الطاف شيخ ڪارنر

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
  • 4.5/5.0
  • 1705
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجو ساگر منهنجو ساحل

لفٿنسا ايئر لائين

هن وقت هي خط جرمن هوائي ڪمپني لفٿنسا جي بوئنگ هوائي جهاز مان لکي رهيو آهيان، اٽڪل ستٽيهه هزار فوٽن جي بلنديءَ تي ڇهه سؤ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان روم (اٽلي) طرف اڏامي رهيو آهي. چند گھڙيون اڳ اسان مصر جي هوائي اڏي قاهرا تان پرواز ڪيو. مصر جي وقت مطابق هن وقت رات جا چار ٿيا آهن. مصر جو وقت پاڪستان جي وقت کان ٽي ڪلاڪ پٺتي آهي. هتي پاڻ کان ٽي ڪلاڪ پوءِ سج اڀري ۽ لهي ٿو. ان ڪري تو وٽ صبح جا ست وڄي چڪا هوندا ۽ سج پوري آب تاب سان اوڀر ڏي چمڪي رهيو هوندو، پر هتي اڃا آسمان تارن سان جھنجھيو پيو آهي.
توکي تعجب لڳندو ته آءٌ سمنڊ سان تعلق رکندڙ هتي هوائي جهاز ۾ ڪيئن سفر ڪري رهيو آهيان، ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ ڇو وڃي رهيو آهيان؟
ته ٻڌ پيارا. پاڪستان جي وڏي جهازران ڪمپني ’نئشنل شپنگ ڪارپوريشن (N.S.C)‘ جنهن ۾ آءٌ انجنيئر جي حيثيت سان ملازم آهيان، ان جو ڇويهون نئون جهاز ’سندربن‘ نالي يوگوسلاويا ۾ ٺهي راس ٿيو آهي ۽ هن مهيني جي اٺاويهين تاريخ ملندو. ان لاءِ آءٌ ۽ ٻيو اسٽاف يوگوسلاويا وڃي رهيا آهيون، جيئن اهو جهاز پاڪستان آڻي سگھون. نئشنل شپنگ ڪارپوريشن، جيڪو پي. آءِ. اي وانگر سيمي گورنمينٽ ادارو آهي، جا ڪجهه سالن ۾ ترقي ڪئي آهي تنهن کي سڄي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. سندس اڃا وڌيڪ جهاز ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٺهي رهيا آهن.
’سندربن‘ جهاز، يوگوسلاويا جو، اسان لاءِ ڪو پهريون ٺهيل جهاز ناهي. هن کان اڳ به اسان ڪيترائي جهاز هتان خريد ڪري چڪا آهيون، جهڙوڪ ايم ــ وي اباسين، ايم ــ وي چناب، ايم ــ وي رنگامٽِي، ايم ــ وي ٽئڪسلا ۽ ايم ــ وي موهن جو دڙو. (ايم. وي موٽر Vessel جو مخفف آهي. ۽ انهن جهازن کي سڏبو آهي جيڪي ڊيزل تي هلن). جيئن ته هي جهاز ۽ مٿي بيان ڪيل جهاز، بيهڪ ۽ انجڻ جي لحاظ کان هڪجهڙا آهن. انهيءَ ڪري کين سسٽرشپ Sister Ship سڏجي ٿو.
يوگوسلاويا ۾ ڪيترائي جهاز ٺاهيندڙ ڪارخانا آهن ۽ هي ملڪ مشينري ٺاهڻ کان مشهور آهي. ساڳئي ڪارخاني پاڪستان جي هڪ ٻي جهازران ڪمپني ’پاڪستان شپنگ لائين‘ لاءِ به ٻه جهاز، ايم.وي باغ ڊاڪا ۽ ايم. وي باغ ڪراچي ٺاهيا، جي پڻ مٿين جهازن جهڙا آهن. سڀني جهازن ۾ سڄي رهائش ايئرڪنڊيشنڊ رکيل آهي، سامان جي سلامتي ۽ حفاظت لاءِ موڪري ۽ گھڻي جڳهه ٺهيل آهي. ۽ اهي سڀ جهازَ سلزر انجڻ تي هلن ٿا.
