الطاف شيخ ڪارنر

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
  • 4.5/5.0
  • 1705
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجو ساگر منهنجو ساحل

اسپلٽ (يوگوسلاويا) نومبر 1968

ٽيون ڏينهن روم (اٽلي) کان هوائي جهاز ذريعي يوگوسلاويا جي بندرگاهه اسپلٽ Split شهر ۾ آيس. ان ڏينهن روم پهچڻ سان، روم ۾ رهندڙ اسان جي آفيس جي ايجنٽ اسان جو آڌرڀاءُ ڪئي. رهائش جو بندوبست اڳ ۾ ڪري ڇڏيو هئائين. سو اسان سڌو ’هوٽل پئرس‘ ۾ آياسين، جا وچ شهر ۾ آهي. روم جو هوائي اڏو يورپ جي وڏن هوائي اڏن مان آهي، جتي ڏينهن رات جهازن جا اڻ کٽندڙ قافلا لهندا ۽ چڙهندا رهن ٿا.
يورپ جا ملڪ صفائيءَ کان مشهور آهن. هر شيءِ صاف سٿري ۽ سليقي سان سجايل. رستا ۽ عمارتون چمڪنديون نظر اچن ٿيون. اهڙي صفائي قائم رکڻ لاءِ سرڪار ڪا ڀنگين جي فوج، سڄي شهر ۾ نه بيهاري ڇڏي آهي. جيڪڏهن هر چپي تي ٻهاريءَ سان ڀنگي بيهارجي ته به اهڙي صفائي قائم ٿي نه سگھي، جيستائين هر هڪ شهر واسيءَ کي خود صفائيءَ جو خيال نه هجي. صفائي رکڻ کان وڌيڪ گندگي نه پکيڙڻ ضروري آهي. هتي ڪچري ڦٽي ڪرڻ لاءِ هرهنڌ ڪونه ڪو دٻو رکيل آهي. ائين نه ته جتي سگريٽ پيتو اتي ڦٽو ڪيو، ميوو کائي، کلون اتي ڦٽيون ڪيون يا چاڪليٽ کائي، ڪاڳر هوا جي رحم و ڪر۾ تي ڇڏي ڏنا ته پيا اڏامن. جپانيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته: هر ماڻهو جيڪڏهن فقط پنهنجي گھر جي اڳيان گھٽيءَ جو حصو صاف ڪري ته سڄو شهر چمڪندو نظر اچي.
هڙتالون ۽ اسٽرائيڪون هتي به ٿين ٿيون. شاگرد پنهنجي غصي ۽ ٿيل ناانصافيءَ جو اظهار هتي به ڪن ٿا پر اسان وانگر هرگز نه، ته ڳالهه ڳالهه تي اسٽرائيڪ. ۽ غصي ڪڍڻ جو اسان وٽ فقط اهو طريقو رهيو آهي ته پبلڪ بسون ساڙجن. قومي عمارتن کي نقصان رسائجي ۽ ٻين اکرن ۾ پنهنجو پاڻ کي ۽ ملڪ کي ڇيهو رسائجي. خاص ڪري هر ڳالهه ۽ مسئلي ۾ شاگردن کي دخل اندازي ڪري ، پنهنجو قيمتي وقت وڃائي هڙتالون ڪرڻ بلڪل زيب نه ٿو ڏئي. اسان جو ملڪ ته اڃا ترقي پذير آهي. اسان جو ته هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي. اسان کي ته اهو ڪي ڪرڻ کپي، جنهن سان ملڪ ترقي ڪري ۽ ملڪ جي خوشحالي اسان جي خوشحالي آهي.
