لاس پاماس (ڪَناري ٻيٽ)
هتي جون خبرون ته کوڙ آهن، ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکجن. بس اهي ئي رب جا لکين احسان آهن، جو اڃا زنده آهيون، نه ته سمجھ ۾ نٿو اچي ته پاڻ جهڙو حسن جو پوڄاري ههڙن خوبصورت هنڌن تي ڪيئن پيو جيئي. روز قتل ٿيندا آهيون، روز جنم وٺندا آهيون. ذرا سوچ هي (لاس پاماس) اها جڳهه آهي جتي پئرس، لنڊن، نيويارڪ ۽ جپان جهڙن هنڌن کان به ماڻهو گھمڻ خاطر اچن ٿا. سڄي دنيا جا سياح ۽ شوقين نظر ايندا. ٻارهوئي هتي ميلو لڳو پيو آهي. ادا، ذرا تحقيق ڪرائجانءِ ڪٿي مومل جي ڪاڪ هتي ته نه آهي ــ؟
هي ٻيٽ هر لحاظ کان خوبصورت آهي. ٻيٽ ناهي پر جنت جو ٽڪرو ڄڻ ته زمين تي لاٿل آهي. ڇا صفائي (کيسي پاڪيٽ جي نه) ڇا سونهن ۽ حسن، هر شيءِ (ويندي رستن تائين) آرسيءَ وانگر چمڪندي رهي ٿي. سڄو ٻيٽ گلن ۽ خوبصورت ٻوٽن سان ڇانئيو پيو آهي. چؤطرف نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گھمنديون نظر اچن ٿيون. پوڙها ته شايد ٿين ئي ڪونه يا ته اهي به ضرور جوان دل رکندا هوندا.
هتي هر قسم جي لباس ۾ ماڻهو نظر اچن ٿا. پتلون قميص ۾، نڪر بوشرٽ ۾، سئمنگ ڪاسٽيوم ۾ (جو ٻيٽ جي چؤگرد سمنڊ جو ڪنارو آهي. توهان ڪنهن به طرف وڃو ته ڪناري کان پري ٿي نه ٿا سگھو)، مني اسڪرٽن ۾، ساڙهي ۽ فراڪن ۾، ڪنهن به قسم جي ڪابه جھل پل نه آهي. سماجي آزادي حد کان وڌيڪ آهي. هتي دنيا جي هر شيءِ ملي ٿي ۽ هن ٻيٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ سينٽر سڏيو وڃي ٿو. هتي هر شيءِ بنا ٽئڪس (Duty Free) هجڻ ڪري سستي ملي ٿي. هي ٻيٽ اهڙي هنڌ تي آهي، جتان هر جهاز يورپ، آمريڪا، آفريڪا يا ايشيا جي ملڪن ڏي ويندي ضرور لنگھي ٿو ۽ خاص ڪري جهاز جي هلڻ لاءِ تيل ۽ مسافرن ۽ عملي لاءِ يڪي مسافريءَ جو راشن پاڻي وٺي ٿو. هتي هر ميوو ۽ ڀاڄي تمام سٺي ۽ گھڻي انداز ۾ نظر اچي ٿي جيڪا گھڻو ڪري ويجھڙائي وارن ملڪن جهڙوڪ: موراڪو، اسپين، پورچوگال کان اچي ٿي. هتي جا دڪان دنيا جي سڀني شين ۽ تحفن سان جھنجھيا پيا آهن. ڪيترائي وڏا دڪان سنڌي هندن جا پڻ آهن، جي ورهاڱي کان به گھڻو اڳ سنڌ مان واپار جي خيال کان لڏي هتي اچي رهيا هئا ۽ هاڻي هتي جا شهري سڏائين ٿا. هو هتي جي اصلي اسپيني باشندن سان غمي خوشيءَ ۾ گڏ وقت گذارين ٿا. اسپيني ڇوڪريون هنن کي ڏسي چاهه مان ساڙهي ۽ شلوار پائڻ لڳيون آهن ۽ ساڳئي وقت اسان جون ايشين ــ خاص ڪري هندو سنڌي ڇوڪريون به مني اسڪرٽن ۽ چڍين ۾ نظر اچن ٿيون. هتي جا مرد ۽ عورتون حليم طبع، نازڪ ۽ خوبصورت آهن، جنهن جو وڏو سبب هتي جي آبهوا آهي.
