ليکڪ پاران
سو ڳائڻ مهل پاڻ کي شمي ڪپور تصور ڪندا هئاسين ۽ دنيا جي هر ڇوڪريءَ کي وحيده رحمان، شرميلا ٽئگور ۽ وجنتي مالا سمجھندا هئاسين ـــ جيڪي هاڻ اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن. ڪي ته مري کپي به ويون.
بهرحال منهنجي هن پراڻي سفرنامي ۾ ڪي ڳالهيون ته ڀليون به لڳي رهيون آهن ۽ پڙهڻ سان اهو مزو اچي ٿو جيڪو سالن بعد پنهنجي ڊائري پڙهڻ سان. تنهن وقت جي دوستن ۾ ڏکين سکين ڏينهن جون ڳالهيون ويچاري عجيب خوشي محسوس ٿئي ٿي. ڪٿي ڪٿي ڳالهه کي ادبي، صحافتي ۽ افسانوي رنگ ڏيڻ لاءِ جيڪا ان وقت محنت ڪئي اٿم ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي داد ڏيان ٿو. بهرحال هن سفرنامي کي پڙهڻ مهل اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جي دنيا ۽ ليکڪ جي سوچ، رسم رواج ۽ Values جو ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي.
هر ڳائڻي، آرٽسٽ ۽ ڪلاڪار وانگر ليکڪ جي پيري پڻ اچي ٿي ۽ سندس ڪلا جو زوال پڻ. مونکي لڳاتار لکندي پنجٽيهه سال کن اچي ٿيا آهن ۽ هاڻ هروقت پنهنجو ليک / ڪالم اخبار ۾ ڏيندي پبلشر کان ورائي ورائي پڇندو آهيان ته دوستي ياريءَ کي پاسي تي رکي رڳو ان خيال کان ڇاپجو ته ڪو پڙهڻ چاهي ٿو يا نه. جيڪڏهن نه ته پوءِ ڪو ضروري ناهي ته منهنجو ڪو ليک يا ڪتاب ڇپيو.
ساڳيو سوال ڪجھه مهينا اڳ منهنجو نئون ڪتاب ’اي روڊ ٽُ مدينا‘ (سعودي عرب جوسفرنامو) ڇپجڻ تي مون فيروز ميمڻ (پبلشر) کان ڪيو.
”ماڻهو اڃا شوق سان تنهنجا سفرناما پڙهن پيا،“ هن وراڻيو، ”۽ نه فقط هي نئون سفرنامو پر ڪجھه پراڻن سفرنامن جي هڪ عدد وڌيڪ Edition ڪڍڻ چاهيان ٿو.“
”بهرحال تنهنجي مرضي. نفعي نقصان جو تون ئي مالڪ آهين.“ مون وراڻيو.
۽ انهن سفرنامن مان ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ پڻ آهي. جنهن جا پروف ڏسڻ جو ڪم هن منهنجي حوالي ڪيو آهي. انهيءَ بهاني مونکي پڻ پنهنجو ڪتاب هڪ دفعو وري پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. هي ڪتاب منهنجن پراڻن سفرنامن مان پهريون آهي، جنهن جو هي چوٿون ڇاپو هن سال 98 ــ 1997ع ۾ اچي رهيو آهي. هي ڪتاب يا سفرنامو دراصل خطن جي روپ ۾ آهي. پنهنجي شروع جي سامونڊي سفرن جو ڳالهيون ۽ تجربا جيڪي دوستن کي لکندو هوس. اهي عبرت اخبار ۾ ڇپرايا ويا ۽ مرحوم قاضي عبدالمجيد عابد صاحب (جنهنجو فرزند مرحوم اظهر عباسي ’گل‘ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ هو) مون کي اها صلاح ڏني ته ٻين کي خطن لکڻ بدران عبرت اخبار کي موڪليندو رهان. اهڙي طرح هر هڪ کي ڌار ڌار لکڻ کان بچي ويندس. ٽپال خرچ هڪ طرف بچندو ته وقت ٻئي طرف. ساڳي وقت نه فقط منهنجا دوست پر ٻيا پڻ منهنجي سفر جون ڳالهيون پڙهي سگهندا.
