ورنا ــــ بلغاريا
ڪي ڪي اهڙيون به شيون هونديون آهن جن جي اصليت جي خبر تصويرن يا ٻڌڻ سان معلوم ٿي نه سگھندي آهي. تاج محل ڏسڻ کان اڳ، تاج محل جا فوٽا ۽ ننڍا سنگ مرمر جا ماڊل ڏسي تعجب لڳندو هو ته اهو ايترو ته سهڻو ناهي، جو ماڻهو تعريفون ڪن ٿا. پر ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن کي واقعي دنيا جي عظيم عجائبن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ساڳيءَ طرح برفباري جو نظارو به ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن بارش سان گڏ ڳڙا پوندا آهن اها برف باري ناهي. هتي برف ڳڙن جي صورت ۾ نه وسندي آهي. برف جي تمام سنهي ڪاتر، پائوڊر جهڙي نرم ۽ هلڪي، هوا جي لهرن تي آهستي آهستي لڳاتار مٿان ترندي هيٺ ڪرندي آهي ۽ جتي به ڪرندي آهي اتي گڏ ٿيندي رهي ٿي. زمين تي، وڻن مٿان، گھرن مٿان، موٽر لارين مٿان، هر شيءِ تي تهه ان پائوڊر جا چڙهندا ويندا آهن. ان مٿان پير رکڻ سان ڄڻ ڪپهه تي پير پيو. رستن ۽ فوٽ پاٿن تي ان برف Snow مٿان هلڻ ڪري اها دٻجي سخت ٿيندي وڃي ٿي. (جيئن برف جا ڳنڍا وڪڻن وارو برف جي سنهي ڪاتر ڪري ڪاٺ جي تيلين جي چؤگرد زور سان ڀڪوڙيندو آهي ته ڪاٺيءَ کي چهٽِي ويندي آهي. هيءَ ڪاتر ته ان کان به تمام سنهي ٿئي ٿي.) ۽ سيمنٽ وانگر رستن تي چهٽي وڃي ٿي ۽ سخت برف Ice جا اسان وٽ تيار ڪري وڪي ويندي آهي، جهڙي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي ۽ پوءِ بلڪل شفاف نظر ايندي آهي. (ڪاتر Snow جو رنگ اڇو کير جهڙو ٿيندو آهي ۽ ڪابه هيٺيان پيل شيءِ نظر نه ايندي آهي.) پر اها ڪاتر Snow هڪ دفعو ڄمي برف Ice ٿي وئي ته پوءِ ان جي هيٺيان هر شيءِ نظر ايندي. ايتري قدر جو اهو به نظر ايندو ته ان برف جي هيٺان رستو ڪچو آهي يا پڪو يا سرُن جو. توهان شايد اهو سوچيو ته اها برف ڳري ڇو نه ٿي۽ جيئن ئي آسمان تان ڪرندي وڃي ته ڳري پاڻيءَ جي صورت اختيار ڇو نه ٿي ڪري؟ اهو ان ڪري جو هوا ڪاٽو 4 Degree C کان به گھڻي ٿڌي آهي. ايتري قدر جو دستانن مان هٿ ڪڍڻ سان برف کان وڌيڪ ٿڌا لڳن ٿا. بلڪ برف هٿ ۾ کڻڻ سان هوا جي مقابلي ۾ گرم لڳندي، ڇو جو برف ڪاٽو چار کان وڌيڪ ٿڌي ٿي نه ٿي سگھي. پر هوا ته ڪاٽو ويهه ڊگرين تائين به ٿڌي ٿي سگھي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي جيت، چچيون، سانڊا، نوريئڙا وغيره سرد هوا کان بچڻ لاءِ برف هيٺان لڪي ويهندا. ڇو جو ٻاهر جي سرد هوا کان پوءِ به برف جي سردي گھٽ آهي. اتر ۽ ڏکڻ قطبن ۾ جتي سال جا ڇهه مهينا رات ۽ سخت سردي ٿئي، اتي ته گھرن جي چؤڌاري برف جون ڀتيون ڏئي ڇڏيندا آهن، جيئن گھر ٻاهر جي تيز ٿڌ کان محفوظ رهي.