هتي سياحن ۽ مسافرن جي عزت ۽ آڌرڀاءُ حد درجي جو ڪيو وڃي ٿو. ذرا سوچيو، هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جنهن جي چؤڌاري سوَن هزارن ميلن ۾ پاڻي ئي پاڻي آهي (نقشي ۾ ڏسندا) اتي ڪو ڌاريون ڪهي اچي ته هنن لاءِ به باعث خوشي آهي. خاص ڪري دنيان جا وڏا واپاري، امير، ائڪٽر، ۽ ائڪٽريسون، نوان شادي شده جوڙا موڪلون ۽ هني مون ملهائڻ يا تفريح ۽ آرام لاءِ ڪٿان ڪٿان ڪَهي هتي اچن ٿا (۽ ڪجھه اسان جهڙا غريب سياح ۽ جهازي پڻ.) هن ٻيٽ جي ڪمائي ۽ گذران ٻاهران آيلن جي ڪري آهي. جيڪڏهن ٻاهرين کي اچڻ نه ڏنو وڃي ته هتي جي سڄي ڪمائي بند ٿي وڃي، سڄو واپار وڙو بيهي وڃي. ٽئڪس نه هجڻ ڪري آمريڪا، انگلنڊ ۽ جپان جون شيون به هتي اتان کان سستيون ملن ٿيون. هتي جي حسن، سونهن، رونق، صفائي ۽ آزاديءَ جو ڇا ذڪر ڪجي. خواب کان وڌيڪ هيءَ حقيقت خوبصورت آهي. سمجھه ۾ نٿو اچي ڪهڙي ريت هتي جو نقشو چٽيان جيئن تون صحيح اندازو لڳائي سگھين.
اسان جهاز لاءِ تيل وٺڻ هتي آيا آهيون، جو هاڻ اسان کي تمام ڊگھو سفر (اٽڪل مهيني کن جو) ڪرڻو آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ هزار ٽن تيل کپي. هتي ٻين شين سان گڏ تيل به سستو ملي ٿو. بندرگاهه ۾ جهازن جي گھڻي رش جي ڪري اڃا اسان کي اندر اچڻ لاءِ جاءِ نه ملي آهي، سو اسان جهاز کي بندرگاهه کان پري وچ سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي بيهاري ڇڏيو آهي. آءٌ اندران شهر مان ٿي آيو آهيان، سو هن ريت. ڪجھه ڏينهن اڳ منهنجو بلغاريا ۾ حادثو ٿي پيو هو. لبنان ۾ علاج ڪرائڻ بعد هاڻ ٺيڪ آهيان. پر تصديق خاطر ايڪسري فوٽو وغيره لاءِ ويو هوس. جهاز جي عملي جو هر ماڻهو آفيس طرفان ’انشور‘ ٿيل آهي ۽ علاج پٺيان انشورنس ڪمپني خرچ ڏئي ٿي. سو هتي جي آفيس جي ايجنٽ سان لانچ ۾ چڙهي شهر ويو هوس. هتي هڪ اسپتال فقط جهاز جي ماڻهن لاءِ آهي. اتي وٺي هليو. هلڻ کان اڳ مون سوچيو ته هڪ عام اسپتال ڪهڙي هوندي. پر ان پنج ماڙ اسپتال جو نظام، صفائي ۽ هر ضرورت جي شيءِ جي موجودگي ڏسي آءٌ دنگ رهجي ويس. هڪ هڪ ڪمرو صاف سٿرو ۽ ايئرڪنڊيشنڊ. هيترن مريضن هوندي به اڃا اڌ کن وڌيڪ خالي بسترا هئا. بقول ڊاڪٽر جي: ”هتي ته مريضن لاءِ سڪندا آهيون ته ڪو اچي.“
ظاهر آهي ته ههڙي صفائي واري شهر ۽ پُرفضا ماحول ۾ بيماري ڪٿان اچي.