يوگوسلاويا جي هن اداري پاڪستان جي جهاز سازي صنعت ۾ ڏاڍي مدد ڪئي آهي. هن جي گڏيل مدد سان ڪراچي شپ يارڊ پهريون جهاز ’العباس‘ گذريل سال ٺاهيو ۽ هاڻي ٻيو جهاز ايم. وي شالامار اسان جي ڪمپنيءَ لاءِ ٺاهيو رهيو آهي. بهرحال هن وقت اسان سندربن جهاز جي ادائگي لاءِ يوگوسلاويا جي شهر ’اسپلٽ‘ وڃي رهيا آهيون. هي هوائي جهاز اسان کي روم(اٽلي) ڇڏيندو. اتي ڏينهن ٻه رهي پوءِ يوگوسلاويا جي ايئر لائين T.A.J ۾ يوگوسلاويا جي شهر ’زگرب‘ وينداسون. اتان اسان کي وري ٻي هوائي جهاز ۾ چڙهڻو پوندو، جو ’اسپلٽ‘ شهر ۾ اچي ڇڏيندو جتي اسان جو جهاز ٺهي چڪو آهي.
اسان جي هن هوائي جهاز، ڪراچي پوري ساڍي ڏهين بجي ڇڏي. هي هوائي جهاز ٽوڪيو. هانگ ڪانگ، رنگون، سنگاپور ۽ ڪلڪتي کان ٿي پوءِ ڪراچيءَ اسان کي کڻڻ آيو هو. ڪراچيءَ مان اسان روم لاءِ چڙهياسين ۽ هڪ عورت دهران لاءِ. جهاز ڪراچيءَ کان پوءِ دهران ترسيو، ان بعد قاهرا ڪافي وقت ترسيو ۽ اسان کي گھمڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو. هاڻ چئن ڪلاڪن بعد روم پهچندو، جتان پوءِ پنهنجي منزل فرئنڪفرٽ (جرمني) روانو ٿي ويندو.
جهاز ۾ اٽڪل سؤ کن مسافر آهيون. هر قسم جا مسافر يعني، جپاني، برمي، عرب ۽ ڀارتي سفر ڪري رهيا آهن. منهنجي ساڄي پاسي دريءَ وٽ منهنجو بنگالي دوست زمان ويٺو آهي ۽ کاٻي پاسي هڪ خوبصورت............. ڀلا سوچ ڪير آهي...........؟ ............. مر نه ۽ نه ٿڌا شوڪارا ڀر. ڇوڪري ٻوڪري ڪانهي ڪا، پر هڪ خوبصورت پٽڪي سان سٺ ستر سالن جو پوڙهو سک ويٺو آهي، جنهن کنگھي کنگھي اوسي پاسي وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وقت ڪاٽڻ ڪارڻ تو جهڙي دلبر دوست کي خط لکي رهيو آهيان. ڇا ڪجي ننڊ ته اچي ڪانه ٿي ۽ نه ئي رات کٽندي. ڇو ته هي جهازايتري ته تيز رفتار سان وڃي رهيو آهي جو آخري منزل جرمني پهچندو ته به رات هوندي. ڪراچي کان روم يارهن ڪلاڪن جو سفر آهي ۽ پاڪستان جي وقت مطابق روم ۾ ڏينهن جو ساڍي نائين بجي پهچنداسين. پر روم جي وقت مطابق اتي صبح جا پنج هوندا ۽ اڃا اوندهه هوندي، ڇو جو روم ۾ سج پاڻ کان چار ڪلاڪ دير سان ٿو اڀري.
