الطاف شيخ ڪارنر

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
  • 4.5/5.0
  • 1705
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجو ساگر منهنجو ساحل

دبئي ـــ (عربي گلف)

سڀ کان اول جنهن شيءِ هتي اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي سو هتي پڙدي خاطر منهن کي ڍڪڻ جو عجيب فئشن آهي. جهڙو ئي دبئي بندرگاهه کان ٻاهر قدم رکيوسين ته ٻن عورتن کي سواءِ منهن جي، ڪاري برقعي ۾ ڍڪيل ڏٺوسين. منهن لڪائڻ خاطر نڪ جي مٿان چهنب وانگر چمڙو چڙهيل هو. جنهن چمڙي ڳلن تان ڦري، سواءِ اکين جي، سڄي منهن کي ڍڪيو ٿي. هڪ نڪ اڳيئي ٻاهر نڪتل ان مٿان ڪاري رنگ جي چمڙي جي ڦاڪ چڙهيل، پاسي کان منهن ڏسڻ ۾ هيبتناڪ ٿو اچي. هي منهن لڪائڻ جو هتي نئون انداز ڏسي ڏاڍو تعجب لڳو. جهاز جا آفيسر جيڪي مون سان گڏ هئا، انهن کان ان بابت پڇيو پر هنن کي به خبر نه هئي جو انهن جو به هتي پهريون دفعو هو. اڳتي وڌياسين ته بس مان ڪيتريون ئي عورتون لهي رهيون هيون. شڪل ۽ ڪپڙن ۾ مڪرانين جهڙيون. سڀني جي منهن تي ڪاري چمڙي يا ڪاري ڪلف لڳل ڪپڙي جا کوپا چڙهيل هئا. چمڙو به گندو ۽ گرميءَ ڪري پگھر سان ڀريل.
هتي جا ماڻهو لبنان، شام، مصر ۽ ٻين عرب ملڪن جهڙا سهڻا نه آهن. اسان پاڪستانين کان به وڌيڪ سانولا ۽ ڪيترا ته آفريڪن جهڙا ڪارا آهن. سو ڪاري منهن تي ڪارو چمڙو يا ڪپڙي جو کوپو چڙهيل هر ڌارئين لاءِ باعث تعجب ثابت ٿئي ٿو. هڪ دوست ته چيو، يار هيءَ ته جي مخلوق ته نه سڏبي. چنڊ يا ڪنهن ٻئي جهان تان آيل ٿي ڏسجي، جنهن جا فوٽا ٻارن جي ڪارٽون ڪتابن ۾ هوندا آهن. هڪ چيو ته شايد عورت کي بدزيب بنائڻ خاطر هن پڙدي کي رواج ۾ آندو ويو آهي. هتي جا اصل رهاڪو عرب ان قسم جو سخت پڙدو ڪن باقي ڌاريان پڙدو نه ڪن. شهر ۾ ڪيتريون ئي پاڪستاني، هندستاني ۽ سلوني عورتون ساڙهي ۽ شلوار قميص ۾ نظر اچن ٿيون. ايراني ۽ لبناني عورتون پڻ پنهنجي مخصوص لباس ۾ نظر اچن ٿيون.
هي تيل سان مالا مالا شيخ رياست، عربن کان وڌيڪ ڀروارن ملڪن ــ ايران، پاڪستان، هندستان وغيره جي ماڻهن سان ڀريل آهي. اڄ کان چند سال اڳ هن وارياسي ملڪ ۾ ڪابه زندگي نه هئي. جتي جتي مٺي پاڻيءَ جا چشما هئا اتي جھڳٽن ۾ هتي جا بدو عرب مال سميت رهندا هئا. اوچتو هن علائقي مان پڻ ٻين ڀروارن ملڪن جيان تيل نڪرڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. برٽش حڪومت پنهنجي نگهبانيءَ هيٺ تيل ڪڍائڻ جو ڪم شروع ڪيو. ڀروارن ملڪن مان مزوري خاطر ماڻهو گھرايا ويا. ڪم شروع ٿي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي ملڪ دولت سان مالامال ٿي ويو.
