• سماج جو هر هڪ ماڻهو محنت ڪري ڪمائي کائي
”۽ هن دور ۾ حڪومت جي برباديءَ جو وڏو سبب ٻه ڳالهيون آهن پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته خزاني تي مفت خورن جو ڳرو بار پيل رهي ٿو.انهن مان ڪجهه ماڻهو ته پاڻ کي مجاهد ۽ غازي سمجهي خزاني جي مال کي ڦرڻ ۽ ڦٻائڻ جا هيراڪ ٿي ويا آهن ۽ ڪي وري پاڻ کي عالم جي حيثيت سان خزاني جو حقدار سمجهن ٿا ۽ ڪي اهڙا آهن جن کي انعامن ۽ عهدن سان نوازڻ يا انهن کي رقمون ڏيڻ سرمائيدارن جي عادت هوندي آهي. جيئن ڪي صوفي ،زاهد ( بزرگ) يا درٻاري شاعر ،ڪي اهڙا به هوندا آهن جن کي ٻين لفظن ۾ پينو يا گداگر چئي سگهجي ٿو.انهن جو مقصد به رڳو پيسو ميڙڻ ۽ پنهنجو پيٽ ڀرڻ هوندو آهي.هو اهو خيال ئي نه ڪندا آهن ته سماج(سوسائٽي) جي ضرورت ۽ مصلحت ان مان پوري ٿئي ٿي يا نه.نيٺ ان جو نتيجو نڪرندو آهي جو هڪ جماعت ٻي جماعت جو مقابلو ڪندي آهي ۽ پوءِ اهي ٻئي هڪ ٻئي لاءِ معاشي اڻ برابريءَ جو سبب بڻبا آهن ۽ هلندي هلندي اهڙي قسم جا ماڻهو شهر ۽ معاشري تي وڏو بار بنجي پوندا آهن.
ٻي هيءَ ڳالهه ته هارين ،واپارين ۽ ڪاريگرن تي حڪومت وڏا وڏا ٽيڪس وجهي ڇڏيا آهن ۽ ان جي وصول ڪرڻ ۾ انهن تي سختي ۽ تشدد پڻ ڪيو وڃي ٿو.جنهن جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته حڪومت جو وفادار طبقو به انهن ٽيڪسن جي بار هيٺيان پيڙيو ۽ پوئتي پوندو آهي.ٻئي پاسي ٻئي هڪ اهڙي ٽولي به هوندي آهي.جيڪا ان ناجائز سختيءَ کان تنگ اچي بغاوت جي واٽ وٺندي آهي.بهرحال سماج جو سڌارو ان ۾ آهي ته ٽيڪس گهٽ لڳايو وڃي ۽ ماڻهن جي حقن جي حفاظت جو گهڻو خيال رکيو وڃي.(حجته الله البالغه ص 45)
شاه صاحب جن ان قسم جي ٻي به عبارت آندي آهي.جنهن ۾ سرمائيدارانه نظام جي بيڪار معاشري بابت فرمائن ٿا ته:
”ملڪ جا گهڻا ماڻهو بادشاهه جو ڄڻ عيال بنجي ويندا آهن.ڪڏهن اهي هيئن چئي وڏيون رقمون حاصل ڪندا آهن ته اهي غازي ۽ مجاهد آهن ۽ ملڪ جي سياست جا مدبر آهن ۽ انهن رقمن سان هنن جي ڪنهن ضرورت يا حاجت کي پورو ڪرڻ مقصد نه هوندو آهي پر ابي ڏاڏي واري مفت خوريءَ واري رسم کي برقرار رکڻو هوندو آهي ۽ ڪڏهن هيئن چوندي خزاني تي ڳروبار بنجي پوندا آهن ته اسان درٻاري (سرڪاري) شاعر آهيون.بادشاهن جي ته عادت هوندي آهي ته شاعرن کي انعام اڪرام ڏيندا آهن ۽ ڪي وري ماڻهو وري پاڻ کي زاهد درويش ظاهر ڪري خيرات گهرندا وٺندا آهن ۽ اهڙي طرح هڪ ٻئي لاءِ تنگيءَ جو سبب بنجي پوندا آهن ۽ انهن جي ڪمائي جو ذريعو رڳو بادشاهن (سرمائيدارن) جي ڪچهري چاپلوسي ۽ تعريف ڪرڻ هوندو آهي.نيٺ اهو هڪ اهڙو هنر بنجي ويندو آهي جو انهن ماڻهن جا فڪر ۽ سندن ذهني صلاحيتون رڳو ان سوچ ۾ رڌل هونديون آهن.ان ۾ سندن وقت وڃائبو رهيو آهي.جڏهن سماج ۾ اهڙي قسم جي ماڻهن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي تڏهن ماڻهن جي خيالن ۾ اها بلند پرواز ۽ سٺي سوچ نه رهندي آهي ۽ اهي سٺن اخلاقن کان پاسيرا ٿي پوندا آهن.“