الطاف شيخ ڪارنر

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
  • 4.5/5.0
  • 1705
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجو ساگر منهنجو ساحل

ورنا ــــ بلغاريا

رومانيا جي هڪ طرف روس آهي ۽ ٻئي طرف يوگوسلاويا، ڏکڻ طرف بلغاريا آهي. بلغاريا جا ٻه مکيه بندرگاهه آهن: هڪ ’برگلس‘ جيڪو ننڍو آهي ۽ ٻيو ’ورنا‘ جيڪو بلغاريا جو ٽيو نمبر وڏو شهر ۽ وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي.
اسان کي چوٿين تاريخ صبح جو لنگر کڻڻو هو پر Black Sea ۾ ان وقت سخت طوفان لڳي رهيو هو، ان ڪري شام جو اٺين لڳي ڪانستنزا مان لنگر کنيوسين ۽ ورنا جي بندرگاهه ۾ پورن پنجن ڪلاڪن بعد پهتاسين. هي خط ورنا (بلغاريا) مان لکي رهيو آهيان. بلغاريا به رومانيا وانگر سوشلسٽ ملڪ آهي. رومانيا ۾هن کان ڪجھه وڌيڪ آزادي هئي. اتي ڪي ڪي گھر يا دڪان ماڻهن جا ذاتي به هئا پر هتي گھڻي ڀاڱي هر شيءِ گورنمينٽ جي آهي.
ٽيڪنيڪل ترقي جي لحاظ کان بلغاريا وڌيڪ ترقي يافته ۽ امير ملڪ لڳي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن سان واپار هليس ٿو. رومانيا کان هتي وڌيڪ مسلمان ۽ مسجدون آهن. تحريڪ خلافت کان اڳ، هنن ملڪن تي ترڪن جي حڪومت هئي، جنهن کي سلطنت عثمانيه Ottman Empire سڏجي ٿو. وڌيڪ هتي جي تاريخ کان واقف نه آهيان. پهرين معلوم هجي ها ته اسان هنن ملڪن ڏي اچي رهيا آهيون ته واٽ تان روم يا قاهري مان تاريخي ڪتاب وٺي پڙهان ها پر هتي سڀ ڪتاب فرينچ، رومانين يا جرمن زبانن ۾ ملن ٿا. چڱو جو هڪ ڊڪشنري روماني ــ انگلش ملي وئي آهي، سا ڏاڍو ڪم اچي ٿي. جيتوڻيڪ ان ۾ سڀ لفظ ته نه آهن پر تڏهن به فائديمند رهي آهي. ڪانستنزا (رومانيا) ۾ منهنجو ڏاڍو سٺو وقت گذريو. ڪيترائي دوست ۽ فئمليون واقف ٿي ويون. بلغاريا کان رومانيا جا ماڻهو وڌيڪ ملنسار لڳا ٿي. خاص ڪري رومانيا جون عورتون ڏاڍيون ساديون ۽ نهٺيون نظر آيون ٿي. باقي مرد خود غرض ۽ لالچي لڳا ٿي. هر هڪ مرد کي فقط اها تات ته واپار ڪريو يعني سگريٽ، چاڪليٽ يا ڊالر پائونڊ هجن ته بليڪ تي وڪڻو. ٻيو نه ته جوراب يا پراڻا ڪوٽ وڪڻو. (انهن شين جي هتي ڏاڍي ضرورت آهي.) ترڪ مسلمان به مليا. اسان وڏي حُب ۽ اڪير سان ملون ۽ هتي جي خبرچار وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ته هي به ڦريو گھريو ساڳي ڳالهه تي اچن ته ڊالر ۽ پائونڊ بليڪ تي وڪڻي رومانيا جا پئسا وٺو. مگر ڪنهن هڪ عورت به اهڙي قسم جي ڳالهه نه ٿي ڪئي. عورتون وري روم (اٽلي) جون.
