• سماج
شاهه صاحب انساني اجتماع يا معاشري جو اصل بنياد به خود انسان کي مڃي ٿو.اها صلاحيت سندس فطري تقاضا آهي.جيسيتائين انسان جي ضرورتن ۽ گهرجن جو تعلق آهي مثلا کائڻ پيئڻ ،جنسي لاڙو ،سخت سردي يا گرمي کان بچاءُ وغيره.انهن سڀني گهرجن ۾ انسان به ٻين جانورن وانگر آهي.قدرت پاران هر هڪ حيوان کي طبعي الهام ذريعي اها سمجهه عطا ڪئي وئي آهي ته هو ڪهڙي طرح انهن گهرجن کي پورو ڪري سگهي ٿو.انهن طبعي خواهشن ۾ سڀ انسان هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا.انهن اڌورن ماڻهن کانسواءِ جن ۾ انسانيت اڃا پوري طرح نه آئي آهي ۽ اهو طبعي الهام رڳو ماڻهن لاءِ خاص ڪونهي جو ٻين حيوانن کي به ٿيندو آهي.جيئن ماکيءَ جي مک کي الهام ٿيو آهي ته اها ڪهڙي طرح اجتماعي زندگي گذارن مثلا ميون ۽ گلن جي چونڊ ۽ رهڻ لاءِ مانارو ڪيئن ٺاهي.ماناري ۾ رهڻ جو خاص اجتماعي طريقو ۽ راڻيءَ جي رهنمائي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ماکي کي گڏ ڪرڻ وغيره ماکيءَ جي مک کي اها سڀ سکيا سندس فطرت کان پيدائشي طرح مليل آهي.اهڙي طرح پکين کي به سندن گهرج مطابق سيکاريو ويو آهي ته اهي ڪيئن داڻي پاڻيءَ جي تلاش ڪن ۽ ٻلي ۽ شڪاريءَ کان ڪهڙي طرح ڀڄي وڃن ۽ جيڪڏهن سندن گهرج جي طلب ۾ ڪا رڪاوٽ آڏو اچي ته ان سان ڪيئن منهن ڏين .نر ۽ ماديءَ جو هڪ خاص طريقي تي آنن کي ڦوڙڻ ٻچن کي چڳائڻ آهي اهي سڀ ڳالهيون سندن فطرت کين سيکاريون آهن.اهڙي طرح هر قسم جي مخلوقات جون ڪي طبعي گهرجون هونديون آهن.جيڪي انهن جي نوعي طبيعت طرفان انهن جي فردن کي سمجهايل هونديون آهن (حجته الله البالغه ص 38)
اهڙي طرح انسان کي به سندس فطرت طرفان ان قسم جي تعليم ڏني وئي آهي ته هو دنيا جي مادي شين مان ڪهڙي طرح فائدو حاصل ڪري ۽ انهن کي پنهنجي ڪم ۾ لائي.ان کي شاهه ولي الله صاحب جي فلسفي ۾ ارتفاق چئبو آهي.
انسان جي نوعي صورت جڏهن ته ٻين جانورن کان مٿانهين آهي.انسان نفس ناطقه(علم جي صلاحيت رکندڙ نفس) جي نعمت سان نوازيل آهي.ان سان گڏ انسان ۾ زمين تي عدل ۽ انصاف واري نظام قائم ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ ان کي علم سان روشن ڪرڻ جي صلاحيت به منجهس آهي.انڪري انسان کي ٽي خاص گهرجون اهڙيون مليل آهن جيڪي ٻين حيوانن کي نه آهن.
1.انسان کي ظاهري ۽ باطني حواسن کانسواءِ ذهني طاقت به عطا ٿيل آهي.جنهن سان هو راءِ جي اظهار ۽ سوچ ويچار جي صلاحيت رکندو آهي.هو ظاهري شين کي ته معلوم ڪري سگهي ٿو.پر سوچ ويچار سان نا معلوم شين کي به ڄاڻي سگهي ٿو.مطلب ته انسان جي هيءَ خوبي آهي ته هو ڪنهن به شيءِ ڏي پنهنجو لاڙو يا توجهه پنهنجي ارادي سان ڪري سگهي ٿو.۽ ٻين حيوانن ۾ رڳو سندن طبيعت سان ڪنهن محسوس يا وهمي غرض مثال طور اڃ ،بک ، جنسي لاڙي وغيره ڏي شوق پيدا ٿيندو آهي.انسان ڪنهن معقول نفعي کي سامهون رکي اٿندو آهي.طبيعت خاموش هوندي آهي.مثلا گڏيل زندگيءَ(اجتناع) ۾ صالح نظام رائج ڪرڻ يااخلاقي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ يا آخرت جي عذاب کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ فڪر ڪرڻ وغيره
2.انسان جي ٻي هيءَ خوبي آهي ته اهو مادي شين مان نفعو حاصل ڪرڻ لاءِ لطافت ۽ شوق کان ڪم وٺندو آهي.مثال طور جانور ته رڳو هي چاهيندا آهن ته کين اها شيءِ ملي وڃي جنهن سان سندن ضرورت پوري ٿئي پر ماڻهو رڳو پنهنجي ضرورت جو خيال نه رکندو آهي پر سهڻائي ،سيبتائي ۽ سٺائيءَ جو طالبو رهندو آهي.مثلن هو هڪ تمام سهڻي عورت ،وڻندڙ لذيذ کاڌو سٺو عمدو لباس ،۽ بهترين گهر کي پسند ڪندو آهي.
3.ٽين هيءَ خاصيت آهي ته انسان ۾ ڪي ماڻهو وڏي عقل ۽ مٿانهين سمجهه وارا به هوندا آهن.جيڪي انسان ذات لاءِ نيون نيون ايجادون ڪندا رهندا آهن ۽ اها ڳالهه ٻين حيوانن ۾ نه آهي.
ان مان سمجهه ۾ آيو ته انسان ٻي مخلوق جي ابتڙ اهڙا ڪم ڪندو آهي جيڪي کيس نه ته ظاهري پنجن حواسن سان معلوم ٿين ٿا نه وري اهي شيون وهم ۽ خيال ۾ اچي سگهن ٿيون پر انهن شين کي رڳو انسان جو عقل ئي پسند ڪري ٿو.جيئن اخلاق کي سڌارڻ ،پنهنجي نفسياتي حالتن تي قابو پائڻ ۽ وڏيون وڏيون حڪومتون قائم ڪرڻ ۽ اهي سڀ ڳالهيون انساني فطرت جون تقاضائون آهن.جيڪڏهن ايئن هجي ها ته مخلوق جو ڪوبه قسم جيڪڏهن پنهنجين فطري گهرجن مطابق عمل ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته ان جي طبيعت درست رهندي آهي.