مذهب

سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جڏهن ته سنڌيڪار مولانا محمد قاسم سومرو آهي.
Title Cover of book سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

• اجتماعي نظام جي ڪيفيت

شاهه صاحب جي نظر ۾ فرد وانگر سڄي انسانيت جو نظامبه ٽن طرزن جوهوندو آهي.
1.ڪامل صحت
2.ناقص صحت
3.مرض مهلڪ
انساني صحت جي اصل تقاضا هيءَ آهي ته هو سٺي تندرستيءَ سان رهي.ان ۾ ڪا گڙ ٻڙ ٿئي ٿي ته (انساني اجتماع جي) صحت خراب ٿي پوندي آهي.ان حالت ۾ يا تندرستي اڻپوري رهندي آهي يا هڪ بڇڙي
بيماري ان کي لڳي پوندي آهي.جيڪا نيٺ سماج کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي (ان سان گڏ هي به ڄاڻڻ گهرجي ته) ارتفاق جي پهرئين ڏاڪي کان ڪوبه ماڻهو خالي نٿو ٿي سگهي پوءِ کڻي ڇو نه هو جبلن جي چرن ۽ غارن ۾ رهندو هجي يا رڻن پٽن ۾ رهندو هجي.اهڙي طرح ارتفاق جي ٻئي ڏاڪي کان به گهڻا فرد بچي نٿا سگهن خاص طور تي وڏن شهرن ۾ رهندڙ ۽ مهذب ماڻهو ته ان ڏاڪي کي ضرور اپنائن ٿا.جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي اهو ارتفاق جو ٻيو ڏاڪو ڏسڻ ۾ نه اچي ته ان جو ڪارڻ اتي جي ماڻهن جي طبيعتن جي ڪوتاهي هوندي ۽ ارتفاق جي ٽين منزل(قوميت) کي به الله تعالي ظاهر ڪندو رهندو آهي.
ان مختصر تمهيد کانپوءِ هي ڄاڻڻ ضروري آهي ته انساني سماج جي صحت جو دارومدار مال ۽ ملڪيت جي انصاف واري ورهاست تي آهي.هي ٽئين ارتفاق ۾ جڏهن هڪ حڪومت(قومي رياست) ٺهي پوندي آهي ته انجو به پهريون فرض ملڪيت کي انصاف سان ورهائڻ آهي.انبياءَ عليه السلام ته رڳو انسانن جي آخرت جي ڪاميابي لاءِ ايندا هئا پر انهن جي دعوت جو هڪ پاسو انسانيت جي دنياوي ڪاميابي به هيو.اهوئي سبب آهي جو حضرت يوسف عليه السلام جي جڏهن مصر جي بادشاهه جي سامهون پاڪدامني ۽ ايمانداري ثابت ٿي تڏهن پاڻ هي چئي وزير خزانه جو عهدو ورتائون.
”قال اجعلني علي خزائن الارض اني حفظ عليم“
ترجمو:مون کي زمين جي خزاني جو محافظ بنايو ڇوته مان مال دولت ۾ حفاظت ۽ انصاف واري ورهاست کان باخبر آهيان.
حضرت ابراهيم عليه السلام کان وٺي حضرت يوسف عليه السلام تائين ان گهراڻي جي خوشحالي جو دارومدار مال چارڻ ۽ ڌڻن ڌارڻ تي هيو.ان ۾ هر قسم جي تعليم موجود آهي.مثلا مال جي ڀلائي جو خيال رکڻ ۽ اهڙيون تدبيرون اختيار ڪرڻ جن سان انهن جي پيدائش ۾ واڌارو ٿيندو رهي.ٻيو ته حضرت يوسف عليه السلام جي تعليم ۽ تربيت هڪ امير گهراڻي ۾ ٿي هئي.انڪري به هو ماليات جي ترقيءَ جي رازن رمزن کي وڌيڪ ڄاڻندو هو.انڪري بادشاهه کي چيائين ته مان(معاشي معاملي ۾) سٺي ڄاڻ رکندڙ آهيان.
