ڪانستنزا (رومانيا)
رومانيا جي هن بندرگاهه ڪانستنزا Constanza ۾ ڪم تمام سست ٿو هلي. اسان کان مهينو ٻه اڳ اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جهاز ’موهن جو دڙو‘ پڻ مشينري کڻن آيو هو. معمولي سامان لاءِ هفتو کن ٻاهر ترسيو هو ۽ ڏهه ڏينهن بندرگاهه ۾. ان حساب سان اسان جي ڪراچي جي بندرگاهه جو دنيا جي وڏن بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ڪم جي ڦڙتيءَ ۾ گھڻن کان اڳ آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪم چوويهه ئي ڪلاڪ هلي ۽ تمام جلدي جلدي. اسان هتي عيد به ٻاهر سمنڊ تي ملهائي ۽ عيد جو چنڊ وڏو مسئلو ٿي پيو هو. هتي جي موسميات موجب هتي پاڪستان کان هڪ ڏينهن اڳ چنڊ نظر اچڻ کپندو هو، پر ڪراچي ريڊيو تان خبرن مان معلوم ٿيو ته پاڪستان ۾ چنڊ ڪٿي به نه ڏٺو ويو آهي. اسان منجھي پياسين ته شايد هتي به چنڊ نظر نه آيو هجي. هتي اکين سان چنڊ کي ڏسڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جو هر وقت گھاٽو جھڙ ڇانيل رهي ٿو. پهرينءَ جو چنڊ ته پري جي ڳالهه ٿي، منجھند جي وقت سج يا سندس موجودگيءَ جو به علم نه هوندو آهي ته ڪٿي آهي جو کڻي طرف سڃاڻجي. ان کان علاوه پهرينءِ جي چنڊ جي نظر اچڻ جو وقفو جيترو قطبن ڏي وڃبو اوترو گھٽبو ويندو. مثال طور خط استوا تي اٺن منٽن لاءِ ظاهر هوندو، ان بعد غروب ٿي ويندو. پر ٿورو مٿي پاڪستان ايران تائين اچبو ته اهو وقفو ڇهن منٽن تائين ٿي ويندو. ۽ جتي اسان آهيون اتي ٻن منٽن لاءِ آهي. تان جو اتر قطب طرف وڌندي هڪ اهڙي به حد ايندي، جو بلڪل نظر نه ايندو، جتي ڇهن مهينن جو ڏينهن، ڇهن مهينن جي رات ٿئي.
اسان ٿورو شڪجي پياسين ته شايد اسان جي موسميات جي رپورٽ غلط هجي ۽ غلط حساب ٿي ويو هجي. هتي رومانيا ۾ به مسلمان آهن. اسان بندرگاهه وارن کان گھڻو ئي وائرليس ذريعي پڇڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو انگريزي سمجهي نه پئي سگھيا. ٻن ڏينهن کان سگنل ڪري ٿڪجي پيا هئاسين ته اسان کي ڪڏهن اندر گھرائيندؤ. ته ان جو ئي جواب نه پئي ڏنائون. ريڊيو تي جيڪي اسٽيشنون کوليون ته جرمن، فرينچ ۽ روسي زبانن ۾ خبرون پئي هليون. آخر ريڊيو عراق تان ڏهين لڳي اتي جي شيخ جي تقرير جو انگريزي ترجمو نشر ٿيو، جيڪا هو عيدالفطر جي موقعي لاءِ ڪري رهيو هيو ته، ’سڀاڻي عيد آهي. خوشي ملهائڻ جو ڏينهن. پر اسان جي ڪيترن عرب ڀائرن جي گھرن ۾ غم جو ماتم آهي. اسان لاءِ سچي عيد تڏهن ٿيندي، جڏهن حق جي سوڀ ٿيندي ۽ اسان اسرائيل مٿان فتح حاصل ڪنداسين.‘
