اوڊيسا ـــ روس
ٿڌ جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ٿانوَ ۾ گرم پاڻي وجھي ٻاهر اڱڻ تي رکجي ته يڪدم برف ٿيو وڃي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ سمنڊ جو پاڻي برف ڇونه ٿو ٿئي؟ اهو ان ڪري جو سمنڊ جو پاڻي عام پاڻيءَ وانگر ناهي. ان ۾ اهڙا ڌاتو، خاص ڪري لوڻياٺ مليل آهن جنکي ڄمڻ لاءِ عام پاڻيءَ کان وڌيڪ ٿڌ کپي. پر اڄ ته صبح کان ايتري ٿڌي هوا پئي لڳي جو ٽيمپريچر ڪاٽو پنج سينٽي گريڊ کان به هيٺ ڪري پيو آهي ۽ سمنڊ جو مٿيون تهه ــ اٽڪل ٻه انچ کن، برف ٿي ويو آهي. جڏهن ڪا وڏي ٻيڙي يا جهاز لنگھي ٿو ته برف جي تهه کي چيري لنگھي ٿو.
اوڊيسا ڏکڻ روس جو وڏو بندرگاهه ۽ شهر آهي جيڪو بحر اسود جي ڪناري تي آهي. ڪراچيءَ کان چڱو وڏو بندرگاهه آهي. هن وقت ڪيترائي سفيد رنگ جا روسي جهاز ، جن جي چمنيءَ تي روس جو نشان ڏاٽو ۽ هٿوڙو ٺهيل آهي، بيٺا آهن. ان کان علاوه هنگري، پولينڊ ، بلغاريا ۽ ٻين ملڪن جا جهاز به ۽ هڪ هندستاني جهاز اسان جي بلڪل ڀَر ۾ بيٺو آهي جيڪو بمبئيءَ کان آندل سڻي لاهي رهيو آهي. اسان پاڪستان لاءِ مشِينريءَ جو سامان کڻڻ آيا آهيون. سامان چاڙهائڻ ۽ لهرائڻ يا ان جي نگهباني ڊيڪ آفيسرن جي حوالي آهي. جنهن ۾ جهاز جو ڪئپٽن، چيف آفيسر کان ڪئڊٽ تائين اچي وڃن ٿا. ان ڪري اسان انجنيئر ان کان بلڪل غير واقف هوندا آهيون، ته جهاز تان ڪهڙو سامان پيو لهي يا ڪهڙو پيو چڙهي. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهيون ڪندي معلوم ٿي ويندو آهي ته واهه نه ته ڊيڪ آفيسر ڄاڻن سندن ڪم ڄاڻي. ڳري مشينري يا موٽر لاريون گھڻو ڪري اندر Hatches بدران ڊيڪ تي رکي، چڱي طرح ٻڌي ڇڏبيون آهن، جيئن جهاز جي لڏڻ ڪري سامان کي نقصان نه رسي. سو هن وقت دريءَ مان ’ڊيڪ ڪارگو‘ صاف نظر اچي پيو.
ٿوري دير اڳ جڏهن زمان ۽ آءٌ شهر گھمي واپس پئي آياسين ته رستي تي برف باريءَ ڪري اسان ٻنهي جي عينڪن تي برف چڙهي وئي. سو صاف ڪرڻ لاءِ بندرگاهه ۾ رکيل مشينريءَ سان ڀريل آفت جيڏن ڪاٺ جي کوکن جي اوٽ ۾ ٻيهر صاف ڪرڻ لڳاسين. منهنجي سامهون هڪ وڏي کوکي ۾ ٽرئڪٽر نما مشينري بند هئي ۽ اهو کوکو هندستان وڃڻو هو سو ٻاهران ’ڪلڪتو ــ هندستان‘ لکيل هو. زمان کي چيم ته پٺيان ڏس پرائي ملڪ جي سامان اڳيان اچي بيٺا آهيون. جواب ڏيڻ لڳو، ”پر ڀر واري کوکي تي ڏس ڇا لکيو پيو آهي.....؟“
مڙي ڏٺم ته، ”ائگريڪلچرل ڪاليج ٽنڊوڄام، سدرن زون پاڪستان“ لکيل هو. سو ان مان سمجھان ٿو ته هي سڀ مشينري جيڪا اسان جي جهاز تي رکي رهيا آهن، ٽنڊوڄام لاءِ آهي. اسان ان جي بدلي روس کي پئسا نه پر سوٽي ڪپڙو، لوڻ، چمڙو ۽ چانور ڏيون ٿا.
روس جيئن ته اتر ۾ آهي، ان ڪري هتي اسان کان وڌيڪ سردي ٿئي. هونءَ اهو عام آهي ته سنڌ ۾ سردي وڌندي آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ڪوئيٽا ۾ برف جي لهر آئي آهي ۽ ڪوئيٽا جا ماڻهو روس جي نالي چوندا آهن. روس جا سائبيريا نالي ۽ سائبيريا ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ قيدي اتر قطب کي قصوروار ٺهرائيندا آهن. بهرحال اتر روس کان هتي اوڊيسا ۾ سردي گھٽ آهي. اتر طرف وارا بندرگاهه ــ جيڪي بالٽڪ سمنڊ ۾ آهن سي ته سياري جا ڇهه مهينا بلڪل بند رهن. اتي ايتري ته سردي آهي جو سڄو بالٽڪ سمنڊ برف ٿيل هوندو آهي ۽ ڪوبه جهاز هن موسم ۾ اوڏانهن وڃي نٿو سگھي. هونءَ هيتري سردي هوندي به هتي جي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جو هتي جا ماڻهو ان سرديءَ جا عادي ٿي چڪا آهن. اها ئي ساڳي رونق، هلچل ۽ شهر ۾ گپا گيهه ۽ گهما گهمي. هر جڳهه اها زندگي نظر ايندي جا اسان وٽ سٺي موسم ۾ هوندي آهي. بس فقط هر هڪ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿو. فقط اکيون ۽ نڪ صاف ظاهر هوندا. نڪ ۽ ٽماٽي جي رنگ ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي. ننڍڙا ٻار سڄو ڏينهن لوهي ڦيٿن وارا بوٽ Skates پائي، رستن تي ڄميل برف تي اسڪيٽنگ پيا ڪندا آهن. ننڍڙا جيت ۽ پاڻيءَ جا پسون سرديءَ کان بچڻ خاطر برف هيٺ لڪيو ويٺا آهن، ڇو جو ٻاهر هوا برف کان تمام گھڻي ٿڌي رهي ٿي ( برف جي ٿڌ فقط زيرو تائين ٿي رهي ان کان وڌيڪ، عام دٻاءَ هيٺ ٿڌي ٿي نه سگھندي پر هوا ته تمام گھڻي ٿڌي ٿي وڃي ٿي.)