”اسان اسپتالن ۾ دوائن کان وڌيڪ پئسو شهر جي صفائيءَ تي خرچ ڪندا آهيون، جو گندگي ئي بيماري کي جنم ڏئي ٿي.“ ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو.
هتي زبان اسپيني ڳالهائي وڃي ٿي. منهنجو ڊاڪٽر به اندلس جو اسپيني هو. جهازن جي مريضن جون زبانون، سمجھڻ ۽ ترجمو ڪري هڪٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ اسپيني ’انٽرپريٽر‘ڇوڪريون مقرر آهن. ڊاڪٽر جي هر ڳالهه هڪ مترجم اسپيني ڇوڪري مون کي ٻڌائيندي رهي. ڪلاڪ اندر فوٽو ايڪسري ۽ گھربل تپاس وٺي رپورٽ ڏنائون ۽ جن دوائن جي ضرورت هئي سي پڻ ڏنائون. ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي سڄي عملي جي دوستانه تعلقات کان ڏاڍو متاثر ۽ خوش ٿيس.
شام، مصر ۽ اسپين جي حسن ۽ سونهن بابت ڏاڍي تعريف ٻڌي هيم، جيڪڏهن اکين سان نه ڏسان ها ته ان کي وڌاءُ ۽ مبالغو سمجھان ها. گورا ۽ ڳاڙها ته سڄي يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو آهن. پر جو حسن ۽ سونهن چئجي سو هنن ماڻهن ۾ موجود آهي. ان جو سبب هتي جي صحتمند آبهوا، ٻن ڏورانهين قومن (عرب ۽ هتي جي اسپيني) جي ميلاپ جو اثر چيو وڃي ٿو. (هتي جي زبان ۽ تهذيب تي پڻ عربن جو ڪافي اثر آهي. ڪيترائي عربي لفظ اسپيني ۾ استعمال ٿين ٿا. مثلاً Cipher, Azmuth, Zenith, Alkali, Amalgam, Alcohol وغيره وغيره.) ۽ هونءَ به اسپيني ماڻهن جو حسن صدين کان مشهور آهي ۽ شامين بعد ٻئي نمبر تي دنيا ۾ ليکيو وڃي ٿو. هڪ هندوءَ جي دڪان تي اسپيني سيلز گرل خاموش ڪنڊ ۾ هڪ هنڌ بيٺي هئي. جيڪڏهن چُري نه ها ته آءٌ کيس پٿر جي خوبصورت مورت سمجھي ويٺو هوس.
