عربي سمنڊ 23 سيپٽمبر 1968
اسان جو جهاز چڱو وڏو آهي. رهائش سڄي ايئر ڪنڊيشنڊ آهي. مال بردار جهاز آهي پر ڪجھه ڪئبنون مسافرن لاءِ به آهن، جن لاءِ هنن کي هوائي جهاز کان ٻيڻو ٽيڻو مهانگو ڀاڙو ڀرڻو پوي ٿو. ان ڪري گھڻو تڻو جهاز هلائيندڙ عملو هوندو آهي. آءٌ هڪ مئرين انجنيئر جي حيثيت ۾ سفر ڪري رهيو آهيان. مون کان علاوه ٻيا به اٺ انجنيئر آهن جن ۾ هڪ چيف انجنيئر آهي. سڄو جهاز هڪ شهر مثل آهي جنهن کي نه فقط لڳاتار هلائڻو پوي ٿو، پر بجلي جي لاءِ جنريٽر مشينري، ايئرڪنڊيشنگ لاءِ ايئرڪنڊيشنر پلانٽ، کاري مان مٺو پاڻي ٺاهڻ لاءِ ايواپريٽر Evaporator بئالر، پمپ، ڪنڊينسر، ڪولر، فلٽر، تيل کي صاف ڪري انجڻ ۾ ٻارڻ لائق بنائڻ لاءِ پيوريفائرس ۽ ٻيون ڪيتريون مشينون آهن جن جي سار سنڀال لهڻ اسان جي ذميواري آهي.
وچ سمنڊ ۾ رستو ڳولڻ، سامان کي سنڀال سان رکڻ وغيره ڊيڪ آفيسرن جي ذميواري آهي، جنهن ۾ جهاز جو ڪئپٽن، چيف آفيسر ۽ ڪئڊٽن تائين اچي وڃن ٿا.
ان کان علاوه ڊاڪٽر، ريڊيو آفيسر، اليڪٽريڪل انجنيئر، بٽلر، پرسر، واڍو بورچي، نوڪر، مستري، تيل وارا، وغيره وغيره. پنهنجي جڳهه تي اهم حيثيت رکن ٿا.
اسان جي جهاز سومر جي شام جو ڇهين وڳي ڪراچيءَ مان لنگر کنيو. دنيا جي هر ملڪ جي جهاز تي چوويهن ڪلاڪن کي ٽن ڊيوٽين ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن کي واچ Watch سڏجي ٿو. هر هڪ کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. هڪڙا اٺين کان ٻارهين تائين (ساڳيو وقت رات جو پڻ) ڊيوٽي ڪن، ٻيا ٻارهين کان چئين بجي تائين ۽ ٽيان چئين کان اٺين تائين. چيف انجنيئر جي ڊيوٽيءَ جو وقت مقرر نه هوندو آهي، ان کي فقط ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ صلاح مشوري لاءِ سڏيو ويندو آهي. اسين ٻارهين کان چار، ڊيوٽي ڪيون ٿا. اها واچ سڀ کان ڏکي سمجھي وڃي ٿي جو اهو وقت، رات توڙي ڏينهن جو، سمهڻ جو ٿئي ٿو.
آءٌ شام جو چئين بجي تائين ڊيوٽي ختم ڪري انجڻ بلڪل هلڻ لاءِ ٺيڪ ڪري، ڊنر کائي اچي سمهي رهيس. ان وقت ڪناري جي ماڻهن جو ڪافي گوڙ شور ۽ گهما گهمي هئي. مزور سامان چاڙهي رهيا هئا. وڃڻ وارن کي خدا حافظ چوڻ وارا ٻار، عورتون ۽ مرد هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا هئا. ان کان علاوه ڪسٽم وارا، بندرگاهه وارا، اسانجي هيڊ آفيس وارا ۽ پوليس ڦري رهي هئي. مطلب ته ميلو لڳو پيو هو. اسين جهاز تي وڃڻ وارا ڪل سؤ ماڻهو به نه هئاسين، پر ڇڏڻ ۽ موڪلائڻ وارا هزارن جي تعداد ۾ هئا. اسان جي جهاز جا ڪمرا اهڙا آهن جو جيڪڏهن بند ڪري پڙدا ڏيئي ڇڏجن ته اونداهه ٿيو وڃي ۽ ائين محسوس نه ٿيندو آهي ته ٻاهر ڏينهن آهي يا رات. ان ڪري رات جي ڊيوٽي وارا ڏينهن جو آسانيءَ سان سمهي سگھن ٿا.
