ته جيڪڏهن هو ڪم ڪرڻ جي لائق نه رهيو ته هن جي ٻارن ٻچن جو ڇا ٿيندو؟
جڏهن هو چاڪ ٿيو ۽ وري وڃي نوڪريءَ کي لڳو ته هن جي اها ڪوشش رهندي آئي ته پنهنجي ملازمت کي برقرار رکي، ان ڪري هو سڀ ذميداريون پنهنجي پاڻ تي رکندو ويو ۽ جلد ئي هن کي احساس ٿيڻ لڳو ته هن جي ذمي تمام گهڻو ڪم آهي جنهن ڪري هن کي پنهنجي ڪم کان نفرت ٿيڻ لڳي ۽ دل کٽي ٿي پيس. جڏهن انهيءَ مئنيجر سان وڌيڪ ڳالهايو ويو ته معلوم ٿيو ته هن جي دل جي گهراين ۾ خوف هو ته ڪٿي هو نوڪري نه وڃائي وِهي ۽ انهيءَ خوف جي ڪري هو زياده محتاط رهڻ لڳو ۽ پنهنجون ذميداريون ويو وڌائيندو، تان جو پنهنجي ڪم مان دل کٽي ٿي پيس. آهستي آهستي هن جي دل مان اهو خوف نڪري ويو جنهن ڪري هو بگڙيل حالتن تي قابض ٿي ويو ۽ انهن کي بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي ڪم ۾ وري دلچسپي وٺڻ لڳو هو.
اهو درست آهي ته اسان کي پنهنجن فرضن ڏانهن پورو توجهه ڏيڻ گهرجي ليڪن اهو وسارڻ نه گهرجي ته دنيا اڃا مڪمل نه ٿي آهي، ان ڪري انسان پڻ مڪمل نه آهن ۽ انهن ۾ خاميون آهن.
عقلمندي انهيءَ ۾ آهي ته دنيا جهڙي به حالت ۾ آهي ان کي اهڙيءَ حالت ۾ قبول ڪيو وڃي، جيڪي به حالتون آهن انهن ۾ بهتر کان بهتر طريقي سان گذارجي.
اسان مان ڪيترا ماڻهو پنهنجي مستقبل متعلق پريشان رهن ٿا. انهن کي يقين نٿو رهي ته جيڪا ملازمت يا ڌنڌو هو ڪري رهيا آهن سو هميشه قائم رهندو يا نه. انهن مان ڪن ماڻهن جون پريشانيون ڪنهن حد تائين درست آهن پر اڪثر انسان خواه مخواه جون پريشانيون کڻي ٿا خريد ڪن. ان جو سبب تربيت جي خرابي يا غلط رجحان آهن. جيڪي ٻار اهڙي ماحول ۾ پرورش حاصل ڪن ٿا. جتي هنن کي پنهنجي حفاظت جو يقين نٿو ٿئي. جتي هميشه خطرن سان واسطو رهي ٿو يا جن کي مائٽ زندگيءَ متعلق ڊيڄاري ڇڏين ٿا ته انهن ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا نٿي ٿئي. جڏهن اهڙا ٻار وڏا ٿين ٿا تڏهن هنن کي پنهنجي عدم تحفظ جو احساس هميشه رهي ٿو. جنهن ڪري ڪنهن به ڪم ۾ دلچسپي نٿا وٺن انهيءَ خيال کان ته الائي ڪڏهن اهو ڪم ختم ٿي وڃي جڏهن نوڪريءَ يا ڌنڌي ۾ گهڙن ٿا ته ان ۾ ڪا دلچسپي نٿا وٺن، انهيءَ خيال کان ته متان ڪڏهن هنن کي نوڪري کان برطرف ڪيو وڃي يا هنن کي اهو ڌنڌو ختم ڪرڻو پوي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اهي ترقي ڪري نٿا سگهن.
اهڙين حالتن ۾ صرف ائين ئي ڪري سگهجي ٿو ته ننڍڙي هوندي جي حالتن جو جائزو ورتو وڃي. تربيت جي غلط ڪارين جو اعتراف ڪيو وڃي ۽ اڳتي لاءِ ٿيل نقصان جي تلافيءَ جو عزم ڪيو وڃي. اهڙي طرح تربيت جي زهرناڪين جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.