ڀر وارن ملڪن کان ماڻهو هتي ڪم خاطر هميشه لاءِ رهڻ لڳا ۽ واپار شروع ڪيائون. ڏسندي ئي ڏسندي بازارون، مارڪيٽون ۽ هڪ کان هڪ اعلى قسم جا دڪان تيار ٿي ويا آهن، جي گھڻو ڪري هندستانين ۽ پاڪستانين جا آهن. هتي عام طرح اڙدو ڳالهائي وڃي ٿي ۽ اصلي باشندا به گاڏڙ ساڏڙ اڙدو ڳالهائين. هوٽلن ۾ پاڪستاني طرز جو کاڌو هلي. ايتريقدر جو هتي جي سڪي ريال کي به عام طرح روپيو سڏين ۽ ريجي کي آنا، پئسا. هڪ ننڍي ٻيڙيءَ ۾ ’دبئيءَ‘ کان ’ديرا‘ پهتاسين. پئسن جو پڇيوسين ته چوڻ لڳو ”اٺ آنا.“ تنهن تي پڪ لاءِ پڇيومانس ته: ”نصف ريال“ ته ڪنڌ ڌوڻي ها ڪيائين. مون سمجھيو هي شايد پاڪستاني آهي ۽ اسان کي به پاڪستاني سمجھي ريالن بدران اسان جي ملڪ جي سڪي ۾ ٿو ٻڌائي. پر پوءِ معلوم ٿيو ته هتي ريال کي سڀ روپيو سڏين. دڪانن جا نالا به اهي ئي جي اسان وٽ عام آهن، مثلاً ”پاڪستاني ٽي هائوس.“، ”بمبئي هيئرڪٽنگ سيلون“، وغيره. ورلي ڪو دڪان هتي جي رهاڪو عرب جو هوندو سو به ننڍو، نه ته سڀ دڪان پاڪستانين، هندستانين ۽ ايرانين جا آهن.
هتي هڪ گجراتي دڪاندار سان خبرچار ڪندي پڇيم ته هتي جا عرب ڇو نٿا واپار وڙي ۾ حصو وٺن؟ چيائين: ”هنن کي اچي ئي ڇاٿو. هي سڄو بيابان ۽ رڻ پٽ هو. پوءِ اسان ئي اچي دڪان ڪڍيا. هنن کي کائڻ پيئڻ، پهرڻ ۽ هلڻ چلڻ جي به تميز نه هئي. سڀ ڪجھه اسان اچي سيکارين. سڄي دبئي ۾ عرب مشڪل سان پنج سؤ کن ٿيندا، نه ته ٻيا اسان سڀ ٻاهريان آهيون. نوڪري ۾ به اڪثريت اسان ٻاهرين جي آهي پر هاڻ جيئن جيئن هتي جا ماڻهو سڌرندا ۽ هوشيار ٿيندا وڃن ته اسان کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.“
هتي جي عربي زبان به اهڙي نج ۽ صاف ناهي جا سعودي عرب، مصر ۽ لبنان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اها عربي دراصل ڏاڍي مٺي ۽ نرم آهي پر هتي جي عجيب گاڏڙ ساڏڙ ۽ کهري ٽون جي آهي.