جرمنيءَ ۾ هڪ ڪارخاني ۾ مزورن سان گفتگو ڪندي مون هڪ کان پڇيو ته توهان هڙتالون ڇو نه ٿا ڪريو....؟ هن جواب ڏنو: ”Because we can not afford it. اسان لاءِ هڪ ڏينهن جي هڙتال به ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ وجھندي جنهن جو اثر وري اسان ديس واسين تي اڄ نه ته سڀاڻي ضرور پوندو ۽ اسان ٻين قومن جي مقابلي ۾ هڪ ڏينهن پٺتي رهجي وينداسين.“
هاڻ ذرا سوچيو، ڪٿي جرمني ڪٿي اسان جو ملڪ. جيڪڏهن جرمني جهڙي ملڪ لاءِ ڏينهن ٻن جي اسٽرائيڪ قومي ترقيءَ ۾ رنڊڪ آهي ۽ نقصانده آهي ته اسان لاءِ هيتريون اسٽرائيڪون ۽ هيترن ڏينهن لاءِ، ڪيترو خراب آهن. اسان کي گھرجي ته اسان به ان قسم جي ذميداري محسوس ڪريون ۽ اهو ڪي ڪجھه ڪري ڏيکاريون جو سڄي دنيا ۾ باعث تحسين ۽ باعث داد ثابت ٿئي. اسين جيڪڏهن چاهيون ته اسان جا شهر به روم، پئرس، شنگهائي بنجي سگھن ٿا. بلڪ ان کان به سهڻا. بس فقط هڪ مستقل ارادي جي ضرورت آهي.
ادا، روم جتي آءٌ ڪجھه ڏينهن اڳ هوس، هڪ تاريخي شهر آهي. اٽڪل چارهزار سال پراڻو چون ٿا. هن ۾ توهان کي پراڻي ۽ تمام نئين قسم جو عمارتون نظر اينديون. دنيا جو وڏي ۾ وڏو چرچ ’سينٽ پيٽرس‘ به روم ۾ آهي. جو واقعي ڏسڻ وٽان آهي. ايترو ته منجھس ڪم ٿيل آهي جو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ته ڏسي نه ٿو سگھجي. ان کان علاوه ويٽيڪان سٽي جيڪا دنيا ۾ ننڍي ۾ ننڍي حڪومت آهي ۽ پوپ ٿو حڪومت ڪري، سا پڻ هتي روم ۾ آهي.
شهر ۾ جتي ڪٿي وڏا پٿر جا ۽ ڌاتوءَ جا بت (Statue) نظر ايندا. بگھاڙيءَ جو بت روم جي قومي نشاني آهي. ان بابت چيو وڃي ٿو ته روم ٻن ڀائرن ٺهرايو، جن کي ننڍي هوندي ان بگھاڙيءَ کير پياري وڏو ڪيو. شهر جي وچ ۾ سوني گھوڙي جو بت آهي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن ان گھوڙي جو سون بلڪل وٽڙي ويندو، ته پوءِ روم ختم ٿي ويندو. اسان کي گائيڊ هر شيءَ ڏيکاريندو ۽ ڏسيندو هليو. گھوڙو سڄو سون جو ٺهيل ناهي، پر سونو پاڻي چڙهيل اٿس، جو ڪٿان ڪٿان لهي چڪو آهي. هڪ همراه اسان مان گائيڊ جو ان ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيو: ”هي سون ختم ٿيڻ تي آهي، آيو ڪي آيو. پوءِ روم ــ توهان جو شهر ته ختم ٿي ويندو؟“ سڀ کلڻ لڳا.
هڪ وڏي عمارت ’ڪمپيڊا گلو‘ نالي جا سؤ کن ويڪرا ڏاڪا هڪ عورت گوڏن ڀر پار ڪري رهي هئي. گائيڊ ٻڌايو ته هتي جي عورتن کي اڃا اهو وهم آهي ته ’ٻار نه ٿيندڙ عورت هي سڀ ڏاڪا گوڏن ڀر چڙهندي، ته ٻار ٿي ويندس‘ مون دل ۾ سوچيو ته پوءِ روم ۽ سنڌ جي انهن عورتن ۾ ڪهڙو فرق آهي جي جھنڊن ۽ قبرن کي هٿ ٻڌي اولاد جي گھر ڪن ٿيون.
