مذهب

سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جڏهن ته سنڌيڪار مولانا محمد قاسم سومرو آهي.
Title Cover of book سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

• ضميمو: امام شاهه ولي الله جا اقتصادي ۽ سياسي اصول

سهڙيندڙ:مولانا محمد ميان رحه

1.دولت جو اصل بنياد محنت آهي.مزدور ۽ هاري ڪمائيندڙ قوت آهن.باهمي تعاون مدنيت(شهري زندگي) جو روح روان آهي.جيڪو ماڻهو جيسيتائين ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم نه ڪري ملڪ جي دولت ۾ ان جو ڪوبه حصو ناهي.(حجته الله البالغه باب سياست المدينه )
2.جوا ،سٽي ۽ عياشي جا اڏا ختم ڪيا وڃن جن جي موجودگي ۾ دولت جي ورهاڱي جو صحيح نطام قائم ٿي نه سگهندو.عياشي جي اڏن جي ڪري قوم ۽ ملڪ جي دولت ۾ واڌارو ته ڇا پر دولت ملڪ جي گهڻائي وارن جي کيسن مان نڪري ٿورڙن ماڻهن جي ٽجوڙين ۾ گڏٿي ويندي.(حجته الله البالغه باب ابتغاء الرزق)
3.مزدور ،هاري ۽ جيڪي ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ دماغي ڪم ڪن.دولت جا اصل حقدار آهن.انهن جي ترقي ۽ خوشحالي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي آهي جيڪو به نظام حڪومت انهن حقدار قوتن کي دٻائي يا ڪمزور ڪري يا محروم ڪري ته اهڙو نظام ملڪ لاءِ خطري جو سبب ٿيندو ۽ اهڙي نظام کي ختم ڪرڻ گهرجي.(حجته الله البالغه باب ابتغاء الرزق)
4.جيڪو به سماج محنت اجورو ادا نه ڪري مزدورن ۽ هارين تي ڳرو ٽيڪس لڳائي اهو قوم جو دشمن آهي انکي ختم ڪرڻ گهرجي.(حجته الله البالغه سيست المدينه ۽ باب الرسوم السائره بين الناس)
5.حاجت مند مزدور جو اجرت تي راضي ٿيڻ اعتبار لائق ناهي جيسيتائين ان جي محنت جي ايتري مزدوري يا قيمت ادا نه ڪئي وڃي جيتري امداد باهمي جي اصولن مطابق لازم نه ٿئي ٿي.(ڇو ته حاجتمند ماڻهو مجبوري سبب ٿوري تي به راضي ٿي ويندو آهي انڪري ڪنهن جي مجبوري جو فائدو به وٺڻ نه گهرجي.)
6.ڪم جا وپقت محدود ڪرڻ گهرجن پورهيتن کي اترو وقت ملڻ گهرجي جنهن سان هو اخلاقي ۽ روحاني سڌارو ڪري سگهن ۽ انهن ۾ آئيندي جي باري ۾ غور۽ فڪر جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.
7.باهمي تعاون جو وڏو ذريعو واپار آهي.انڪري ان کي تعاون جي اصولن تي جاري رهڻ گهرجي پوءِ جهڙي نموني واپار ين لاءِ هي جائز ناهي ته هو بليڪ مارڪيٽ ياغلط قسم جي گوءِ سان تعاون واري روح کي نقصان پهچائين.اهڙي نموني حڪومت لاءِ به هي صحيح ناهي ته ڳرا ٽيڪس هڻي واپار جي واڌاري ۾ رڪاوٽ ۽ رخنو وجهي(حجته الله البالغه باب البيوع المنهي عنها)
8.اهو ڪاروبار جيڪو دولت جي هير ڦير کي ڪنهن خاص طبقي ۾ بند رکي ملڪ لاءِ تباهه ڪندڙ آهي.
9.اهو شاهي نظام زندگي جنهن ۾ چند ماڻهن يا چند خاندانن جي عيش عشرت سبب دولت جي صحيح ورهاست ۾ خلل ٿئي اهو ان لائق آهي ته ان کي جلد از جلد ختم ڪري عوام جي مصيبت ختم ڪئي وڃي ۽ انهن کي مساواتي نظام زندگي جو موقعو ڏنو وڃي.
سياست ۽ نظام حڪومت جا بنيادي اصول
1.زمين جو حقيقي مالڪ الله آهي (۽ ظاهري انتظام جي لحاظ سان رياست)ملڪ جي رهواسين جي حيثيت اها آهي جيڪا ڪنهن مسافرخاني ۾ رهندڙن جي هوندي آهي.ملڪيت جو مطلب هي آهي ته ان جي نفعي وٺڻ واري حق ۾ ٻئي جي دخل اندازي قانوني طور منسوخ هجي
.2.سڀ انسان برابر آهن ڪنهن کي به هي حق نٿو پهچي ته هو پاڻ کي ملڪ جو مالڪ بادشاهه قوم جو مالڪ يا انسانن کي غلام ۽ ملڪيت قرار ڏيئي.انهن جو پاڻ کي مالڪ تصور ڪري ۽ نه وري ڪنهن کي هي به حق ٿو پهچي ته اهو ڪنهن اقتدار واري حڪمران لاءِ اهڙا لفظ يا لقب استعمال ڪري.(منصب امامت از مولانا شاهه محمد اسماعيل رحه)

