ممباسا ڪينيا
ممباسا ڪينيا ملڪ جو واحد بندرگاهه آهي جنهن کي قديم زماني کان اهم حيثيت حاصل آهي. اڄڪلهه سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري گھڻو ڪري سڀ جهاز، يورپ يا آمريڪا ڏي ويندي، هتي ضرور ساهي پٽڻ لاءِ ترسن ٿا. اسان پڻ هتان جهاز لاءِ تيل ۽ اڳتي جي مسافريءَ لاءِ کاڌو پيتو وٺي رهيا آهيون. ڊڪار کان وٺي هيستائين سمنڊ تمام ماٺو مليو ۽ سفر سٺو گذريو. عيدالاضحى سمنڊ تي ئي ملهائيسين. ان ئي ڏينهن خط استوا پڻ لتاڙي رهيا هئاسين. خط استوا وٽ ڏاڍي گرمي ٿئي ٿي جو سج جا ڪرڻا بلڪل سڌا پون ٿا. خط استوا جيئن ئي ٽپي ڏکڻ اڌ گول ۾ آياسين ته سردي شروع ٿيڻ لڳي ۽ وڌندي رهي، جيتوڻيڪ دنيا جي اتر اڌ گول ۾ (جنهن ۾ پاڪستان به اچي وڃي ٿو) اڄڪلهه اونهارو شروع ٿي رهيو آهي. پر دنيا جي هيٺين اڌ، ڏکڻ اڌگول ۾ جنهن ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا اچي وڃي ٿو، سيارو ٿئي، ۽ اسان وٽ جڏهن سيارو ٿئي ته هنن وٽ اونهارو. جيئن ئي هيٺ ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ وٽ پهتاسين ته سردي وڌي وئي ۽ وري مٿي خط استوا طرف ايندي گھٽبي وئي. ممباسا ته ذري گھٽ خط استوا تي آهي سو هتي گرمي ٿي رهي. خط استوا جي ملڪن ۾ اونهاري توڙي سياري ساڳي گرم موسم رهي. (انبن جي شوقينن لاءِ مزو آهي جو ممباسا ۾ سال جو ڳپل حصو انب ٿين. بلڪ ملائشيا، انڊونيشيا جهڙن خط استوائي ملڪن ۾ انبن ۽ چڪن جهڙا ميوا سال ۾ ٻه دفعا به ٿين. پر ان جو اهو مطلب به نه آهي ته ڪو هتي سنڌڙي، بيگن پلي، لنگڙي ۽ سوان ريڪا جهڙا انب ٿين ٿا.)
ڪالهه پورن ويهن ڏينهن بعد زمين تي پير رکندي ڏاڍي خوشي ٿي نه ته صبح توڙي شام چؤطرف رڳو سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو هو. زمين ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا هئاسين. فقط ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ ٻه ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جو ڪنارو وٺي هليا هئاسين ۽ آفريڪا جو سرسبز ڪنارو، گھاٽا ٻيلا، ڊربن، ڪيپ ٽائون ۽ پورٽ ايلزبيٿ جهڙا وڏا شهر صاف نظر ايندا رهيا.، جي سائوٿ آفريڪا ۾ آهن ۽ انگريزن جي قبضي ۾ آهن. آفريڪا کنڊ ۾ ٻيون به انگريزن جون ڪيتريون ئي ڪالونيون هيون. ڪينيا پڻ انگريزن جي قبضي ۾ هو، 1963ع ۾ کيس آزادي ملي ۽ هاڻ پاڪستان، هندستان، سلون آسٽريليا وانگر ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي.
