الطاف شيخ ڪارنر

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
  • 4.5/5.0
  • 1705
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجو ساگر منهنجو ساحل

چٽگانگ

چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ اسانجي جهاز کي ٽيون رات اندر اچڻ جي جڳهه ملي. ٻه ڏينهن اڳ بندرگاهه کان پنڌرهن ميل کن پري اچي لنگر ڪيرايوسين. جيسين اندر جڳهه خالي ٿئي. بري ۽ هوائي آمدرفت سان گڏوگڏ بحري ٽرئفڪ به ايتري وڌي وئي آهي، جو دنيا جي هر بندرگاهه تي اندر گھڙڻ کان اڳ ڪجھه ڏينهن ٻاهر انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جيسين وارو اچي. چٽگانگ ۾ هن کان اڳ به ٻن سالن لاءِ آءٌ رهي چڪو آهيان. ان ڪري چٽگانگ سان منهنجيون ڪيترون ئي ڪڙيون مٺيون يادون وابسته آهن. نه صرف چٽگانگ سان پر سڄي بنگال سان. هينئر پورن چئن سالن بعد آيو آهيان. ڪافي تبديليون نظر اچي رهيون آهن. شهر ۽ آسپاس وڌيڪ سهڻو ٿي پيو آهي. جيتري ترقي بنگال ۾ هن موجوده (ايوب خان جي) دؤر ۾ ٿي آهي، اوتري ڪڏهن نه ٿي. بپني بتن (ٽي منزله خوبصورت مارڪيٽ) جهڙي مارڪيٽ هن وقت سڄي پاڪستان ۾ نه آهي. ان کان علاوه اسٽيل مل، بندرگاهه ۽ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ وٽان آهن. ڪاش تون به هجين ها ته بپني بتن ۾ گڏجي شاپنگ ڪريون ها. الماس ۽ خورشيد محل سئنيمائن ۾ فلمون ڏسون ها، خيام هوٽل ۾ پاڳلن وانگر ڊانس ڪيون ها. بشير وانگر هٿ هٿ ۾ ڏئي راز جون ڳالهيون وچ رستي تي، سنڌيءَ ۾ زور زور سان ڪريون ها، (ڇوته هتي ڪوبه سنڌي سمجھڻ وارو ڪونهي). چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن سان پڪنڪ ۾ گڏ حصو وٺون ها. چيني هوٽل ۾ گانگٽ ۽ ڪيڪڙا کائون ها. خدا جو قسم مزو اچي وڃي ها.
هتي ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون ٿينديون آهن، جو ڏاڍي کل ايندي آهي. مثال طور منهنجي هڪ انجنيئر ساٿي کي اهو وهم ويٺل آهي ته جهاز جي انجڻ جي گوڙ ڪري اسان روز بروز ٻڌڻ جي طاقت وڃائي رهيا آهيون. هڪ دفعي انجڻ روم ۾، جنهن وقت هن ٽيليفون کنيو، ان وقت اتفاق سان خراب هو ۽ چٽيءَ طرح ٻڌي نه سگھيو جو بعد ۾ ٺيڪ ٿي ويو ۽ مون کنيو ته صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پر هن جوان جو شڪ ٿوري پڪ ۾ بدلجي ويو.
ڪالهه چٽگانگ جي نيومارڪيٽ ۾ ڏاڍو مزو ٿيو. ڪتاب پئي ورتاسين، هڪ ڇوڪري به ڀر ۾ بيهي پنهنجي پسند جا ڪتاب پئي ڳوليا. سڀ پنهنجو پاڻ ۾ مشغول هئاسين. ٿوري دير بعد مون کي آڱر سان اشارو ڪيائين ته، ”ڇوڪريءَ ڇاچيو؟“
”الائي، آءٌ ته پري بيٺو آهيان. توکي ڪجھه چيائين ته وري کڻي پڇينس.“ مون وراڻيومانس.
تنهن تي منهنجي دوست هن طلائي مڇيءَ جهڙي چست ۽ سمارٽ بنگالي دوشيزه ڏي مڙي بنگاليءَ ۾ پڇيس، ”مِس! تُمي ڪِڇُو بولِڇو؟“ (محترمه توهان ڪجھه چيو.....؟)
ڇوڪريءَ قهري نگاهن سان جيئن ئي ڏٺو ته آءٌ ڊڄي ويس ته اجايو ستل ڪتن کي ٿڏا هنيا اٿئون پر پوءِ هن ڪنڊ ۾ رکيل پيڪدان ۾ ٿڪ اڇلي چيو:
”اَمي ڪِي پاگول هوئي، گيسي، ڪي تُماڪي بولبو! اَمي تو پان کائتسي.“ (منهنجو دماغ ته خراب نه ٿيو آهي، جو خواهمخواهه توکي ڪجھه چوندس، آءٌ ته پان کائي رهي آهيان.)