شام جي وقت چؤڌاري ڏسبو ته ٻار برف سان راند کيڏندا رهندا. برف جي ٻوري کي هٿ سان دٻائي ان مان مختلف قسمن جا بت (Snow Man) ٺاهيندا. هر شيءِ مٿان برف ڪرڻ ڪري اها اڇي کير جهڙي نظر اچي ٿي. هتي وڻ ته گھڻا ئي آهن پر سخت سيءَ ڪري منجھن هڪ پن به نظر نٿو اچي. ٺَلهيون ٽاريون ئي ٽاريون. انهن مٿان به برف وسڻ ڪري مٿيون اڌ اڇو نظر ايندو.
برفباري ٽي ڏينهن هلي ان بعد بند ٿي وئي ۽ موسم صاف ٿيڻ لڳي. جيڪا برف ڪري هئي ان تي هلچل ڪري اها ڄمي، سنهي ٻوري مان ڦري سخت پٿر جهڙي ٿي وئي. چؤڌاري رستن تي ڄڻ شيشا وڇائجي ويا. برف جي جڏهن اها حالت ٿيندي آهي ته پوءِ تڪليف ده ثابت ٿيندي آهي. هلڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. جتي ڪٿي ترڪڻ لڳي ويندي آهي. جيسين موسم بلڪل صاف ٿئي ۽ سج جي تپش ۾ برف آهستي آهستي سڀ ڳري پاڻي ٿي وهي وڃي. پاڻ وٽ ته بارش ڪري ڪٿي ڪٿي گپ ۽ چڪڻ ٿيندي آهي ته ماڻهو ان کان پاسو ڪري سُڪيءَ تان لنگھي ويندو آهي پر هتي ڪيڏانهن وڃي. جتي ڪٿي برف ئي برف. ڪي ڪي دڪانن ۽ گھرن وارا ڪوڏرن ۽ ٽيڪمن سان اڳيان برف جا چاپوڙا کوٽي صفائي ڪري ڇڏيندا آهن. جن کي ڀنگي ٽرڪن ۾ ڍوئي شهر کان ٻاهر وڃي ڇڏيندا آهن. پر ڪوڏر سان ڪيتري صفائي ٿي سگھندي ۽ ڪيترا ڏينهن ماڻهو ڪري سگھندا. هڪ ڏينهن صفائي ڪر ته وري ٻئي ڏينهن ٻي برف گڏ ٿيو وڃي. اسان وٽ ته بارش پوي ٿي ته ڪلاڪ ٻن بعد سڀ پاڻي وهيو وڃي. (ڪراچيءَ جي ميڪلوروڊ، حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۽ هالا جي شاهي بازار جي ٻي ڳالهه آهي.)
هن شهر ورنا جي وچ ۾ هڪ وڏي بلڊنگ جا بنياد کوٽجي رهيا آهن. روز صبح جو مزور پهرين ڪلاڪ ٻه ته انهن بنيادن مان راتوڪي وسيل برف کوٽي ڪڍندا آهن ۽ پوءِ وڌيڪ کوٽائي شروع ڪندا آهن. هڪ همراهه ڪافي ڏينهن بعد گھر کوليو ته اڱڻ تي برف جي ٻوري جا چيلهه تائين دڙا لڳي ويا هئا ۽ اڱڻ ۾ رکيل هر شيءِ ان هيٺ ڍڪجي وئي هئي ۽ ڳولڻو ٿي پيو. ذرا سوچيو ساڳي برف ڪيتري نه تڪليف ده ثابت ٿئي ٿي. جيڪا وسڻ مهل خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي. برفباري جيئن ئي بند ٿي ۽ وسيل برف ڄمي سخت ٿي ته شهر ۾ ترڪڻ شروع ٿي وئي. وک وک سنڀالي کڻڻي پئي ٿي. هتي جا ته ننڍا وڏا ان ترڪڻ مٿان هلڻ جا هوشيار آهن. خبر ناهي ته ڪيئن پير کُپائي، ٿورو اڳيان جھُڪي، تکو تکو هلن ٿا. اسان مان ته ڪو شايد بچيل هجي جنهن وچ شهر ۾ روز ٽي چار ڌِڪا نه کاڌا هجن.
پهرين ڏينهن جڏهن کان ترڪڻ شروع ٿي اتفاق سان بچي ويس، پر ان کان پوءِ منهنجو اسڪور سڀني کان مٿي رهيو. خاص ڪري شهر جي چاڙهيءَ وارو ڌڪو ڪڏهن به وساري نه سگھندس. هلندي هلندي ٻئي پير هوا اڳيان مٿي هليا ويا ۽ سڄو پٺيءَ ڀر وڃي ڦهڪو ڪيو هوم. منهنجا ته هوش حواس خطا ٿي ويا. چاڙهي تان ڪري هيٺ رفتار سان ترڪندو ويس. پيرن جون کڙيون بريڪ هڻڻ لاءِ رستي تي هنيم پر برف اهڙي ته سخت ٿي چڪي هئي جو اندر کپن ئي نه. ههڙي ڌنڌ ۾ اکيون بند هوندي به تارا نظر اچي ويا. فلمن ۾ ڏسبو آهي ته هڪ گھڙيءَ ۾ ائڪسيڊنٽ ٿيندو آهي ته ٻي گھڙي ۾ جڏهن همراهه کي هوش ايندو آهي ته اسپتال ۾ هوندو آهي سو مون کي به اکيون کوليندي ڊپ پئي ٿيو ته ڪٿي L.M.C جي آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ ته نه پهچي ويو آهيان. (جنهن وارڊ کي اسان جي جهاز جو ڊاڪٽر ’واڍي جي دڪان جي شاخ‘ سڏيندو هو.) آخر محسوس ڪيم ته ڪو ٻنهي هٿن سان مون کي ڇڪي رهيو آهي. اکيون کولي پڪ ڪرڻ لڳس ته سرجن انصاري ته نه آهي يا شاهنواز شاهه، اسلم گھلو، شريف اڍيجو جهڙا پهلوان پهلوان آرٿوپيڊڪ وارڊ جا هائوس جاب ڪندڙ ته نه بيٺا آهن، پر ڪير به نه هو ـــ بلغاريا جي ورنا شهر جي چمڪندڙ گھٽي ۽ بلغاري ماڻهو ئي هئا. اٿارڻ واري کلي چيو، ”دوبري سوونيئر ڊي بلغاريا“ (اها بلغاريا جي بهترين سوکڙي رهندي.)
اڄ ان کي ڏهه ڏينهن کن اچي ٿيا آهن، پر اڃا اٿندي ويهندي جڏهن ساڄي ٽنگ جي گوڏي ۾، پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ۽ ساڄي پاسيرين ۾ سور محسوس ڪريان ٿو ته لڳيم ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ اڃا به مهينو کن ته بلغاريا جي اها ياد وساري نه سگھندس ــ اڃا ته شڪر آهي جو ڌڪي کائڻ وقت گرم ڪپڙن جا تهه چڙهيل هئا نه ته اهڙو ڌڪو فقط قميص پتلون ۾ اچي ها ته اسپتال جي بستري تي ته هجان ها، پر ٻئي ٽنگون ٻانهون ڪٽ پتلين جي ٽنگن ٻانهن وانگر مٿي رسين ذريعي ٻڌل هجان هاــ پر مٿئين کي شايد مون کي رسين بغير هلائڻ منظور هو. هاڻ ته سائين ڪمري ۾ غاليچي مٿان هلندي به ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي پير نه ترڪي وڃي. سو اهي اٿَئي تازيون خبرون.