اسپتال ۾ منهنجي مترجم ڇوڪري ’ائنا‘ اسپتال ڏيکاري رهي هئي. آپريشن جي ڪمري (Operation Theatre) جي پٺئين در کان ڦيرائي بالڪنيءَ ۾وٺي آئي. ساڄي پاسي مريضن جا ڪمرا هئا. ڪنڊ تي هڪ ننڍڙي لائبريري . چوڻ لڳي:
”سامهون واري ڪمري ۾ هڪ فرانسي جهاز جو چيف انجنيئر ۽ سندس زال آهن. پئرس کان هتي ايندي رستي تي هوئي جهاز جو حادثو ٿي پيو، سڄو ڦٽجي پيا آهن.“ لمحو ترسي پڇڻ لڳي: ”تون پئرس ڏٺي آهي ــ؟“
سامهون دريءَ مان هيٺ نهاريم. پٿر جو بتُ (Statue) اسپتال جي پارڪ جي وچ ۾ نظر اچي رهيو هو. هڪ حسين عورت مرد جي ڀاڪر ۾ ڏيکاريل هئي. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن ڪٿان پري کان ڊوڙي ڊوڙي اچي پاڻ کي مرد جي ٻانهن ۾ ڇڏيو هجي ۽ اڃا تائين سهڪي رهي هجي. پاسي کان ڦوهارو وهي رهيو هو، جنهن جي پاڻيءَ جي ڌار ۾ بُت ڌوپي رهيو هو. مون ائنا جي ڳالهه ٽاري کيس اکين جي اشاري سان بت ڏسڻ لاءِ چيو، جنهن چپن جي وچ ۾ فقط ڦوهاري جي پاڻيءَ جي سنهي ڌار جي وڇوٽي هئي. ائنا به تڪڻ لڳي. عجيب خاموشي طاري ٿي وئي ۽ جڏهن خاموشيءَ جو هي سلسلو وڌڻ لڳو ته ڪجھه اڪيلائي محسوس ڪري ائنا ڳالهائڻ لڳي:
”مون ٻڌو آهي ته پئرس جون عورتون تمام حسين آهين.“
دري تمام ننڍي هئي، آءٌ ٿورو پوئتي رڙهي بيٺس ۽ کيس ٻانهن کان ڇڪي اڳيان بيهڻ لاءِ جڳهه ڏنم. سندس سون جهڙا سنهري وار اڏامي منهنجي منهن تي بازوليون کائڻ لڳا. هوا ۾ اها ئي خوشبوءِ ۽ سڳنڌ هئي جا حيدرآٻاد جي رات ۾ هوندي آهي. (دراصل لاس پاماس ۽ حيدرآباد ذري گھٽ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ Latitude تي آهي ۽ ساڳي Tropical آبهوا آهي. پر لاس پاماس جي چؤڌاري پکڙيل سمنڊ هتي جي آبهوا کي ذرا ٿڌو ۽ ٻارهوئي هڪ جهڙو وڻندڙ بڻائي ٿو.) سندس ڇڙوڇڙ وارن کي جائتو ڪندي چيم:
”ائنا! مون ڪيترا ملڪ ڏٺا آهن، پر آسمان هيٺان هن ڌرتي تي توهان جي حسن جو مقابلو شايد ئي ڪو ڪري سگھي. توهان الف ليلى جي خوبصورت آکاڻين جون خوبصورت نائڪائون آهيو.“
ڏٺم ته ائنا شرمائي رهي هئي. خبر ناهي هي مشرقي حسن ۽ حيا هنن ۾ ڪٿان آيو آهي. تکي هوا جي باوجود به پگھر جا سنهڙا ڦڙا ماڪ جيان سندس نرڙ تي تري آيا. ڪجھه سوچي، ٻارن وانگر پڪ ڪرڻ جي انداز ۾ پڇڻ لڳي: ”سچي ـــ؟“ ۽ وري پنهنجي ئي سادگيءَ تي کلي چوڻ لڳي: ”هوندو. مهرباني. ٿي سگھي ٿو اها حقيقت هجي جيڪا ڌارين کي اسان وٽ ڇڪيو اچي نه ته اسان ته ائين سمجھندا آهيون، ڄڻ اسان کي، دنيا ڌاريون سمجھي الڳ ڪري ڇڏيو آهي.“
واقعي، نقشو ڏسندائو ته هي اسپيني ٻيٽ لاس پاماس ڪيڏو نه دنيا جي مقابلي ۾ ننڍو ۽ ڌار ٿيل آهي. چؤڌاري اٿاهه سمنڊ موجون هڻي رهيو آهي. اتر ڏکڻ ۽ الهندي طرف ته هزارين ميلن تائين ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇانئيو پيو آهي. باقي اڀرندي طرف به سوين ميلن بعد آفريڪا جو صحرا رڻ پٽ ئي اچي ٿو. هتي جي ماڻهن کي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ ته جو سڪون، جو آرام، جو حسن هنن کي ميسر آهي ان لاءِ سڄي دنيا سڪي رهي آهي.