جهاز تي منهنجي پاسي واري ڪئبن ۾ زمان رهي ٿو. کيس ٽيپ رڪارڊر آهي جيڪو صبح شام، آنڌيءَ مانجھيءَ، مهلو ڪمهلو وڄندو رهيو ٿي ۽ ساڳيا گانا ساڳي Sequence ۾ فل آواز ۾ وڳا ٿي. گانا به وري ڪهڙا ـــــ’مين ني ڪها سلام عليکم‘، ’ڀاڀي نهين تو ميري مان هي‘، ’گول گپي والا آيا‘، ۽ ٻيا اهڙي قسم جا گانا جن کي هر هر ٻڌي چريو ته چريو ٿئي پر سنئون به چريو ٿئي. ڪيترو سمجھايوسين ته اسان جي ننڊ ٿي ڦٽي، موڊ ٿي آف ٿئي ۽ نثار وسطڙي وانگر هٿ (ٻانهن سميت) ٻڌي ليلايوسين، ”هيڏانهن او هيڏانهن. واسطي الله جي معافي ڏي، مٿي ۾ اٿئون سُور، ڏاڍو.“ پر حرام سوئر جو ٻڌي.
اڄ صبح جو اٿڻ سان اسان جي گھٽيءَ ۾ قبرستان جي خاموشي هئي. دل ۾ چيم ته شڪر آهي، اسان تي رحم آيو آهيس. پر پوءِ معلوم ٿيو ته ڪو ٻيو انجنيئر ٽيپ رڪارڊر جي ربن مٿان چقمق (Magnet) ڦيرائي، سڀ گانا ڊاهي ويو اٿس ۽ هي انهيءَ فڪر ۾ آهي ته گانا اوچتو غائب ڪيئن ٿي ويا. (دراصل ٽيب جي ربن ۾ لوهه جا تمام سنها سنها ڊگھا ٽڪرا ٿيندا آهن جي آواز ٽيپ ڪرڻ وقت ان مطابق پاسيرا ڪنڊائتا ۽ سڌا ٿي بيهندا آهن.) چقمق ڦيرائڻ سان اهي ذرڙا پنهنجي پهرين پوزيشن وڃائي، چقمق جي ڇڪ مطابق ٿي بيٺا ۽ اسان جو جوان ۽ اسين آواز لاءِ سڪندا رهياسين. رات سندس ئي اڳيان ڪنهن رومال ۾ چقمق ويڙهي ٻن سيڪنڊن لاءِ گھمايو ۽ اتي جو اتي گانا ختم ٿي ويا.
جهاز ۾ سڀ کان مزيدار انسان ڊاڪٽر آهي. کيس ڊاڪٽريءَ کان علاوه سڀ ڪجھه اچي ٿو. ڪڏهن ڏس ته اليڪٽريڪل انجنيئر سان بجليءَ تي پيو بحث ڪندو، ته ڪڏهن مڪينڪل انجنيئر سان مشين جي مڪينزم پيو سمجھندو. ڪراچيءَ ۾ هڪ جرمن انجنيئر آيو هو، جو اسان سڀني انجنيئرن کي هن جهاز بابت سمجھائي رهيو هو ته هن جي اسٽيرنگ گيئر Steering Gear ڪيئن ٿي ڪم ڪري. ڊاڪٽر صاحب ڪو اچي لنگھيو. ميڙ ڏسي پاڻ به اسان سان شامل ٿي ويو. وري ان تي طرو اهو ته اسان کان به وڌيڪ سوال هي پيو پڇي. ڪالهه سگنلنگ Signaling سکي رهيو هو. ٿوري ٿوري ٻڌو اٿم ته سمگلنگ به ڪندو آهي. مثال طور: ڪراچيءَ مان سوپاريون ۽ ڦوٽا وٺي سلون ۾ مائٽن کي وڪڻي ڏيندو آهي (جتي خود سستا آهن). يا چٽگانگ مان واچون وٺي دبئي يا عمان ۾ پنهنجي ڪاليجي ڊاڪٽرن جي مٿي ۾ هڻندو آهي. هر دفعي چڱو چوکو نقصان رسندو اٿس. ڪڏهن به مون کيس مريض تپاسيندي يا دوا ڏيندي نه ڏٺو. ان ڪري اسان جي شعور ۾ اها ڳالهه ئي ويٺل ڪانهي ته ڊاڪٽر صاحب جو اصل ڪم ڪهڙو آهي. هڪ ڏينهن سڀ دوست گڏ ويٺا هئاسين. هڪ جي طبيعت خراب هئي، سو ريڊيو آفيسر سان صلاح مشورو ڪري رهيو هو ته پيٽ ٺيڪ نه اٿم. انٽرو وايوفارم گوريون کانوان يا سلفا گونوڊن؟ ڪنهن کي به اهو خيال نه رهيو ته سڄو سارو ڊاڪٽر ويٺو آهي، هي آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهي ۽ پاڻ به وري اهڙو ڪڇي جهڙي ڀِتِ. ڄڻ ته ڊاڪٽري جي ’ڊ‘ کان به واقف نه هجي.