3.رياست جي سربراهه جي حيثيت اها آهي جيڪا ڪنهن وقف جي متولي(سنڀاليندڙ) جي.متولي جيڪڏهن ضرورتمند هجي ته ايتري پگهار کڻي سگهي ٿو جيتري سان ملڪ جو عام شهري زندگي گذاري سگهندو هجي.
(ازالته الخلفاء جلد2 عهد فاروق اعظم)
بنيادي حق:
(1)کاڌو ،لٽو ،اجهو ۽ اهڙي سگهه جنهن سان نڪاح ڪري سگهي۽ ٻارن جي تعليم ۽ پرورش ڪري سگهي بنا لحاظ مذهب ۽ نسل جي اهو هر انسان جو هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو پئدائشي حق آهي.
(2)اهڙي نموني مذهب ،نسل يا رنگ جي ڪنهن تفاوت کانسواءِ عام ملڪي رهواسين جي معاملن ۾ هڪجهڙائي سان عدل ۽ انصاف انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ،انهن جي عزت ۽ ناموس جي حفاظت حق ملڪيت م آزاد ۽ شهري حقن ۾ هڪجهڙائي ملڪ جي هر شهري جو حق آهي.
3.زبان ۽ تهذيب جو زندهه رکڻ هر قوم جو بنيادي حق آهي.
بين الاقوامي تحفظات
(1) بين الاقوامي حقن حاصل ڪرڻ جي شڪل هيءَ آهي ته خود مختيار علائقا ٺاهيا وڃن.اهي خود مختيار اڪيون يا علائقا پنهنجي معاملن ۾ آزاد هوندا ۽ هر هڪ اڪائي يا علائقي ۾ ايتري طاقت هجڻ ضروري آهي ته هو پاڻ جهڙي يونٽ جي اڳرائين جو مقابلو ڪري سگهي ۽ اهي سڀ اڪايون هڪ اهڙي بين الاقوامي نظام(بلاڪ) ۾ ڳنڍيل هجن جيڪو طاقت جي لحاظ سان اقتدار اعلي جو مالڪ هجي.انکي هي حق نه هوندو ته ڪنهن مخصوص مذهب يا مخصوص تحزيب جي ڪنهن ميمبر يونٽ کي زير بار ڪري سگهي.هائو پر ان تي هي فرض ضرور آهي ته ڪنهن قوم يا يونٽ کي هي موقعو نه ڏيئي ته ڪنهن ٻي قوم جي مذهب يا تهذيب تي حملو ڪري سگهي.