روم جي ايئرپورٽ ۽ شهر ۾ خريداري لاءِ اٽڪل ويهن کن دڪانن تي چڙهياسين. جن تي اڪثر عورتون هيون. هڪ به سنئون سڌو نه ڳالهايو. ڪنهن شيءِ لاءِ پڇيوسين ٿي ته: ”اٿانوَ“، ”نه ڪانهي“ ــ ٺپِ اهڙو اڇل مان جواب مليو ٿي جو ماٺ ٿي وياسين ٿي. ٿي سگھي ٿو هنن کي خبر پئجي وئي هجي ته اسان جهڙا ڪنگلا ڇا خريداري ڪندا ۽ هنن سان ڳالهائڻ وقت جو زيان آهي. منهنجو دوست ففٿ انجنيئر زمان ته صبح شام جنهن وقت به روم اٽلي جي ڳالهه نڪرندي آهي ته اتي جي عورتن کي گاريون ڏيندو آهي. بلڪ جڏهن به گاريون ڏيِڻ جي موڊ ٿيندي اٿس ته روم اٽلي جي عورتن جي ڳالهه ڪڍندو آهي ته: ”انهن به دڪان هلايا.“ باقي روم جي مردن لاءِ چوندو آهي ته اهي باوقار، فضيلت وارا شاهي قسم جا ۽ Well-Behaved آهن، هڪ هڪ کي ڏسي سيزر، مسولني، مائڪل اينجلو، مڪياولي ياد ٿو اچي. ٿي سگھي ٿو ته عجيب اتفاق هجي جو رومانيا ۽ اٽلي ۾ اسان اهڙي قسم جي مردن ۽ عورتن سان ملياسين.
ڪانستنزا ۾ منهنجي پهرين ڏينهن واقفيت انيسه نالي هڪ ڪرسچن ڇوڪريءَ سان ٿي، جا بخارست يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ آهي. هوءَ حڪومت طرفان اسپتال نما دوائن جو دڪان هلائي ٿي. مون کي ڏاٺ ۾ سور هو سندس دڪان تي چڙهي ويس. ڏندن ڏي اشارو ڪري چيومانس ته انهن لاءِ ڪا دوا ڏي. ويهڻ لاءِ اشارو ڪري چيائين ته: ٻه منٽ ترس. پاڻ ٻين کي دوائون ڏيڻ ۾ مشغول ٿي وئي، ٻن منٽن جو اڌ ڪلاڪ ٿي ويو. ساڻ آيل دوست کي چيم ته تون ڀلي شهر گھمڻ هليو وڃُ، خبر ناهي ڪيترو وقت لڳي. هو هليو ويو. ڪلاڪ بعد اشارو ڪيائين ته: هتي مون وٽ ڪانهي هل ٻئي هنڌ. ٽي ٿيا هئا، سندس دڪان بند ڪرڻ جو وقت هو، دڪان بند ڪري مون کي بازار وٺي اچي ٽٿ برش ۽ پيسٽن جي دڪان تي چاڙهيائين ته هي آهن. ڏاڍو بور ٿيس ته وقت به ضايع ٿيو، دوا به نه ملي، دوست به اڪيلو هليو ويو. کيس انگريزيءَ ۾ سمجھايومانس ته ٽٿ پيسٽ نه، دوا کپيم سور اٿم. اشارن سان سمجھايائين ته هاڻ سڀاڻي اچجانءِ ڊينٽسٽ وٽ وٺي هلنديسانءِ. وڌيڪ ڪڇي ڪانه. پوءِ اهو هتي جي ماڻهن جو حسن ڪردار آهي يا منهنجا دڙڪا نه سمجھيائين ۽ هن هندستانيءَ وانگر، جنهن جو لبنان ۾ هڪ عرب ٽئڪسي ڊرائيور سان جھڳڙو ٿي پيو. هندستانيءَ هن کي گاريون ڏنيون ته عرب ان کان به ٻيڻيون ٽيڻيون گاريون موٽ ۾ ڏنس. هندستانيءَ واپس پنهنجي وطن دوستن کي اچي ٻڌايو:
”يار عربن جي ڇا تعريف ڪجي، بيروت ۾ هڪ ٽئڪسي ڊرائيور سان جھڳڙو ٿيو، آءٌ کيس گاريون پيو ڏيان، پر هي خدا جو بندو مجال آهي جو ڪجھه چوي، بس آيتون پڙهندو رهيو.“
سو هن به پنهنجي ساهيڙين کي اسان پاڪستانين بابت الائي ڇا ٻڌايو هجي. ٻئي ڏينهن نه ويس، جهاز جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته هتي ڊينٽسٽ سٺا نه آهن. استنبول (ترڪي) يا ٻئي هنڌ ڏيکاريندس. ٽئين ڏينهن شهر مان موٽندي کيس ٻڌايم ته ڊينٽسٽ جي ضرورت ناهي.