بس پوءِ ته اسان ان تقرير کي اڌ ۾ ڇڏي جهاز تي به عيد جو اعلان ڪيو. ظاهر آهي ته جڏهن عراق ۾ چنڊ ڏٺو ته ڪو امڪان نه ٿو پيدا ٿئي جو هتي نظر نه اچي. ڇاڪاڻ ته اسان عراق جي اولهه ۾ آهيون ۽ اسان تائين چنڊ ۽ سج پهچندي عمر ۾ وڌيو وڃي. پاڪستان، هندستان، برما، جپان ۾ چنڊ نه ڏٺو ويو هوندو، جو اهي ملڪ اوڀر ۾ آهن ۽ هتي رمضان به هڪ ڏينهن اڳ شروع ٿيو هو. ٻئي ڏينهن عجيب اتفاق ٿيو. صبح جو اٿڻ سان اسان کي عجيب تبديلي نظر آئي. پوءِ محسوس ڪيوسين ته سج جي روشنيءَ جي ڪري جهاز روشن ٿي ويو آهي. ٻاهر آيس ته ٻيا به ڪيترائي جهاز جا آفيسر سج جي روشني ۾ بيٺا هئا. هتي سج جو نظر اچڻ خاص ڳالهه آهي. خبر ناهي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اسان به ڏٺو هو ـــ ۽ اهو به عيد جهڙي سٺي ڏينهن تي. نه ته جيئن ئي ڪراچي ڇڏي روم آياسين، ته ان بعد سج نه يوگوسلاويا ۾ ڏٺوسين نه روس ۾. ڄڻ اهو پاڪستان ڇڏي آياسين. جهاز تي عيد نماز پڙهڻ بعد سڄو ڏينهن هڪ ٻئي کي کائڻ پيئڻ جون دعوتون ڏيندا رهياسين. جهاز کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئوسين. ان ڏينهن ڏاڍو چهچٽو رهيو. بعد ۾ جڏهن بندرگاهه ۾ آياسين ته معلوم ٿيو ته هتي جي مسلمانن به ان ئي ڏينهن عيد ملهائي هئي.
هتي بندرگاهه ۾ آئي اڄ چوٿون ڏينهن آهي ۽ اڃا به ٽي چار ڏينهن ٻيا به هونداسين. هتي پهچڻ سان تنهنجو ۽ ٻيبن دوستن جا خط مليا، جي توهان ڪراچي ائڊريس تي لکيا آهن ۽ ڪراچي آفيس وارن هتي تڏهن ئي موڪلي ڇڏيا هئا ۽ اسان جي جهاز اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هر ملڪ ۾ اچڻ سان پهرين اسين خطن جي پڇا ڪندا آهيون ته آيا ڪراچي آفيس وارن خط موڪلي ڏنا يا نه. ڪراچي ڇڏڻ بعد يوگوسلايا، لبنان، روس ڪٿي به خط نه مليو هو ۽ مهيني بعد هتي رومانيا ۾ سڀ خط گڏ ٿي مليا. ڳوٺ ۽ ملڪ جون خبرون پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. دل چاهيو ته آءٌ به احمد حسين مخدوم وانگر ڪروماسٽ (Crow-Mast) تي چڙهي ان خوشيءَ ۾ وڃي سُر راڻو ڳايان. (ڪرو ــ ماسٽ هر جهاز جي اڳياڙيءَ ۾ هڪ ٽاور جيان ڊگھو ماسٽ هوندو آهي. پراڻي زماني ۾ ان جي چوٽيءَ تي چڙهي دوربين ذريعي ڏسبو هو ، ته ڪنارو ويجھو آهي يا پري. اڄڪلهه ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ نقشا آهن، راڊار آهي، وائرليس آهي ۽ ٻيون شيون. پر ان هوندي به روايت طور اڃا تائين هر جهاز تي ڪروماسٽ ضرور هوندو آهي.) هڪ هڪ خط جا ڪيترائي دور ڪيم ۽ سگريٽ ريڊ اينڊ وائٽ جي اشتهار وانگر وري، وري ۽ وري پڙهيم. ڇا ڪجي پنهنجي ديس جي ڏوري فقط هي خط ئي دور ڪن ٿا.سچ آهي ته خط اڌ ملاقات آهي. پنهنجي ته سڄي زندگي تو جهڙن مخلص دوستن جي خطن تي ٿي گذري. خط پڙهڻ ۽ توهان ڏي لکڻ مون لاءِ وڏي دلچسپي آهي.