هن وقت منهنجي اک کلي آهي. رات جا ڏهه ٿيا آهن ۽ آءٌ توسان مخاطب آهيان. جهاز تي بلڪل خاموشي لڳي پئي آهي. فقط جهاز جي انجڻن ۽ سمنڊ جي ڇولين جو آواز اچي رهيو آهي. چؤطرف سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو آهي. اٿاهه سمنڊ ــ شايد شاهه لطيف هن سمنڊ لاءِ چيو آهي:
”سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جرُ وهي ٿو جال
سئين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لال،
جي ماسو جڙئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.“
اسان ڪراچي گھڻو پري ڇڏي آيا آهيون، ايتريقدر جو ڪا بتي به نظر نه ٿي اچي. اتفاق سان هن جهاز جا ڪيترائي آفيسر منهنجا پراڻا ڪاليج جا دوست آهن. سندن مزيدار ڳالهيون ڪنهن ٻئي خط ۾ لکندس.
هن وقت اسان جو جهاز وڌيڪ کلئي سمنڊ ۾ پهچي رهيو آهي. جيئن جيئن جهاز کلئي سمنڊ ۾ اچي ٿو، تيئن تيئن وڌيڪ لوڏا محسوس ٿي رهيا آهن. وڏيون وڏيون لهرون جهاز سان ٽڪرائي رهيون آهن. ننڍا جهاز ۽ ٻيڙيون ته هيستائين اچي نٿيون سگھن، ان ڪري اهي اڪثر ڪنارو وٺي هلن. اسان جو جهاز آفت جيڏو آهي. پر ان هوندي به ههڙي سمنڊ جي مقابلي ۾ هڪ هلڪي ڇوڏي وانگر لڳي ٿو. Sea Sickness بيماري، جهاز جي لوڏن ۽ سمنڊ جي جوش جي ڪري ٿيندي آهي، جنهن ۾ الٽيون اينديون آهن، مغز ڦرندو آهي، سا اڃا ته نه ٿي آهي پر بمبئي جي ويجھو پهچي شايد سڀني کي ٿئي جو اتان کان ڪولمبو تائين خليج بنگال ۾ ٻڌجي پيو ته پاڻيءَ ۾ ڏاڍو جوش آهي. هن وقت اسان جو جهاز ڪولمبو (سلون) ڏي وڃي رهيو آهي. ان بعد مٿي اتر ڏي چٽگانگ طرف رُخ رکندو. رستي تي ڪولمبو نه ترسندو ۽ سڌو چٽگانگ ستين ڏينهن لنگر ڪيرائيندو. اسان جي جهاز جي ڪافي اسپيڊ آهي، نه ته ٻيا جهاز ڏهن پنڌرهن ڏينهن بعد مس ٿا پهچن. هي خط مان توکي چٽگانگ پهچڻ سان پوسٽ ڪندس. ٻارهين آڪٽوبر ڌاري چٽگانگ کي الوداع چئي آمريڪا روانا ٿينداسين. رستي تي ممباسا (آفريڪا) مان تيل وٺنداسين. ٻڌجي پيو ته جدي ۽ ٻين هنڌن تي به ڪم سانگي ٿورا ٿورا ڏينهن ترسون. تون مون کي هميشه ڪراچيءَ واري ائڊريس تي خط لکجانءِ. منهنجو جهاز جنهن به بندرگاهه تي هوندو، اتي ڪراچيءَ وارا پاڻيهي سڀ خط موڪلي ڏيندا. چڱو يار، هن وقت رات جا ٻارهن ٿيڻ وارا آهن ۽ مونکي جهاز جي انجڻ جي چارج چئين بجي تائين سنڀالڻي آهي ان بعد وڌيڪ لکندوسانءِ.
ـــــــ جھجھي پيار مان