ڪينيا جي ستر سيڪڙو آدمشماري مسلمان آهي ۽ گاديءَ جو هنڌ ’نئروبي‘ آهي. ’جوموڪينياتا‘ ملڪ جو صدر آهي. جنهن جي ملڪ جي آزادي لاءِ جدوجهد ۽ جفاڪشي قابل ذڪر آهي ۽ هتي جا ماڻهن، ڌرتي جي آزادي لاءِ پنهنجو رتُ ۽ ستُ ڏئي وڏين قربانين جو مظاهرو ڪيو. هاڻ هي آزاد آهن. پنهنجو ملڪ اٿن. ڌارين جي غلامي ۽ حڪومت کان نجات حاصل اٿن. منهنجي هتي جي آفريڪي دوست ’احمد‘ هڪ وڏي اسپتال اڳيان ڪار بيهاري ٻڌايو؛ ”خبر اٿئي هيءَ اسپتال پهرين فقط انگريزن لاءِ هوندي هئي. اسان مان ڪو شيدي رڳو هتان لنگھندو به هو ته ان کي گولي سان اڏائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻ ان ۾ هرڪو اچي سگھي ٿو ۽ فقط انگريزن جو نه پر سڄي انسانيت جو علاج ٿئي ٿو.“
احمد ٻڌايو ته سندس والدين آزادي جي هلچل ۾ تمام گھڻو بهرو ورتو هو. ”اسان کي تڪليفون ڏيڻ خاطر گھرن مان ڪڍيو ويو. زمينون کسيون ويون، ڇو جو اسان انگريزن جي خلاف قدم کنيو ۽ هنن جي غلامي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. اسان هڪ جھوپڙي ٺاهي شهر جي ٻاهران اچي پناهه ورتي. رات جو ٽي کن ٿيا هوندا ته انگريزن اسان جي جھوپڙيءَ کي باهه ڏياري. آءٌ ۽ بابو خوشقسمتيءَ سان بچي وياسين. منهنجي ماءُ مدد پهچڻ کان اڳ سڙي خاڪ ٿي وئي.“ احمد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ”پر اسان خوش آهيون، اسان کي ڌرتي ته ملي. ڌرتي به اسان جي ماتا آهي. مون کي پڪ آهي ته منهنجي ماءُ جو روح سي ٿي چڪو هوندو . هن به اهو ئي چاهيو ٿي ته اسان جي ڌرتيءَ تي اسان جو ئي قبضو هجي. اسان کي اسان جي قربانين جو اجورو ملي چڪو آهي. هاڻ آزاد آهيون. اسان جا خيال، اسان جون سوچون سڀ آزاد آهن.“
ان وقت منهنجي دماغ ۾ جوموڪينياتا جي آزاديءَ جي ڏينهن تي ڪيل تقرير جا ڪجھه جملا تري رهيا هئا، جن مان سندس فراخدليءَ ۽ بردباريءَ جو اندازو هرهڪ لڳائي سگھيو ٿي، ”آءٌ انهن مڙني کي معاف ڪريان ٿو جن اسان سان جٺيون ڪيون، اسان کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ ٻڌو. جيتوڻيڪ هنن چاهيو ٿي يا نه، پر ڪينيا کي آزاد ٿيڻو هو سو ٿي رهيو. جيڪي اسان تي ظلم ۽ ستم ٿيا انهن جو بدلو اسان ڪنهن کان به وٺڻ نه ٿا چاهيون. اسان فقط اهو چاهيون ٿا ته اهي جيڪي اسان جو هيستائين رتُ چوسيندا رهيا سي پڻ هٿ هٿ ۾ ڏئي سڄي ملڪ، قوم ۽ انسان ذات جي ترقيءَ لاءِ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. جيڪي هن مهم ۾ شامل ٿي اسان جي مدد ڪندا، اسان جا دوست آهن، اسان جا ڀائر آهن. پر جيڪي سمجھن ٿا ته خدا هنن کي ميم صاحب ۽ لاٽ صاحب سڏجڻ لاءِ اتاهون ۽ نرالو پيدا ڪيو آهي سي پنهنجي ملڪن ڏي هليا وڃن. جيڪڏهن هو اسان جي آڏو ايندا ۽ رنڊڪون پئدا ڪندا ته اسان هنن کي پيرن هيٺ چچڙي ڇڏينداسين.“ احمد مون کي ممباسا شهر جو اهو ميدان ڏيکاريو جتي ڪينيا جي صدر ڪينياتا آزادي جي موقعي تي اها تقرير ڪئي هئي.
ستر ساله جوموڪينياتا جو تعلق ڪينيا جي مشهور قبيلي ڪيڪويو سان آهي. پاڻ ڪنهن زماني ۾ خونريز تحريڪ ’مائو مائو‘ جي بانيءَ جي حيثيت سان نون سالن لاءِ انگريزن جي جيل ۾ رهيو.