اهڙي طرح منهنجي شروع جي سفر جون ڳالهيون خطن جي روپ ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبيون رهيون. ان بعد انهن اخباري ليکن کي گڏ ڪري مرحوم طارق اشرف سهڻِي پبليڪيشن طرفان 70 ــ 1969ع ڌاري هي ڪتاب ڇپرايو جنهن تي ان ئي سال رائٽرز گلڊ طرفان انعام ملي. اهڙي طرح مون ۾ پنهنجن سفرن بابت لکڻ جو شوق وڌيو. ساڳي وقت مون لاءِ مجبوري به هئي. مجبوري اها ته ڊگھن سامونڊي سفرن ۾ جتي ڇهه ڇهه مهينا پڻ لڳي ويا ٿي، سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ مون لاءِ بهترين هابي هئي. اهڙي طرح منهنجي لکڻ جهڙي شوق جي همت افزائي ٿي.
هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل سفر جيڪي 1968ع واري سن جا آهن، جڏهن يوگوسلاويا ۾ گوشت ويهين روپئي سير هو جنهن لاءِ تعجب مان لکيو اٿم ته اتي تمام گھڻي مهنگائي آهي. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ شايد ستي اٺين روپئي سير هجي. بهرحال هاڻ ٽيهارو سال بعد اڄ دنيا جي گولي تي ڪيتريون ئي سياسي، معاشي، اخلاقي تبديليون اچي چڪيون آهن. بمبئي ممبئي ٿي ويو آهي، مئڊاگاسڪر ملاگاسي ٿي وري مئڊاگاسڪر ٿي ويو آهي. اڄ روس ۽ مارشل ٽيٽو جو يوگوسلاويا نه رهيو آهي. مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي چڪو آهي. ڊالر جي قيمت چئين روپئي مان چڙهي چاليهن روپين کان به مٿي وڃي بيٺي آهي. ان ڪري اڄ جي پڙهندڙن کي کپي ته پڙهڻ وقت اڄ جو دؤر نه پر اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ جو زمانو ڌيان ۾ رکي پڙهن جڏهن آءٌ چوونجاهه سالن جو نه پر چوويهن سالن جو هوس. سچ ته ان وقت جا لکيل منهنجا ئي هي خط ۽ انهن ۾ ڏنل تکا ۽ ترش ريمارڪ، پنهنجا ٿاڦيل رايا ۽ اوٽ پٽانگ جون ڪي ڪي ڳالهيون، اڄ پڙهي مون کي اجائي سجائي بڪ لڳي ٿي. حق تي انهن ڏينهن ۾ (جڏهن هي عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا) منهنجو والد ڪڏهن ڪڏهن مون تي ڪاوڙ ڪندو هوته انهن ۾ ڪهڙو ادب آهي ۽ ڪهڙو علم. پر آئون پنهنجي ۾ مگن رهندو هوس. جيڪي دلچسپ لڳو ٿي لکندو رهيس ۽ اڄ تائين لکندو اچان.
چوٿو (پاءُ) صديءَ کان مٿي جي زماني جا هي سفرناما اڄ جي ماڊرن دؤر ۾ (جڏهن T.V ۽ Travel جا انيڪ رسالا نڪرن ٿا) شايد دلچسپ نه لڳن پر ايترو ضرور آهي ته هي پراڻا سفرناما اڄ جي دؤر کي ڀيٽڻ لاءِ سٺي Comparative Study مهيا ڪري سگهن ٿا.
منهنجي هن سفرنامي (۽ هڪ ٻن ٻين ۾ به) ريڊيو اسٽيشن سلون جو ذڪر ٿيل آهي. 1970ع تائين اها ريڊيو اسٽيشن نه فقط ننڍي کنڊ (بنگلاديش، انڊيا ۽ پاڪستان) ۾ بيحد مقبول هئي پر ڏور اوڀر توڙي وچ اوڀر جي عرب ملڪن ۾ پڻ ــ جتي جتي اسان جا ماڻهو رهيا ٿي. انهن جي گھرن ۾ اها اسٽيشن گونجي ٿي. ان اسٽيشن تان ٽي ڪلاڪ کن صبح جو ۽ اهڙا ٽي چار ڪلاڪ شام جو هندستاني فلمن جا مشهور پراڻا ۽ نوان گانا، فلمي ڪهاڻيون، لطيفا، فرمائشي گانا، اشتهار ۽ ٻيا مزيدار پروگرام آيا ٿي ــ جن مان هڪ بناڪا گيت مالا به هو جنهن جا آڊيو ڪئسٽ اڄ به مشهور آهن. ريڊيو اسٽيشن جي ڪمائي اشتهارن مان ٿئي ٿي. خاص ڪري