هڪ ڏينهن سنجيدو ٿي سمجھايومانس ته پنهنجي ڌنڌي سان شوق رک، نه ته اهي افعال رهي ته ائناٽامي کان وري شروع ڪرڻو پوندءِ. پٺيان ڪو ٻڌي رهيو هو تنهن ٽوڪ طور چيو: ”ائناٽامي.....؟ هون! ـــ ڏهين جماعت جي ’علم بدن‘ کان.“ ۽ سڀ کلڻ لڳا.
هونءَ ويچارو آهي ڏاڍو شريف. ٻين جي آرام جو ڏاڍو خيال ٿيندو اٿس. ڪڏهن به بي وقت ملڻ ايندو ته دروازي تي آهستي آهستي ائين کٽ کٽ ڪندو، ڄڻ ته ڪنهن مريض جي Abdomen کي ٺونگا هڻي تپاسي رهيوهجي. جُوا ۾ آخر تائين توڙ ڪرڻ ته ڪو کانئس سکي. سڄي سڄي رات ويهي صبح ڪندو. فلئش پئي هلندي. ڊالر ختم ٿيندا ته روپيا. روپيا ختم ٿيندا ته سگريٽ نڪرندا. سگريٽ کٽا ته ڪوڪاڪولا جي ٻاٽلين ته به ڪم ساڳي زور شور سان پيو هلندو ۽ پوءِ انهن جي ڍَڪن تي. ڪيرم يا ڪنهن ٻي راند ۾ ڪنهن رانديگر جي کوٽ ٿيندي ته سڀني کي ڊاڪٽر جو وجود ياد ايندو.هن کي وڃي ننڊ مان به اٿاري ايندا. واندو ماڻهو جو ٿيو. هونءَ به راندين ۾ ته ڀڙُ آهي. پنهنجي ڪاليج جي هاڪي ، ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال ٽيم جو ڪئپٽن هوندو هو. ٻئي سال فيل ٿي پيو. پر ’فارماڪالاجي‘ جي پروفيسر ــ جيڪو راندين جو انچارج هو، پاس ڪري ڇڏيس. ٿرڊ ايئر ۾ ڊراما ۽ ڪاليج فنڪشن ۾ زور شور سان حصو ورتائين. سالياني ’سئمنگ گالا’ ۾ نمبر کنيائين. پئٿالاجي جي پروفيسر (جنهن کي پئٿالاجيءَ کان وڌيڪ پيار ڊرامن ۽ سئمنگ گالا سان هو) کي صبح شام سلام ڪندو هو ۽ نتيجي کان اڳ کيس ڀروسو هو ته ٿرڊ ايئر جي مصيبت به ٽري. چوٿين سال ۾ امتحان نه ٿيس. آخري سال ۾ جورس پروفيسر جي ٽيون نمبر ڪاري ڌيءُ ۽ ميڊيسن جي پروفيسر جي وڏي ڌيءُ (جنهن سان ڪو شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو) سان هڪ ئي وقت عشق ڪيائين. چڱو خوبصورت جوان آهي. امتحان جي رزلٽ نڪرڻ تائين ٻنهي ڌرين کي الڳ الڳ شاديءَ لاءِ ڏٽا ڏيندو رهيو. ان بعد کين ائين ڏسڻ لڳو. ڄڻ چئي رهيو هجي ته معاف ڪجو، مون شايد اوهان سان گذريل جنم ۾ پيار ڪيو هجي ته هجي، هي جنم منهنجو جنم آهي، جنهن ۾ گذريل جنم جون غلطيون ڪرڻ نٿو چاهيان.