جهاز تي آيل ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي وندر لاءِ هتي به چين وانگر هڪ وڏو ڪلب آهي جنهن ۾ سئنيما، لائبريري، راندين لاءِ مختلف ڪمرا ۽ سامان، ڊانسنگ روم، ڪئنٽين ۽ ڊيوٽي فري دڪان آهي. پهرين ڏينهن اسان جهاز جا ڪجھه انجنيئر ڪلب تائين پهچندي ئي ڪلفي ٿي ويا هئاسين. اندر ڪلب ۾ قدم رکيوسين ته دروازي وٽ هڪ عورت دستور موجب اوورڪوٽ ڪليءَ ۾ ٽنگڻ لاءِ گھرڻ لڳي. جيتوڻيڪ اندر سڄو ڪلب Centrally Heated هو، پر جيئن ته اسان ٻاهران آيا هئاسين سو اڃا سرديءَ جو اثر هو ۽ ڪوٽ لاهڻ تي دل نٿي چاهيو. آخر ٻئي دفعي چوڻ تي ٻين ته لاٿو پر آءٌ ائين ئي بيٺو هوس. ائين لڳي رهيو هجي ڄڻ ساهه به ڄمي برف ٿيڻ تي هجي. سنڌ جي کوري جهڙين گرمين ۾ وڏو ٿيل ههڙي حال اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري بيهي رهيس. سڄو جسم کيرو ٿي پيو هو (Anesthesia ڏيڻ بدران آپريشن ممڪن هئي ان وقت.) آخر هن خود منهنجي ڪوٽ کي ڇڪي مون کان الڳ ڪيو جيئن ڪاسائي ڪٺيل ٻڪري جي جسم تان کل جو آخري حصو لاهيندو آهي. منهنجي بارش ۽ برف ۾ پُسيل ڪانگ جهڙي حالت ڏسي، مرڪي چوڻ لڳي: ”ڪمال آهي اڃا ته اسان وٽ سانوڻي هاڻ ختم ٿي آهي ۽ سيارو شروع به نه ٿيو آهي.“
مٿي آسمان ڏي ــ آسمان ته ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آيو، پر هن ڪلب جي گلڪاريءَ جي ڪم سان جھنجھيل ڇت ڏي نهار ڪري چيم: ”اي ڀڳوان! ڪٿي اچي نڪتا آهيون. هي روس آهي يا ريفريجريٽرــــ!؟“ اتي مٿان ساٿين سڏ ڪيو ته اچ ته ٽيبل ٽينس کيڏي گرم ٿيون.
هتي جي ماڻهن جي زبان روسي آهي جا ٿوري ٿوري پشتو سان ملي ٿي. جهاز جو چيف انجنيئر پٺاڻ آهي. روسين جا ڪجھه ڪجھه الفاظ هو سمجھيو وڃي. هتي انگريزي ورلي ڪنهنکي اچي ٿي پر ڪلب ۾ جيڪي ملازم آهن، اهي انگريزي، جرمن، فرينچ، عربي، پارسي ڳالهائي سگھن. هتي يورپ ملڪ جا باشندا هندستان، نهرو ۽ گانڌيءَ کان چڱي ريت واقف آهن. ڪجھه به کڻي هجي، پر اسان جو ملڪ دنيا ۾ هاڻ مڙيئي ڪجھه مشهور ٿيو آهي. لبنان مان جيڪي اخبارون نڪرنديون هيون، انهن ۾ روزانو پاڪستان جون به خبرون هونديون هيون. استنبول (ترڪي) ريڊيو تان به پاڪستان جون خبرون اينديون هيون. سيپٽمبر واري جنگ، مارشل لا، وڌندڙ واپار، آر.سي.ڊي،. بهترين فارين پاليسيءَ ۽ ٻين نيگيٽو پازيٽو ڳالهين ڪري دنيا کي خبر پئي آهي ته پاڪستان نالي به ڪو ملڪ آهي. چين وياسين ته اتي به ننڍو وڏو پاڪستان ۽ ايوب خان جو پيو پڇي. ۽ ’پاچستان ــ چين دوستي‘ جا نعرا ٿي هنيائون. (چيني پاڪستان کي پاچستان اچارين) خير چين جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي. ان جي پڪي دوستي ۽ خلوص دليءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ۽ چين به اسان کي سڄي ايشيا کنڊ ۾ وفادار ۽ پڪو دوست سمجھي ٿو پر