ان ڏينهن هڪ ٻي دڪان تي ٻه ٽي ڪاليج جون ڇوڪريون اسان جون دوست ٿي ويون. اهڙو سهڻو ته نه آهيان جو لکان ته مون تي عاشق ٿي پيون. جيستائين منهنجو اندازو آهي ته هنن واقفيت اهو سوچي ڪئي، ته ٻيلي هي جانور ته واهه جا آهن. اشارن سان گڏ ڪجھه ڳالهائي به سگهن ٿا. کلي به سگھن ٿا. مون کي انهن ان ئي ڏينهن ڪانستنزا جو عجائب گھر ڏيکاريو. وڌيڪ گھمائڻ جو ٻئي ڏينهن واعدو ڪيائون ته بس ۾ شهر جو ٻاهريون علائقو به گھمنداسين، چيومان، ڳالهه اٿوَ سنئين سڌي اسان وٽ توهان جي ملڪ رومانيا جا ايترا پئسا نه آهن، ٻٽون کولي ڏيکاريومان ته اسان وٽ ڪجھه ڊالر، پائونڊ، فرئنڪ ۽ لبناني پئسا آهن. چئو ته سڀاڻي پهرين بئنڪ تي هلي مٽايون. نه ته ’رلي ڪلهي تي ماني راڄن تي‘. ڪجھه ڪجھه سمجھيائون، ڇو جو ان کان پوِ ڏند ڪڍيائون يعني خوش ٿيون. ٻئي ڏينهن زمان ۽ آءٌ مفت ۾ خوب گھمياسين. مانيون، فلم ۽ بسن جو ٽڪيٽون سڀ سندن بلي. وڏي ڳالهه ته اسان کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي شيءَ ڏسڻ وٽان آهي ۽ ڪٿي وڃجي، ڪيئن ڳالهائجي. سو هي فائديمند رهيون ۽ گائيڊ (رهنما) جو ڪم ڏنائون. جنهن لاءِ اسان شڪرگذار آهيون. شهر جا ڪيترا اسڪول، مسجدون ۽ پراڻيون عمارتون ڏيکاريائون. هڪ ڪاليج ۾ ٻن مسلمان ڇوڪرين سان پڻ ملياسين کين عربي ته صفا نٿي آئي پر ٻڌايائون ته هو نماز پڙهنديون آهن. باقي هتي جي مسجد ۾ جمعي نماز جنهن امام پڙهائي هئي اهو ته صاف عربي پڙهائي رهيو هو. مون چاهيو ٿي ته هتي جي ماڻهن جا گھر ڏسجن ته سندن رهڻي ڪهڻي ڪيئن آهي ۽ ڪهڙي قسم جا گھر اٿن. سو آخري ڏينهن ۾ انيسه سان موڪلائڻ وقت ڊڪشنريءَ ذريعي پڇيومانس ته، ”اڄ آءُ به توسان تنهنجي گھر هلندس“، سوچي چيائين، ”نه.“پڇيومانس ”ڇو ڪو اعتراض ڪندو؟“، چيائين، ”نه اڄ نه سڀاڻي گھر هلجانءِ.“
سمجھي ويس ته هوءَ گھر کي ٺيڪ رکي پوءِ سڏائڻ چاهي ٿي پر مون اوچتو هلڻ چاهيو ٿي جنهن لاءِ هن نيٺ هائوڪار ڪئي ۽ اسان بس ذريعي هلڻ لاءِ تيار ٿياسين. هتي ٽئڪسيون نه آهن، فقط گورنمينٽ جون بسون هلن، جي بس اسٽاپ تان ماڻهو کڻن ۽ بس اسٽاپ تي ماڻهو لاهين. هتي پاڻ جهڙا ڊرائيور، ڪنڊڪٽر ماڻهو ناهن، جي ٻار کي ريجھائڻ لاءِ بسون بيهاريندا وتن. ياد رهي هڪ لطيفو ته:
”رستي تي هڪ عورت ڪڇ ۾ کنيل روئندڙ ٻار سان بس کي ