بحر اسود (Black Sea) (سال 1968 ــ رئنڪ : جهاز جو ففٿ انجنيئر)
هن سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ وقت هميشه گھڻو خيال رکڻو پوي ٿو ۽ ذري ذري ڪوهيڙي جو سگنل ڏيڻو پوندو آهي جيئن سامهون ايندر جهاز هڪ ٻئي کان خبردار رهي سگھن. ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز ته هن سمنڊ جي ڪناري ته به هلندي گھٻرائيندا آهن. هيءَ سمنڊ جي پٽي يا نار جيڪا ٻن سمنڊن کي ملائي ٿي سا ترڪيءَ جي ملڪيت ليکي وڃي ٿي، ان ڪري هتان لنگھڻ وقت هر جهاز کي ترڪيءَ جي حڪومت کان موڪل وٺڻي پوي ٿي. هن نار تائين پهچڻ کان اڳ، طرابلس (لبنان) کان ايندي وقت وچ سمنڊ ۾ ڪيترا ننڍا يوناني جابلو ٻيٽ سمنڊ اندر ۽ ٻاهر نظر آيا. اٽڪل ٽي ڪلاڪ کن اسان کي جهاز آهستي هلائڻو پيو. اهي ٻيٽ سنگاپور يا ملايا جي ٻيٽن وانگر آباد نه آهن، گھڻو ڪري سڀ سنسان ۽ ويران آهن. ڀرسان لنگھڻ وقت جهاز جي آواز تي، انهن جبلن تي رهندڙ عقابن ۽ ٻين پهاڙي پکين اڏامي آواز ڪيو ٿي. شايد انهن جا ڪي آنا يا ٻچا آهن ۽ حملي جي ڊپ کان دانهون ڪيائون ٿي.
اسان کي هن نار ۾ هڪ هنڌ بيهي انتظار ڪندي ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن. هتان روس جي بندرگاهه اوڊيسا ــ جيڏانهن اسان کي وڃڻو آهي، تائين فقط هڪ ڏينهن ۽ رات جو پنڌ آهي. هتي اسان ان ڪري ترسي پيا آهيون جو موسميات جي اطلاع موجب ٽن ڏينهن کان بحر اسود ۾ طوفان (Gale) لڳي رهيو آهي. خير طوفان ته سمنڊ ۾ لڳندا رهن ٿا ـــ ’وه ساگر ڀي کيا جس مين طوفان نه آئي‘، ان جي پرواهه نه آهي. اسان جي جهاز تي هن وقت ڪوبه مسافر ناهي ۽ اسان ته سامونڊي لوڏن ۽ طوفانن جا عادي ٿي ويا آهيون. بقول تنوير جي؛
”اسان جو ڪم ته موجن سان لڙڻ آهي
اسان جي ذهن ۾ ساحل ناهي.“
سو اسان کي پنهنجو فڪر ناهي، پر سامان جي اون اٿئون. ڇاڪاڻ جو سامان کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين سلامت پهچائڻ اسان جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي. اسان طرابلس (لبنان) مان دبئي ۽ دوحا (قطر) ملڪن لاءِ هزارين سيمينٽ جا پائيپ کنيا آهن ۽ جيڪڏهن طوفان سبب جهاز هيٺ مٿي ٿيو يا لوڏا آيس، ته پائيپ هڪٻئي سان لڳي ڀڄي پوندا.
