مذهب

سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جڏهن ته سنڌيڪار مولانا محمد قاسم سومرو آهي.
Title Cover of book سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

• هڪ شبهي جو ازالو

مٿئين تحقيق مان هرگز هيئن نه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سماج ۽ اجتماع جو ڪوبه فرد ڪنهن به مادي شيءِ يامال کي حلال طريقي سان ڪمائي ٿوپوءِ به هو ان کي استمال جو ڪوبه حق نٿو رکي ايئن سمجهڻ بلڪل غلط آهي ڇو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي محنت مزدوري سان ڪجهه ڪمائي ٿو ته ان کي هو کپائڻ جو به پورو حق رکي ٿو.ڇو ته ملڪيت کي قبضي ۾ ڪرڻ سان ظاهري طرح ته ماڻهو مالڪ ٿي وڃي ٿو پر ان کي کپائڻ ۽ خرچ ڪرڻ ۾ هي شرط لڳايو ويو آهي ته ان سان اجتماعي حقن جي مخالفت نه ٿئي.ورنه کانئس ان متعلق پڇاڻو ضرور ٿيندو.ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان ماڻهوءَ جي نائب هجڻ واري فرض ۾ ڪوتاهي لازم ايندي ۽ ان سان ذخيره اندوزي جهڙي لعنت پيدا ٿي پوندي ۽ آهستي آهستي هڪ خاص طبقي جي ماڻهن جي هٿن ۾ دولت گڏ ٿيندي ويندي ۽ دولت جي صحيح تقسيم نه ٿي سگهندي ۽ ماڻهن جا برابريءَ وارا حق ختم ٿي ويندا ۽ رڳو چند خاندانن وٽ عيش عشرت جو سامان گڏ ٿي ويندو.اهڙي معاشري لاءِ شاهه ولي الله جن جيڪو ڪجهه پنهنجن ڪتابن بدور بازغه ،حجته الله البالغه تفهيمات الاهيه،خير ڪثير ۾ لکيو آهي ان جا ڪجهه ٽڪرا ترجمو ڪري هيٺ ڏجن ٿا ۽ وڌيڪ تفصيل اصل ڪتابن ۾ ڏسڻ گهرجن.
شاهه صاحب جن لکيو آهي ته :”زمين جوحقيقي مالڪ الله آهي.ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو ايئن آهن جيئن ڪو مسافرخاني ۾ رهندو هجي.اهڙو حياتي جو نظام جنهن ۾ چند ماڻهن وٽ يا چند خاندانن وٽ عيش عشرت سبب
دولت جي صحيح تقسيم ۾ خلل پوي.ان لاءِ مناسب آهي ته ان کي جلدي ختم ڪري عوام کي مساوات ۽ هججهڙائي واري نظام مان فائدي وٺڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.دولت جو اصلي بنياد محنت آهي.جيسيتائين ڪو ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ محنت نٿو ڪري ملڪ جي دولت ۾ ان جو ڪوبه حصو نه آهي.قوم جو عيش پرست طبقو قوم جي لاءِ هڪ وڏو بار بنجي پوندوآهي.پورهيتن جي ڪمائيءَ تي نڪمن ماڻهن جو قبضو انقلاب جو سبب بڻبو آهي ۽ جيڪو معاشرو پنهنجي عوام جي بنيادي گهرجن کي پورو نٿو ڪري سگهي اهڙي معاشري کي ختم ٿيڻ ئي گهرجي.قوم جي وڏن ماڻهن جو دنياوي لذتن ۾ ڦاسي پوڻ هڪ اڻ ڇٽندڙ مرض وانگر آهي ۽ طبقي بندي اسلام جي روح جي خلاف آهي.انساني فرد جون بنيادي ٽي ضرورتون آهن اٽو ،لٽو ،اجهو يعني کاڌو پيتو لباس۽ رهائش لاءِ گهر اهي ٽيئي گهرجون ته سڀ کان اول پوريون ٿيڻ گهرجن.جنهن معاشري ۾ ماڻهن جي لاءِ کائڻ پيئڻ جو پورو بندوبست نٿي سگهي ان معاشري وارن ماڻهن جي اخلاقي حالت به بڇڙي ٿي پوندي آهي ۽ انهن ماڻهن جي دماغي ۽ ذهني حالت به پٺتي بنجي ويندي آهي.اعتدال پسندي ۽ وچٿرو آرام معاشري لاءِ تمام اهم شيءِ آهي.هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ رهڻ لاءِ اهڙي جڳهه هجڻ گهرجي جنهن ۾ سردي ۽ گرميءَ کان بچاءَ ۽ ڀاتين جي سامان سڙي جي حفاظت جو اجهو هجي.ان جي ڊيگهه موڪر مناسب هجي.هوا جو گذر سٺو ۽ اڱڻ به مناسب هجي ۽ اهڙو گهر ماڻهوءَ کي آساني سان ملڻ گهرجي.تمدن جو ڪمال ۽ سندس ڀلائي ان ۾ آهي ته هو ترقيءَ جي اصولن(ارتفاقات) تي هلي ۽ روحاني ترقيءَ جي اصولن(اقترابات) مان فائدو وٺي.