دبئي Custom-Free بندرگاھ آهي سو هر ٻاهرين شيءِ سستي ملي ٿي. ٻاهران ڏسبو ته تمام معمولي دڪان هوندو، اندر قيمتي شين سان ٽٻاٽٻ ڀريو پيو هوندو. دنيا جي هر ملڪ جي شيءِ جهڙوڪ واچون، ريڊيا، ٽرانسسٽر، ٽيپ رڪارڊر، ڪپڙا توهان کي تمام سستي اگھه تي ملندا. هتي جنهن شيءِ جي سخت کوٽ آهي سو آهي پاڻي. جتي ٿا غريب پاڻيءَ لاءِ کوھ کوٽين ته تيل نڪريو اچي. پاڻيءَ جي قلت ۽ بيابان ڪري پوک به ڪانه ٿئي. ان ڪري کاڌي پيتي جون شيون تمام مهانگيون آهن. گوشت اٺين ريالين سير يعني پنهنجا ويهه رپيا کن يعني ڪراچيءَ کان به ٻيڻو مهانگو ٿيو. معمولي ننڍو ڪيڪ يا بسڪٽ، جو پاڻ وٽ ٻي آني ملي هتي اڌ ريال. ميوو ته حد کان وڌيڪ مهانگو آهي جو اهو لبنان کان اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان رستي تي ممباسا ۾ ترسي کاڌي پيتي جو سامان اڳتي جي مسافريءَ لاءِ کڻي آيا آهيون ۽ پاڻي پڻ.
دبئي کان علاون دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي ”فري پورٽ“ آهن جتي شيون ٽئڪس فري آهن. جهڙوڪ: دوحا، ڪولمبو، لاس پاماس، سنگاپور وغيره. توهان اهو سوچيو ته جيڪر اسان وٽ به ڪراچي فري پورٽ هجي ته فائدو رهي ۽ هر فارين شيءِ سستي ملي. پر فري پورٽ اهو ملڪ ٺاهي سگھي ٿو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي صنعت نه هجي. اسان جيڪڏهن ڪراچي کي فري پورٽ ٺاهينداسين ته ملڪ لاءِ نقصانڪار ٿي پوندو ڇو جو هر ڪو ڌارئين ملڪ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪندو ۽ پنهنجي ملڪ جو ڪپڙو ڪو ڪونه وٺندو. اهڙي نموني سان ٻيون شيون پڻ. نتيجو اهو نڪرندو جو اسان جا ڪارخانا بند ٿي ويندا، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ بيروزگار ٿي ويندا ۽ وڏي ڳالهه ته ٻاهريون زرمبادلو ڪمائڻ بدران ڏيڻو پوندو. اسان کي دراصل چيني ماڻهن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. چين ۾ بوسڪي، شنگھائي سلڪ ۽ ٻيو دنيا جو بهترين ڪپڙو ٺهي ٿو پر اتي جي هڪ به ماڻهوءَ کي قيمتي ڪپڙو اوڍيندي نه ڏٺوسين. هو سڀ ٻين ملڪن کي وڪڻي ٻاهرين ملڪن جو پئسو ڪمائين ۽ پاڻ مرد توڙي عورتون خاڪي، مليشيا يا کدڙ جا سستا ۽ سادا ڪپڙا ڍڪين. اڄ ڏسو ته ڪيتري نه ٿوري عرصي ۾ چين سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي. دراصل ڪنهن به ملڪ جي طاقت جو اندازو ان ملڪ جي ماڻهن جي ڪپڙي يا عيش عشرت مان نٿو لڳائي سگھجي. ان ئي ڳالهه کي مدنظر رکندي پاڪستان به اڄڪلهه اوچو ڪپڙو، اوچي قسم جا چانور، ڪپهه ۽ ڪڻڪ ٻاهرين ملڪن کي وڪڻي رهيو آهي. اسان جيڪڏهن اوچو نه ڍڪيو ته ڇا ٿي پيو. اسان کي ان کان وڌيڪ دوائن جي ضرورت آهي، مشينن جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي هن کان به وڌيڪ اناج اپائي سگھون. ڇا ٿي پيو اگر اسان ڪجھه سالن لاءِ کڻي سادا چانور کاڌا. ڇا ٿي پيو اگر اسان پنهنجي ملڪ جا تيار ٿيل ڪپڙا ڍڪي، ڌارين اوچن ڪپڙن پهرڻ کان گريز ڪئي. دنيا جو ڪوبه سمجھو ماڻهو اسان کي، اسان جي ان عمل تي ’پٺتي پيل‘ نه سڏيندو، ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ته ان کان به وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون.
