• سماج جا درجا
شاهه صاحب جن ان درجي ۾ جنهن ۾ زبان کي ضروري قرار ڏنو آهي اها ان جي ابتدائي شڪل آهي.مثلن جن شين سان ڏسڻ تي اثر پوندو آهي يا اهي ڳالهيون جن سان انسانن جي وجدانن ۽ احساسن ۾ هلچل پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ انسان ڪوشش ڪندو آهي ته ڪنهن مناسب آواز ۽ لفظن سان پنهنجي ان وجدان يا احساس جو اظهار ڪري ۽ ٻين کي سمجهائي.ان قسم جي لفظن ۽ جملن کي ڪنهن به ٻوليءَ جو پهريو ڏاڪو سمجهيو ويندو آهي.ان کانپوءِ ان ٻوليءَ ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو رهندو آهي.
سماج جي ان پهرئين ڏاڪي جون ٻيون شيون هي آهن : پوکي راهي ،کوهه کوٽڻ ،کاڌي پچائڻ جي ترڪيب معلوم ڪرڻ ،ٿانو ٺاهڻ .مال ڌارڻ۽ چارڻ ،انهن کي سواريءَ جي ڪم آڻڻ ۽ ان جي گوشت ،کل ،پشم ،وارن ،کير مکڻ ۽ ان جي نسل مان نفعو حاصل ڪرڻ وغيره رهڻ جي جاءِ ۽ لباس ڍڪڻ به ان پهرئين درجي جي ضرورتن ۾ داخل آهن.ان درجي ۾ ماڻهوءَ لاءِ هڪ زال جي پڻ ضرورت هوندي آهي.جنهن ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو ان ۾ رڪاوٽ نه وجهي سگهي.ان سان هو جنسي جذبن جي پورائي سان گڏ نسل جي بقا ۽ گهريلو ڪم ڪار ۾ ٻانهن ٻيلي جو ڪم به وٺندو آهي.“
انساني معاشري جي پهرئين درجي جي پابندي سڀني قومن ۽ قبيلن جي لاءِ تمام ضروري آهي.ان جي پابندي کانسواءِ انهن جو اجتماعي زندگي بسر ڪرڻ ڏکيو بلڪه ناممڪن آهي.