الطاف شيخ ڪارنر

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
  • 4.5/5.0
  • 1705
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجو ساگر منهنجو ساحل

ڪولمبو (سلون)

اسان جو هتي ڪولمبو اچڻ جو پروگرام بلڪل ڪونه هو، پر تيل وٺڻ خاطر ٻن ڏينهن لاءِ ترسيل آهيون. هاڻي ممباسا مان تيل نه وٺنداسين. اسان جي جهاز تي روزانو تيل جي کپت اٽڪل ٽيهه ٽن کن آهي. جهاز ۾ تيل لاءِ ڪافي جڳهه ٿئي ٿي ۽ اٽڪل پنڌرهن سؤ ٽن رکي سگھجي ٿو، جو پنجيتاليهه ڏينهن لاءِ ڪافي آهي. هاڻي جيڪر اسان چاهيون ته رستي تان تيل کڻن بنا آمريڪا تائين وڃي سگھون ٿا. آمريڪا پهچڻ لاءِ ٻه رستا آهن، هڪ ته هي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي وڃون يا جپان پاسي کان ڦري پئسفڪ سمنڊ جھاڳي وڃون. پهريون رستو ٿورو ڏکيو آهي، جو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ گھڻو ڪري جوش ۽ طوفان ٿا رهن پر جيئن ته اهو ننڍو آهي سو اهو اختيار ڪنداسين. پئسفڪ سمنڊ تمام ماٺو آهي پر وڏو هئڻ ڪري وڏو ڦيرو ڪرڻو پوندو، جو جهاز جي ڪمائيءَ جي لحاظ کان مناسب نه رهندو. دنيا ۾ سڀ کان خراب سمنڊ ائٽلانٽڪ آهي. جهڙو تهڙو جهاز ته اهو پار ڪري نٿو سگھي. ڪڏهن ڪڏهن تي اتي ايڏيون وڏيون ڇوليون اچن ٿيون جو پاڻي جهاز مٿان لنگھي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪمزور ۽ پراڻا جهاز (خاص ڪري تيل جا جهاز (Tanker) جي ڪافي ڊگھا ٿين ٿا) هن سمنڊ ۾ ڇولين جو مقابلو نه ڪندي، وچ مان ٻه اڌ ٿيو پون. ان کان علاوه طوفان ۽ مستقل سخت هوائون وڏن وڏن نيويگيٽرن جون به وايون بتال ڪريو ڇڏين. شايد اهو ئي سبب آهي، جو انسان هن سمنڊ تي دير سان ۽ آخر ۾ فتح حاصل ڪئي ۽ سڄي دنيا ڳولڻ بعد هي سمنڊ لتاڙي آمريڪا کنڊ کي لڌو ويو. اڳئين زماني ۾ اهو سمجھيو ويندو هو ته هن سمنڊ جو ڪو ڪنارو نه آهي ۽ اتي وڃي ڇوڙ ڪري. جتي وڃي دنيا دنگ ٿئي ٿي. پر پوءِ هن سمنڊ پار ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته ڌرتي گول آهي.
اسان ڪولمبو مان ڪيترن ئي قسمن جو تيل وٺي رهيا آهيون. جنهن تيل تي جهاز واري انجڻ هلي ٿي، ان کي مئرين آئل يا هيوي آئل Heavy Oil سڏجي ٿو جيڪو بلڪل ڪچو، جنهن صورت ۾ زمين مان نڪري ٿو، ذري گھٽ ان ۾ ورتو وڃي ٿو. اهو سستي ۾ سستو ٿئي. شڪل ۽ پاڻيٺ ۾ بلڪل ڏامر جهڙو، ان کي صاف ۽ پٽڙو ڪري استعمال ۾ آڻڻ لاءِ اسان وٽ جهاز تي الڳ مشينون آهن. جهاز جا جنريٽر، لائيف بوٽ انجڻ ۽ ايمرجنسي فائر پمپ وغيره ڊيزل آئل تي هلن جو عام ڊيزل آئل سان ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿو ۽ ڪافي مهانگو ٿو پوي. انهن کان علاوه مختلف مشينن کي چڪنو رکڻ لاءِ مختلف ليوبريڪيشن آئل Lubrication-oil آهن. مثال طور: ملينا، اليڪسيا، تلپا، تلونا، وغيره وغيره....