هن ملڪ جون خبرون جام آهن. سڀ ڪاغذ تي ته لکي نٿيون سگھجن. ٿوريون ئي سهي. پنهنجي خداداد صلاحيت کي استعمال ڪري ڪڻي مان خرار جو اندازو لڳائجانءِ ڪانستنزا شهر رومانيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ پراڻو شهر آهي. جو چوٿين صدي ۾ ڪانسٽنٽ اعظم جي نالي ٻڌايو ويو هو. رومانيا کي هي هڪڙو ئي بندرگاهه آهي ۽ سامونڊي طرح هتي اچڻ جو هي ئي هڪڙو دروازو آهي، جو بحر اسود جي ڪناري تي آهي. هتي به سردي جام آهي. (پر روس کان گھٽ) ٻارهوئي سرديءَ جي ڪري پوک ايتري ڪانه ٿئي. باقي زمين دوز ذخيرن ۾ مالا مال آهي. هتي ڌاتو جام ملڻ ڪري رومانيا به پولنڊ، يوگوسلاويا ۽ روس وانگر مشينري جي ڪارخانن کان مشهور آهي. اسان جهڙن ملڪن کي مشينري ڏئي واپسيءَ ۾ اناج، لوڻ ۽ چمڙو خريد ڪري ٿو. سوشلسٽ ملڪ آهي پر هتي ماڻهو ڪميونزم مان خوش نه آهن. ملڪ جي حالت تمام خراب آهي. غربت حد درجي جي آهي. هر شيءِ، دڪان، هوٽلون ڪارخانا گھڻي ڀاڱي حڪومت جا آهن. ڪوبه پئسو جمع ڪري امير نٿو بڻجي سگھي. هر هڪ کي ايترو پورو پنو سندس مزوريءَ جو عيوضو ملي ٿو، جنهن مان ڇڪي تاڻي هن جو کاڌو ۽ ڪپڙو لٽو ٿئي ٿو. چين جي ڪميونزم ۽ هنن ملڪن جي ڪميونزم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. چين جا ماڻهو اخلاقي طرح دنيا جي اعلى ماڻهن مان چئي سگھجن ٿا. ڪڏهن ڪا شيءِ گھرندا نه. ڪو فقير نظر نه ايندو، پاڻ هو ٻاهرين کي ۽ آيل سياحن کي تحفي طور ڏيندا، چوري بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻيون بڇڙايون ۽ عادتون يا علتون چين ۾ هرگز نه آهن، پر هتي جي ٻي ڳالهه آهي. مون ٻڌو هو ته هنن سوشلسٽ ملڪن ۾ هر انسان برابر آهي، پر مون کي هتي ته امير پيا نظر اچن ته غريب کان غريب به، جن جي بدن تي پورو لٽو به ناهي. سڪي جي اها حالت آهي جو سرڪاري طرح ڊالر ارڙهن ليو مقرر ٿيل آهن، پر گس پنڌ تي توهان کي انيڪ ماڻهو کلئي عام ڊالر ۽ پائونڊ خريد ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندا ۽ ڊالر جا ٽيهه کان