هتي جي زبان ڏاڍي ڏکي آهي. پاڻ کي ته صفا سمجھه ۾ نٿي اچي. نڪي ڀانءِ ٿي پوي ۽ نه وري ياد ٿي ٿئي. بلغاري زبان ۾ ’د‘،’گ‘، ’غ‘ ۽ ’ب‘ جهڙن غير رومانٽڪ ۽ کهرن اکرن جو استعمال ڏاڍو آهي. بلغاري زبان کان علاوه ڌارين زبانن ۾ فرينچ ۽ جرمن ٿوري ٿوري ڳالهائي وڃي ٿي. رومانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ته اشارن سان به ڪم هليو ٿي ۽ ماڻهو سمجھي ويا ٿي، پر هتي جي ماڻهن کي بقول اسان جي دوست جي عقل به ٿورو ٿورو گھٽ آهي جو اشارا به نٿا سمجهن. خط ۽ لفافو ڏيکاري پيا پڇون ته پوسٽ آفيس ڪٿي آهي ته به وائڙن وانگر الائجي ڇا جو ڇا پيا چون. سنئون سڌو اشاري جو جواب اشاري ۾ نٿا ڏين ته هي رستو يا هو رستو پوسٽ آفيس لاءِ وٺو. آخر مس مس هڪ همراهه مليو جنهن کي ٿوري ٿوري انگريزي آئي ٿي. تنهن هڪ ڊگھو لفظ ٻڌايو ته پوسٽ آفيس کي بلغاري زبان ۾ ان لفظ سان سڏين ٿا ۽ اڳتي وڃي ٻي موڙ تان پڇائجو. دوست کي چيم، لفط ته تمام وڏو آهي. هينئن ڪر جو Post لفظ جي معنى تون ياد ڪر ۽ Office جي آءٌ ٿو ڪريان. اڳتي وڌي ٻي رستي جي موڙ وٽ پهتاسين ۽ پڇڻ وارا هئاسين ته دوست چيو ته مونکان ته ’پوسٽ‘ لفظ جي معنى وسري وئي. صرف ’آفيس‘ لفظ مان ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي آفيس جو ٿا پڇايون. ٻن ٽن کان پڇيوسين ته اشارا ڪرڻ لڳا ته ڪهڙي آفيس....؟ (نور احمد نظاماڻيءَ يا حاجي منور علي عباسي جي زمينن جو ڪمدار ڪڙو نه گڏيوسين ته آڦيس پڇڻ تي سڌو تپيدار جي آفيس اڳيان اچي بيهاري ها.)
ورنا (بلغاريا) جو شپ يارڊ تمام مشهور آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جهاز ٺهن ٿا. ان کان علاوه هتي ڪيترائي ٽيڪنيڪل ڪاليج آهن ۽ مشينري جا ڪارخانا آهن. روس وانگر هتي جو به بئلي ڊانس مشهور آهي. هتي بلغاريا جي ماڻهن جي هڪ عادت تمام عجيب آهي. اسان وٽ ’هائوڪار‘ ڪندي ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڌوڻيو ويندو آهي ۽ گھڻي ڀاڱي هر ملڪ ۾ اهو عالمي اشارو آهي، پر هتي ’هائوڪار‘ ڪندي وقت ڪنڌ کي ساڄي کاٻي ڌوڻين ٿا، جيڪو اشارو اسان وٽ انڪار ڪرڻ وقت استعمال ڪيو وڃي ٿو. پهرين ڏينهن باربار پڪ ڪرڻ وقت پڇڻو ٿي پيو ته ’ها‘ يا ’نه’. ڇو ته وات سان ته ’ها‘ پيا چون پر ڪنڌ جي اشآري سان ’نه‘ پيا ڪن.
ٽيو ڏينهن هتي جي حڪومت طرفان ’سي مين ڪلب‘ ۾ هڪ خاص ثقافتي ۽ مليل جليل پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ فقط دنيا جي Sailors کي مدعو ڪيو ويو. اسان به وياسين. سڀ الڳ الڳ ملڪن جا ميڙ ٺاهي ويٺا رهياسين. رات جو يارهين لڳي تائين مختلف قسمن جا ناچ Floor-Dances ٿيندا رهيا. ان بعد مختلف رانديون هليون. ڪلب ۾ اچڻ وقت، جنهن ڪليءَ ۾ مون ڪوٽ ٿي ٽنگيو ان جي ڀرسان روسي جهاز جا سيلر ويٺا هئا. مون کي ڀرسان ويهڻ لاءِ چيائون. پڇيومان، ”يوناني آهيو؟“ (جو کين يونانين جهڙيون ڏاڙهيون ۽ لباس هو.) کلي وراڻيائون ته، ”رسڪي“ Russians آهيون ۽ مون کان پڇيائون ته آيا آءٌ گھانا جو آهيان. ٻڌايومانِ ته پاڪستاني آهيان. پاڪستان جو نالو ٻڌي ٻين به ڪن کڙا ڪيا ۽ مون کان روسي زبان ۾ ڪجھه پڇڻ لڳا. چيومان ته انگريزي ئي هلي سگھندي. تنهن تي هڪ ويو ۽ انگريزي ڄاڻندڙ روسيءَ کي وٺي آيو، جنهن جيڪي مون ڳالهايو ٿي سو کين روسي زبان ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ٿي. ڪيترو وقت ڳالهيون ڪندا رهياسين. اهي عام ڳالهيون جي هڪ جهاز وارا ٻئي جهاز وارن کي ملندا آهن ته ڪندا آهن: جهاز ڪڏهن هتي آيو، ڪيترن ڏينهن لاءِ هتي آهيو، ڇا رفتار اٿس، ڪهڙي انجڻ اٿس، ڪهڙن ملڪن مان پيا اچو وغيره. ها، انڊو پاڪ جي سيپٽمبر واري جنگ بابت پڇيائون ته تاشقند معاهدي بعد وري جنگ ته نه ٿي آهي. وغيره وغيره. اسان ڳالهين ۾ايترو ته محو ٿي وياسين جو اسان جي ميڙ مان هڪ به ڊانس يا راندين ۾ حصو وٺڻ لاءِ نه اٿيو.