اهي انسان جن جا زندگيءَ متعلق رجحان ئي درست نه آهن سي مطمئن ڪيئن ٿي سگهندا؟ انهن کي قدم قدم تي انديشا ئي نظر ايندا. انهن مان اڪثر ماڻهن جو رجحان هي هوندو آهي ته هو هرڪنهن ڪم ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا، پر جڏهن اهي ڪامياب نٿا ٿين ته انهن کي تمام گهڻو صدمو رسي ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهو ڪير آهي جو هميشه ڪامياب رهي ٿو؟ ڪير آهي جنهن کي ٺوڪرون کائڻيون نٿيون پون؟ سچ ته انهن ٺوڪرن ۾ به ته ڪجهه لطف آهي. جڏهن اسان ڪِرون ٿا تڏهن ته اسان کي سنڀلجڻ جو قدر ٿئي ٿو.
هاڻي اهڙين حالتن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جن ۾ واقعي خدشو رهي ٿو. انهن حالتن سان واسطو رکندڙ انسان مطمئن نٿا رهن. اهڙين حالتن جو تدارڪ ڪرڻ براه راست اسان جي اختيار ۾ نه آهي. اهي ته اسان جي سماج جي نظام جون خرابيون آهن. انهن تي هاءِ هاءِ ڪرڻ بي سود آهي. بهرحال پنهنجي حالتن جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ سوچڻ گهرجي ته ”اسان زندگيءَ کي غلط زاويي سان ته نه ڏسي رهيا آهيون.“ ٿي سگهي ٿو ته عدم تحفظ جو خيال بنا ڪنهن واجبي سبب جي اوهان جي دل ۾ پيدا ٿي ويو هجي. جيڪڏهن واقعي توهان پنهنجي ملازمت کي ڪو خطرو محسوس ڪريو ٿا يا توهان کي پنهنجي آمدنيءَ جي ختم ٿيڻ جا امڪان نظر اچي رهيا آهن ته توهان کي گهرجي ته سوچيو ۽ فيصلو ڪريو ته اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي. پنهنجي پاڻ کي هر ڪنهن خطري جي مقابلي لاءِ تيار رکو. اهڙيون ترڪيبون سوچيو جن تي عمل ڪرڻ سان پنهنجي پاڻ کي تڪليفن کان بچائي سگهو، باقي صرف هاءِ گهوڙا ڪرڻ سان حاصل ته ڪجهه به نه ٿيندو. جيستائين اوهان جي اختيار ۾ آهي پنهنجي مستقبل کي زياده مستحڪم بنايو.
اوهان جي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو آهي پر اهو خيال رهي ته پنهنجي مستقبل خاطر حال کي تباهه نه ڪريو. سڀاڻي جي ڳڻتي ڪري اڄ جي خوشين کان ڇو محروم رهجي. تنهن کانسواءِ تجربي ثابت ڪيو آهي ته اسان جي زندگيءَ ۾ ورلي اهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون جي اسان کي بلڪل تباهه ڪري سگهن پر جي ڪڏهن اهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون ته خالق اڪبر اسان ۾ اهڙيون صلاحيتون پيدا ڪيون آهن جن جي ذريعي بد کان بدترين حالتن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. اسان مان تمام ٿورا اهڙا انسان آهن جن کي پنهنجي همٿ، استقلال، ۽ اعتماد جي بي پناهه طاقتن جو اندازو هجي. يقين ڄاڻو ته انسان زندگيءَ جي هر تقاضا کي پورو ڪري سگهي ٿو؛ صرف ڪُلي يقين جي ضرورت آهي.
ڪهڙو اهڙو انسان آهي جو فڪر ۽ پريشانيءَ کان دامن بچائڻ نه چاهيندو، انسان ۾ هر ڪنهن مشڪلات کي منهن ڏيڻ جي قوت آهي. ضرورت سمجهه ۽ عمل جي آهي.