اهڙي نموني هي جهاز سڄو سفر رات ۾ پورو ڪندو. دراصل رات ۾ بحري يا هوائي جهاز هلائڻ سولو رهي ٿو. ڏينهن جو فقط سج آهي، پر رات جو ڪيترائي تارا آهن ۽ رستو ڳولڻ ۾ آساني ٿي رهي. جيتوڻيڪ دنيا جو هڪ هڪ حصو نقشن تي ماپيل ۽ ميل آهي، ان هوندي به تارا وڏي مدد آهن. ان کان علاوه جهاز کي هوائي اڏي تي هيٺ لاهڻ ۾ پڻ آساني ٿئي ٿي. اڃا جهاز بلنديءَ تي ئي هوندو آهي، ته هوائي اڏي وارا، جنهن رستي تي هوائي جهاز کي لهرائڻو هوندو اٿن، ان جي ٻنهي ڪپرن تي لڳل سفيد ۽ آسماني بلبن جون قطارون ٻاري ڇڏيندا آهن، جي شهر جي بتين کان بلڪل الڳ ۽ صاف نظر اچن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو هوائي اڏو شهر کان ٻاهر ٺاهيو وڃي ٿو. ڪراچيءَ يا حيدرآباد جو هوائي اڏو وري به ايترو پري ناهي. ڪن ڪن شهرن جا هوائي اڏا ته ٽيهه چاليهه ميل به پري ٿين.
جهاز سعودي عرب جي هوائي اڏي دهران تي پورن ٽن ڪلاڪن بعد پهتو. ڪجھه مسافر لٿا ۽ ڪجھه چڙهيا. ٻه جرمن هڪ فرئنچ ۽ ٻه عرب زال مڙس پنهنجي عربي لباس ۾ چڙهيا. عربي لباس اهڙو ته ٺهي رهيو هو، جو ٻاهرن ملڪن جا سڀ ماڻهو هتي جي روايتي لباس کي تعريف جي نگاهن سان ڏسڻ لڳا. ڪراچي مان جيڪڏهن ڪو ديسي لباس ۾ چڙهي تو سوٽ ڪوٽ کان وڌيڪ سمارٽ لڳي ها. ڏٺو وڃي ته هر ملڪ جو لباس سندس ملڪ جي موسم، رواج ۽ تهذيب مطابق درست ۽ آرامدهه آهي.
سنڌ جهڙي گرم علائقي ۾ سٿڻ کان وڌيڪ آرامدهه لباس ڪهڙو ٿي سگھي ٿو....؟ سائنس پڻ اهو ثابت ڪيو آهي ته سٿڻ جا گھڻا وَرَ جو Vacuum خلا پيدا ڪن ٿا، سو گرميءَ ۽ سرديءَ کان بچائي ٿو ۽ ايئرڪنڊيشننگ جو ڪم ڏئي ٿو.پر اسان خبر ناهي ڇو مغربيت جي انڌي تقليد ڪري رهيا آهيون. هو تنگ سوٽ پائيندا ته اسان به هنن سان برابري ڪرڻ لاءِ اهو ئي لباس اوڍينداسين. يورپ جون عورتون وار ڪٽرائينديون ته اسان جون عورتون به وار ڪٽرائڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون. اهو ڪڏهن به نه سوچينديون ته ڊگھا يا ڪارا وار ته سونهن جي نشاني آهن ۽ يورپ جي موسم اهڙي آهي جو عورتون وڏا وار رکائي نٿيون سگهن ۽ مجبور ٿي هنن کي ننڍا ڪرائڻا پون ٿا.