اسان هر نئين ملڪ ۾ اچڻ لاءِ به تڪڙا هوندا آهيون ته وڃڻ لاءِ پڻ. ڪو هفتو مس گذرندو آهي ته هر هڪ ٿڪجي پوندو آهي ۽ اهو ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ پهچڻ لاءِ واجھائيندو آهي ته ان ڏي جلدي هلجي. ڪالهه جڏهن ڪنهن ٻئي گھمڻ لاءِ ساٿ نه ڏنو ته اڪيلو نڪري پيس ۽ اهو ارادو ڪيم ته هتي جي ڇپائي ۽ ڪتابن جي سلسلي ۾ لئبريري يا دڪان گھمي ڏسجن. پنهنجي ملڪ ۾ ڪن ڪن ادارن ۽ اشاعت گھرن اڄڪلهه ڪتابن جي ٻاهرين سونهن ڏي به چڱو ڌيان ڏنو آهي. ڪتاب جو ٻاهريون ڏيک، عمدو ڪاغذ، سهڻي ۽ صاف ڇپائي ڪتاب جو شان وڌائي ٿي.
اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ٿيندڙ ادبي نمائشن ۾ اسان جي ملڪ جا ڪتاب پڻ رکيا وڃن ٿا. هتي جي هڪ وڏي دڪان تي چڙهي پيس. چؤڌاري فقط بلغاري زبان ۾ لکيل ڪتاب رکيا هئا، جن ڏي اشارو ڪري سيلز گرل ٻڌايو ته فقط هي آهن. آءٌ ڪتاب ڏسي رهيو هوس ۽ ٻيا آيل گراهڪ ۽ دڪاندار مون کي ڏسي سُسُ پُسُ ڪري رهيا هئا. سمجھي ويس ته هي معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته آءٌ ڪهڙي ملڪ سان تعلق رکان ٿو، پر آءٌ ڄاڻي ٻُجھي، نڪ جو پڪو ٿي ماٺ ۾ ڪتاب ڏسڻ لڳس. انگريزي ڪتابن جي ڀرسان هڪ ڪتاب رکيو هو جنهنجو انگريزي لکت ۾ نالو نظام حڪمت (Nizam-Hikmat) لکيل هو. ڪتاب جو نالو وٺي دڪاندار کي ڏيکارڻ لاءِ چيم. نالو ٻڌي سڀ وائڙا ٿي ويا ته ترڪي ڪتاب سان منهنجو ڪهڙو واسطو. دڪاندار ڪتاب ڏئي چيو: ”انگريزي نه پر ترڪي آهي.“ (اڄڪلهه ترڪي رسم الخط عربي انداز مان ڦيرائي انگريزي ۾ ڪئي اٿن. سو اهو ڪتاب ترڪي زبان جو هو پر لکت رومن هئي.) هڪ همراهه پنهنجي عمر جو ڏٺم ته ڳالهائڻ لاءِ بيچين هو، تنهن آخر مون کان پڇيو ته آءٌ استنبول (ترڪي) کان ته نه آيو آهيان. پاڻ ٽٽل ڦٽل بلغاري ۽ انگريزي زبان ۾ ٻڌايائين: ”مسلمان آهيان. نالو عبدالقادر سليمان اٿم.“ پاڻ جيڪي ڪتاب خريد ڪيا هئائين انهن جي نالن جا ڪجھه لفظ ’طب‘، ’حڪمت‘، ’ابوسينا‘ پڙهي اندازو لڳايم ته پڪ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي، پر پوءِ معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر ٿي چڪو آهي ۽ ورنا ميڊيڪل ڪاليج جو گريجوئيٽ آهي. خوشي ته مون کي به ساڻس ملي ٿي، پر کيس هيڪاندي ٿي. مونکي اصل نه ڇڏي. زبردستي هوٽل تي وٺي هلي ڪافي پياريائين. هڪ ٻئي کان ائڊريسون ورتيونسين ته خط لکنداسين. زور ڪيائين ته سندس گھر، ڀر واري ڳوٺ ۾ هلان. آخر سمجھايومانس ته اسان جو جهاز سڀاڻي استنبول (ترڪي) لاءِ لنگر کڻي رهيو آهي. دير ٿي ويندي. آخر وعدو ڪيومانس ته ٻئي دفعي جڏهن به بلغاريا آيس ته تو وٽ ضرور مهمان ٿي اچي رهندس.