هن وقت جهاز جي مين انجڻ ۽ هر مشين تيار آهي فقط موسم صاف ٿيڻ جو انتظار آهي. جهاز تي اسان وٽ هر قسم جا اوزار ۽ آلا آهن، جن ذريعي موسم جو حال احوال معلوم ڪري سگھجي ٿو. سو جيئن ئي اسان هلڻ لاءِ موسم بهتر سمجھنداسين ته لنگر کڻنداسين. جهاز کي جيٽِي سان لڳائي. لهي گھمڻ ڦرڻ هن وقت نقصانڪار ٿيندو، ڇو جو جهاز کي جيٽي (ڌڪي) سان لڳائي بيهارڻ جي روزانا مسواڙ ۽ ٻيا خرچ، هزارين روپين ۾ بندرگاهه وارن کي ڏيڻا پون ٿا. ان ڪري اسان هتي وچ نار ۾ ئي لنگر ڪيرائي ترسيا پيا آهيون. لنگر ڪيرائڻ سان جهاز چُري پري نٿو. هر جهاز کي اڳيان ٻه لنگر ٿين. لنگر جي تور اٽڪل ٽي ٽن کن ٿئي. جيترو به پاڻي گھرو هوندو آهي اوترو لنگر هيٺ ڇڏيندا آهيون. جيئن لنگر سمنڊ جي تري ۾ وڃي کپي بيهي ۽ جهاز کي هڪ هنڌ جھلي بيهي. جيڪڏهن هوا تکي لڳڻ جا امڪان هوندا آهن ته اڃا به وڌيڪ رسو (Chain) ڍري ڪندا آهيون ۽ جهاز جي چرڻ (Drift) جو خطرو گھٽجي و يندو آهي. ان بابت هڪ مشهور لطيفو پڻ آهي ته: امتحان ۾ هڪ ڪئڊٽ کان پڇيو ويو ته سمنڊ تي جي طوفان لڳي ته ڇا ڪندين؟ جواب صحيح ڏنائين ته: ”لنگر جي رسي ڍري ڪندس“
”اڃا به وڌيڪ طوفان لڳي ته؟“ ممتحن وري پڇيس.
”اڃا به وڌيڪ رسو ڍرو ڪندس.“
”ان کان به وڌيڪ طوفان لڳي ته؟!“
”ان کان به وڌيڪ رسو ڇڏيندس.“
تنهن تي ممتحن پڇيس ته ايڏو وڏو رسو آڻيندين ڪٿان....؟
”سائين!“ ڪئڊٽ ٺهه پهه جواب ڏنس، ”اتان جتان توهان طوفان آڻيندؤ.“
رسي مان مراد ڪو سوتلي جو رسو يا وهٽ ٻڌڻ جي نوڙي نه سمجھڻ کپي. هيءَ سنگھر Chain ايڏي ته مضبوط ۽ ڳري ٿئي ٿي جو تو مون پارو وڌ ۾ وڌ ان جا ٻه ڇلاShackles کڻي سگھي. جهاز جو لنگر جنهن مشين سان ڪيرايو يا ڇڪيو وڃي ٿو ان کي Windlass سڏجي ٿو. ۽ جنهن سان جهاز جا پويان رسا ڇڪبا آهن تنهن کي ڪئپسٽن Capstan سڏبو آهي. جنهن جي شڪل ڪئپسٽن سگريٽ يا پاڪيٽ تي پڻ ٺهيل آهي.
سمنڊ تي ڪيترن ئي قسمن جا حادثا درپيش اچن ٿا. جهڙوڪ ٻن جهازن جو ٽڪرائجڻ، خشڪيءَ تي جهاز جو چڙهي اچڻ (يعني Aground ٿيڻ)، جهاز تي باهه لڳڻ، انجڻ جو ڦاٽڻ، خطرناڪ ڪارگو جو ڦاٽڻ وغيره وغيره. انهن کان بچاءَ لاءِ ساڳي وقت ڪيترائي اپاءَ ورتا وڃن ٿا. زماني سان قدم ملائڻ لاءِ ٻين شين سان گڏ جهاز رانيءَ پڻ ترقي ڪئي آهي. اڄ اهي پراڻي قسم جا جهاز نه رهيا آهن جن تي