هڪ عرب جي ڪپڙي جي دڪان تي چڙهيس. پتلون لاءِ مونکي ڪپڙو ٿي کتو. دڪاندار کي اها بلڪل خبر نه هئي ته آءٌ پاڪستاني آهيان. ڳولي هڪ ڪپڙي جي لاءِ اگھه پڇيم. اگھه تمام گھڻو ٻڌايائين. پر ڪپڙو به اهڙو عمدو هو. سوچي رهيو هوس ته وٺان يا نه، ته دڪاندار چيو، ”سائين پاڪستاني ڪپڙو آهي، فلاڻي مل جي ڏسو ڇاپ به لڳي پئي اٿس. قيمت گھڻي آهي ته ڪپڙو به ته بهترين آهي. گئرنٽي ٿو ڏيانوَ.“
پنهنجي ملڪ جي ڪپڙي جي ڌارئين جي واتان تعريف ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس. پڇيومانس ته ٻيو ڪهڙو پاڪستاني ڪپڙو اٿئي؟ سچ پڇو ته مون کي ڏسي تعجب لڳو ته اهو اهو مردانو ۽ زنانو ڪپڙو، جنهن کي آءٌ جپاني ۽ آمريڪي سمجھي ويٺو هوس سو پاڪستاني نڪتو.
ساڳئي قسم جو واقعو هڪ ٻئي هنڌ به درپيش آيو. رات جو ”جھميرا سئنيما“ تان فلم ڏسي موٽيا هئاسين. هوٽلون بند ٿي چڪيون هيون. بک به ڏاڍي لڳي هئي. ڳولي ڳولي ’ابرا‘ وٽ هڪ ننڍي هوٽل کليل ڏٺيسين. پر ان هوٽل جي حالت ڏسي اسان مان هڪ چيو ته هتي ڪهڙو کاڌو هوندو. هوٽل جي بئري ڪو ٻڌي ورتو. تنهن يڪدم چيو: ”سائين اسان وٽ سڀ خالص شيءِ آهي. پاڪستاني باسمتي چانور ۽ گيهه استعمال ٿيندو آهي.“ اهو ٻڌي مون ڄاڻي ٻُجھي پڇيومانس، ”ميان پاڪستاني چانور سٺا ٿيندا آهن ڇا؟“ چيائين توهان شايد ڪنهن ٻئي ملڪ جا ٿا ڏسجو. هڪ دفعو کائي ته ڏسو. اڻ رڌيل چانورن مان به توهان کي خوشبوءِ ايندي. کانئس سندس ملڪ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته پاڻ هندستان جو هو. هندستان جهڙي ملڪ جو ڪو اسان جي ملڪ جي ڪنهن شيءِ جي تعريف ڪري ته ان تعريف کان وڌيڪ ئي سمجھجي. پر اسان جي بدقسمتي ڏسو هر خراب شيءِ کي ديسي (يعني پنهنجي ملڪ جي) سڏينداسين، پوءِ چاهي اها شيءِ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي هجي ۽ هر سٺي شيءِ کي ولائتي سڏينداسين، پوءِ چاهي کڻي پاڪستاني هجي.
کنڊ اڄڪلهه پاڪستان ۾ اعلى درجي جي ٺهي ٿي، جيڪا روس، رومانيا، بلغاريا ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ موڪلي وڃي ٿي. پر ان کنڊ کي اسان وٽ ولايتي سڏيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترائي ماڻهو ملندا جيڪي جنهن تي به ولائتي ڇاپ ڏسندا ته بس ان تي وشواس ڪري اها خريد ڪندا. چاهي ان کان بهترين ’پاڪستاني‘ شيءِ بازار ۾ موجود هجي. ڪيترن ماڻهن جي ڊڪشنريءَ ۾ لفظ ’ديسي‘ جي معنى ’خراب‘ ۽ ولائتي جي معنى ’سٺي‘ بڻجي چڪي آهي. ذرا ترقي يافته ملڪن جي ماڻهن کي ڏسو ڪيترا اهڙا آهن جو پنهنجو ملڪ ڇڏي ڌارين ملڪ ۾ ويندا ته اتي به پڇائي پڇائي پنهنجي ملڪ جي شيءِ وٺندا. کير چاهي تازو ملندو هجي ته به پنهنجي ملڪ جا مهينن جا مهينا بند ٿيل کير جا دٻا وٺندا.