روس ۾ پڻ پهرين ڏينهن بندرگاهه مان نڪتاسين ته سڀني ماڻهن جڏهن اسان کي اجنبي سمجھي سوالي نگاهن سان ڏٺو ٿي، ته کين پاڻ ڏي اشارو ڪري اسان کي ٻڌائڻو پيو ته ، ’پاڪستان، پاڪستان‘ يعني اسين پاڪستاني آهيون ۽ هنن به جواب ۾ مسڪرايو ٿي. وڌيڪ نه هنن اسان جي زبان سمجھي ٿي ۽ نه اسان هنن جي، ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون. اسان چاهيو ٿي ته ڪو انگريزي ڄاڻندڙ هجي ته ان کان ڪلب جو پڇون ۽ پئسا مٽائي روس جو سڪو ــ روبل، ڪبوت وٺڻ جو ڏس پتو پڇون. آخر اڳتي وڌياسين ته هڪ بلڊنگ جي ٻاهران ننڍڙو بورڊ نظر آيو جتي شام جو انگريزي ڪلاس ٿي ٿيا. اندر گھڙي وياسين ته ٽي کن ڇوڪريون بينچ تي ويٺيون هيون، جن کي چاليهه سالن جو استاد پاڙهي رهيو هو. مون کي استاد جو نالو وسري ويو آهي پر سندس ڳالهائڻ جو نمونو ۽ ڳالهائڻ وقت Expressions ڪڏهن به وساري نه سگھندس. اسان اڳتي وڌي پهريون سوال ڪيو جو سڀ کان ڪندا آهيون. ’نوز انگلش.‘ (انگريزي اچيوَ ٿي؟)
يڪدم پنهنجي ڳالهائڻ جي انداز ۾ ڏاڍي صاف ۽ صحيح انگريزيءَ ۾ جواب ڏنائين:
”ڇو؟ ڇا کپي توهان کي ــ؟“
ڀر ۾ بيٺل اعجاز کي چيم ته يار هي ته ماڳهين وڙهي ٿو. کانئس پڇيوسين ته پاڪستان مان ٻيو به ڪو جهاز آيو آهي ڇا؟)
(ياد رهي ته اسان کان اڳ هندستاني جهاز هتي آيل آهي، سو ماڻهو ڏاڍو ڀلبا آهن ته اسان ۾ يا هنن ۾ پاڪستاني ڪير آهن ۽ هندستاني ڪير. ڇو ته اسان جا ملڪ الڳ الڳ هئڻ جي باوجود به ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو رنگ ۽ قدوقامت ته ساڳي آهي.) پڇڻ لڳو:
”ڇو اوهان کي خبر نه آهي ڇا؟“
ٻڌايوسين ته اسان اڄ آيا آهيون ۽ پاڪستاني آهيون.
”اوهه! توهان پاڪستاني آهيو؟ اهو نئون جهاز توهان جو آهي، جنهن جي چمني Funnel تي بلو رنگ ۾ N.S.C جو مونوگرام آهي. اڄ مون صبح ان جهاز کي ايندو ڏٺو.“
سندس آواز ۽ پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه جي آواز ۾ شايد ئي ڪوفرق هجي. نه ته ساڳيو کڙو، صاف ۽ رعبدار ڳالهائڻ هو. شاهه صاحب منهنجي والد جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست آهي. جهاز تي اچڻ کان اڳ 1965ع ۾ منهنجو سندس گھر ڪجھه ڏينهن لاءِ رهڻ ٿيو هو جتي آئون ۽ سندس ڀائٽيو هدايت الله شاهه سڄو ڏينهن نصيحتن ۽ دڙڪن جي منهن ۾ هوندا هئاسين. نه چمپل پائڻ جي اجازت هوندي هئي نه رات جو گھمڻ ڦرڻ جي.
”جي ها. اهي اسان ئي آهيون جن جو جهاز تو ڏٺو.“ اسان هن روسي استاد کي ٻڌايو.
ڪجھه سوچي چوڻ لڳو، ”پر ڳالهه ته ٻڌو، توهان جي زبان عربي وانگر لکي وڃي ٿي، پوءِ توهان جي جهاز جو نالو هنديءَ ۾ ڇو لکيل آهي.“
”اها هندي نه پر بنگالي آهي، جا پڻ اسان جي قومي زبان آهي.“
”اوهه! اها ڳلهه آهي.“ هن هر جملي جي اڳيان زور سان ’اوهه‘ ضرور چيو ٿي. ”ڀلا سڀ پاڪستاني خوش آهن.“ هن پڇيو.