شاهه صاحب جي راءِ ۾ ته جيترا به انبياءَ عليه السلام آيا هئا.انهن سڀني جي نبوت ،الاهي تدبير جو هڪ حصو هوندي هئي.انسان ۽ انساني سماج کي مصيبتن کان بچائڻ لاءِ جيڪي طئي ٿيل الاهي تدبيرون آهن.نبوت جو هڪ جزو هيون.اهوئي سبب آهي جو تدبير الاهي انهن کي اختيار ڪندي آهي ۽ نبي سڳورا مبعوث ٿيندا آهن.۽ ان ضرورت کي آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن قرآن مجيد جهڙي ڪامل وحيءَ سان آسماني ڪتاب ۽ شريعت سڳوري کي قائم ڪري پورو ڪيو.
شاهه صاحب جي اصطلاح”اقتراب“۽”ارتفاق“ مان اصلي مقصد ۽ مراد انساني اجتماع جي فڪري وحدت ۽ اقتصادي اشتراڪ آهي.قرآن مجيد جي سوره روم ۾ فڪري وحدت جي خلاف ورزيءَ جي مذمت هنن لفظن ۾ بيان ڪئي وئي آهي.”ان الذين فرقوا دينهم و کانو شيعا لست منهم في شيءِ (جن ماڻهن ٽولا ٽولا بنايا توهان جو انهن سان ڪوبه تعلق ناهي(ڇو ته اهي فڪري هيڪڙائي کي خراب ۽ برباد ڪري رهيا آهن)
ان آيت جي مضمون کي سمجهڻ لاءِ ”اقيموالصلوات ولا تکونو من المشرکين“جي لفظن تي غور ڪيو يعني الله تعالي سان تعلق پيدا ڪريو ۽ نماز ان تعلق جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ۽ اهوئي ”اقتراب“ آهي يعني اهڙي جماعت پيداڪريو جنهن جو الله تعالي سان تعلق هجي.ولا تکونو من المشرکين جو مطلب هي ٿيندو ته الله تعالي کانسواءِ پنهنجا پنهنجا سردار ٺاهي انهن کي نه پوڄيو يعني انهن سرادرن جي حڪمن ۽ اشارن تي هلي فطرت الاهي کي نه ڦيرايو.اهي سردار توهان کي پاڻ ۾ ويڙهائي فرقي بازي جو مرض پيدا ڪري ڇڏيندا.
ان لحاظ کان ”من المشرکين“ مان مراد ”من الذين فرقوا دينهم وکانو شيعا“ٿيندي مطلب ته اهي پنهنجي سردارن جي پاس خاطري ڪن ٿا ۽ ان فرقه بازي جي هيءَ صورت ٿيندي ته ڪن ماڻهن ،ماڻهن جي پيروي قبول ڪري انهن کي پنهنجو معبود کڻي بڻايو آهي ۽ انهن جا تابعدار ٿي هڪ فرقو ٺاهي ورتو ۽ ٻين ماڻهن وري ڪنهن ٻئي انسان کي پنهنجو سردار بنايو.فرقه پرستي ايئن وڌندي رهي ۽ ايئن ڪرڻ فطرت جي خلاف آهي.هر سردار پنهنجي جماعت کي وڌائي ان کي ٻي جماعت سان ٽڪرائيندو آهي.انساني سماج پاڻ ۾ لڙڻ ،وڙهڻ ،رتو ڇاڻ ڪرڻ جي موڪل نٿو ڏئي.جڏهن انساني اجتماع يا گڏيل صورت پرزا پرزا ٿي ويندي آهي ته پاڻ ۾ جنگيون ۽ رتو ڇاڻ ٿيندي آهي.جيڪڏهن سماج کي فطرت جي موافق رکڻو آهي ته ان سماج جو ديني سردار رڳو هڪ ئي هجڻ گهرجي ۽ اهوآهي به هڪ ان سان هيءَ ڳالهه صاف صاف سمجهه ۾ اچي ٿي ته شرڪ انساني اجتماع واري فطرت جي خلاف آهي ۽ شرڪ ان معاشري کي ٻن حصن ۾ ورهائي ويڙهائي ٿيندو آهي.
انساني اجتماع جي لاءِ فڪري اتحاد کانپوءِ اقتصادي اشتراڪ ۽ مالي تعاون تمام ضروري آهي.ان سان انساني سماج مضبوط ٿيندو آهي.جيسين ڪنهن سماج ۾ ان جي پورائي نه ٿيندي ۽ دولت جي ورهاست انصاف واتري ۽ مساوات تي ٻڌل نه هوندي ته اهو سماج وڏي بحران ۾ ڦاسي پوندو ۽ ان مان صحيح ڳالهيون جنم نه وٺنديون ۽ نه اهو صحيح طور تي ترقي ڪري سگهندو.