ڪولمبس، واسڪو ڊيگاما، ڪئپٽن ڪڪ يا سنڌباد سفر ڪيو ٿي. جيڪي موسم ۽ سمنڊ جي تهه هيٺ لڪيل آفتن کان بيخبر ٿي هلندا هئا. اڄڪلهه جي هر جهاز تي رڊار Radar آهي. اڪثر سمنڊ ۾ هر وقت بارش ۽ ڪوهيڙي ڪري ڪجهه نظر نه ايندو آهي. ته آيا سامهون ڪو ٻيو جهاز پيو اچي يا سمنڊ جي تهن ۾ڪجهه لڪيل آهي. ان معلومات لاءِ بند ڪمري ۾ رکيل رڊار ۾ ڏسبو آهي. جنهن جي ٽيليوزن جهڙي پڙدي تي هر شيءَ سامهون صاف نظر اچي ٿي. اسان جي جهاز جي رڊار جي رينج چاليهه ميل کن آهي. يعني چاليهه ميلن تائين جيڪو ڪجهه به سمنڊ جي ٻاهر يا اندر آهي، اهو صاف ان پڙدي تي نظر اچي ٿو ۽ اهو پڻ معلوم ٿيندو آهي ته آفت ڪيترو پري آهي ۽ ڪهڙي طرف آهي ۽ آيا اها هڪ هنڌ بيٺل آهي يا وڌي رهي آهي. ۽ جي وڌي رهي آهي ته ڪهڙي طرف ۽ ڪيتري رفتار سان، جيئن ان کان پورو پورو بچاءُ ڪري سگھجي. ان کان علاوه دنيا جي هر سمنڊ جو هر حصو مَيَل ۽ ماپيل آهي. هر جهاز تي، سمنڊ جي چپي چپي جا الڳ الڳ نقشا آهن. جن ۾ سڀڪجھه ڏنل هوندو آهي ته ڪٿي ۽ ڪيترو سمنڊ اونهو آهي. ان کان علاوه هر جهاز تي هڪ اوزار Instrument ’ايڪو سائونڊر‘ نالي هوندو آحي جيڪو لڳاتار چقمقي لهرون جهاز تان هيٺ سمنڊ جي تري ۾ اڇليندو آهي ۽ تري سان ٽڪرائڻ بعد انهن جو پڙاڏو جھٽيندو آهي. اهو عمل جيتري وقت ۾ ٿئي ان مان گھرائيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سمنڊ هيٺ ڪيترو اونهو آهي. پر ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن حضرت انسان اهڙيون غلطيون ڪري ويهندو آهي جو حادثي جي منهن ۾ اچي ويندو آهي. ڪيڏا وڏا وڏا جهاز، اونها سمنڊ، خير سان اڪري، ڪناري تي منزل وٽ اچي پنهنجو انت آڻيندا آهن. بقول شاعر:
”نہ خوش ہو بھنور سے سفینہ بچاکر
یے ٹکراکر ساحل سے بھی ٹوٹتے ہیں“
ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا طوفان اچيو وڃن جو انسان بيوس ٿيو وڃي ۽ جهاز جو ٽڪر ٿيو وڃي. ان جي بچاءَ خاطر ۽ جهاز جي بچائڻ لاءِ اڄڪلهه هر جهاز کي هڪ بدران ٻه لوهي ترا آهن. جيئن هڪ جي ڀڄِي پوڻ ڪري ٻيو بچاءُ جو ڪم ڏئي. انهن ٻنهي ترن جي وچ ۾ جيڪا جڳهه ٿئي ٿي ان کي مختلف حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو ۽ هر هڪ حصو ڊبل باٽم ٽئنڪ Double Bottom Tank سڏبو آهي، جنهن ۾ ضرورت جي حالت ۾ مٺو