چاليهه ليو به ڏيندا. معمولي سگريٽ جي پاڪيٽ جا ڏهه پندرهن ليو تائين ڏيندا. ٻيا ته ٺهيو پر پوليس ــ جا بليڪ مارڪيٽنگ روڪڻ لاءِ آهي، سا بليڪ مارڪيٽنگ ڪندي نظر ايندي. هي حالتون ڏسي مون کي پنهنجي ملڪ لاءِ وڌيڪ پيار ۽ عزت ٿئي ٿي. سچ پڇين ته اسان گھڻن کان بهتر آهيون. چڱائي خرابي هر جڳهه ۽ هر دؤر ۾ رهي آهي، پر تڏهن به اسان وٽ اهڙيون حالتون اڃا نه آهن جو دل شڪستو ٿجي. اسان وٽ ايتري مهانگائي نه آهي ۽ گھڻن ڳالهين ۾ بهتر آهيون. هر شيءَ ملي سگهي ٿي. اسان جي ملڪ جي ناڻي جي ساک ۽ قدر آهي. سرڪاري طرح ڊالر چئين روپئي کن آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ان جي لڳ ڀڳ آهي. ماڻهن کي هر قسم جي آزادي آهي. هتي هر هوٽل وارو، دوڪاندار سرڪاري جو ملازم آهي. دڪان کي فائدو رسي يا نقصان، ان سان سندس ڪو سروڪار ناهي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جو هتي مقابلو Competition ڪونهي. مقابلو ناهي ته چاهه ۽ شوق ناهي ۽ جڏهن پورهيت مان چاهه ۽ شوق نڪري وڃي ته پوءِ شيءِ جي Quality نٿي سڌري. سڄي شهر ۾ فقط ٻن ٽن قسمن جا ڏندڻ ۽ ٽٿ پيسٽ نظر آيا، سي به سادي قسم جا. ٻاهرين ملڪن جون شيون ناپيد يا حد درجي جون مهانگيون آهن. مثال طور سيون او ڪلاڪ بليڊن جو پئڪٽ اسان وٽ سوا ٻي روپيا يعني اڌ ڊالر ۾ ملندو، پر هتي ٻن ڊالرن ۾. اخبار جي دڪان تي رش ڏسي معلوم ٿيو ته هن سڄي ايراضيءَ ۾ فقط اهو هڪ دڪان آهي. اهڙي طرح ٻين شين جو به هڪ هڪ دڪان آهي. ان ڪري هر وقت هر دڪان اڳيان ماڻهن جي قطار رهي ٿي. هتي هلڪا ڪم، جهڙوڪ، حجامت جو، هوٽل جو، دڪان ۽ آفيسن وغيره جو عورتون ڪن. مرد ڪي ورلي نظر اچن. مرد ڪارخانن ۾ ڳرا ڪم ڪن. هتي فقير به ڪافي آهن. گرگلين جهڙيون فقيرياڻيون، جن جا وار، ڪپڙا مٽيءَ ۾ ميرا، سنگھه پئي وهندي، هڪ هٿ ۾ مانيءَ جي ڳوٿري، ٻئي هٿ ۾ اگھاڙو ٻار ڇاتيءَ سان ڄَرُ وانگر چهٽيل، اهڙيون فقيرياڻيون هتي به جام آهن. ڪي فقيرياڻيون کدڙن جيان لڏو ٺاهي هڪ هڪ دوڪان تان ڳائيندي پنندي نظر اينديون.