ائسپرو، ساريڊان، ڪئڊبري بورن ويٽا ۽ فلمن جون Ads گھڻيون هلنديون هيون. هي اهو زمانو هو جڏهن اڃا ٽي وي ايتري مشهور نه ٿي هئي پر ريڊيو اسٽيشن به تمام گھٽ هيون جن تي گانن جهڙا پروگرام اڃا به گھٽ آيا ٿي. F.M ريڊيو اسٽيشن جو ته نالو نشان به نه هو. پاڪستان ــ مغربي توڙي مشرقي (هاڻ بنگلاديش) ۾ ريڊيو اسٽيشن جي اڃا به اڻاٺ هئي. انڊيا ۾آل انڊيا ۽ آڪاش واڻي جهڙيون ريڊيو اسٽيشنيون مشهور هيون پر اهي ايترو طاقتور نه هجڻ ڪري فقط انڊيا ۾ يا پاڪستان جي ڪجھه حصن ۾ ٻڌيون ويون ٿي. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي اسٽيشنيون به اسان وٽ وڏي شوق سان ٻڌيون ويون ٿي پر ريڊيو سلون طاقتور هجڻ ڪري جتي ڪٿي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. روزانو صبح جو ساڍي ڇهين بجي ريڊيو سلون جو هندي (اڙدو) پروگرام شروع ٿيندو هو. پهريان پندرهن منٽ هندي فلمن جي گانن جو ڌنون بانسري، بئنجو، شرنائي، هارمونيم، گٽار يا ڪنهن ٻئي Musical Instrument تي ٻڌايون وينديون هيون ان بعد پندرهن منٽن لاءِ ڌرمي گانا يا ڀڄنون هلنديون هيون. ان بعد ستين کان ساڍي ستين تائين پراڻين فلمن جا گانا هلندا هئا ان بعد سوا اٺين تائين نين فلمن جا فرمائشي گانا ۽ ان بعد ٻيا پروگرام. ڏهاڙيءَ جي روٽين اهڙي ته ٻڌل هئي جو ماڻهو گھڙيال جا ڪانٽا ڏسڻ بدران ريڊيو سلون جي پروگرام مطابق تيار ٿي اسڪول ڪاليج يا آفيس ويندا هئا. پراڻين فلمن جا گانا ختم ٿيڻ معنى ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول ڏي نڪرڻ نه ته اسيمبلي کي دير ٿي ويندي.
آئون ڏهن سالن کن جو ۽ ڪلاس چوٿين ۾ هوس ته مون ريڊيو سلون ٻڌڻ شروع ڪيو. اهو 1954ع جو سال هو. اسان جي پاڙي جي هڪ گھر ۾ رهندڙ مائٽ فتح محمد شيخ جي گھر ريڊيو آيو هو جتي اسين ’بناڪا گيت مالا‘ باقاعدگيءَ سان ٻڌندا هئاسين. سال ٻن بعد اسان جي گھر به ريڊيو آيو ۽ سلون جا ٻيا پروگرام به ٻڌڻ جو موقعو مليو. انهن ڏينهن ۾ ٽي وي، وي سي آر يا ٻي ڪا وندر نه هئي. ڳوٺ ۾ ته نه سئنيما هال هئا ۽ نه پارڪ ۽ نه Playing گرائونڊ. ريڊيو هڪ اهم وندر هئي جنهن تي خبرن لاءِ BBC ۽ گانن لاءِ ريڊيو سلون جي اسٽيشن مشهور هئي. نه رڳو اسان جي ڳوٺ ۾ پر پوءِ ڪجھه سالن بعد ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته اتي به مڙني ڪئڊٽن جي دلپسند ريڊيو اسٽيشن سلون هوندي هئي. خاص ڪري آچر جو ڏينهن ريڊيو اڳيان گذرندو هو. دل چوندي هئي ته ڪاش پنهنجي ڪمري ۾ ريڊيو هجي ته هاسٽل جي ريڊيو روم جي مقرر وقتن کان علاوه به ٻڌجي. تن ڏينهن ۾ ٽرانسسٽر ريڊيو اڃا نه ايترو عام ٿيو هو ۽ نه وري ڪوسستو هو. منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ، ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي جي اختر عباسي کي ريڊيو سلون ٻڌڻ جو شوق مونکان به گھڻو هو ۽ جڏهن سندس والده (ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي) پيٽارو ايندي هئي ته هو هميشه ريڊيو جي فرمائش ڪندو هو ۽ موٽ ۾ هوءَ کيس اڃا وڌيڪ پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ جون نصيحتون ڪري هلي ويندي هئي. ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي سنڌ جي انهن محنتي ۽ ذهين عورتن مان آهي جن امتحانن ۾ هميشه پوزيشن کنئي. پاڻ انٽر بعد پڙهڻ ڇڏي ڪجھه سال هائوس وائيف ٿي رهي پر پوءِ حاجي منور ۽ اختر جي ڄمڻ بعد وري تعليم جاري رکيائين ۽ نه فقط ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري ڪيائين پر هر وقت اعزازي نمبر کنيائين. ساڳئي ريت سندس فرزند ۽ اسان جو ڪلاس ميٽ اختر علي عباسي انٽر سائنس ۾ سڄي بورڊ (يعني سنڌ) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. کيس سندس والده ريڊيو وٺي ڏنو هو پر ڪئڊٽ ڪاليج جي آخري سال ۾ ۽ ان شرط تي ته هوم ورڪ ڪرڻ بعد ڪلاڪ سوا کان مٿي ٻڌڻو ناهي. ڊاڪٽر صاحبه پاڻ پيٽارو کان پري لاڙڪاڻي هلي وئي پر سندس فرمانبردار پٽ اختر ساڻس ڪيل واعدي تي آخري ڏينهن تائين قائم رهيو. اسان دوستن جي زور ڀرڻ تي به مقرر وقت کان وڌيڪ ريڊيونه هلائيندو هو. بهرحال اسان لاءِ اهو ڪلاڪ سوا اختر جي ڪمري ۾ ريڊيو ـــ خاص ڪري سلون اسٽيشن ٻڌڻ وڏي عياشي هو.
مٿئين ڳالهه اختر ۽ سندس والده جي حوالي سان مون هروڀرو ان ڪري به هتي لکي آهي جيئين اڄ جي شاگرد ۽ والدين کي احساس ٿئي ته جيڪو به محنت ڪري ٿو اهو اڄ به اوچو مقام حاصل ڪري ٿو. هي جيڪي امتحانن ۾ مٿانهان نمبر Positions کڻن ٿا سي فقط ڳچيءَ ۾ تعويذ ٻڌڻ سان نه ٿا حاصل ڪن پر ان لاءِ محنت ڪن ٿا. پوءِ چاهي اهو غريب جو ٻار هجي يا امير جو. اختر وڏي ۽ امير گھر جو ٻار هو. چاهي ها ته پڙهڻ بدران آرام ۾ وقت گذاري ها پر هن ۽ هن جي مائٽن پڙهائي ۽ محنت کي ترجيح ڏني. نمبر کڻڻ لاءِ هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ رهي ڪري اڃا به وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي جو اتي جي شاگرد کي ڪتابن کان علاوه پي ٽي، پريڊ ۽ راندين کي به وقت ڏيڻو پوي ٿو.
بهرحال ريڊيو سلون نه فقط پيٽارو تائين مون جهڙن لاءِ وندر ۽ Inspiration هو پر ان بعد چٽگانگ ۾ پڻ جتي انٽر بعد مئرين انجنيئرنگ لاءِ رهيو هوس. چٽگانگ جيتوڻيڪ بنگال صوبي ۾ آهي جتي جو عوام بنگالي ڳالهائي ٿو ۽ اڙدو يا هنديءَ کان ڪو ورلي واقف آهي پر تڏهن به مون ڏٺو ته مئرين اڪيڊمي جي Ante Room ۾ سلون سڀني جي دلچپسند اسٽيشن هئي.
تعليم بعد جهاز تي هر سمنڊ ۽ بندرگاهه ۾ پهرين ڪوشش ريڊيو سلون جھپڻ جي هوندي هئي. اوڀر ۾ ملائشيا سنگاپور تائين ۽ اتر اولهه ۾ ترڪي رومانيا بلغاريا تائين ريڊيو سلون جي انائونسر امين سياني ۽ منوهر جو آواز ۽ فلمي گانا ٻڌي گدگد ٿيندا هئاسين.
پوءِ هڪ اهڙو وقت آيو جو يڪا ڪيترائي سال يورپ جي ڏورانهن ملڪن، (ناروي، ڊئنمارڪ، پولنڊ) USA يا وري جپان ۽ ڪوريا ڏي رهڻ ٿيو جتي ريڊيو سلون جي ٻڌڻ جو موقعو نه مليو. ان بعد جڏهن پاڪستان ۽ سلون جي اوس پاس وارن ملڪن ۾ اچڻ ٿيو ته خبر پئي ته سريلنڪا حڪومت پنهنجي نئين پاليسي موجب ريڊيو سلون تان هندي پروگرام بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ فقط سندن قومي زبان سنهالي هلي ٿي.