اسان جي جهاز کي جيڪا انجڻ هلائي ٿي، ان جو نالو Sulzer آهي. هيءَ نَوَ هزار ڇهه سؤ هارس پاور جي آهي. انهيءَ طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هي اسڪوٽر ۽ موٽرسائڪلون فقط اڌ کان ڏيڍ هارس پاور تائين مَس ٿين. ان انجڻ کان علاوه چار وڏا جنريٽر آهن. جنريٽر جو ڪم آهي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ، جنهن تي ٻيون ننڍيون ننڍيون مشينون، انجڻيون ۽ پمپ هلائيندا آهيون. اهي مڙئي جنريٽر ايتري اليڪٽرڪسٽي پيدا ڪري سگھن ٿا جا هڪ ڳوٺ لاءِ ڪافي آهي ۽ انهن کي لڳاتار مهيني ٻن لاءِ بنا روڪڻ جي هلائي سگھجي ٿو. سمنڊ تي هوندا آهيون ته ٻه جنريٽر هلائيندا آهيون نه ته بندرگاهه ۾ هڪ ڪافي رهي ٿو. سرد ملڪن ۾ تيل ۽ پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ Boilers آهن جن ۾ طاقتور ٻاڦ پيدا ڪري سگهجي ٿي. اهي پڻ ڊيزل آئل تي ٻاريون. ان کان سواءِ جهاز جا بورچيخانا ۽ بيڪريون پڻ ڊيزل آئل تي يا الڪٽرڪ تي هلن. سڄي انجڻ روم پنج ماڙ آهي ۽ ايڏي ڪشادي آهي، جو هڪ ئي وقت جيڪر پنج سؤ کان به مٿي موٽر ڪارون هڪ ٻئي مٿان ۽ پاسن کان بيهاري سگھن ٿيون.
ڪولمبو قدرتي طرح اهڙي هنڌ تي آهي، جتان اٽڪل هر جهاز جو لنگھه ٿئي ٿو. هتي تيل جون وڏيون وڏيون ڪمپنيون آهن ۽ بنا ڊيوٽي ۽ ٽئڪس جي تيل وڪامي ٿو، ان ڪري هر وقت هتي جهازن جي قطار لڳل هوندي آهي. اسان جي جهاز جي هڪ پاسي انگريزن جو مال بردار جهاز بيٺو آهي ۽ ٻئي پاسي يوناني جهاز آهي. ڪوبه گدلو جهاز ڏسين ته يوناني سمجھجهانءِ. انهن تي هر قسم جا ماڻهو ملندءِ. انهن تي ڪوبه ڊسيپلين نه هوندو آهي ۽ اڪثر مست جهاز سڏيا ويندا آهن.
لنگر ڪيرائڻ سان اسان پارٽي ڪئي ۽ ٻين جهازن جي آفيسرن ۽ ڪولمبو جي معزز ماڻهن کي دعوت ڏنيسين. چڱو رنگ رهيو. سڄي جهاز کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئوسين. رنگين بلبن جي روشنيءَ ۽ ڀڙڪندڙ ڪپڙن جي چمڪ، فضا ۾ ڪيترن ئي قسمن جي عطرن جي وکڙيل خوشبوءِ ۽ خوبصورت چهرن، چؤطرف چهچٽو لڳائي ڇڏيو هو. چؤڌاري حسن نظر اچي رهيو هو.
فضا ۾ عجيب مهڪ ۽ خوشبوءِ مچيل هئي. مون سان سڄو وقت هڪ انگريز انجنيئر گڏ هو. ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍو دوست ٿي ويو. مون کي دراصل انگريزن جي دوستيءَ ۽ ڊپلوميسيءَ ۾ ڪوبه فرق نظر نه ايندو آهي. شروع ۾ مونکان منهنجي ملڪ بابت پڇا ڪيائين. ”پاڪستان ڪٿي آهي؟“
ڏاڍي کل آيم. چيومانس: ”توهان ننڍي ٽهي ڪهڙي آهيو؟ توهان جا ابا ڏاڏا ته وڏا هوشيار هئا، اسان جي ملڪ ۾ پهچڻ کان اڳ کين اسان جي ملڪ جو رستو، اوڻاين پوڻاين ۽ ساده مزاجي (بيوقوفيءَ جي حد تائين) جو علم پئجي چڪو هو. توکي اها به خبر ناهي ته اسان جو ملڪ ڪٿي آهي.“ ڏاڍو شڪي ٿيو. ڦڪو ٿي چوڻ لڳو: ”نه يار اهڙي ڳالهه ناهي. ننڍي هوندي جاگرافيءَ ۾ پڙهيو هوم.“
دل ۾ سوچيم ته پڇيانس ته 1947ع کان اڳ ۾ پڙهيو هئي يا پوءِ. ڪجھه دير ترسي چوڻ لڳو: ”ٻڌو اٿم ته توهان جي ملڪ جا ماڻهو ڏاڍا مهمان نواز آهن.“
”ان مهمان نوازيءَ ئي ته اسان کي سؤ سالن جي لاءِ غلام بڻايو ۽ توهان کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو.“
”اسان توهان تي حڪومت نه، پر تهذيب سيکاري“
”واقعي منهنجا گورا ڀاءُ، توهان اسان کي تهذيب سيکاري. هي مرد ۽ عورت جي بي حجابي، چيلهه ۾ هٿ وجھي ، جسم جسم سان ملائي نچڻ، هي مدهوشِي، هي بيشرمي ۽ بيحيائي جيڪڏهن تهذيب آهي، ته پوءِ توهان اسان کي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي. پر ڇا اسان لٽايو ۽ وڃايو، ڪاش ان جو به ڪو حساب لڳائي سگھي.“
خبر ناهي ڇو ڪي ڪي ڳالهيون بنا سوچي سمجهي ڪيون وينديون آهن ۽ بنا سوچي سمجھي ٻڌيون وينديون آهن ۽ اها رات شايد اهڙين ڳالهين جي لاءِ وقف ٿيل هئي، جا اهڙين ڳالهين ۾ گذري وئي.