ڪراچي ۾ هڪ انگريز فئملي کي سڃاڻان، اهي ته ايتريقدر جو لوڻ به پنهنجي ملڪ جو بند ٿيل دٻي جي صورت ۾ وٺن. اسان جي ملڪ جا وري ڪي اهڙا بيوقوف جو انگريزن کي ائين ڪندو ڏسي ۽ پاڻ کي به انگريز ۽ وڏو ماڻهو سڏائڻ لاءِ (بقول يوگوسلاويا جي هڪ چوڻي مطابق) اهو ئي خريد ڪندا جنهن تي انگلستان جي مهر لڳل هجي. اهو نه ڏسندا ته انگريز اها شيءِ خريد ڪئي ته ان ۾ سٺائي يا برائي جو گھٽ پر خريد ڪرڻ واري جي قربانيءَ ۽ ملڪي شيءِ فروخت لاءِ همٿ افزائيءَ جو جذبو وڌيڪ سمايل آهي. اسان کي به دراصل ان جذبي جو نقل ڪري پنهنجي ملڪ جي شين جي استعمال ۾ حصو وٺڻ کپي. هڪ روسيءَ کي هڪ آمريڪيءَ چيو ته: ”ڪمال آهي توهان جي ملڪ ۾ ته ماڻهن کي بلڪل ئي آزادي ناهي. ذرا اسان کي ڏس وچ رستي تي بيهي نڪسن ۽ ڪينڊي کي به گاريون ڏئي سگھون ٿا.“ روسي ٺهه پهه جواب ڏنس ته، ”ان ۾ ڇا آهي؟ اسان به وچ رستي تي بيهي گاريون ڏئي سگھون ٿا، نڪسن ۽ ڪينڊيءَ کي.“ ساڳئي وقت ڪو انگريزن جي برابري ڪرڻ لاءِ چوي ته آءٌ به انگريزن وانگر اهي شيون خريد ٿو ڪريان ته سراسر بيوقوفي آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريز اڄڪلهه دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته آهن، ان جو نجو سبب آهي سندن چند سٺيون عادتون. جهڙوڪ: ايمانداري، محنت، پورهئي ۾ سچائي وغيره. منجهن ڪجھه خراب به عادتون آهن، جن لاءِ هنن کي خود به اعتراف آهي، جهڙوڪ: شراب پيئڻ، سگريٽ ڇڪڻ وغيره. انهن کي هو خراب سمجھن ٿا. ايتريقدر جو دنيا جو مشهور رسالو ”ريڊرس ڊائجسٽ“ هميشه سگريٽ نوشيءَ جي خلاف مضمون ڏيندو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سگريٽ جو اشتهار نه ڏنو اٿس. ذرا اسان وٽ ڏسو. انگريزن سان ڪلهو هڻڻ لاءِ اسان هنن جي سٺين عادتن تي عمل نه ڪنداسين. پر پاڻ کي هنن جهڙو بنائڻ لاءِ هنن جي خراب ڳالهين تي عمل ڪنداسين. ننڍو ڪلارڪ، گھر ٻاري ڏياري ڪري پنهنجي ٻين تي برتري ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ کان هڪ مهانگو انگريزي يا آمريڪي سگريٽ ڇڪيندو. مونکي ڪيترائي شاگرد، خاص ڪري پروفيشنل ڪاليجن (ميڊيڪل، انجنيئرنگ) جا، جي جيتوڻيڪ غريب مائٽن جو اولاد هوندا، مائٽ بکون ڪاٽي کين پئسا موڪليندا هوندا، پر هو ٻين تي ٺلهي آڪڙ ۽ وڏائي ڏيکارڻ خاطر شراب پيئندا ۽ اهڙي بڇڙائيءَ جو ذڪر وڏي فخر سان دوستن سان محفلن ۾ ڪندا، يا خاص ڪري جڏهن پنهنجو ملڪ ڇڏي ولايت پڙهڻ يا نوڪري خاطر ايندا، ته پاڻ کي انگريز يا آمريڪي سمجھڻ خاطر شراب ۽ ٻين اهڙين شين جو استعمال عام ڪندا. اسان کي گھرجي ته ترقي يافته ملڪن سان ڪلهوملائڻ خاطر سندن سٺين ڳالهين جو نقل ڪريون. ان بابت تفصيل سان بلغاريا ۽ رومانيا وارن خطن ۾ لکي چڪو آهيان. وڌيڪ لکڻ مناسب نه ٿو سمجھان، ان ڪري هتي دبئي جون خبرون ٿو لکان.