هتي جا رهاڪو گھڻي قدر هتي جا شيدي آهن. ممباسا، نئروبي ۽ ڪينيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ هتي جي اصلي رهاڪن کان علاوه ڪيترائي عرب ۽ هندستان، پاڪستان جا پڻ رهن ٿا. جن ۾ ڪيترا انگريزن جي حڪومت ۾ مزدوري ۽ واپار وڙي لاءِ آيا هئا ۽ پوءِ هتي ئي رهڻ اختيار ڪيائون. ملڪ جي تجارت ۽ واپار تي قبضو هندن ۽ کوجن جو آهي. ڪراچي جي ايلفي وانگر ممباسا ۾ ڪلنڊي روڊ آهي جنهن تي نوي سيڪڙو دڪان کوجن ۽ هندن جا آهن، جي اصل بمبئي،ڪڇ ۽ سنڌ کان آيل هئا. هڪ دڪان جو ته نالو ئي ’سنڌ جنرل اسٽور آهي‘. هتي جي سڀ کان خاص شيءِ ۽ سوکڙي، ڪاٺ ۽ عاج مان ٺهيل هٿ جا رانديڪا ۽ ٻيو سامان آهي. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جون شيون ۽ کاڌي پيتي جو سامان پڻ چڱو سستو آهي. ٻيلا جام آهن جن ۾ اڪثر هر قسم جا جانور آهن. جانورن جي کلُن ۽ پکين جي کنڀن مان ٺهيل مختلف سامان پڻ هتي سستو ملي ٿو. ڪلنڊي روڊ جي پوڇڙ تي هاٿي جي ڏندن جهڙا ٻه وڏا دروازا آهن، جتان کان مشرقي آفريڪا ۾ وڃڻ لاءِ رستو شروع ٿئي ٿو ۽ ان مشهور دروازي کي Giant-Tusks سڏجي ٿو.
اسان جي ملڪ ۾ جي شيدي آهن انهن کان به وڌيڪ تکو ڪارو رنگ هتي جي باشندن جو آهي. چپ ۽ نڪ ٿلهو، وار گھنڊيدار جهڙا ماڪوڙا مٿي تي چنبڙيا پيا هجن يا قراقلي ٽوپيءَ جا بج. عورتن کي ننڍا گھنڊيدار وار هيڪاندا عجيب لڳن ٿا. ان ڪري هتي جون شهري ۽ ماڊرن شيدياڻيون وار لڪائڻ لاءِ مختلف رنگن ۽ قسمن جا رومال خوبصورت انداز ۾ مٿي کي ٻڌن ٿيون آهن. پڙدو ڪو خاص ناهي، بلڪ نه برابر آهي جو مون کي ته ڪابه عورت پڙدي ۾ نظر نه آئي. ڪيترائي آفريڪي قبيلا آهن جي اڃا اوگھڙ ڍڪڻ بنا ڦرندا رهن ٿا. ۽ اهڙا ماڻهو شهر کان ٻاهر ۽ جھنگلن ۾ هر هنڌ نظر ايندا. هر قبيلي جي نرالي ڊريس آهي. سڄو منهن ۽ بدن وزني لوهي ۽ بدزيب ڳهن سان ڀريو پيو هوندو. ڪنن جي پاپڙين ۾ هڪ هڪ ٽنگ ذري گھٽ پائليءَ جيڏو. اهڙي قسم جي ماڻهن جا فوٽو ۽ ڪارڊ مارڪيٽ ۾ عام ملن ٿا جي سياحن جي خاص خريداري آهن ــ خاص ڪري ائنٿراپالاجي، ائناٽامي ۽ اروٽزم جي شوقينن لاءِ.
شهر ۾ عورتون اڪثر مني اسڪرٽ يا پورو جبو پائين. هندستاني ۽ پاڪستاني عورتون ساڙهي، گجراتي اسٽائيل جي مئڪسي ۽ شلوار قميص اوڍين. هندستاني فلمن ۾، ڏسي ڏسي ڪن آفريڪي ڇوڪرين به اهو فئشن اختيار ڪيو آهي. (بيروت ۾ پڻ ڪيترن عرب ۽ فرينچ عورتن کي ساڙهيءَ ۾ ڏٺم.) جيستائين سونهن ۽ سوڀيا جو سوال آهي سا مونکي ته نظر نه آئي، ٿي سگھي ٿو خيال پنهنجو پنهنجو، پسند پنهنجي پنهنجي هجي يا آءٌ صحيح اندازو نه لڳائي سگھيو آهيان.
منجهند جا ٻه کن وڳا هئا. جيڪب آباد جهڙي گرمي هئي. اڃَ کان ڄڀَ ٻاهر لڙڪي رهي هئي. منهنجو ميزبان احمد به مون سان گڏ صبح کان وٺي هلڻ ڪري ٿڪجي پيو هو. اسان ٻئي سندس ڪار ۾ پنڪيون کائيندا جهاز ڏي اچي رهيا هئاسين. اوچتو احمد کڻي ڪار کي بريڪ هنئي. نهار ڪيم ته سامهون ته ڪوبه ڍڳو يا ڌنار نه هو البت ڀر واري فٽ پاٿ تان هڪ ڦٽل مشين جهڙِي، اسڪرٽ ۾ هڪ ڇوڪري وڃي رهي هئي. ڪڻڪون پچائڻ واري اس ۾ سندس ڪارو رنگ وڌيڪ چلڪي رهيو هو. ڄڻ منهن تي ٻُڪ تيل جو هنيو هجيس. کاٻي هٿ ۾ بارش کان بچڻ لاءِ بند ٿيل ڇٽي، ڪاري گپ مان نڪتل ٻگھه پکيءَ جهڙيون سنهين ۽ ڪارين ٽنگن سان تکو تکو وڃي رهي هئي. احمد سڏ ڪيس ۽ پوءِ مون کي ٻه منٽ ڪار ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ چئي، رستو ٽپي وڃي ان شيدياڻيءَ سان مليو.
