مذهب

سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جڏهن ته سنڌيڪار مولانا محمد قاسم سومرو آهي.
Title Cover of book سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

• سماج جي ٻي منزل

انساني اجتماع سماجي ارتقا ۽ اوسر جو پهريون ڏاڪو ٽپي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ رستو هموار ڪندي جڏهن اڳتي وڌندو آهي ته انساني اجتماع جي اها ٻي منزل سڏبي آهي ۽ ولي اللهي فلسفي ۾ انج نالو ”ارتفاق ٻيو“ آهي.
ان درجي ۾ انسان پنهنجي پهرئين درجي واري سادي سودي شڪل تي بس ڪري نٿو ويهي پر پنهنجن گهرجن پورين ڪرڻ لاءِ سٺن وسيلن جي ڳولاجاري رکي ٿو ۽ ان عرصي ۾ سندس تجربن ۽ فطري عملن ۾ برابر واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ اڳتي هلي سماج جي اجتماع جي ٻي منزل يا ٻيو درجو پيدا ٿيندو آهي.
ارتفاق ٻئين يا سماج کي ترقيءَ جر رستي تي هلائڻ لاءِ ڪهڙين شين جي ضرورت پوي ٿي؟ان جي پڌرائي لاءِ ضاهه صاحب جن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب حجته الله البالغه ۾ ٽي باب رکيا آهن.

1.فن آداب معاش(حياتي گذارڻ جو طريقو)
2.تدبير منزل(سماج ۾ اٿڻ ويهڻ جا طريقا)
3.اقتصاديات يا فن معاملات(واپار يا مالي وسيلا)

1.فن آداب معاش(حياتي گذارڻ جو طريقو)

ان فن مطابق زندگيءَ جا اهڙا اصول ۽ مناسب طريقا ٻڌايا ويندا آهن.جن جي رهبريءَ ۾ سماج جي پهرين ڏاڪي وارين زندگيءَ جي ضرورتن کي صحيح تجربن ۽ آزمودن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويندو آهي.۽ پوءِ انهن مان اهي ڳالهيون اختيار ڪيون وينديون آهن جن مان نفعو گهڻو ۽ نقصان ٿورو ٿئي ۽ اهي طريقا عام خيال ۽ طبيعت جي موافق هوندا آهن.مثلن کائڻ پيئڻ ،رهڻ سهڻ ،اوڇڻ اوڍڻ ۽ گذر سفر جا مناسب طريقا اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي پسند جو خيال رکڻ.اهي سڀ ڳالهيون رفاعيت ياخوش حاليءَ سان ئي حاصل ٿي سگهنديون آهن.پر شرط هي آهي ته ان ۾ حد کان وڌيڪ آرام طلبي ۽ پاڻ ۾ اختلاف جي صورت پيدا نه ٿئي.
2.تدبير منزل(سماج ۾ اٿڻ ويهڻ جي طريقا)
اهو حڪمت ۽ دانائي جو هڪ فن آهي جنهن سان ڄاڻبو آهي ته گهر ڀاتين جا پاڻ ۾ تعلق ۽ ضابطا ۽ لاڳاپن ۾ ارتفاق جي ترقيءَ يافته شڪل جي حفاظت جي ڪهڙي صورت هجڻ گهرجي.ان ۾ سهڻي تدبير ۽ ٻين جي مرضيءَ(ڪلي راءِ) جو خيال رکيو ويندو آهي.تدبير منزل جو بنيادي اصول هي آهي ته انسان کي پنهنجي نسل جي بقا لاءِ ٻارن ڄڻڻ جي ضرورت هئي.جنهن ڪري ضروري هيو زال مڙس ٻئي پاڻ ۾ سٺي تعلق ۽ وڻندڙ ماحول سان گڏ گذارن.جڏهن کين اولاد پيدا ٿيندو آهي ته طبعي طرح انهن جي دلين ۾ اولاد تي به ٻاجهه ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿي پوندو آهي ۽ ٻئي گڏجي اولاد جي پالنا ڪندا آهن.مرد ۽ عورت جو طبيعتون فطري طرح ڪجهه هڪ ٻئي کان جدا جدا خاصيتن واريون هونديون آهن.عورت کي گهرو ڪم کي سٺي نموني سان ڪرڻ جي ڄاڻ ۽ قابليت آهي ۽ مرد وري ڪجهه سخت محنت ۽ تڪليف وارا ڪم ڪري سگهندو آهي.انهن ٻنهي جو پنهنجي فطري گهرجن مطابق گهرو وهنوار هلائڻ.سٺي معيشيت جو بنياد آهي.۽ ان تعلق کي برقرار رکڻ لاءِ هي به ضروري آهي ته گهر جي ڀاتين ۾ برابريءَ جو احساس سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جي مرتبن ۽ درجن جي عزت ۽ احترام به صحيح طريقي سان موجود هجي.شاهه صاحب جن حجته الله البالغه ۾ ان تدبير منزل جي فن تي وڏو ڪشادو بحث ڪيو آهي وڌيڪ تفصيل ان ۾ ڏسڻ گهرجي.