مذهبيات
(1)دين ۾ سچائي جو اصل بنياد هڪڙو آهي انکي پيش ڪرڻ وارا هڪ سلسلي جون ڪڙيون آهن.
(2)حق ۽ سچ جي داعي هر ملڪ ۽ قوم ۾ گذريا آهن انهن سڀن جو احترام ضروري آهي.
(3)سچائي ۽ دين جا بنيادي اصول لڳ ڀڳ سڀن فرقن ۾ مڃيل آهن مثال طور پنهنجي پروردگار جي عبادت ، انهيءَ جي نالي نذر نياز ،صدقو،خيرات ۽ روزو وغيره اهي سڀ ڪم سڀن وٽ پسند ڪيل آهين پر عملي صورتن ۾ اختلاف آهي.
(4)ساري مهذب دنيا جا سماجي اصول ۽ انهن جو مول متو هڪ آهي.مثال طور هر هڪ مذهب ۽ فرقي ،جنسي بي راهه روي کي ناپسند اخلاقي ڏوهه قرار ڏنو آهي.جنسي لاڳاپن لاءِ مرد ۽ عورت ۾ معاهدو هر هڪ فرقي ۾ ضروري آهي.البت معاهدي جون صورتون مختلف آهن.اهڙي نموني هر هڪ فرقو پنهنجي مردي کي نظرن کان گم ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو.اختلاف هن ۾ آهي ته زمين ۾ پوري نظرن کان گم ڪجي يا باهه ۾ ساڙي.
(5) جهاد هڪ مقدس فرض آهي انجي معني هي آهي ته مقدس اصولن لاءِ انسانپاڻ کي قربان ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ايتري تائين جو پنهنجي هستي انهن اصولن لاءِ فنا ڪري ڇڏي.
(تحريڪ شيخ الهند از مولانا محمد ميان تان ورتل)
فرقيواريت جو خاتمو
تنهنجي متعلق(شاهه صاحب بابت) الله تعالي جو ارادو هي آهي ته هو تنهنجي ذريعي امت مرحومه جي ٽڙيل پکڙيل جزن(فرقن)کي گڏ ڪري تنهنڪري هي جيڪا چوڻي آهي ته صديق تيسيتائين صديق نٿو ٿي سگهي جيسيتائين هڪ هزار صديق کيس زنديق نه چون توکي ان شيءِ کان بچڻ گهرجي.ان سان گڏ وگڏ تنهنجي لاءِ هي به ضروري آهي ته فروعي ڳالهين ۾ پنهنجي قوم جي هرگز مخالفت نه ڪر ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ خانداني ارادي جي خلاف آهي(فيوض الحرمين
نيڪي جا بهترين عمل
اجتماعيت پسند ماڻهن تي فرض آهي ته هو حق جي پچار ڪرڻ ۽ ان کي نافذ ڪرڻ ۽ باطل جو زور ٽوڙڻ ۽ ان جو نفاذ روڪڻ ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪن.اڪثر ڪري اهي ڪم ممڪن نٿي سگهندا آهن جيسيتائين انهن لاءِ سموري سگهه سان نشر واشاعت نه ڪئي وڃي ۽ ان جي خاطر قتال نه ڪيو وڃي.انهيءَ ڪري ئي اهي سڀ ڪم نيڪيءَ جا بهترين عمل شمار ٿين ٿا.
شريعت جا ٻه درجا
شريعت جا ٻه درجا آهن پهريون درجو ۽ مرتبو هي آهي ته اصل فرضن تي عمل ڪرڻ جيڪي شيون قطعي حرام آهن.انهن کان بچڻ.اسلام جي شعائر کي(دنيا ۾ غالب ۽)قائم ڪرڻ شريعت جو هي درجو سمورن ماڻهن لاءِ تمام ضروري آهي.پوءِ انهن جو تعلق شهر ۾ رهندڙن سان هجي يا ڏورانهين عالئقن جي رهاڪن سان هجي.انهن جو تعلق بادشاهن حڪمرانن ۽ مجاهدن سان هجي يا هارين صنعتڪارن ۽ واپارين سان هجي.دين جو هي درجو انتهائي سولو ۽ سادو آهي.ان ۾ ڪابه سختي يا شدت جي ڳالهه ڪونهي.دين ۽ شريعت جو ٻيو درجو ۽ مرتبو هي آهي ته جيڪو انسان ان مرتبي کي حاصل ڪري وٺندو آهي اهو تمام گهڻو سنت تي عمل ڪندڙ ،عبادت گذار ۽ نيڪ پارسا شمار ٿيندو آهي.ان درجي ۾ سموريون سنتون ۽ آداب شامل آهن ۽ اهڙيون تقوي ۽ پرهيزگاري جون ڳالهيون جيڪي پاڻ سڳورن يا سلف صالحين کان نقل آهن يا نقل ٿيل ڳالهين تي قياس ڪرڻ وڌيڪ پرهيزگاريءَ جون ڳالهيون ڪڍيون ويون آهن.اهڙيون سموريون ڳالهيون به هن درجي ۾ شامل آهن.
شريعت جي انهن ٻنهي مرتبن ۽ درجن ۾ وڏو فرق آهي ۽ ان فرق کي نظر انداز ڪرڻ انتهائي جهالت ۽ بيوقوفي آهي ۽ ان فرق جو لحاظ نه رکڻ ڪري ئي عام طور تي علماءَ ۾ اختلاف ٿيا آهن.
هيءَ ڳالهه مناسب ناهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي معاش جي حصول ۾ مشغول آهن.کين شريعت جي پهرئين درجي کان واڌاري دين تي هلڻ جو حڪم ڏنو وڃي.خاص طور تي اهڙا ماڻهو جن جو تعلق هارين ،هنرمندن ۽ صنعت جي ڌنڌي سان آهي.ڇاڪاڻ ته جيلڏهن کين شريعت جي ٻئين درجي تي عمل ڪرڻ لاءِ چئجي ته ان صورت ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو.نتيجو هي ٿيندو ته شريعت جو حڪم منڍ کان ئي ڇڏائجي ويندو ۽ ان حڪم کان کين نفرت پيدا ٿي پوندي ۽ اهڙيءَ ريت شريعت جي ٻئي درجي جو حڪم ڏيندڙ ان تنبيهه جي ضمن ۾ اچي ويندو.جنهن ۾ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو آهي ته ”ان منکم منفرين يعني توهان مان اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ماڻهن کي دين کان نفرت ڏيارين ٿا.
حالانڪه قرآن سنت ۾ خاص ماڻهن جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهن جي حالت جي وڌيڪ رعايت رکي وئي آهي ۽ هيءَ ڳالهه مناسب به ناهي ته عام ماڻهن کي پڙهائيندڙ علمن ۾ صوفين جا مخصوص علم ۽ فلسفي جا انتهائي دقيق علم شامل ڪيا وڃن.بلڪه انهن تي فقط اهو واجب آهي ته جيڪو ڪجهه قرآن سنت مان ظاهري طور تي سمجهه ۾ آيو ان تي اڪتفا ڪن.