ٻن جا پنج منٽ ٿي ويا، ڏهه منٽ پوءِ پنڌرهن منٽ به گذري ويا. اسان جو دوست نٽهڻ اسَ ۾ هن سان ڳالهين ۾ مشغول رهيو. آخر منهنجي صبر جواب ڏنو. ڪار ۾ اندر رُگھه ۾ ساهه ٿي نڪتو. ٻاهر نڪري ٻه منٽ ترسيس ته اس بدن ۾ سئن وانگر چڀڻ لڳي. وري اندر ڪار ۾ اچي ويٺس. رات جو احمد وٽ ماني هئي، پڪ سمجھيم ته احمد نوڪرياڻي کي ماني ٽڪي لاءِ سمجهائي رهيو هوندو. پر لڳو ته هوءَ ڳالهه ٻڌڻ بدران نخرا ڪري رهي هئي ۽ هر هر پنهنجو اسڪرٽ ۽ رومال صحيح ڪندي رهي.
”احمد“ مون زور سان سڏ ڪري احمد کي واچ ڏي اشارو ڪيو ته دير پئي ٿئي. آخر مس مس اڌ ڪلاڪ بعد آيو. مون ڪجھه منهن ٺاهي بيزاريءَ جو اظهار ڪيو. ”يار. پليز الطاف معاف ڪجانءِ، ڪجھه ڳالهه اهڙي هئي منهنجي زندگي ۽ موت جو سوال هو.“ احمد ٿڌو ساهه کڻي ڳالهه ڪئي.
”ڇو خير ته آهي؟“ وائڙو ٿي پڇيومانس.
”هوءَ ڇوڪري خبر اٿئي ڪير هئي..؟“
وري ان شيدياڻيءَ جو ذڪر. آءٌ چوڻ وارو هوس ته ڇوڪري ته نه هئي پر بوٽ پالش جو اشتهار هو. پر منهنجي چوڻ کان اڳ ئي احمد ٻئي هٿ ڪار جي اسٽيرنگ مان ڪڍي سيني تي هڻي آمريڪي لهجي ۾ انگريزي ۾ چيو: ”Hi Budy! She is my Gal. اڙي، اها اٿئي منهنجي محبوبا ۽ منهنجي مستقبل جي زال. دعا سو ڪجانءِ. هينئر ٻڌائي رهي هئي ته سندس مائٽ اسان جي شاديءَ ۾ راضي نه آهن. هو سندس سنڱ ڪنهن ٻئي سان ڳنڍڻ چاهين ٿا.“
ڏاڍو خوش ٿيس ته چڱو جو احمد جي پڇڻ تي ڪو اونڌو ابتو رمارڪ نه ڏنم نه ته احمد دل ۾ ڪري ها. سندس سدا مسڪرائيندڙ چهري تي اداسي ڏسي کيس آٿت ڏنم، ”لالا پرواهه نه ڪر. توتي لئه پئي رکئي. اها وئي به هلي ته ٻيون ان کان به سهڻيون کوڙ.“
”نه يار ائين نه چئه. سڄي ڪاليج جا ڇوڪرا ڪلثوم تي مرن ٿا. اهڙي ڇوڪري مون کي سڄي آفريڪا ۾ نه ملندي.“ احمد جذباتي ٿي چيو.
سو ادا اسان ڪنهن جي سونهن پرکڻ ۾ ڏاڍا ڪمزور آهيون. پر اهو ضرور چوندس ته هتي جا ماڻهو ڪارا سو آهن پر اٿئي ڏاڍا دل وارا ۽ تون ئي ٻڌاءِ ته دل کان سواءِ گورو چٽو رنگُ ڪهڙي ڪم جو.
هتي سک ۽ هندو ڇوڪريون شلوار قميص ۽ ساڙهيءَ ۾ ۽ بوري ۽ کوجياڻيون غرارن، لينگن يا اسڪرٽن ۾ آفيسن ۾ ڪم ڪندي، دوڪانن تي شيون وڪڻندي يا جماعتخاني ڏي ويندي نظر اچن ٿيون. انهن لاءِ اهو چوڻ مناسب رهندو ته انڌن ۾ ڪاڻو راجا يا جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت. هو آفريڪي ڪارين ڇوڪرين اڳيان ڏاڍو برتريءَ جو اظهار ڪن ٿيون.