پاڻي يا وڌيڪ تيل رکيو وڃي ٿو يا ڪڏهن مال نه هئڻ ڪري جهاز کي هلڪي هئڻ کان بچائڻ خاطر انهن خالي ٽئنڪن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي ڀريو وڃي ٿو. اڳئين زماني ۾ جهاز کي وزني ڪرڻ لاءِ مٽي يا پٿرن جون ڳوڻيون رکيون وينديون هيون، اهو ڪم وقت وٺندڙ، ڏکيو ۽ مهانگو ثابت ٿيندو هو. پر اڄڪلهه فقط Ballast Pump جو بٽڻ دٻايو ته ڪلاڪ اندر سمنڊ جو پاڻي ٽنئڪن اندر يا ٽئنڪن جو پاڻي ٻاهر سمنڊ ۾ وزن مطابق هليو وڃي. نه جهاز کي بيهارڻو پوي نه ڇا. ان کان علاوه هر جهاز پنجن ڇهن (پئسينجر جهاز ته ستن اٺن) حصن ۾ واٽر ٽائيٽ Water Tight لوهي ڀتين ذريعي الڳ الڳ ڪيل هوندو آهي جن کي Bulk-Head سڏجي ٿو. انهن ڀٿين جو حادثي وقت اهو فائدو رهي ٿو ته جيڪڏهن جهاز جي هڪ حصي کي نقصان رسي ۽ پاڻي جهاز جون لوهي پليٽون چيري اندر ڌوڪي پوي، ته اهو پاڻي فقط ان حصي کي ڀري سگھي ۽ وڌيڪ ڀتيون لتاڙي ٻين حصن کي نه ٻوڙي. ان کان سواءِ اڄڪلهه جا جهاز اهڙي نموني سان ٺاهيا ويا آهن، جو حادثي بعد تباهه ٿيل صورت ۾ به يڪدم ٻڏيو نه ٿا سگھن. گھٽ ۾ گھٽ ڏينهن اڌ ته لڳايو ڇڏين. ڪي ڪي جهاز ته هفتا به لڳايو ڇڏين. تيسين بچاءَ لاءِ ٻيا جهاز پهچيو وڃن يا جهاز تي رکيل ٻيڙين Life-Boats ۾ چڙهي بچاءُ ڪري سگھجي ٿو. هر جهاز تي، جهاز تي رهندڙ ماڻهن لاءِ مقرر ٻيڙيون آهن. انهن ٻيڙين ۾ هڪ قسم جون Buoyancy-Tanks آهن جن جي اها خاصيت آهي ته جيڪڏهن سڄي ٻيڙي پاڻي سان ڀرجي ته به ٻڏي نه سگھي. ان قسم جي هر ٻيڙيءَ تي اٽڪل ويهن ڏينهن کن جو هر مسافر لاءِ کاڌو (بسڪٽن، چاڪليٽن ۽ پاڻيءَ جي صورت ۾) رکيل ٿئي ٿو. جنهن کي تازو رکڻ لاءِ اهو هر ٽئي مهيني بدلايو وڃي ٿو.
هر ماڻهوءَ لاءِ ’لائف جيڪٽ‘ ۽ ’لائف بئاءِ‘ به هوندو آهي. جو طوفان جي وقت ٻڌي پوءِ ٻيڙين ۾ چڙهبو آهي. ان جي اها خاصيت آهي ته خدانخواسته جي ٻيڙي به تباهه ٿي وڃي، ته هي ماڻهوءَ کي چوويهن ڪلاڪن تائين مٿي ڇڪي رکي ٿو ۽ ٻڏڻ کان بچائي ٿو. لائيف بئاءِ گول ڪارڪ جو هلڪو ٺهيل هوندو آهي، جنهن جي شڪل لائف بئاءِ صابڻ تي پڻ ڏنل آهي جو ٻڏندڙ کي اڪثر اڇلي ڏبو آهي ته بچاءُ ڪري. (باءِ دي وي مون کي لائيف بئاءِ صابڻ ۽ ڪئپسٽن سگريٽ جو ايجنٽ يا شيئر هولڊر نه سمجھجانءِ. مون ته ائين ئي توکي سمجھائڻ خاطر مثال ڏنا آهن.)