”هيءَ اها جڳهه آهي جتان مسوليني بيهي تقرير ڪندو هو ۽ هن چؤواٽيءَ تي ماڻهن جا ميڙ بيهي اهي ٻڌندا هئا“. اسان جو گائيڊ اسان کي ٻڌائيندو رهيو. ”هتي نيرو روم کي باه ڏيئي پوءِ ويهي چنگ وڄايو هو. هيءَ اها جڳهه آهي جتي انگريزي فلم Fall of Roman Empire فلمائي وئي هئي. هيءَ مشهور Reconciliation Street آهي، هي تريوي جو مشهور ڦوهارو آهي. هي سينٽ اينجلو جو پراڻو قلعو آهي.“
سڀ کان وڌيڪ مون کي اهو ننڍڙو ٻيٽ وڻيو، جو شهر جي وچ مان وهندڙ ’تائيور‘ نديءَ ۾ هو. سينٽ پيٽر چرچ جي کاٻي پاسي واري عمارت جي ٽيڪ لاءِ ٿنڀن جون ڪيتريون ئي قطارون آهن ۽ سينٽ پيٽر چؤواٽيءَ وٽ هڪ اهڙي جڳهه آهي، جتان جيڪڏهن بيهي انهن ٿنڀن ڏي ڏسجي ته فقط اڳين ٿنڀن جي قطار نظر ايندي، باقي پويان قطارون اڳين ٿنڀن پويان لڪي وينديون ۽ پوئين قطار جو هڪ به ٿنڀو نظر نه ايندو. اهو عمارت سازيءَ جو وڏو هنر آهي جو پراڻي زماني جي ماڻهن ٺاهيو. مائيڪل اينجلو جون تصويرون پڻ هتي ڏسڻ وٽان آهن.
روم اٽليءَ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ماڻهن جي زبان اٽلين (Italian) آهي جنهن کي پاڻ اطالوي سڏيون ٿا ۽ هتي جي سڪي جو نالو ’ليرا‘ ۽ ’سينٽ‘ آهي. اٽلي ’فياٽ‘ گاڏين کان مشهور آهي. هاڻ بحري ۽ هوائي جهازن لاءِ پڻ اٽلي فياٽ انجڻيون ٺاهي رهي آهي. روم ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ٻي گاڏي نظر اچي ٿي، نه ته جيڏانهن به نظر ڪجي ته فياٽ ڪارون ئي نظر اچن ٿيون. صبح جي وقت هر گھر ۽ بلڊنگ اڳيان خاص ڪري ننڍي سائيز واريون موٽرون ائين نظر اچن ٿيون، ڄڻ ته ڪي رانديڪن جا ڍير هجن. روم ۾ گھڻو ڪري هر هڪ وٽ ڪار آهي پر سفر گھڻو ڪري بس ۾ ڪن. جو اهو وڌيڪ آرامده ۽ سستو پوي ٿو.
جيڪڏهن بس ۾ سفر ڪرڻ بدران هرهڪ پنهنجي پنهنجي ڪار ڪڍي اچي، ته جيڪر رستن تي ٽرئفڪ جام ٿي وڃي. هتي جي ڊرائيورن جي هڪ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته اسان وڌيڪ خوش اخلاق آهن. پيادن جو گھڻو خيال رکيو وڃي ٿو. سگنلن ۽ قانون جي ڀڃڪڙِيءَ کان ڪافي پرهيز ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جيتوڻيڪ اسان کان وڌيڪ هتي جي ٽرئفڪ آهي،ته به حادثا گھٽ ٿين ٿا ۽ ساڳي وقت پيادن ۾ پڻ اهو شعور آهي ته ڪڏهن به غلط جاءِ تان رستو نٿا ٽپن ۽ بس ۾ چڙهڻ لاءِ به صحيح ۽ مقرر هنڌ تي بيهي انتظار ڪن ٿا، ته پوءِ ان لاءِ کڻي کين ڪجھه پنڌ پيدل هلڻو پوي يا ڪجھه دير ترسڻو پوي.. گھڻو ڪري بسون ۽ ٽرامون اليڪٽرڪ تي هلن. ان ڪري دونهون نه برابر رهي ٿو.
عام طرح روم جي ماڻهن ۾ رکائي ۽ شوخي آهي. ٻين ۾ ته ڇا پر دڪاندارن ۾ پڻ. اسان جي دڪاندارن جي ڇا ڳالهه ڪجي. گراهڪ تان قربان پيا ٿيندا. هڪ شيءِ بدران ڏهه ڏھ شيون گراهڪ کي ڏيکاريندا ته من راڻو ريجھي، پر هتي اها ڳالهه ناهي. زياده تر دڪان ۽ هوٽلون عورتون هلائين. شهر ۾ ڪيترائي ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن، جتي سئي سڳي کان موٽر ڪار تائين هر شيءِ ملي ٿي ۽ شهر جي قيمتن کان گھٽ اگھه تي ملي.