امام شاهه ولي الله جو فڪر
جيڪڏهن ماڻهوغور ۽ فڪر سان شريعت سان شريعت بابت منهنجو تفسير(۽ تشريحون)پڙهن ته ڀليءَ ڀت ڄاڻي وٺندا ته اهو عقل ،نقل ،۽ رجحان تي بلڪل پورو لهي ٿو ۽ ان سان گڏ باهمي اختلافن لاءِ ذري جيتري به گنجائش نٿي رهي.(تفهيمات الاهيه جلد پهريون ص 83)
نبوت جا پهلو
نبوت جا ٻه پهلو آهن پهريون الله تعالي کان سڌو سنئون علم جو فيض حاصل ڪرڻ ۽ ٻيو ان حاصل ٿيل علم جي انسان ذات ۾ مناسب پرچار ڪرڻ آهي.جيسيتائين الله تعالي کان علم حاصل ڪرڻ جو تعلق آهي ته هيءُ مرتبو فقط اڪيلي نبي جو ئي حق آهي.باقي رهيو ان علم جي پرچار ۽ اشاعت جو معاملو ته اهو سهڻي طريقي سان فقط سياست تنظيم ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ سان ئي حاصل ڪريسگهجي ٿو.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي وصفون پاڻ سڳورن صه جي زماني ۾ ۽ کانئن پوءِ وڌ ۾ وڌ حصرت ابوبڪر رضه۽ حضرت عمر رضه ۾ موجود هيون.(حجته الله البالغه جلد ٻيون ص 215)