شهر جي هڪ خوبصورت دڪان واري بازار مان لنگھي رهيو هوس. هڪ دڪان جي ٻاهران ”ايسرداس سووينيئر شاپ“ نالي هندو جو دڪان سمجھي چڙهيس. سنڌي هو. هتي Bargaining اگهن جي ريڙهه پيڙهه ڏاڍي ٿي هلي. ڪنهن شيءِ جا ڏهه ڊالر ٻڌائيندا پوءِ ڪنهن کي وقت هجي جو گھٽائي ٻن يا اڍائي ڊالرن تائين آڻي. (هونءَ هتي جي سڪي جو نالو پسيتو آهي ۽ پنهنج روپئي ۾ اٽڪل اٺ کن ٿيندا. پر ڊالر، پائونڊ، فرئنڪ، جرمن مارڪ ۽ دنيا جو ٻيو مشهور سڪو به عام ورتو ۽ ڏنو وڃي ٿو.)
خبرن چارن بعد ايسرداس کي ٻڌايم، ’هي هي سامان کپي. اگھه تي بحت ڪرڻ مناسب نٿو سمجھان، جو واجبي هجي سو ٻڌاءِ.‘ سامان وٺي جهاز تي جڏهن ڀيٽايم ته هن واقعي سڀ سامان مناسب قيمت تي ڏنو هو..... جيڪا واپاري ماڻهوءَ مان گھڻي اميد نه ٿو رکي سگھجي ۽ اهو اتفاق سمجھڻ کپي. پاڻ حيدرآباد ۾ ڊومڻ واهه وٽ رهندو هو. ڏاڍيون حب سان حيدرآباد جون خبرون پڇندو رهيو. ور ور ڏئي هيرآباد جو احوال وٺڻ لڳو. اتي جي خوبصورت عمارتن ۽ ماحول جي تعريف جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو ۽ آءٌ وائڙن وانگر ٻڌندو رهيس. هڪ واري دل ۾ آيو ته پڇيانس ته ڪاڪا توهان ڪهڙِي هيرآباد جي ڳالهه پيا ڪريو ــ؟ اهو ته ڪو بهشت برين هوندو. جيڪا هيرآباد مون ڏٺي آهي ان ۾ ته رڳو مينهن جا ڇيڻا، ڀڳل ٽرڪون ۽ انهن مان وهيل ڪنو تيل، ڀڳل عمارتون ۽ انهن اڳيان ڪاڪوس ۽ ڪرفتي پئي آهي. پر آءٌ چپ رهيس، ’نوابن‘، ’رئيسن‘ جو ۽ سندن ثقافت ۽ تهذيب جو کڻي پڙدو رکيم.
ايسرداس مون کي ماني کائڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو. (ننڍي ٽهيءَ ۾ جيتوڻيڪ اها حُب ۽ سڪ نه رهي آهي، جو ڄاوا نپنا ٻاهر آهن. ان ڪري انهن کي سنڌ بابت ڄاڻ به گھٽ آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ پڻُ رکائي اٿن.) ور ور ڏيئي ايسر سنڌي زبان جي واڌاري ۽ سلامتي لاءِ پڇندو رهيو. پڇيومانس تو جهڙو واپاري ماڻهوءَ کي زبان بابت فڪر ڇوــ؟ چوڻ لڳو:
”جي زبان زنده آهي ته قوم زنده آهي. زبان جي ختم ٿي ته اها قوم ڀيلن، باگڙين جيان ٿيو وڃي.“
کيس چيم ته ٻئي دفعي هتي آيس ته تولاءِ سنڌ مان سنڌي رسالا ۽ اخبارون کڻي ايندس. پاڻ به رسالا ڏيکاريائين، ”اهي تازا پوني (هندستان) مان آيا آهن ۽ اسان اهي سنڌي سنڌي رسالا شوق سان پڙهندا آهيون.“
سندس ننڍو ڀائٽيو ٻارهن سالن جو ڀر ۾ ويٺو هو. ٻڌايائين ته هو هتي جي زبان اسپيني پڙهندو آهي پر سنڌي به سمجھي ٿو. اتي ئي پڇيائين: ”اڙي سمجھين پيو نه ته اسان ڇا پيا ڳالهايون ـــ؟“
هن ڪنڌ سان ’ها‘ ڪئي