خير ادا مان توکي ڳالهه هن عرب جوڙي جيڪي پئي ٻڌائي، جي عربي لباس ۾ دهران جي هوائي اڏي تان چڙهيا. ٻئي ڄڻا اهڙا ته ٿلها هئا، جو ڇا ڳالهه ڪجي. جيڪي ڪجھه ٿلها مسافر اڳ ويٺل هئا تن به شايد اهڙا ٿلها ماڻهو اڳ نه ڏٺا هئا، جو انهن جو به ڏسڻ سان وات ڦاٽي ويو. سندن ويهڻ جي جاءِ بلڪل اڳيان هئي سو جهڙو اڳيان وڌي رهيا هئا ته ڪنهن پٺيان چيو: ”هاڻي جهاز جو اڏامڻ ناممڪن آهي. قاهرا تائين خشڪي ذريعي هلندو.“ اسان کي دهران جي هوائي اڏي تي لهڻ جي اجازت نه هئي ۽ سڀ اچي پوءِ قاهرا (مصر) لٿاسين. پر دهران ۾ جهڙو ئي جهاز بيٺو ته اسان ٻن ٽن ڄڻن لهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايئر هوسٽس لهڻ کان منع ڪندي چيو ته هينئر نه لهو پوءِ لهجو. تنهن تي منهنجي دوست پري کان ئي دانهن ڪندي چيو: ”بابا، هينئر ڪير نه لهي، جهاز هلي ته پوءِ در کولي لهجو.“ بهرحال هن جو اهو ئي مطلب هو ته هن هوائي اڏي تي نه پر پوءِ ايندڙ قاهرا جي هوائي اڏي تي لهجو. جهاز ۾ ٻه دفعا ماني ڏني اٿئون پر سوئر جو گوشت هئڻ ڪري اسان مان ڪنهن به نه کاڌي. ان کان علاوه ٻيو جيڪو کاڌي لاءِ ڏنائون سو به ٺيڪ طرح پچيل نه هو. چانهه ۽ ڪافي به بيڪار ۽ ٺريل ملي. هنن مڙني ڳالهين کان، وقت جي پابنديءَ کان، خدمت ۽ آرام کان اسان جي پي. آئي. اي بهتر آهي. اهو ئي سبب آهي جو گھڻا مسافر P.I.A کي سفر لاءِ چونڊين ٿا ۽ سندن جهاز هميشه مسافرن سان ٽٻُ رهن ٿا. اسان به اڳواٽ Reservation نه ڪرائڻ ڪري پي آئي اي جي جهاز ۾ جڳهه وٺي نه سگھياسين ۽ هن لفٿنسا جرمن جهاز ۾ سفر ڪري رهيا آهيون. منهنجي ڀر ۾ ويٺل سک کي ٻه دفعا گھرڻ تي به جڏهن پاڻي نه مليو ته ايئرهوسٽس کي پنهنجي منهن ڏاڍيون پنجابيءَ ۾ گاريون ڏنائين. بقول اسان جي شڪارپور جي زين پٺاڻ جي، هٿ تي رومال ويڙهي بجو ڏنائين، جيئن امن به قائم رهي.
هن جهاز ۾ خدمت لاءِ ڪل چار ايئر هوسٽس آهن. ٻه جرمن ۽ ٻه جپاني. توکي تعجب ته لڳندو ته جهاز جرمن ٿي ڪري جپاني ايئرهوسٽس ڇو رکيون اٿن. ڇا جرمن ڇوڪرين جي کوٽ آهي؟ پر نه اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جرمن ڇوڪريون ڪو ورلي نوڪريون ڪن ٿيون. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جرمنن اهو فيصلو ڪيو ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي پوري ۽ سچي دل سان سرانجام ڏئي. مرد جو ڪم آهي آفيسن، ڪارخانن ۽ زمينن تي ڪم ڪرڻ ۽ سپاهي ٿي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ۽ عورت جو صحيح مقام گھر آهي. کيس کپي ته اعلى قسم جي House Wife (گھريلو عورت) ٿي رهي ۽ ٻي هر ڪم کان آجي ٿي گھر ۾ ٻارن جي چڱي سار سنڀال لهي، جو سندس گھر ملڪ جو اعلى گھر سڏجي ۽ ٻار، ملڪ ۽ قوم لاءِ فخر ثابت ٿين.