بهرحال ڪجھه ڪجھه افسوس به ٿيو پر ساڳئي وقت ان جي کوٽ سائنس جي نين ايجادن، ٽيپ رڪارڊرن، ٽي وي، وي سي آر ۽ ڊش پوري ڪري ڇڏي. هونءَ انتظار ڪبو هو ته ڪنهن وقت ريڊيو سلون تان گانا اچن ٿا. هاڻ جنهن وقت دل چاهي ته ٽيپ رڪارڊر تي پنهنجي پسند جا گانا ٻڌي سگھجن ٿا. هڪ ڳالهه ضرور آهي ته وندر جي دنيا ۾، ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي دلين تي جتي لتا، دليپ، سهگل، نورجهان، چندر جهڙن ماڻهن راڄ ڪيو اتي ريڊيو اسٽيشن سلون جي پڻ وڏي اهميت آهي.
مون ڏي ڪيترائي پڙهندڙ خط لکن ٿا. انهن جي وڏي مهرباني. انهن خطن مان مون تائين ڪجھه پهچن ٿا ڪجھه غلط يا پراڻي ائڊريس ڪري دربدر ٿيو وڃن. ايندڙ خطن جي موٽ ۾ ڪوشش ڪري هڪ دفعو ضرور جواب ڏيان ٿو. پوءِ ٻه سٽون ئي سهي. انهن خطن ۾ ڪن سوالن جا جواب (سربسته جواب) لکڻ مون لاءِ توڙي ٻي ڪنهن لاءِ ناممڪن ڳالهه آهي. انهن مان هڪ ته اهو عام پڇيو وڃي ٿو ته نيوي يا مرچنٽ نيوي جي چونڊ ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿئي ٿي ۽ ٻيو منهنجي ڪتابن بابت.
اڄ کان پنجٽيهه سال اڳ 1962 ۾، جڏهن آئون انٽر سائنس (مئٿس) جو شاگرد هوس ته دستور موجب روز جي اخبار پڙهندي مئرين اڪيڊمي ۽ نيول اڪيڊمي جي چونڊ جو اشتهار پڙهي Apply ڪيو هوم. اڄ به اهي نيويءَ جي چُونڊ جا اشتهار توڙي آرمي، ايئرفورس ۽ ٻين هنڌن جي چونڊ جا اعلان، هر سال باقاعدگيءَ سان ملڪ جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ۽ گلگت سبيءَ کان ٽنڊو قيصر ۽ خيرپور ناٿن شاهه جا شاگرد Apply ڪندا رهن ٿا. پر مٿيون سوال پڇندڙ لڳي ٿو ته اخبار به نه ٿا پڙهن. ۽ جيڪو شاگرد اخبار نه ٿو پڙهي ان جي عام معلومات ڇا هوندي جو اهڙن مقابلن جي امتحانن ۾ حصو وٺي سگھن. ان ڪري منهنجي شاگردن توڙي والدين کي گذارش آهي ته هو اخبار پڙهن ۽ جي اٺين کان وٺي نه ته مئٽرڪ ڪرڻ بعد اولاد جي اڳتي جو سوچڻ گھرجي ته هنن کي انٽر ۾ پهچي ڪهڙن ڪهڙن هنڌن لاءِ Apply ڪرڻ کپي. ڪيترا شاگرد ته اهڙا به آهن جي انٽر ڪرڻ بعد سال ٻه رکي پوءِ نيوي، آرمي ۽ ايئرفورس جهڙين Careers جو سوچيندا آهن ۽ پوءِ کين ڄاڻ پوندي آهي ته انٽر بعد وڌ ۾ وڌ هڪ سال تائين هنن کي Chance هئي جيڪا هو وڃائي ويٺا هاڻ Overage ٿي چڪا آهن.
ڪجھه خطن ۾ مونکان منهنجي ڪتابن بابت پڇيو وڃي ٿو ته فلاڻو يا فلاڻو ڪتاب ڪٿان ملي سگھندو. آئون جيڪي لکان ٿو اهو اخبار ۾ ڏيان ٿو جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو پڙهي سگهن ـــ جيڪا هر ليکڪ جي خواهش ٿئي ٿي. انهن اخباري مضمونن / ڪالمن جو مجموعو پوءِ ڪتاب جا پبلشر ڇپين ٿا. سو منهنجي ڪتابن بابت انهن کي ئي ڄاڻي رهي ٿي.
الطاف شيخ
11 سيپٽمبر 1997ع
Altafshaikh2005@gmail.com