”سڀ خوش آهن، سڀ مزي ۾ آهن.“
”اوهه! جيڪر توهان سڀ مزي ۾ آهيو ته اسان به ٺيڪ آهيون. اچو اچو. ويهو. ڀلا ڪجھه پيئنداؤ. پر هلو ته ڪلب ۾ هلون.“
هلڻ وارا هئاسين ته سندس شاگردياڻين مان هڪ پڇيو ته اسان مان ڪنهن کي فارسي ايندي آهي.
ٻڌايوسين ته اسان جي دوست سعيد کي ايندي آهي پر خريداري جي حد تائين. يعني فقط شين جا اگھه فارسي ۾ پڇي ڄاڻي جو ايران جي بندرگاهه ۾ پنج سال ڌڪا کاڌا اٿس.
ان بعد هن نيڪ استاد، خبر ناهي ڪهڙي کنڌي هيٺ اسان کي ڪافي ڪجھه گھمايو ۽ ڏيکاريو. ٻه ٽي راتيون لڳاتار جهاز تائين بس وٺي آيو. پهرين رات اوپيرا هائوس وٺي هليو. ٻي رات فلم تي ۽ ٽي رات روسي سرڪس هلي ڏيکاريائين. آخري رات جيتوڻيڪ هائوس فل هو، پر ان هوندي به بندوبست ڪري اسان کي جڳهه وٺي ڏنائين.
هتي روس ۾ چمڙي جون شيون ۽ ڪپڙو ڏاڍو مهانگو آهي. ان کان علاوه ٻي ڪا خاص شيءِ خريد ڪرڻ جهڙِي ناهي. هتي فقط اهي شيون عام ملن جن جي روزمره جي زندگي ۾ سخت ضرورت آهي، نه ته ٻي ڪنهن شيءِ تي اجايو خرچ نٿو ڪيو وڃي. ڊيوٽي فري شاپ (جنهن دڪان تي اسان ٻاهر جي ماڻهن لاءِ بنا ٽئڪس جي، ڪارخاني جي اگھه تي سامان ملي ٿو) ان ۾ فقط ريڊيا، واچون، ڪئميرائون، مووي ڪئميرائون، ٽيليوزنون ۽ ان قسم جون روسي شيون جام ۽ سستيون ملن ٿيون. اسان ڪجھه دوستن ساڳي قسم جو ٽرانسسٽر ورتو، جنهن کي جملي ست بئنڊون آهن ۽ ايترو طاقتور ۽ مضبوط آهي جو هتان به دهلي، ڊاڪا ۽ ريڊيو سلون چٽو جھپي ٿو، جنهن لاءِ اسان کي فقط ٽيهه ڊالر ڏيڻا پيا. انهن ريڊيو ٽرانسسٽرن جي ڪٻٽ ڀرسان بوٽن جو ڪٻٽ هو ۽ معمولي کان معمولي بوٽ جي قيمت به ريڊيو کان گھڻي هئي ـــ ڇو جو هتي چمڙو مهانگو آهي. اڄ ڪلهه مون کي جيڪا تڪليف درپيش اچي رهي آهي، سا سوٽي ڪپڙن جي آهي. هن جهاز تي اچڻ لاءِ ڪراچي کان هوائي جهاز رستي آياسين ۽ اسان سڀئي تمام ٿورو سامان کڻي آياسين. مون اهو سوچي فقط ٽي کن قميصون آنديون جو پڪ هيم ته جهاز انگلنڊ يا جرمني ڏي ويندو جتي قميصون سستيون ملن ٿيون. پر اتفاق سان اسان جو پروگرام تبديل ٿي ويو. هنن يورپي ملڪن ۾ سوٽي ڪپڙو تمام مهانگو ملي ٿو. يوگوسلاويا ۽ روس به ٻين ملڪن وانگر سوٽي ڪپڙو پاڪستان مان گھرائي ٿو.