ان فيصلي تي ڪيتري قدر عمل ڪيو ويو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته جرمني ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيتري ترقي ڪري ورتي آهي. جيتوڻيڪ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجھه تباهه ٿي چڪو هو ۽ هونءَ به جرمن عورت جو مثال ان مشهور چوڻيءَ مان لڳائي سگھبو جا اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ عام آهي: ”اهڙي گھريلو ۽ وفادار جهڙي جرمن عورت“ ۽ اها پڻ عام چوڻي آهي ته جرمن ڪار ۽ زال ڪڏهن به دوکو نه ڏيندي.
ادا جڏهن به آئون قاهري مان لنگھان ٿو ته منهنجي اکيان اڳيان P.I.A جو اهو حادثو ڦري ٿو جنهن ۾ اسان جا ڪيترائي صحافي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويا ۽ اسان جي صحافت کي ڄڻ ته في الحال يتيم ڪري ويا ۽ اسان جي ملڪ جي بي بها صحافت جي دولت چند گھڙين ۾ لٽجي وئي.
قاهري جو هوائي اڏو چڱو سهڻو آهي. جهاز مان لهڻ سان آئون سڌو هوٽل ۾ آيس ۽ اچي ماني کاڌيم. هوٽل جا بئرا جبن ۽ ترڪي ٽوپين ۾ مؤدبانا انداز ۾ بيٺا هئا، جن کي ڏسي مون کي الائي ڇو الف ليلى جون ڪهاڻيون ۽ ان ڪتاب ۾ ڏنل تصويرون ياد اينديون آهن. هتي جي واپارين ۽ ٻين ڪيترن عرب ملڪن جي ماڻهن جي ئي اها ڇو عادت آهي ته شل نه ڪو ٻاهريون ماڻهو ڏسن. اصل ابتي کل لاهيندس. ٽڪي جي شيءِ جو روپيو ٻڌائيندس، پوءِ ڪو واندو هجي جيڪو ويٺو Bargaining ڪري. (خير گھٽ ته اسان جي ملڪن جا به نه آهن، پر مصر گھڻو زور آهن). قاهرا ايئرپورٽ تي ڪيترائي دوڪان آهن جن تي هر قسم جون شيون ۽ مصر جي ننڍن ڪارخانن ۽ گھريلو هنرن جون شيون رکيل آهن، پر ڏٺم ته اگھه ايڏا ته ڳرا پئي ٻڌايائون جو ڪنهن جي به دل، ڪابه شيءِ وٺڻ تي نٿي چاهي. پاڪستان خط لکڻ لاءِ ٽڪليون ورتم ته ان جا به ٽيڻا پيسا وٺي ويو. سمجھيم ته پئي جو هتي جي سڪي جي چڱي طرح ڄاڻ اٿم پر ’ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙا‘ وارو حساب هو. آڌيءَ رات جو ڪهڙي پوسٽ آفيس جو در کڙڪايان.
باقي مصر جي حسن جي ڳالهه نه پڇُ. جا تعريف ٻڌي هئم سا اکين سان ڏٺم. شايد دنيا جو ڪو ملڪ مصر جي حسن جو مقابلو ڪري سگھي. مسڪرائيندڙ سدا بهار مشرقي چهرو، اکيون وڏيون ۽ نيري ڍنڊ جهڙيون. انگ انگ ۾ چقمقي ڪشش. مصر جي هر عورت ڪلوپترا نظر ايندي. واپسيءَ تي ايئر پورٽ ۾ داخل پئي ٿيس ته دروازي وٽ دڪان تي هڪ دوشيزه هٿ جو ٺهيل سامان وڪڻي رهي هئي. آئون جيئن اتان لنگھيس ته سڏي پٿر جي ٺهيل ڪلوپترا ڏي ڌيان ڇڪائيندي پڇيائين:
”وانت ڪلوپترا؟(Want Cleopatra)“
مون ان ڪلوپترا جي پٿرائين بت ڏي گھٽ ۽ سندس جيئري جاڳندي چهري ڏي گھڻو گھوريندي پڇيو؛
”مئل يا زنده؟“
منهنجي چوڻ جي نموني مان يڪدم چرچي جو مطلب سمجھي وئي ۽ شرمائڻ لڳي. مشرقي حياءُ سندس چهري مان صاف نمايان هو. منهنجي مستقل تڪڻ تي ساهه منجھڻ لڳس ۽ ڊگھا ڊگھا ساهه کڻڻ لڳي. ڳچيءَ ۾ سوني زنجير پئي هيس، جنهن ۾ ٻڌل ننڍڙو هوائي جهاز سندس اڌ اگھاڙي ڇاتيءَ تي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. مون کي زياده دير ائين تڪيندو ڏسي وڌيڪ شرمائجي وئي ۽ هوائي جهاز مٿان هٿ رکي چوڻ لڳي:
”هوائي جهاز پسند آهي ڇا...؟“
”نه. هوائي اڏو.“ مون وراڻيومانس.