هيٺ ڪجهه مشورا ڏجن ٿا جن تي عمل ڪرڻ سان فڪر ۽ پريشانيءَ کي دور ڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن اوهان فڪرمند آهيو ته ضروري آهي ته:
(الف) اوهان پنهنجي پريشانين جو تجزيو ڪريو. اوهان کي جيڪي به فڪر آهن تن سڀني کي الڳ الڳ ڪري سوچيو. عام طرح ماڻهو پنهنجي پريشانين کي گڏي سوچين ٿا جيتوڻيڪ هنن جو پاڻ ۾ قطعي تعلق نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح سان مختلف نوعيت جون پريشانيون گڏجي اسان جي ذهني سڪون تي مشترڪه حملو ڪن ٿيون. جڏهن اسان پنهنجي فڪرن کي عليحده عليحده ڪري سوچڻ جا عادي ٿينداسون ته انهن جي طاقت گهٽجي ويندي ۽ ڪيترائي بي بنياد خوف خود بخود روپوش ٿي ويندا.
فڪرن ۽ پريشانين جي تجزئيءَ جو بهترين طريقو هي ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي سڀني فڪرن کي هڪ سادي ڪاغذ تي لکو، پوءِ ان کي چڱيءَ طرح پڙهو. توهان ڏسندؤ ته ڪيترائي هلڪا، غير متعلق ۽ بي بنياد خوف اوهان کي اجايو پريشان ڪري رهيا آهن. جڏهن توهان کي انهن جي بي بنيادي ۽ غير تعلقيءَ جو احساس ٿيندو، تڏهن انهن خوفن جي هيبتناڪي خود بخود ختم ٿي ويندي، باقي ڪا هڪ ٻه پريشاني وڃي رهندي جا قابل توجهه هوندي. ان تي غور ڪرڻ سان ان جو حل تلاش ڪري سگهجي ٿو.
(ب) جيڪڏهن توهان ائين ڪري نٿا سگهو ته هي ٻيو طريقو آزمايو: پنهنجي ڪنهن سمجهدار ۽ اعتبار واري دوست کي پنهنجون پريشانيون ٻڌايو. اهو همراز دوست توهان کي ٻڌائيندو ته اوهان جا ڪهڙا خوف بي بنياد آهن ۽ ڪهڙا حقيقي آهن. جيڪي خوف حقيقي هجن انهن تي ضابطي لاءِ ڪهڙا حيلا اختيار ڪرڻ گهرجن، ڇو ته هرڪو شخص ٻين جي پريشانين تي زياده غيرجذباتي طريقي سان سوچي ۽ ان جو حل پيش ڪري سگهي ٿو.
(ج) هيءَ هڪ نفسياتي حقيقت آهي ته انسان گهڻو ڪري بيڪاريءَ ۾ فڪرمند رهي ٿو. انهيءَ ڪري هر ڪنهن فرد کي عام طرح ۽ فڪرمند انسانن کي خاص طور پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مشغول رکڻ گهرجي. پاڻ کي مشغول رکڻ سان انساني خيالات هڪ ئي جاءِ تي متوجهه رهن ٿا ۽ انهن کي هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ ۽ آلوده ٿيڻ جو موقعو نٿو ملي.
جيڪڏهن توهان فڪرمند رهڻ نٿا چاهيو ته:
(الف) اوهان کي يقين ڪرڻو پوندو ته فڪرات صرف خيالي خوف جو ٻيو نالو آهي. جيئن جيئن اوهان کي انهيءَ حقيقت تي اعتبار ايندو ويندو تيئن تيئن اوهان پريشانين کان گهٽ متاثر ٿيندا ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ذهن کي فڪر جي تلخيءَ کان پاڪ رکي سگهندا. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته انساني زندگيءَ ۾ المناڪ ۽ غمگين واقعا رونما ٿيندا رهن ٿا. ليڪن اهو ته سوچيو ته واقعي جي پيش اچڻ کان اڳ ۾ ان جي خوف کان پنهنجي ذهني سڪون کي هيٺ مٿي ڪرڻ ڪٿان جي سياڻپ آهي؟
(ب) توهان کي پنهنجي غمگين نظريه حيات کي بدلائڻو پوندو. توهان کي قبول ڪرڻو پوندو ته زندگي هڪ خوشنما مقابلو آهي. هتي تڪليفون به آهن ته راحتون به . عموماً تڪليفون يڪايڪ ۽ غير متوقع طور تي اچي ڪڙڪنديون آهن، ان ڪري انهن کان خوفزده ٿيڻ بيڪار آهي. صرف انهيءَ خوف کان پريشان ٿيڻ ته متان ڪا تڪليف اچي گهيرو ڪري بزدلي آهي. جڏهن به ڪا مصيبت اچي منهن ڪڍي تڏهن ان جو کِلندڙ پيشانيءَ سان مقابلو ڪرڻ بهادري ۽ بلند خيالي آهي. دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي جنهن تي ڪڏهن به مصيبت نه آئي هجي يا هن ان تي ضابطو نه حاصل ڪيو هجي. ان ڪري اهو يقين رکڻ گهرجي ته جيئن اوهان گذريل تڪليفن ۽ مصيبتن تي ڪنٽرول ڪري ورتو هو، اهڙي طرح ايندڙ مصيبتن تي پڻ ضابطو حاصل ڪري سگهندا. ايندڙ تڪليفن متعلق وقت کان پهريان فڪرمند ٿيڻ مان ڇا حاصل؟
(ج) جيڪڏهن واقعي ڪا تڪليف اوهان تي اچڻ واري آهي ته ان کان خوف زده ٿيڻ ۽ جذباتي طرح پريشان ٿيڻ جي بدران ان سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي. سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي ته انهي پريشانيءَ کي ڪهڙي طرح دور ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙو طريقو سوچي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.