اڄڪلهه پاڪستان جي سوٽي ۽ اوني ڪپڙي يورپ جي مارڪيٽ کي مات ڪري ڇڏيو آهي. ويتر جو Synthesis پروسز هنن يورپ وارن جو ناڪام ويو آهي، ته ان کان پوءِ ته هيڪاري پاڪستاني ڪپڙي جو قدر وڌي ويو آهي. هڪ مثال ياد ٿو اچي. آءٌ ڪراچي هوس هڪ دوست ٻاهران اچي رهيو هو. لکيومانس ته منهنجي لاءِ سوٽ جو ڪپڙو وٺي اچجانءِ. هو دبئيءَ مان بهترين ڪپڙو چونڊي وٺي آيو. هتي پهچڻ بعد معلوم ٿيو ته پاڪستاني ڪپڙو آهي جو هتي ان کان به سستو پيو ملي. مٿي Synthesis-Process جو ذڪر ڪيو اٿم. هن طريقي موجب ڪپڙو ڪپهه جي ڌاڳن مان نه، پر سنئون سڌو ڪپڙي جا اصلي جزا ملائي ٺاهڻ کي Synthesis طريقو سڏجي ٿو. مثال طور: کنڊ، ڪمند جي رس مان ٺاهڻ بدران ڪاربن، هئڊروجن ۽ آڪسيجن کي ملائي پڻ ٺاهي سگھجي ٿي. بهرحال ڳالهه جو مقصد هي آهي ته اسان کي فخر ڪرڻ گھرجي ته اسان جو ملڪ پڻ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي ۽ اسان اوچو ڳاٽ ڪري ٻين سان پنهنجي ملڪ جي مصنوعات جو ذڪر ڪري سگھون ٿا.
اسان وٽ اهو فئشن بنجي چڪو آهي ته جو گھر کان رُسي ٿو، سو وتي پنهنجي ملڪ مان خاميون ۽ وڏون ڳوليندو ۽ ناراض ٿيندو. ڄڻ سندس هي وطن ناهي پر ڪٿان اتر قطب يا ڏکڻ قطب مان هتي ڊپوٽيشن تي آيو آهي ۽ اچي ڦاٿو هجي.
پر ادا گھر کان ٻاهر نڪري ٻين ملڪن جو جائزو به ته وٺي ڏسو ته اسان ڪيترن کان سکي ۽ بهتر آهيون. اڃا تائين اسان وٽ هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت، همدرديConsideration ۽ لطيف جذبا موجود آهن. هڪٻئي ۾ خاميون ڳولڻ ۽ هڪٻئي تي ڏوهه ٿاڦڻ بدران جيڪڏهن اسان مان هر هڪ پاڻ کي Individually اڃا به وڌيڪ سڌاري ۽ خوبيون پيدا ڪري ته اڃا به وڌيڪ سکي، خوشحال ۽ پنهنجيءَ وارا ٿي سگھون ٿا. مرچن ۽ ڳاڙهين سرُن جو ٻورو ملائڻ، گيهه ۾ موبل آئل ۽ گريز ملائڻ، تور ۾ کوٽ وغيره ـــ هر شيءِ اسان جا ليڊر ۽ اڳواڻ هڪ هڪ دڪان تي چڙهي ڪونه ٿا اچيو ڪن. چوريون ۽ ڌاڙا آمريڪا کان اتي جا يهودي اسان وٽ اچي ڪونه ٿا هڻن، جو هر ڳالهه ۾ اسان ٻين تي ڏوهه ٿاڦيون ٿا. اسان جو ملڪ ڪو هڪ يا ٻن جي نجي ملڪيت يا ورثو ناهي. اسان جو ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان جي ملڪ جي عزت اسان جي عزت آهي. اسان جي ملڪ جي هر خراب يا سٺي ڳالهه لاءِ اسان مان هر فرد ذميوار آهي.
چڱو ادا، اڃا هتي روس ۾ ڪجھه ڏهاڙا آهيون، ان بعد رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا هليا وينداسين. ٻيو خط اتان لکندوسانءِ.
گھڻي چاهه مان
تنهنجو.........