اٽلي جي ٻن پاسن کان بحر روم (Mediterranean Sea) آهي. هڪ طرف کان اڊارڪٽڪ سمنڊ. وينس ۽ ٽرشٽيءَ جهڙا ڪيترائي سهڻا بندرگاھ اٿس. يورپ جي ٻين ملڪن وانگر روم ۾ به ڪافي سردي هئي. پر هتي يوگوسلاويا ۾ تمام گھڻي آهي. توڏي هي خط يوگوسلاويا جي شهر اسپلٽ جي هوٽل مريان مان لکي رهيو آهيان. اسان ٻن ڏينهن کان هن هوٽل مريان ۾ رهيل آهيون.
سمنڊ جي ڪناري تي هيءَ هوٽل هن ننڍڙي شهر جي وڏي ۾ وڏي هوٽل آهي ۽ ڪراچي انٽرڪانٽينينٽل جيڏي ٿيندي. اسين نائين ماڙ تي رهيل آهيون. جتان سڄي شهر جو نظارو چٽيءَ طرح ڪري سگھجي ٿو. يوگوسلاويا جيتوڻيڪ سوشلسٽ ملڪ آهي، پر هتي ايتري چين جهڙي سختي ناهي. ماڻهن کي هر قسم جي آزادي آهي ته گھمن ڦرن، کائين پيئن ۽ پهرين. هتي جو سڪو دينار ۽ سينٽ آهي. پنهنجي هڪ روپئي ۾ اڍائي دينار کن ٿيندا. هتي جي ماڻهن جي زبان يوگوسلاوين آهي ۽ لکڻي جيتوڻيڪ انگريزيءَ جهڙي آهي پر اچارن ۾ فرق اٿس.
يورپ جي ٻين ملڪن وانگر هتي به مهانگائي حد درجي جي آهي. معمولي شين جا به ڳرا ملهه آهن. ڪالهه هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ وياسين، جتي ٻاهر جي دڪانن کان هر شيءِ سستي ملي ٿي. هتي جا ڊپارٽمينٽل اسٽور ڪافي خوبصورت آهن ۽ هي اسٽور ’محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ‘ ڪراچيءَ جيڏو ٿيندو ۽ چار ماڙ هو. مٿي چڙهڻ لاءِ پاڻهي مٿي ويندڙ ڏاڪڻيون (Escalators) هيون ۽ هر سيلز گرل کي ساڳيو وڳو هو. گراهڪن کان وڌيڪ وڪڻڻ واريون ڇوڪريون نظر اچي رهيون هيون. هتي انگريزي ڪو ورلي سمجھي سو هر ڳالهه لاءِ اشارا ڪرڻا پون ٿا ۽ وات کي ابتو سبتو ڪرڻو پوي ٿو. منهنجي دوست سعيد ته هٿ جا اشارا به ڪندو آهي ته پنجابيءَ ۾ به سمجھائيندو آهي. بقول هن جي هنن لاءِ جهڙي انگريزي تهڙي پنجابي.