مون کي سنڌ جا هندو ڪيترن ئي ملڪن ۾ مليا آهن. هانگ ڪانگ ۾ ته ايترا آهن جو ڪنهن جي چوڻ مطابق 1975ع ڌاري هانگ ڪانگ سنڌين جي ڪالوني ٿي ويندو. پر ايترو چوندس ته وڏن ۾ جيتري سنڌ لاءِ حُب ۽ سڪ آهي اوتري ننڍن ۾ رُکائي ۽ اجنبيت آهي. وڏا ڏاڍو ٿا ياد ڪن ۽ پنهنجي وقت جا قصا دهرائين. اسان ته جيئن ئي هوش سنڀاليو ته هندو لڏي چڪا هئا. پر هيئنر اهي ڳالهيون ٻڌي سوچجي ٿو ته اهو زمانو سنڌ ۾ به ڪو زمانو هوندو، جڏهن شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد اؤج تي هئا. عجيب رونق ۽ لطف هوندو ۽ ڀلا ڪو پنهنجي ڌرتي ماتا کي ڪيئن ٿو وساري سگھي، جنهن هنن کي جنم ڏنو.
ڪجھه ڏينهن اڳ سلون مان مسز ديوڪي لکي ٿي: ”اسان هتي جيتوڻيڪ لکا پتي آهيون، ظاهري طرح سکيا ستابا آهيون، پر ان هوندي به سنڌ کي ياد ڪندي اکين ۾ ڳوڙها اچيو ٿا وڃن ــ سو ڇو؟ ان جو ڪارڻ ’پنهنجو وطن‘ اهو اهڙي شيءِ آهي جو اسين هن جنم ۾ ته وساري نه سگھنداسين، پر شايد اڳتي به وساري نه سگھون. سنڌ اها چيز آهي جتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي شيءِ ’خلوص‘، ۽ ’پريت‘ هئي. هن وقت سنڌ جي ڇا حالت آهي، سا خبر ڪانه آهي. حياتي رهي ته هڪ دفعو ضرور چڪر هڻڻ جو ويچار آهي. پر ڀڳوان کي جو منظور آهي اهو ئي ٿيندو. توهان ڀائرن ۽ ڀينرن کي آسيس ڪنداسين ته شل سدائين پنهنجي وطن کي آباد رکو ۽ توهين به ان سان گڏ سکي ۽ آباد رهو.........“
بيروت ۾ شيلا کي سنڌ جي ڳالهين ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائي نپني بيروت ۾ پر ماءُ پيءُ کان سنڌ جون ڳالهيون ٻڌي ايڏو بيچين هئي جو چوندي هئي ته هڪ دفعو آءُ سنڌ ضرور ايندس ۽ پنهنجي اصلي ديس جي پوتر مٽيءَ کي چمندس.
آءٌ اها شام ڪڏهن به وساري نه سگھندس. بيروت ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ’پيجن راڪ‘ (Pegion Rock) تمام خوبصورت جڳهه آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ هاڪس بي يا پئراڊائيز پوائنٽ آهي. اتي اسان سڀ پڪنڪ لاءِ ويا هئاسين. ڪجھه عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به هيون. ٻيا سڀ پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. شيلا، سندس ٻه ڀائر ۽ آءٌ ڪناري تي ريتيءَ جا ننڍڙا گھر ٺاهي رهيا هئاسين ۽ خبرون به ڪري رهيا هئاسين. پاڻ مائٽن کان سنڌ بابت ٻڌل ڳالهيون ورجائي مون کان پڇي رهي هئي. لفظ لفظ ۾ سنڌ لاءِ عقيدت هيس ــ شاهه کي ته هي ڄڻ پوڄين ٿا. پاڻ شاهه جا ڪيترائي شعر ٻڌايائين. چيومانس ته ڪو سُر سان راڳ ٻڌاءِ.