نيو ڪئسٽل هوٽل ۾ شام جو چانهه پي رهيا هئاسين ته سامهون واري ٽيبل تي هڪ عورت، مرد ۽ ننڍو ٻار اچي ويٺا. شڪل مان ئي سڃاتم ته گجراتي بوري يا کوجا آهن. پڇڻ تي ٻڌايائون ته هو کوجا آهن ۽ اصل ته هندستان جا آهن پر هاڻ آفريڪا جا سڏائين ٿا جو کين آفريڪا ۾ رهي به سوا سؤ سال کن ٿي ويا آهن. سندن ڏاڏا هندستان کان لڏي زنجبار آيا. ان بعد سندن ماءُ پيءُ هتي ڪينيا آيا. ننڍي ٻار لاءِ پڇيومان ته هيءِ ڪهڙِي زبان ٿي ڳالهائي ته ٻڌايائون ته اسڪول ۾ انگريزي ۽ هتي جي آفريڪي زبان ’سواحلي‘ ٿي پڙهي، پر گھر ۾ اسان آغاخاني گجراتي، ڪڇي ۽ سنڌي جي گاڏڙ ساڏڙ ڳالهائيندا آهيون. بازار مان خريداري ڪندي مون هر دڪاندار سان سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهايو جو هو يا ته هندو سنڌي هو يا کوجو. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا سو پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي مزو پئي آيو.
بازار جي ڪنڊ تي ڪراچي جي محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ جيڏي کاڌي پيتي جي شين جي سپرمارڪيٽ آهي جا هڪ آغاخاني کوجي جي آهي. اهڙي قسم جون هڪ وڏي دڪان جي روپ ۾ مارڪيٽون جتي ڪٿي آهن، جتان هر شيءِ سستي ۽ تازي ملي ٿي. يورپ جي ملڪن ۾ ته سپر مارڪيٽون عام آهن. هتي جي سپر مارڪيٽ ۾ به مختلف کاڌي پيتي جي شين جا الڳ الڳ ڊپارٽمينٽ آهن ۽ پئسي جي حساب ڪتاب لاءِ هر ڊپارٽمنٽ جي ڪنڊ تي ڌار ڌار ماڻهو ويٺل آهي. هر شيءِ پاڪيٽن ۽ لفافن ۾ بند، مٿان مقرر قيمت لکيل نظر ايندي جيئن جا شيءِ کپي سا کڻي سگھجي ۽ اوترا پئسا ڪائونٽر تي ڏئي رسيد وٺجي. مون کي کاڄا، الائچي (ڦوٽا) ۽ مسالو وٺڻو هو. ٻيو ته سڀ سامان نظر آيو پر ڦوٽا نه هئا. ڦوٽن لاءِ انگريزي لفظ نه پئي سجھيم سو سنڌيءَ ۾ ئي پڇيومانس ته الائچي آهي توهان وٽ.
”نه کپي وئي آهي،“ پاڻ ٺهه پهه وراڻيائين، ”چئن ڏينهن بعد ڳنهڻ اچجانءِ.“
ممباسا جون راتيون به بيروت وانگر خوبصورت ۽ جوان آهن. ڏينهن جو سخت گرميءَ ڪري شهر ۾ اهو چهچٽو ۽ رونق نٿي رهي. رات ڏاڍي ٺرندي آهي ۽ ٿڌي ٿڌي هوا جڏهن لڳندي آهي ته حيدرآباد ياد ايندي آهي. پر يار حيدرآباد جي راتين جو ڪير مقابلو ڪري. حيدرآباد جي راتين جي هوا ۾ جا وڻندڙ ٿڌاڻ، ميٺاج ۽ نشو آهي، اهو ڪٿي جي به هوا ۾ ناهي. اها قدرتي نعمت شايد حيدرآباد لاءِ ئي آهي. جن حيدرآباد، ڄامشوري ۽ پيٽارو جي راتين ۾ ننڊون ڪيون تن کي هي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا به مزو نه ڏيندا، يقين ڪر.
چڱو ادا، هاڻ اجازت، ممباسا جون ڳالهيون ته کوڙ آهن. ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکجن. ممباسا ۾ ته هر هر پيو اچبو جيسين عرب سئيز ڪئنال کولين. سو وڌيڪ ٻئي دفعا.
نيڪ تمنائن سان
تنهنجو