مٿي لکيو اٿم ته جهاز ٻڏڻ وقت ٻيا جهاز بچائڻ لاءِ پڻ ايندا آهن، انهن کي خبر هن ريت پوندي آهي. هر جهاز تي وائرليس سيٽ، ريڊيو ۽ آواز جھپڻ جا اوزار آهن جن لاءِ ريڊيو آفيسر مقرر ٿيل آهي. هو ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن مان مقرر اٺ يا ٻارهن ڪلاڪ ڊيوٽي ڏئي ۽ هر قسم جا سگنل ۽ نياپا وٺي ۽ جواب ڏئي. اهي نياپا آواز، تصويري ليڪن ۽ روشني ذريعي اچي سگھن ٿا. تون جي چاهين ته وچ سمنڊ ۾ مون کي تار موڪلي سگھين ٿو. جا آءٌ هتي ريڊيو ذريعي ٻڌي سگھان ٿو بشرطيڪ توکي اسان جي جهاز جي ريڊيو جي Frequency جو علم هجي. پر هڪ نياپو اهڙو آهي جو موڪلڻ سان هر جهاز تي پهچي ٿو. چاهي فريڪنسي جو علم هجي يا نه. اهو مختصر نياپو آهي ’ايس. او. ايس‘. S.O.S معنى اسان جي جان بچايو Save Our Souls ۽ جنهن وقت جهاز ٻڏندو آهي ته اهڙو سسٽم رکيو ويو آهي جو اهو سگنل (نياپو) خودبخود لڳاتار ٽرانسمٽ ٿيندو رهي، جيسين جهاز سمنڊ جي اونهي تهن ۾ وڃي چڪنا چور ٿي وڃي. ساڳي وقت اهو سگنل جنهن جهاز تي پهچندو ته ان جو خودبخود هارن وڄي ويندو ۽ ڳاڙهي بتي ٻري ويندي ۽ هر هڪ کي معلوم ٿي ويندو ته سمنڊ جي ڪهڙي حصي ۾ مصيبت زده جهاز آهي. بين الاقوامي قاعدن مطابق هر ويجھي جهاز کي بچاءَ لاءِ ضروري ڪم ڇڏي به وڃڻو پوندو آهي. ٽي چار سال اڳ جڏهن يونان جو مسافر جهاز ’لڪونيا‘ ٻڏي رهيو هوته ٻين جهازن سان گڏ پاڪستاني جهاز ’المهدي‘ به يارهن کن مسافر بچايا هئا. بهرحال جيڪڏهن حياتي آهي ته ٻڏندڙ به بچيو وڃن. باقي اهو چوڻ غلط آهي ته فقط تارو بچي سگھن ٿا. ترڻ جو ته ههڙي اٿاهه سمنڊ ۾ سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪير ڪيترو ههڙي کاري پاڻيءَ ۾ تري سگھندو، جنهن ۾ چپي چپي تي خطرناڪ ڪن ۽ ڪائونٽر ڪرنٽ آهن. ان کان علاوه سامونڊي جانورن جو خوف. ڪجھه عرصو اڳ ايراني نار ۾ ’دارا‘ جهاز جي باهه واري حادثي ۾ جن مسافرن هراس ۽ خوف ۾ پاڻ کي پاڻيءَ ۾ ڇڏيو، انهن جو تمام گھڻو حصو باهه بدران شارڪ مڇين جي نذر ٿي ويو. هونءَ اهڙي قسم جا حادثا تمام ٿورا ۽ ورلي ٿين ٿا، نه ته اڪثر هرقسم جي بچاءَ جو بندوبست آهي. پر ان هوندي به ڪنهن کي جي ترڻ اچي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي. پر ان قسم جو ڪو قاعدو يا قانون ناهي ته ڪنهن به قسم جي نيوي ۾ وڃڻ لاءِ ترڻ اچڻ لازمي آهي. لکڻ جو مقصد فقط اهو ۽ انهن لاءِ آهي جي اهو سوچي نيوي ۾ نٿا اچن جو کين ترڻ نٿو اچي. ترڻ ۾ ڇا آهي. ترڻ ته ماڻهو هفتي اندر سکي سگھي ٿو.
سمنڊ تي اڪثر باهه جا حادثا عام ٿين ٿا. باهه ڪيترن ئي نمونن جي لڳي سگھي ٿي. تيل جي باهه، ڪاٺ يا سامان کي باهه، اليڪٽرڪسٽي جي باهه وغيره. هر قسم جي باهه تي قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا آهن. پر هر طبقي ۾ ساڳيو اصول آهي ـــ آڪسيجن جنهن جي موجودگي ۾ باهه قائم رهي ٿي ۽ وڌي ٿي، اها ڪڍي ان جي جاءِ تي ڪاربن ڊاءِآڪسائيڊ جهڙِي گئس ڀري ڇڏجي جا ڪافي ڳري آهي ۽ بلاڪيٽ وانگر باهه مٿان ڇانئجيو وڃي ۽ باهه هن گئس جي موجودگيءَ ۾ ختم ٿيو وڃي. يا ان جڳهه کي پاڻي يا ڪنهن ٻئي نموني مان ايترو ته ٿڌو ڪجي جو Combustion ئي نه ٿئي. اليڪٽرڪ سٽِي جي باهه لاءِ اڪثر ڪاربن ٽيٽرا ڪلورائدِ گئس استعمال ڪبي آهي جا هڪ زهريلي گئس آهي ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ استعمال ڪئي وئي.