سندس هر ادا ۾ اها ئي سادگي ۽ نئڙت هئي جا اسان جي ڳوٺاڻن ۾ هوندي آهي. کيس ٻن ٽن گھرن ۾ مريض ڏسڻا هئا، مون کي ساڻ وٺي هليو. آخري گھر جي سامهون سئنيما هئي جنهن ۾ انگريزي فلم ’ڪلوپيٽرا‘ هئي پر بلغاري زبان ۾ ڊب ٿيل هئي. چيائين ته هل ته فلم ڏسون. چيومانس ته اها فلم ڪيترائي دفعا ڏٺل آهي، اجايو بور ٿينداسين. هتي ڪا ويجھي مسجد هجي ته اها ڏيکار. دراصل مون هتي جي مسجدن جي Architect (عمارت سازيءَ جو ڪم) ڏسڻ چاهيو ٿي ۽ ان سان گڏو گڏ هتي جي ماڻهن جو مذهب ڏي لاڙو پڻ. منهنجي دوست پهريائين ته ٿورو نٽايو ۽ اندازو لڳايم ته ڪن سببن ڪري مون کي نٿو ڏيکارڻ چاهي. آخر فرلانگ اڌ پنڌ هلي ٻڌايائين ته، هي علائقو مسلمانن جو آهي، پر هتي ڪا اهڙي ڏسڻ جهڙي مسجد ناهي. پر منهنجي ضد کي قائم ڏسي اڳتي هلڻ لڳو.
”بلغاريا ۾ ترڪن جي ڪافي عرصو حڪومت رهي آهي ۽ مسلمانن جو اؤج ۽ دٻدٻو ڏسڻ وٽان هو، پر هاڻي اهو اؤج ۽ دٻدٻو ختم ٿي چڪو آهي. مسلمان ته اڃا به اسان سڏايون ٿي.“ پاڻ ٻڌائڻ لڳو، ”پر اڄ اهو مسلمانيءَ وارو جذبو نه رهيو آهي. هر هڪ ماديت ڏانهن ڇڪبو وڃي، روحانيت ختم ٿيندي وڃي. اسان مذهب کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري پنهنجي دل جو سڪون وڃائي ويٺا آهيون. اڪيلا ۽ ويڳاڻا بڻجي چڪا آهيون. سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري رهيا آهيون، ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. هر هڪ جون راهون جدا جدا ٿي چڪيون آهن.............“
آءٌ چپ چاپ ٻڌندو ساڻس قدم ملائي رهيو هوس. موسم جي اوچتو تبديليءَ جي ڪري برف ڪجھه حد تائين ڳري رهي هئي ۽ بلغاريا شهر جي گھٽين جي پڪين سرن جو فرش صاف نظر اچي رهيو هو. سامهون مسجد جو ڊگھو منارو ڏسي سمجھي ويس ته پڪ اها مسجد آهي. سمهڻي نماز جو وقت هو. مسجد مان جھيڻي روشني اچي رهي هئي. در بند هو. کڙڪايوسين ته هڪ عورت ٻار سان گڏ در کوليو، مون جتي لاٿي ٿي ته مون کي لاهڻ کان منع ڪيائين. ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن مسجد ۾ نماز ڪانه ٿئي ۽ هي ماڻهو گھر ٺاهي ويٺا آهن. مون کي اعتبار ئي نٿي آيو. ٿورو اڳتي وڌي ڏٺو ته مسجد جي اڱڻ ۾ ڪپڙا سڪي رهيا هئا. رڌ پچاءَ جو سامان بي ترتيبي سان پکڙيو پيو هو. اهو ڏسي حيرت ۽ افسوس ٿيو. عبدالقادر ڪجھه چئي رهيو هو پر منهنجي سمجھه ۾ ڪجھه نه پئي آيو. سامهون ڪاٺ جي فريم ۾ وڏي آرسي ٽنگيل هئي جا ٻن هنڌن تان ڀڳل هئي ۽ انهن جڳهين جي بي ڊولائي لڪائڻ لاءِ ٻه ڪارڊ لڳل هئا. هڪ تي ڪنهن ٻار جي تصوير هئي ۽ ٻئي تي قرآن مجيد جي آيت پٺيان ترڪن جي حڪومت جو سن ۽ ڇپائڻ واري جي عربي يا فارسي ۾ هن ريت ائڊريس : ’دين اسلام مدافعلري جميعتي نشرياتندن ــ 3 صوفيه بلغارستان‘ لکيل هئي.
”اهو به ڪو زمانو هوندو هو“ عبدالقادر وري آهستي آهستي ٻڌائڻ لڳو، ”جڏهن مسلمان ههڙي اعلى ۽ مضبوط مسجد بنائي. هن جي ڪشادي اڱڻ ۾ صفون ٺاهي نمازون ادا ڪيون هونديون. پر اڄُ هتي جون حالتون غير بڻجي چڪيون آهن. اها ترڪبازي ختم ٿي چڪي آهي. اڄ اسان ڪجھه به نه رهيا آهيون. مسلمانن جي دلين مان اهو عالمگيري ايمان ۽ شان حجازي نڪري چڪو آهي.“
مون الائي ڇا ڪجھه چوڻ چاهيو ٿي، پر زبان مسئلو بڻجي پئي. عورت کي انگريزيءَ ۾ ٻڌايم ته هيءَ قرآن مجيد جي آيت آهي ۽ ان جي ائين بيحرمتي ٿي رهي آهي. پر هوءَ ڪجھه به سمجھي نه سگھي. هن اهو ڪارڊ ڪڍي مون کي ڏنو. ڊاڪٽر مون کي ڪافي دير خاموش ڏسي چوڻ لڳو: ”مون ته توکي پهرين ٻڌايو ته اڄڪلهه هي حال اسان جو ٿي چڪو آهي. اسان جي ننڍي ٽهي ته شايد اهو به نه ٻڌائي سگھي ته هو مسلمانن جو اولاد آهن.“
خبر ناهي ڪيئن ڏيڍ ميل جو رستو ختم ٿي ويو ۽ بندرگاهه جي ڀرسان اچي نڪتاسين. بندرگاهه وٽ جا مسجد آهي ان ۾ هلڻ لاءِ ڊاڪٽر ۽ رستي تي مليل سندس دوست مصطفى زور ڪيو ته ان ۾ نماز ٿيندي آهي. اندر آياسين مسجد سهڻي ۽ صاف سٿري ڏسي دل خوش ٿي وئي. مسجد جي امام جو نالو به مصطفى هو، تنهن ٻڌايو ته جمعي نماز پوري ٻارهين وڳي ٿيندي آهي.
اڄ جمعو آهي ٿوري ئي دير اڳ جهاز جا ڪيترائي ماڻهو جمعي نماز ان مسجد ۾ پڙهي آيا آهيون. هن شهر ورنا جا به ڪافي مسلمان هئا، پر گھڻو ڪري سڀُ پوڙها هئا. جوان ڪو ورلي هو. هڪٻئي سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان اڄ ٿوري دير بعد استنبول (ترڪي) ڏي وڃي رهيا آهيون، جتان پوءِ اڊارڪٽڪ سمنڊ لتاڙي وري يوگوسلاويا وينداسين.
والسلام