مذهب جي لحاظ کان هتي عيسائي ۽ ترڪ مسلمان آهن. ترڪ سلطنت واري زماني جون اڃا تائين خوبصورت مسجدون موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ رومانيا، بلغاريا، البانيا وغيره تي ترڪن جي حڪومت هئي. پوءِ زوال آيو. مدد لاءِ ننڍي کنڊ جا مسلمان به ويا، جنهنکي خلافت سڏجي ٿو. پر افسوس جو غداريءَ سبب اسان جا مسلمان شهيد ٿي ويا. تفصيل سان هتي ذڪر نه ٿو لکي سگھان، جو خط وڏو ٿي ويندو. ان کان پنهنجا ماڻهو چڱيءَ طرح واقف آهن. تازو علي محمد راشدي صاحب پڻ ان خلافت جو ذڪر مختصر طور پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ ڪيو آهي. بهرحال هينئر مسلمانن جو هتي اهو چاهه ۽ جلوو نه رهيو آهي، تڏهن به مسلمان ۽ عيسائي هتي ڀائرن وانگر رهن ٿا. بندرگاهه جي ڀرواريون مسجدون بند ڏسي ڏاڍو تعجب لڳو. پوءِ معلوم ٿيو ته اهي ڪڏهن ڪڏهن کلن ٿيون. وڌيڪ پڇي نه سگھيو آهيان، جو هتي شايد ئي ڪو انگريزي سمجھندو هجي. سڀ رومانين زبان ڳالهائين ٿا ۽ ڪو ڪو جرمن يا فرينچ سمجھي ٿو. حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ هيرآباد وانگر هتي به شهر جو هڪ حصو اهڙو آهي، جنهن ۾ فقط ترڪ مسلمان رهن ٿا. جمعي ڏينهن اسان جمعي نماز لاءِ وياسين، پر نماز ختم ٿي چڪي هئي. امام جو گھر مسجد جي ڀرسان هو. ان جي ننڍي ڌيءَ مسجد کولي ڏيکاري. سندس نالو نوران هو، جيڪا ڏهن ٻارهن سالن جي ٿيندي. ڪنهن زماني ۾ مسلمانن جي حڪومت هجڻ ڪري ڪيترن ڪرسچنن جا نالا اڃا مسلمانن وارا آهن. مثلاً خديجا، زليخا، رابعا وغيره. رومانين زبان جا ڪي ڪي لفظ پڻ ترڪي ۽ عربي جا آهن. مثلاً مهمان کي مسافر چون، مسجد کي جامعة وغيره. باقي سندن زبان ڏاڍي ڏکي آهي.
هتي جون عورتون ٻين آسپاس وارن ملڪن کان بلڪل نراليون آهن. سڀ کان اول جيڪا ڌاريون ماڻهو نئين ڳالهه محسوس ڪري ٿو، سا هتي جي عورتن جي جسماني بناوٽ آهي. هتي جون عورتون روس، يوگوسلاويا، اٽلي يا يورپ جي ٻين ملڪن وانگر تندرست ۽ ٿلهيون نه آهن. تمام سنهڙيون ۽ هلڪيون ڦلڪيون آهن. هلڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جون چست ۽ سمارٽ ۽ سندن حرڪات و سڪنات ۾ خاص قسم جو ناز، ادا ۽ شرميلو پن ڏسي مون کي پنهنجي ملڪ جون ٻليون ياد ٿيون اچن. هتي ڪيترن ئي عورتن جا ڊگھا وار ۽ ٻه چوٽيون پڻ نظر آيون، جن کي هتي سونهن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو.
پهرين ڏينهن ڪانستنزا مان ڪيترو ئي سنهو سنهو سامان خريد ڪيم. مثال طور نئين سال جي ڊائري، نوٽبڪ، لفافا، فوٽو ڪارڊ وغيره. مس جي سخت ضرورت هئي. سڄي جهاز تي مسُ Ink فقط اليڪٽريڪل انجنيئر وٽ هئي ۽ هر هر ان کان وٺڻي ٿي پئي. گھمي ڦري واپس پئي آيس ته مس جي يادگيري آئي. ڪتابن واري دڪان تي چڙهي ويس. انڊپين ڏي اشارو ڪري دڪاندار عورت کي چيم ته هن ۾ ڀرڻ جي شيءِ ڏي. هُن کي ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي سا نه آئي. آخر ڀرواري دڪان تان ٻين ٻن ڄڻين کي ڇڪي آئي، جن پاڻ کي عقل ۾ اڪابر سمجھيو ٿي. کين به اشارا ڪري سمجھايم، پر ڪڏهن پينسل پيون ڏين ته ڪڏهن نوٽبڪ ۽ ڪڏهن نڀ. آخر هڪ کي ڳالهه سمجھ ۾ آئي. تنهن ڊگھو ساهه کڻي اشارو ڪيو ته اسان وٽ ڪانهي ۽ دڪان جي چانئٺ وٽ بيهي ٻئي هنڌ جو ڏس ڏيڻ لڳي ته هتان سڌوسڌو وڃ، پوءِ کاٻي پاسي مڙجانءِ. پوءِ اڳتي هلي ٻه رستا ڦٽندا (شايد حاتم طائي يا گل بڪاوليءَ وارا ـــ هڪ اهنجو ٻيو سهنجو). انهن مان کاٻو وٺجانءِ پوءِ هڪ دڪان ايندو.............