هر ڇنڇر ڏينهن هر جهاز تي بوٽ ڊرل ۽ فائر فائيٽنگ پرئڪٽس ٿيندي آهي. جنهن ۾ ٻيڙيون لاهي انهن ۾ جلدي چڙهڻ جي مشق ڪبي آهي، جيئن حادثي وقت، دقت پيش نه اچي ۽ هر ڪم ڦڙتائيءَ سان ٿي سگھي ۽ ساڳي وقت باهه سان مقابلو ڪرڻ جي پڻ مشق ڪئي ويندي آهي.
اڄڪلهه هر جهاز تي هڪ اوزار آهي جنهن کي ’دونهون ڳوليندڙ‘ (Smoke Detector) سڏجي ٿو. هن ذريعي باهه لڳڻ کان اڳ معلوم ٿيو وڃي ٿو ته جهاز جي ڪهڙي حصي ۾ باهه لڳڻ واري آهي يا لڳي چڪي آهي. ۽ پري کان ئي ان تي ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو. هن اوزار ۾ شيشي جا ٽيهه کن ٽيوب ٿين ۽ اوترن ئي حصن ۾ جهاز کي ورهايو ويندو آهي. هر حصي ۾ لڳندڙ قدرتي هوا جو نمونو ننڍڙي پکي ۽ ڊگھي ٽيوب جي ذريعي اتان ڇڪي هن شيشي جي ٽيوب مان گذاريو وڃي ٿو. اهڙي نموني جهاز جي سڀني حصن جي هوا جو نمونو مقرر ٽيوبن مان گذرندو رهي ٿو. باهه لڳڻ کان اڳ هميشه دونهون دکندو آهي ۽ اهو جيئن ئي هن ٽيوب مان گذري ٿو ته اليڪٽرانڪ ذريعي ان ئي وقت زور سان هارن وڄي ٿو ۽ ڳاڙهي بتي ٻري ٿي ۽ يڪدم ٽيوبن کي ڏسي معلوم ڪري سگھجي ٿو ته ڪهڙي هنڌ باهه لڳڻ واري آهي.
هر هڪ ٽيوب ساڳي وقت ڪاربن گئس جي وڏن سلينڊرن سان پڻ ڳنڍيل هوندو آهي. جيڪڏهن باهه زور وٺي چڪي آهي ۽ هٿرادو طرح ختم ڪرڻ ناممڪن آهي ته پوءِ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ان حصي جي هوا ٽيوب مان گذارڻ بدران، سلينڊر جي ڪاربان گئس ان حصي ۾ ويندي آهي ۽ آڪسيجن گئس کي تڙي سڄي ڪمري يا حصي کي ڀري ڇڏيندي آهي. ۽ هڪ دفعو ڪاربان گئس اچي وئي ته ڪيتري خطرناڪ ۽ خوفناڪ باهه به ختم ٿيو وڃي. ان جو مثال ان ريت آهي جيئن ڪنهن موم بتيءَ کي گلاس سان ڍڪجي. جيسين گلاس اندر آڪسيجن موجود هوندي انهن ساعتن لاءِ موم بتي ٻرندي رهندي ان بعد اجھامي ويندي.
اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي حادثا سمنڊ تي درپيش ايندا رهن ٿا، جن جي بچاءَ جا پڻ ڪيترائي ممڪن طريقا آهن. حضرت انسان باهه، پاڻيءَ، هوا ۽ هر شيءِ عقل جي زور تي پنهنجي قبضي ۾ ڪري فتحيابي حاصل ڪئي آهي. منهنجا مولا انسان واقعي عظيم آهي.
چڱو هاڻ، الله توآهر.