هتي تيل ملڻ ڪري پيٽرول ۽ ان سان وابسته شيون تمام سستيون آهن. پيٽرول ڏهين آني في گئلن آهي. ان ڪري هرهڪ کي وڏيون آرامده ڪارون آهن. ننڍي ڪار ڪا ورلي نظر ايندي. بندرگاهه وٽ سمنڊ گھرو ناهي ان ڪري وڏا جهاز بندرگاهه کان ٽي چار ميل پري کلئي سمنڊ (اونهي سمنڊ) ۾ بيهن. اسان جو جهاز به گھڻو ٻاهر بيٺو آهي. اندر اچڻو هوندو اٿئون ته هتي جي لانچن ۾ ايندا آهيون يا پنهنجي جهاز جي لانچ لاهي ايندا آهيون. سمنڊُ ڪناري وٽ اچي سنهو ڪئنال ٺاهي ٿو جو اندر ڪافي هليو وڃي ٿو. ان ڪئنال جي ساڄي پاسي ’ديرا‘ شهر آهي ۽ کاٻي پاسي ’دبئي‘ ۽ ’جھميرا‘ آهي. دبئي ذرا ديرا کان پراڻو ۽ وڏو شهر آهي. هتي سئنيمائون تمام ٿوريون آهن. جن ۾ فقط هڪ شو سمهڻيءَ جي نماز کان پوءِ تقريباً نائين بجي ٿئي. ان ۾ گھڻو ڪري هندستاني فلمون يا پاڪستاني پنجابي فلمون هلن ٿيون. ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي هي تيل جو پئسو پاڻ ملهائي ۽ بندرگاهه، رستا، اسڪول، اسپتالون ۽ سئنيمائون ٺهي پون. هتي پاڪستاني ريڊيو اسٽيشنون چٽيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. سو سڄو ڏينهن اڙدو گانن جي ڌم هوندي آهي، ورلي ڪٿان ڪو عربي راڳ جو آواز ايندو. دبئي شهر کان چار پنج ميل پري هڪ ننڍڙو ڳوٺ ’سنڌي ڳوٺ‘ نالي مشهور آهي، جتي سنڌ جي ڪوهستان علائقي جا ماڻهو رهن، جن جو سفر گذر مال تي آهي. بهرحال هتي ڪو پاڪستاني اچي اجنبيت هرگز محسوس نه ڪندو. زبان ساڳي، لباس ساڳيو ۽ ماڻهو ساڳيا.
ملڪ جو قاعدو قانون ۽ نگهباني برٽش حڪومت جي هٿ ۾ آهي ۽ فوج به ان جي مقرر ڪيل آهي. پر هاڻ سگھوئي، 1970ع ڌاري برٽش وارا لڏڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ هتي جي رهاڪن کي خود پنهنجي ملڪ ۽ حڪومت جي نگهباني ڪرڻي پوندي. ان ڳالهه کي مدنظر رکي هينئر هتي جي پنهنجي فوج ٺهي رهي آهي، جنهن ۾ گھڻائي پاڪستانين جي آهي. ان کان علاوه خيال آهي ته هر قسم جي وڌيڪ مدد پڻ پاڪستان ڏيندو.

چڱو هاڻ، الله توآهر
تنهنجو پنهنجو
ـــ الطاف