جيئن اسان وٽ ڪو ڌاريو ايندو آهي ته سڀ پيا ڏسندا اٿس ۽ ڌاريو ماڻهو پري کان پڌرو. ساڳي ڳالهه اسان سان هتي آهي. اسان هتي جي سوَن هزارن ماڻهن ۾ پڌرا آهيون. هتي جا ماڻهو قداور ۽ تندرست آهن. سرد ملڪ آهي ان ڪري خوب ڳورا ۽ ڳاڙها آهن. ننڍي هوندي ڪهاڻين ۾ پڙهبو هو ته راڻي سلامت يا شهزادي صاحبه ايتري سهڻي ۽ اڇي هئي جو پاڻي پيئندي هئي ته اهو به نڙيءَ مان نظر پيو ايندو هو ـــ يا ٻين لفظن ۾ ’انڊس گلاس فئڪٽري‘ جي ٺهيل هئي. بهرحال اهڙين راڻين يا شهزادين جو وجود سچو آهي، ته اهي پڪ هتي يوگوسلاويا جي ڪپهه جهڙين گورين سان تعلق رکندڙ هونديون. اسان کي ته هتي جي ماڻهن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪارو سمجهه. ڪالهه ڏاڍو مزو ٿيو، شاپنگ سينٽر ۾ ٻه ڇوڪريون مستقل اسان ڏي نهاري مرڪي رهيون هيون. ڪجھه پڇڻ چاهيون ٿي، پر اڻ واقفيت جي ديوار کين روڪي رهي هئي. آخر انهن مان هڪ ڄڻي دل ٻڌي اڳتي وڌي ۽ معصوميت سان ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ پڇڻ لڳي: ”ڇا توهان آفريڪا جا آهيو..؟“
وڏي ادب سان جواب ڏنوسين: ”پرين جي ڪهاڻيءَ جي خوبصروت شهزادي، اسان آفريڪن نه پر ايشين Asian آهيون. آفريڪن ته اسان کان به وڌيڪ ڪارا آهن.“
منهنجي انڪساريءَ تي شايد ٿورو مٿي تي چڙهي وئي. چوڻ لڳي: ”آءٌ جيڪڏهن پاڪستان، ڪينيا يا سلون وڃان ته ’مس بيوٽِي‘ سڏجان “. چيوسينس ”گھڻي خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه ٿي. جيڪڏهن چٽي ۽ ڀوري چمڙيءَ سونهن جي نشاني هجي ها ته هندستان جي مس فرح ريتا ڪڏهن به عالمي حسن جيMiss Universe نه چونڊجي ها. مجنون ڪڏهن به سانوري صورت ليلى لاءِ بيابان ۾ خاڪ نه ڇاڻي ها.“
شام جو واپس هوٽل ۾ پئي آياسين ته هڪ گھٽيءَ مان اوچتو ٽي عورتون ظاهر ٿيون. سندن ڪپڙا ٻين وانگر تازي فئشن جا نه هئا پر بلڪل سادا ۽ ڍلا هئا. کين ٻين وانگر مني اسڪرٽ يا سلئڪس نه هئا پر ٽنهي کي مختلف ڳوڙهن رنگن جا ڊگھا پڙا اوڍيل هئا، جي اسان وٽ اڪثر باگڙي فقيراڻيون پائينديون آهن. هٿن ۾ ڪپڙن جون رنگين ڳوٿريون هين. هڪ کي ڪڇ ۾ هڙَ هئي. شڪل ۾ صفا معصوم ۽ اکين مان ساديون لڳي رهيون هيون. اسان سمجھيو ته اهي هتي جون فقيراڻيون آهن. پر پوءِ معلوم ٿيو ته هي ڳوٺاڻيون عورتون آهن ۽ ڀر واري ڳوٺ کان شهر ۾ خريداري لاءِ آيون آهن ۽ شهر جي ماڻهن وانگر چالاڪ ۽ شوخ نه آهن. روم ۾ به هڪ دفعو اهڙو واقعو درپيش آيو. لڳي ٿو ته سڄي دنيا جي ڳوٺن جا ماڻهو هڪجهڙا سادا، معصوم ۽ سٻاجھڙا آهن.
هتي يورپ ۾ ڪيترا ماڻهو پري کان سڃاڻي نه ٿا سگھجن ته مرد آهن يا عورتون. وار عورتن جا ننڍا ٿيندا وڃن ته مردن جا وڏا. اڄڪلهه سردي هئڻ ڪري اوور ڪوٽن ۾ ويتر سندن ائناٽامي جي خبر نٿي پوي.