ادا، ڪولمبو جا ماڻهو قد جا بندرا، رنگ جا ڪارا ۽ ڏٻرا آهن. قومي زبان سنهالي اٿن، جا ريڊيو سلون تان شام جو ساڍي ڇهين کان اڳ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. هتي ساوڪ ڏاڍي آهي. سڄو شهر سوپارين، ناريلن ۽ رٻڙ جي وڻن سان جھنجھيو پيو آهي. هونءَ به قدرتي اصول آهي ته جيترو خط استوا جي ويجھو اوتري گرمي ۽ گھم گھڻي. خط استوا (Equator) اها خيالي ليڪ آهي، جا دنيا جي گولي جي پوري وچ مان لنگھي ٿي ۽ دنيا کي ٻن حصن، ’اتر اڌ گول‘ ۽ ’ڏکڻ اڌ گول‘ ۾ ورهائي ٿي. ان ليڪ جي هڪ پاسي يعني انگلنڊ، جرمني، هندستان، پاڪستان وغيره ۾ سيارو آهي ته ليڪ جي ٻئي پاسي وارن ملڪن جهڙوڪ آسٽريليا، نيوزيلنڊ وغيره ۾ اونهارو ٿئي. ڪولمبو پاڪستان کان وڌيڪ خط استوا جي ويجهو آهي. سنگاپور، اندونيشيا، ڪينيا ته بلڪل خط استوا تي آهن. تنهنڪري اتي تمام وڏا ڊگھا وڻ ۽ گاهه ٿئي، زياده بارش ٿئي. ان ڪري زياده ٻيلا ٿين. ٻيلن جي ڪري زياده جانور ۽ پکي ٿين.
دنيا جي بهترين چانهه ڪولمبو ۾ ٿئي ٿي. ان کان علاوه سوپاريون، کاڄا، گرم مصالحا به جام ٿين ۽ تمام سستا وڪامن ٿا. ڪولمبو، سنگاپور، انڊونيشيا، آفريڪا ويندي ويسٽ انڊيز ۾ توکي سنڌي هندو دڪاندار ۽ واپاري ملندا. هيرآباد جي عامل ڪالونيءَ جي هڪ عورت نرملا ديوي پڻ هتي ڪافي عرصي کان رهيل آهي. پاڻ هتي جي وڏن واپارين مان هڪ آهي. سندس هڪ تمام وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور بندرگاهه وٽ آهي. جنهن تي هرقسم جو سامان ڪپڙو، عطر، رومال ۽ زيورن جي لاءِ هيرا جواهر ۽ ٻيون ڪيترون شيون وڪامن ٿيون. سڄو ڪاروبار پاڻ هلائي ٿي. سيپٽمبر جي جنگ کان گھڻو اڳ اسان جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج طرفان سي اسڪائوٽنگ جي لاءِ انڊيا ويا هئاسين ته ڪلڪتي جي هڪ سئنيما هال ۾ پاڻ ۽ سندس ستر سالن جو مڙس مليا هئا. پنهنجي ديس کان پري پنهنجي ديس واسي سان ملي، خوشيءَ جو اندازو ان وقت مون پهريون دفعو لڳايو هو. ڌارين ملڪن ۾ غلط سلط انگريزي ڳالهائڻ بعد ڪنهن سان پنهنجي زبان ۾ ڳالهائڻ ۾ ايترو ئي مزو اچي ٿو جيترو گھڻي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ گھر پهچي سوڙهي بوٽ کي لاهڻ ۾. اسان اها فلم ته نه ڏٺي. پر زور زور سان ڳالهائي ڀرپاسي ويٺلن کي به ڏسڻ نه ڏنيسين.