دل ۾ چيم سردي ۽ بارش ۾ مون پرديسيءَ کي ڪيڏانهن ٿيون موڪليو. اسٽيشنريءَ جو دڪان هي ۽ مس لاءِ مس جي ڪارخاني ۾ ٿيون موڪليو ڇا؟ دڪان تان لٿس ٿي ته هڪ ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي، پني تي مس ڪپڙي ٺاهي اشارو ڪري چيومانءِ ته اها کپي. ڏاڍيون کليون ۽ ڪٻٽ کولي مس ڪڍي ڏنائون. تنهن جي معنى هنن مون کي الائي ڪيڏانهن ٿي موڪليو. چڱو جو نه ويس. هاڻي آئون به قصي کي سمجھي ويو آهيان، بحث ڪرڻ ۽ مٿو کپائڻ اجايو آهي، ڪجھه به پڇڻ لاءِ ڊرائنگ کان ڪم وٺجي. مختلف بندرگاهن ۾، جيڪي اتي جي ورڪشاپ جا مڪاني ماڻهو جهاز جي مشينري جي Repair ڪرڻ اچن ٿا، انهن کي به اسين مشينن جي ڊرائنگ ٺاهي ڳالهه سمجھايون. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان مئرين انجنيئرن (جهاز هلائڻ وارن انجنيئرن) کي ٻين انجنيئرن جي مقابلي ۾ تمام گھڻي ٽيڪنيڪل ڊرائنگ سکڻي پوي ٿي ۽ ان سبجيڪٽ ۾ 90 سيڪڙو مارڪون ضروري آهن.
هنن ملڪن ۾ رستا ياد ڪرڻ تمام سولا آهن. شهر ۾ جتي ڪٿي وڏا مجسما Statue جام ٺهيل آهن. جن کي نشاني خاطر ياد ڪرڻ کپي. مثال طور: هتان بندرگاهه کان ’پاپولر سئنيما‘ تائين وڃڻ لاءِ پهريون سڌو وڃبو، اڳتي هڪ اگھاڙي ماڻهوءَ جو پٿر جو بت اگھاڙي گھوڙي تي نظر ايندو (گھوڙا ته ٿيندا ئي اگھاڙا آهن، پر سوار به اگھاڙو آهي.) ان بت کان ساڄي مڙبو ته هڪ ٻيو عمدو اوچي ڌاتوءَ جو هڪ شاعر جو بت نظر ايندو (جو شاعر پڪ اسان جي ملڪ جي شاعرن وانگر ڪسمپرسي جي عالم ۾ مئو هوندو، پر مرڻ کان پوءِ هتي جي سرڪار قدر سڃاڻي لکين روپيا خرچي اهو قيمتي بت ٺهرايو هوندو.) ان بت جي پٺئين گھٽيءَ ۾ سئنيما آهي.