هتي جون مارڪيٽون ڏسڻ وٽان آهن. هر قسم جي ڀاڄي صاف سٿري ۽ تازي. پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ٿڌن ڪٻٽن ۾ محفوظ نظر اچي ٿي ۽ مٿان قيمت لکي پئي آهي. جنهن کي جيڪي کپي اهو کڻي اوترا پئسا رکي. ڪن ڪن هنڌن تي ته بنا دڪاندار وارو سلسو آهي مختلف ڪٻٽن ۾ ڪيترن قسمن جون شيون رکيل ۽ ٻاهران انهن جي شڪل ٺهيل. قيمت جو سڪو سير ۾ وجھڻ سان ٽافيون، چاڪليٽ، گرم گرم ڪيڪ، پيسٽريز، چانهه يا ٿڌا مشروبات لفافي ۾ هيٺ خاني ۾ اچي ڪرندا. ڪيترن هنڌن تي ــ ايئرپورٽ، آفيسن، وڏن دڪانن ۾ آٽوميٽڪ کلندڙ دروازا عام جام آهن. اڃا ماڻهو ٻه قدم کن دروازي کان پري هوندو ته دروازي جا ٻئي طاق پاڻهي کلي ويندا ۽ لنگھڻ بعد بند ٿي ويندا... بهرحال اهي مڙيئي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي سٺ جي ڏَهي ۾ في الحال پاڻ لاءِ افسانوي ٿيون لڳن پر انشاءَالله چند سالن بعد پنهنجي ملڪ ۾ به عام ٿي وينديون جيئن ئي ٿوري ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ٿيندي ته.
يوگوسلاويا مشينريءَ کان مشهور آهي. ان ڪري مشينريءَ کان علاوه ٻي هر شيءِ مهانگي آهي. اسان جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ گھمڻ ڦرڻ جو خرچ هتي جي شپ يارڊ بلي آهي، جيسين جهاز اسانجي حوالي ڪن ۽ لنگر کڻي ٻئي ملڪ وڃون.
ڪالهه هوٽل جي Receptionist فون ڪري پڇيو ته هڪ دڪاندار معلوم ڪرڻ چاهي ٿو ته هتي جي هٿ جو سامان سوکڙيءَ طور وٺنداؤ. هتي اهڙين شين جون قيمتون اهڙيون ڳريون آهن جو انهن کان هالا جي جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جا ٽپڙ سوين دفعا سستا آهن. دل ۾ چيم ته اسان ٻين جي خرچ تي رهيل ڇا وٺنداسين. اسان پاڻ ئي پنهنجي دل هٿن تي رکي چندر جو راڳ ڳائيندا وتون ته:
’دل آهي هٿن ۾، ٿو خريدار کي ڳوليان‘
سو فون تي انڪار ڪري چيومانس، ته: ”توکي پاڻ اسان جي دل ۽ جان جو ڪو قدردان، خريدار ملي ته ان کي اسان ڏي موڪلجانءِ.“
هتي يورپ جي ملڪن ۾ اسان جي ملڪن وانگر آسمان هميشه صاف نه ٿو رهي. سج يا چنڊ جو ته ڪڏهن ڪڏهن ديدار نصيب ٿئي ٿو، نه ته هر وقت جهڙ ۽ بارش لڳي رهي ٿي. ساڳيو عالم هن پاسي جي سمنڊن تي آهي. شهر ۾ پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جو سٺو بندوبست هجڻ ڪري شهر هروقت صاف سٿرا نظر اچن ٿا. بهرحال پاڻ کي هتي جي بارش مان مزو بلڪل نٿو اچي. ڀلا اها به ڪهڙي بارش، جنهن جي ڪري گپ يا چڪڻ نه ٿئي. اها به ڪهڙي بارش جا سڄو سڄو ڏينهن وسي ته به رستا بلڪل خشڪ ۽ موٽر گاڏين جي ڦيٿن تائين به پاڻي نه رهي. دراصل ان ۾ هتي جي انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن جو وڏو ڏوھ آهي. جن رستا ۽ فوٽ پاٿ اهڙي نموني ٺاهيا آهن جو مينهن جو سمورو پاڻي وهيو وڃي ۽ ڪٿي به کڏا کوٻا نه ٿا ٿين. ڪنهن موٽر لاريءَ جي ترڪڻ يا گپ ۾ ڦاسڻ جو امڪان نه ٿو ٿئي. هڪ پنهنجو ڳوٺ آهي. ’بارش پوي ڇهه ڪلاڪ، ڇنو ٽمي ڇهه ڏينهن‘ جي مصداق اڌ ڪلاڪ اندر وچ مارڪيٽ ۾ ٻارن جي ترڻ لاءِ سئمنگ پول ٺهي ويندا آهن ۽ اهڙا تارو ڪٿي نه ملندا. ٿي سگھي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو سنڌ مان سڀ کان وڌيڪ نيويءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ جا آهن.........! والله اعلم باالثواب.
تنهنجو پنهنجو