اقتصادي اشتراڪ يا ڀائيچاري رکڻ لاءِ جماعت جي هر ماڻهو جو فرض آهي ته اهو پنهنجي گهرج کان وڌيڪ مال و دولت اهڙي طرح ورهائي ڇڏي جو اول ته هن جي مٽن مائٽن جون گهرجون پوريون ٿين.۽ انهن کي حصي رسيءَ سان ڏئي ڇڏي.”فآت ذي القربي حقه“آيت ۾ ان ڏانهن اشارو آهي.انکانپوءِ قرآن مجيد ۾ ”والمسکين“ فرمائي هي حڪم ڪيو ويو آهي ته مٽن مائٽن سان گڏ مسڪينن ۽ غريبن کي به پنهنجي مال ۾ ڀائيوار ڪريو.پوءِ ”وابن السبيل“ يعني مسافرن جو انلو آيو آهي ته ان کي به سندس حق ڏيو ۽ ان کي به پنهنجو ڀائيوار بنايو.هڪ خاندان کي ٻئي خاندان سان ۽ هڪ قوم کي ٻئي قوم سان ڳنڍڻ لاءِ مسافرن جي ضرورت پوندي آهي.سياحت ڪندڙ ماڻهو هميشه قومن ۾ ايندا ويندا رهندا آهن ۽ هڪ سماج جي حالتن کان ٻين قومن کي آگاهه ڪندا آهن.انڪري اهي به سماج جو هڪ فائديمند حصو آهن.سماج جو هر ماڻهو جڏهن مسافرن کي سندن گهرجن وقت ڪم اچي ٿو تڏهن انساني اجتماع ۽ سماج ۾ هڪ قسم جو ڀائيچارو پيدا ٿيندو آهي.هي هڪ اهڙو قانون قانون آهي جنهن سان انسان ۾ آهستي آهستي محبت ۽ مالي ڀائيچارو ۽ تعاون پيدا ٿيندو ويندو آهي.ان ريت انساني دماغ تي ڪنهن به قسم جو بار نه پوندو آهي.
اسلام هڪ اهڙو اقتصادي نظام پيدا ڪيو آهي جڏهن ان تي عمل ٿيندو هو تڏهن هڪ مسلمان اسپين کان وٺي چين تائين پئسي پائي کڻڻ کانسواءِ سفر ڪري سگهندو هو.نوجوانن کي سندن طبيعت جي موافق جنهن به فن جو شوق پيدا ٿيندو هو ته ان جي سکڻ لاءِ بنا پئسي سفر ڪندا هئا.ان ريت نه ته ڪنهن ماڻهوءَ تي بار پوندو هو ۽ نه وري مسلمان مسافر مالي مدد وٺڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي ۽ عار سمجهندو هو ۽ يورپ پنهنجي ترقي واري زماني ۾ به اهو روح پيدا ڪري نه سگهيو.
افسوس آهي جو اهو اقتصادي ڀائيچارو ۽ تعاون آهستي آهستي مسلمانن مان نڪرندو ويو جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان پنهنجي تحزيب جو ورثو ڇڏي تنزل ۽ غلاميءَ جي زندگي گذارڻ لڳا آهن.دنيا جي آباديءَ جا اڪثر نوجوان سوشلزم ڏي مائل آهن پر انهن جي روش دينداري جي نيڪ بختي کان پالهي آهي .ان حالت ۾ جيڪڏهن مسلمان نوجوان پنهنجي اقتصادي ڀائيچاري جي ورثي کي ٻيو دفعو هٿ ڪرڻ جي ٿوري به ڪوشش شروع ڪئي ته پوءِ کين ڪوبه غلام نه بنائي سگهندو.مسلمانن جي ڪنهن به جماعت يا قوم ۾ جيڪڏهن اهو ڪم شروع ٿي ويو ته اميد آهي ته مسلمانن جون ٻيون قومون به ان ۾ جلدي ڀائيوار ٿي پونديون ۽ هڪ اهڙو زبردست بين الاقوامي اسلامي مرڪز بنجي ويندو جنهن جو مقابلو دنيا جي ڪاب ه طاقت نه ڪري سگهندي.