ان مختصر ملاقات کان پوءِ اڄ اٺن سالن بعد ڪولمبو ۾ ملياسين. جيتوڻيڪ وقت تمام ٿورو هو پر مون هن سان ملڻ ضروري سمجھيو. مون وٽ تحفي ڏيڻ جي لاءِ ٻي ته ڪا قيمتي شيءِ ڪانه هئي، سواءِ هالا جي اجرڪ جي. سندس دڪان تي ملڻ ويس. خبر پئي ته سخت بيمار آهي ان ڪري گھر ۾ ئي رهي ٿي. گھر آيس. منهنجي اچڻ جو ٻڌي اٿي ويٺي. ٻڍاپي ۽ ڪمزوري سبب سڄي ڌڏي رهي هئي. هوءَ ذري ذري حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر جون خبرون پڇڻ لڳي. شڪارپور ۾ فلاڻو مشهور آچار ۽ ڪلفي اڃا ملي؟ هيرآباد ۾ فلاڻي هنڌ هڪ ٿلهو هوندو هو جتي اسان ننڍي هوندي راند ڪنديون هيوسين. اهو اڃا آهي؟ ڊومڻ واهه ڀرسان فلاڻي شيءِ آهي، فلاڻو مندر آهي. سنڌ ۾ چندر ۽ جيوڻي ٻائيءَ جا رڪارڊ اڃا وڄندا آهن؟ ۽ ٻيا ڪيترا ان قسم جا سوال...
پنهنجي ملڪ کان پري رهي، هر انسان پنهنجي وطن جي هر شيءَ کي ياد ڪري ٿو. پنهنجي وطن جي خراب شيءِ به ٻاهر سٺي لڳي ٿي، خاص ڪري پنهنجي ڳوٺ جي. جيئن هن وقت منهنجي دماغ ۾ ڳوٺ جي هر ڪا شيءِ ڦري رهي آهي........ شام جي وقت اسٽيشن روڊ تي ٿڌي هوا. احمد نونيءَ جا ڪواب، درياءَ جو ڪنارو، ڪشادي هوادار درگاهه ۽ ان جي مٽڪن جو ٿڌو پاڻي، شمن جو دڪان، اسڪولن جو شاندار ۽ وڏيون عمارتون ۽ پڪا رستا ـــ توبہ نعوذباالله نه هئا نه آهن. ادا معاف ڪجانءِ. ذرا جلديءَ ۾ اسڪولن ۽ رستن جي تعريف لکي ويس. ها، سو مون توسان ڳالهه نرملا ديويءَ جي پئي ڪئي، جا آخري پساهن ۾ هوندي به هيرآباد جون ڳالهيون ٻڌي باغ باغ ٿي رهي هئي. آءُ کيس مختصر طور هر سوال جو جواب ڏيندو رهيس. ڪي ڪي ٻارن جهڙا سوال هئا. ڪي گھري سوچ ۽ فڪر بعد جواب ڏيڻ جهڙا سوال. ڪي اندر ۾ اڌما ۽ ولوڙ پيدا ڪرڻ جهڙا سوال هئا ته ڪي سوال فقط ڪيا ويندا آهن، جن جو ڪوبه جواب نه ٿيندو آهي. ڪن سوالن جو جواب مسڪراهٽ هوندو آهي.
ادا هي خط جو آخري حصو آءٌ ڪولمبو جي هڪ مقامي هوٽل مان لکي رهيو آهيان. هيءَ هوٽل هڪ ٽڪريءَ تي آهي. هتي ڪيتريون ئي هوٽلون تمام سهڻين جڳهين تي آهن. چؤڌاري ساوڪ ۽ سمنڊ آهي. پري پري تائين ٻيڙيون تري رهيون آهن ڄڻ ته هوٽل جي سافٽ ميوزڪ ٻڌي لمي رهيون هجن. اسان جو جهاز به بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهيو آهي. ڏکڻ طرف تمام پري پري کان هڪ جهاز نمودار ٿيو آهي ۽ هن طرف وڌي رهيو آهي. سڀاڻي اسان به ڪولمبو کي خيرباد چئي ان طرف ڪوچ ڪنداسين ۽ افق جي پٺيان گم ٿي وينداسين. چڱو وڌيڪ ٻي فرصت ۾.

گھڻي سڪ وچان.