(د) آخر ۾ اهو مشورو آهي ته پنهنجي پاڻ تي ڀروسو رکو. جڏهن اوهان کي پنهنجي پاڻ تي اعتماد هوندو تڏهن توهان پاڻ کي مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ طاقتور محسوس ڪندا ۽ گهٽ خوف محسوس ڪندا. يقين رکو ته پنهنجي ذهانت، صلاحيت، تعليم ۽ سٺين ۽ سهڻين عادتن ۽ وصفن سان ماحول ۽ حالتن کي پنهنجي موافق بنائي سگهجي ٿو.
هاڻي اچو ڏسون ته ٻيا ماڻهو ڪهڙيءَ طرح پنهنجيءَ فڪرمند ۽ پريشان طبيعت کي بهلائن ٿا.
1. هڪڙو دوست بيان ڪري ٿو ته جڏهن ”مان رنجيده ٿيندو آهيان تڏهن گهر جي ڀر واريءَ هوٽل ۾ وڃي ويهندو آهيان. چانهن جي هڪ ڪوپ جو آرڊر ڏيئي هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن جي چهرن کي غور سان ڏسندو آهيان ۽ انهن جي ڳالهين کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هنن جا چهرا مون کي سندن زندگي لاءِ جدوجهد جي ڳالهه ٻڌائيندا آهن ۽ مان سوچيندو آهيان ته جڏهن هر فرد پنهنجين حالتن کان خوش نه آهي تڏهن مان پنهنجين حالتن کان رنجيده ٿي ڇا حاصل ڪندس؟ اهو سوچيندي چانهه جي پيالي پي پنهنجي پاڻ کي دوباره جدوجهد لاءِ تيار ڪري هوٽل مان نڪري هليو ايندو آهيان.
2. ٻئي هڪڙي دوست کان معلوم ٿيو ته هن هفتي جو هڪڙو ڏينهن مثال طور ڇنڇر پريشان ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن ان ڏينهن کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڏينهن تي هن کي ڪا به پريشاني يا فڪر ٿئي ٿو ته ان کي ڇنڇر ڏينهن تي سوچڻ لاءِ مهمل ڪري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏئي ٿو ته ”اي ناشاد دل، ترس اڄ ته سومر يا اربع يا جمعو آهي ڇنڇر ته نه آهي.“ هن جي اها ترڪيب ايتري ته ڪامياب وئي آهي جو هو خود حيران آهي.
3. هيءَ هڪڙي اڻ ٽر حقيقت آهي ته رات کان پوءِ ڏينهن ۽ ڏينهن کان پوءِ رات اچي ٿي. رنج کان پوءِ خوشي به ضرور ايندي ۽ سرءُ کان پوءِ بهار، جڏهن به اوهان رنجيده ٿيو ته پاڻ کي هن حقيقت جي يادگيري ڏياريو. اهڙيءَ طرح سان اوهان ۾ ٻه شخصيتون پيدا ٿي پون: هڪ رنج جو ساٿ ڏيندي ٻي خوشيءَ جو ۽ رنج آهستي آهستي خودبخود ختم ٿي ويندو.