وڌيڪ چرچو برداشت نه ڪري سگھي ۽ شرم وچان کڻي پٺ ڏنائين. سڏ ڪيومانس، پر نه نهاريائين. اتي لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو ته ”لفٿنسا جا مسافر جهاز ۾ پنهنجي جڳهه اچي والارين، جهاز چند منٽن ۾ اڏامڻ وارو آهي.....“
سڀ مسافر هوائي اڏي اندر داخل ٿي چڪا هئا. آءٌ به اڳتي وڌيس. ٿورو ئي اڳتي وڌيو هوندس ته زنده ڪلوپترا سڏ ڪيو: ”تعال هنا. ارجوڪ“
”لا ــــ في امان الله ــ يا حبيبي“ هٿ لوڏي جواب ڏنومانس ۽ تکو تکو جهاز تي اچي پهتس. سڀ مسافر ويهي چڪا هئا. زمان منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. هن کي شايد اهو ڊپ هو ته مون کي مصر ۾ ڇڏي جهاز هليو نه وڃي.
”ائين ڪبو آهي. ايڏي دير! جهاز هليو وڃي ها ته پوءِ اتي ئي رهجي وڃين ها.“
سيٽ تي ويهڻ سان پنهنجي بهترين موڊ جو مظاهرو ڪندي، فلمي ادا سان چيومانس:
”ته قبلا هينئر وري آءٌ ڪهڙو توهان سان پيو هلان.“.
”ڇا وڦلي رهيو آهين ـــ؟“ زمان وائڙو ٿي ويو. پر پوءِ يڪدم منهنجو چرچو سمجھي وراڻيائين.
”ته دل اتي ئي ڇڏي آيو آهين. هاڻي يورپ ۾ ڇا ٿيندو.“
”پرواهه نه ڪر. دل وئي ته وڏي ڳالهه ناهي. جگر، ڦڦڙ، جيرو، آنڊا ته سلامت آهن. اهي ورهائيندو وتندس.“ ۽ اسان ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳاسين. اوسي پاسي وارا اسان ڏي ڏسڻ لڳا. ڀر ۾ ويٺل پوڙهي سک کان وڌيڪ صبر نه ٿي سگھيو، سو کنگھندي کنگھندي آخر پڇيائين:
”او کي گل هي، سانو ڀي ته دَسو ــ؟“
ادا، هن وقت اٽليءَ مٿان پرواز ڪري رهيا آهيون. اٽليءَ جي مشهور شهر نيپلس جون بتيون صاف نظر اچي رهيون آهن. جنهن بابت رکي رکي پائلٽ ٻڌائي رهيو آهي. اڌ ڪلاڪ اندر روم به اچي ويندو. زمان هيٺ بتين طرف ڌيان پيو ڇڪائي ته ڏسان، پر آءٌ جلدي جلدي خط ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ٻيو خط روم يا يوگوسلاويا مان لکندس. اجھو هينئر مسافرن کي سگريٽ نه پيئڻ ۽ بيلٽ ٻڌڻ لاءِ چيو پيو وڃي. سو في الحال خط بند ڪري بيلٽ ٿو ٻڌان.

سلام دعائون سڀني دوستن لاءِ.
تنهنجو پنهنجو