”ٻڌايانءِ ــ پر هڪڙو وچن ڪر.“ معصوم ٻار جيان، شيلا منهنجا هٿ جھلي وعدو وٺڻ لڳي. ”چئهُ ڪهڙو ــ؟“ پڇيومانس.
”سنڌ جي ان پاڪ خاڪ کي منهنجا پيار ڏجانءِ. ان ڌرتي ماتا کي پيار ڏجانءِ جنهن جي مان ڌيءُ آهيان.“
ان بعد شيلا شاهه جو سُر راڻو شروع ڪيو ته دنگ ڪري ڇڏيو. سندس سُر ۾ عجيب ڪشش ۽ ميٺاج هو. ٿي سگھي ٿو ته ان ۾ ڪجھه ان وقت جي فضا ۽ ماحول جو به دخل هجي جنهن مدهوش ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ريتيءَ تي پلٿي ڀڃي، ڀڄن جي انداز ۾، اکين جي اڳيان هٿ ٻڌي، اکيون بند ڪري ڳائيندي رهي.
”راڻا تنهنجي راڄ ۾، مون کي چوٿون چنڊ ڏٺو،
ڏکن ڏولاون ۾، منهنجو سڙي ساهه ويو،
هاڻي راڻي کي چئجو، ته مومل رات مري وئي!
ڇنا منهه ماڙيون الا اوڏانهن اڏائي.........
منهنجي راڻي کي رحم پوي، ڏُور وڃيو ڏينهن لائي.“
پاڻيءَ جون لهرون رکي رکي سمنڊ کان ڌار ٿي اسان کي ڇهي وري واپس اونهي سمنڊ جي گود ۾ جذب ٿي ٿي ويون. فضا ۾ عجيب ڪيفيت طاري هئي. سامهون پاڻيءَ ۾عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کينهونءَ سان راند کيڏي رهيا هئا. پري کان ’بحيره روم‘ جي ڪناري تي اڏيل Casino De Lebuan هوٽل نظر اچي رهي هئي. پر آءٌ خيالي طرح جاگرافيءَ جون مڙئي حدون لتاڙي، پنهنجي وطن، هوشو ۽ درياءَ خان جي وطن، مارئي ۽ ٻاگھي جي وطن، سنڌ ۾ پهچي چڪو هوس. مون کي ڪوبه احساس نه رهيو ته شيلا ڪنهن وقت ڳائي بس ڪيو. خبر ناهي ڪنهن وقت ريتيءَ جي ننڍڙن گھرن کي ڪهڙي لهر ڊاهي وئي. خبر ناهي ڇو، منهنجي دل روئڻ لاءِ اڇلون کائي رهي هئي. مون شيلا ڏي ڏٺو ته هوءِ اکين تي هٿ رکي روئي رهي هئي.
رات سوچيم پئي ته کانئس خط لکي پڇان ته شيلا ان ڏينهن تون ڇو رُنينءَ ــ؟ ڪنهن لاءِ هئا اهي ڳوڙها؟ ــ ڇا ديس لاءِ؟ ڇا ڌرتيءَ لاءِ ــ؟! ڏاڍي دل ٿي چاهي ته پڇانس پر ڌرتيءَ جي ڌيءُ کان پڇڻ جي همت نه ٿي ٿئيم. جيڪڏهن هن سچ لکيو ته ايترو وڏو سچ، ايڏي وڏي تلخ حقيقت جي برداشت ڪرڻ جي هن دنيا ۾ ڪنهن کي طاقت آهي!
ڪنهن کي طاقت آهي؟
ادا، خط ڊگھو ٿي چڪو آهي. وڌيڪ احوال آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه مان لکندوسانءِ.
چڱو هاڻ، الله توآهر
ـــ تنهنجو