هڪ ڏينهن شهر مان واپسيءَ تي رستو ڀلجي وياسين. هڪ واٽهڙوءَ کي ترسائي پني تي جهاز ۽ سمنڊ ٺاهي پڇيوسينس ته هي ڪٿي آهي ته جهٽ اشارو ڪري رستو ٻڌايائين. ٽيو ڏينهن شهر جي ٻاهر پسگردائيءَ ۾ پئي چڪر هنياسين ته ڳيري جو آواز ٻڌي سڀ ڳيري کي ڏسڻ لڳا. دوستن چيو: ”بس ادا، لئه سڄي ڳيرن جي آهي، نه کين ڊڪشنريون کڻڻيون پون نه گائيڊ بڪ. پاڪستان جي ڳيري جي به ساڳي زبان گھوگھو ته رومانيا ۽ روس جي ڳيري جي به ساڳي زبان گھوگھو.“
ڪالهه هڪ هوٽل ۾ وياسين. بئري جڏهن ڳالهه نه سمجھي ته دوست کي چيم ته ڪائونٽر تي سمجھائي اچ ته اسان کي ٻڪريءَ جو گوشت کپي. گوشت ۽ ڊبل روٽي آئي پر سواد ۾ تمام گھڻو فرق هو. ٻاڪرو گوشت ڪونه ٿي لڳو. پوءِ جهاز تي اچي دوست راز فاش ڪيو ته کانئس ٻڪريءَ جي شڪل ڪجھه وڏي ٺهي وئي هئي ۽ ٻڪري گھٽ، ڍڳي وڌيڪ پئي لڳي. کيس سمجھايوسين ته آئنده خيال رکي پوري پني شڪل ٺاهيندو ڪري. هينئر چڱو جو وڏي ٺهي، جيڪر ننڍي ٺاهين ها ته پڪ سوئر جو گوشت Pork کائڻو پوي ها.
اڄڪلهه هتي ڪانستنزا جي بندرگاهه ۾ ڪيترائي جهاز بيٺا آهن. اسان جي جهاز جي هڪ پاسي اسرائيلي جهاز بيٺو آهي ته ٻئي پاسي لبناني جهاز، ٽيو ڏينهن اسرائيل وارن لبنان جي بيروت هوائي اڏي تي هوائي جهاز تباهه ڪيا آهن، سو اڄڪلهه هر وقت ان تي بحث هلندو آهي. شهر ۾ هڪ ڏينهن اسان مڪراني ڏٺا، پر پوءِ خبر پئي ته اهي گھنڊي وارن وارا پورچوگال جا ماڻهو آهن.
ڪراچي صدر جي ايلفيءَ وانگر هتي به هڪ علائقو آهي، جتي شام جي وقت ڪافي رونق ۽ چهچٽو لڳل رهي ٿو. خاص ڪري مختلف ملڪن کان آيل جهازن جا ماڻهو ــ چيني، جپاني، يوناني، ترڪ، روسي ۽ آفريڪي نظر ايندا. هر هڪ جي پنهنجي زبان ۽ پنهنجو قد بت. ڪالهه سنگاپور کان جهاز آيو آهي. اهي انگريزي ڳالهائين ٿا. سو انهن سان اسان خبرون چارون ڪيون. سڀني جهازن ۾ وڏو، سهڻو ۽ تکو جهاز اسان جو آهي، سو سڀني جي نگاهن جو مرڪز آهي. روز ڪيترائي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. سمنڊ ۾ به هلندو آهي ته سڀني جهازن کي پٺيان ڇڏيندو ويندو آهي.
خط ڪافي ڊگھو ٿي چڪو آهي. اسان بلغاريا تار ڪري ڇڏي آهي ته اسان جو جهاز اچي رهيو آهي. ڏينهن ٻن بعد رومانيا کي خيرباد چئي بلغاريا جي بندرگاهه ورنا هليا وينداسين. ٻيو خط ورنا (بلغاريا) مان ئي لکندوسانءِ، تيستائين خطا حافظ.
نيڪ تمنائن سان
ـــــ تنهنجو