پڙهڻ ۾ اهڙو صفا چٽ به نه هو، گائني جهڙن سبجيڪٽن ۾ ته اعزازي نمبر کنيائين. سندس ڪلاس ميٽ اڃا به چوندا آهن ته Gynecology by Jeffcords ڪتاب ته ڄڻ ته پاڻ لکيو هجيس، جيتوڻيڪ ’سرجري باءِ لو اينڊ بيلي‘ ۽ ’ميڊيسن باءِ ڊئوڊسن‘ جهڙن مشهور ڪتابن جا سوين صفحا سندس شڪل کي ترسندا رهيا. تعليم بعد ڪجهه وقت هائوس جاب ڪيائين پر غلط سلط ائناٽامي وارن مريضن ۽ سڪل ڇاتين وارين نرسين کي ڏسڻ سان اڇت ئي دل کٽي ٿي پيس. اسپتال جو گندو ماحول ڇڏي جهاز جي وڌيڪ گندي ماحول ۾ اچي نڪتو. کيس دنيا ڏسڻ جو شوق هو جيڪو ائين پورو ٿي سگهيو ٿي. بهرحال اڄ جيڪڏهن اسان وٽ هي ڊاڪٽر نه هجي ها ته اسان جون ڪچهريون اڌوريون رهجي وڃن ها. ڪيرم ۽ ٽيبل ٽينس راند جا هفتيوار پروگرام فنا ٿي وڃن ها.
منهنجو هن جهاز تي سڀ کان پڪو دوست اڪبر آهي. پنهنجي ڪم سان ڏاڍو چاهه اٿس. سخت محنتي ۽ سخت جان آهي. مشڪل وقت اچڻ تي رات ڏينهن ڪم ڪندي به نه ٿڪبو آهي. اوجاڳي، پورهئي ۽ هرڳالهه جو پڪو آهي، سواءِ بک جي. مانيءَ جو وقت ٿيو ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت کيس ترسائي نه سگھندي. کائڻ جو به مڙس ماڻهو آهي. وات اندر وڏا وڏا گرانهه ائين وجھندو آهي، ڄڻ مينهن کان ٽپڙ اندر ڪجن.
هر شهر جي وڏي ۾ وڏي هوٽل ۾ ماني کائڻ سندس خاص هابي آهي. پئسا چاهي پورا پُنا هجنس، پر بل هميشه پاڻ ادا ڪندو آهي. پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جو شرف هميشه مون کي حاصل ٿيندو آهي. پر آءٌ ڀڄندو رهندو آهيان ڇو جو جڏهن ماني کائي ٻاهر نڪرندا آهيون ته آءٌ هميشه پگھر ۾ شل هوندو آهيان، جو هن جي ٻين عادتن سان گڏ اها عادت پڻ آهي ته هوٽل مان نڪرڻ وقت ڪانٽا، ڇريون ۽ چمچا پنهنجي کيسي ۾ به وجھي نڪرندو آهي ته منهنجي ۾ به. ۽ پوءِ ٻاهر نڪرڻ وقت ظاهر آهي منهنجون ٽنگون ائين پيون ڏڪنديون آهن ڄڻ ڀنگ پيون ڇاڻين. ذري ذري پٺيان پيو نهاريندو آهيان ته ڪو هوٽل جو بئرو جھلڻ جي لاءِ ته ڪونه ٿو اچي. ان ڪري ئي هن سان گڏ ماني کائيندي ڪيٻائيندو آهيان جو آخر ۾ مزو ڪرڪرو ڪري ڇڏيندو آهي.
پنهنجو حال ڀائي مون کي ٺاهيو اٿس. اصل ڦاسي ويو آهيان. پنهنجي ناڪام عشق جو قصو ــ اڃا به ”اصل وڏو قصو“، پنجويهه دفعا ٻڌائي چڪو آهي. مون کي به سمجھه ته الف کان ي تائين برزبان ياد ٿي ويو آهي. ايتري قدر جو اهو ورجائيندو پاڻ ڪٿي هٻڪندو يا ڀلبو آهي ته آءٌ لقمون ڏيندو آهيان ته پوءِ هن توکي هيئن چيو يا تو هن کي هيئن چيو. هميشه پنهنجا احسان پيو جتائيندو آهي، ته: مون هن خاطر هي به ڪيو، هو به ڪيو. هاڻ ڀلا کيس ڪير سمجهائي ته عورت اها شيءِ آهي جنهن لاءِ سيزر پنهنجي لشڪر کي به وساري ڇڏيو. بهرحال جاني مڙس آهي. دل جو صاف ۽ وفادار دوست آهي. سڄي جهاز جي رونق سندس دم (۽ جنريٽر مشين) سان آهي.
چڱو ادا، هاڻ ته ڪافي رات لڙي چڪي آهي. ٿوري دير سمهي وٺان ڄاڻ ته منهنجي واچ (ڊيوٽيءَ) جو ٽائيم ٿيو.