3.اقتصاديات يا معاملات جو فن(واپار يا مالي وسيلا)
اجتماع جي ٻئي درجي جي هيءَ خاصيت هئي ته زندگيءَ جي ضرورتن کي سٺي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ان جي حاصل ٿيڻ کانپوءِ ئي سماج کي سٺو ۽ خوشحال چئي سگهجي ٿو.ان صورت ۾ سماج جي هر هڪ ماڻهوءَ جي مرضي هوندي آهي ته سندس حياتيءَ جي سڀني گهرجن جي پوري ڪرڻ ۾ سهڻائي ،سٺائي ۽ سيبتائي جو خيال رکيو وڃي.جڏهن ماڻهن جون ضرورتون وڌي ويون ۽ انهن جي سٺائي ۽ سهڻائيءَ جو خيال به آڏو آيو تڏهن اها ناممڪلن ڳالهه ٿي پئي ته ضرورت وارين شين کي اڪيلو ماڻهو پنهنجو پاڻ تيار ڪري.انڪري جدا جدا ماڻهو انساني گهرجن جي شين ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ ان ريت مختلف ڌنڌا پيدا ٿيا ۽ انلاءِ هي به ضروري ٿي پيو ته هڪ ٻئي سان ڏيتي ليتي وارو معاملو ڪري اجتماعي زندگي گذارين.
ڌنڌن جي ايترن قسمن سان هيئن ٿي پيو ته هر شخص ضرورت وارين شين امن ڪابه هڪ شيءِ ٺاهڻ لڳو.جڏهن ته جيئڻ لاءِ کيس ٻين به ڪيترين شين جي ضرورت هئي.انڪري سماج جي سڀني ماڻهن لاءِ سڀني ضروري شين مان فائدي وٺڻ جو سهڻو ۽ آسان طريقو اهو ئي هيو ته هڪ جنس کي ٻي جنس سان مٽا سٽا جو طريقو رواج ۾ آندو وڃي مثلن هڪ هاري ٻئي ڌنڌي واري کي اَنُ ڏيئي بدلي ۾ پنهنجي ضرورتن جون شيون وٺي.ڪنهن وقت تائين ماڻهن پاڻ ۾ ايئن مٽا سٽا سان گذر پئي ڪيو.پر ايئن ڪرڻ سان هڪ ته ٻنهي ڌرين کي ڪجهه ڏکيائي ٿيندي هئي ٻيو ته هيئن به ٿي پيو جو مثلن هڪ ماڻهوءَ وٽ اَنُ آهي پر کيس ڪپهه جي ضرورت پوي پئي ۽ ٻئي وٽ ڪپهه ناهي پر ان کي ان جي ضرورت نه آهي انوٽ اڳ ۾ ئي جام آهي.جڏهن ان قسم جون تڪليفون آڏو آيون تڏهن ان جو حل هي ڳوليو ويو ته سون ۽ چاندي کي مٽا سٽا جو ذريعو بنايو ويو.ان ڪري جو سون ۽ چاندي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ نهايت مناسب هئا.ڇو ته انهن جي هيڏي هوڏي آڻڻ نيڻ ۾ سهولت هئي ۽ انهن جي جزن ۾ڪنهن حد تائين هڪ جهڙائي به هئي.ڄڻ ته سون ۽ چاندي جي تخليق ان مقصد لاءِ ته انهن کي پئسن جي جاءِ تي ڪم آندو وڃي.ٻي ڪنهن شيءِ۾ هي خاصيتون ٻئي هڪ هنڌ ڪونه پئي لڌيون.
معاشري جي ان ٻئي ڏاڪي ۾ قديم زماني ۾ جيتوڻيڪ اصلي ڌنڌا ٿورا هئا پر جيئن ته انساني گهرجون وڌنڌيون پئي رهيون ته ڌنڌن ۽ ڪمائڻ جي مفهوم ۾ به ڪشادگي ٿيندي وئي.ماڻهن جي گهرجن جي پورائي جا طريقا به بدلجي ويا.انڪري هر اهڙي محنت کي ماڻهو ڌنڌو چوڻ لڳا جنهن سان ماڻهن جي اجتماعي زندگي گذارڻ ۾ آساني پيدا ٿئي.ان ڪري سماج جي هر هڪ ماڻهو جو فرض آهي ته ٻين ماڻهن کان جياپي جي ڊڪ ڊوڙ ۾ ڌار نه رهي پر پنهنجي ۽ ٻين جي ضروريات زندگي حاصل ڪرڻ جي محنت ۾ هڪجهڙو ڀاڱي ڀائيوار رهي.ان لاءِ مضبوط قسم جي تنظيم ۽ جوڙجڪ جي ضرورت آڏو آئي.جنهن سان سماج جو ٽيون درجو ٺهي ٿو.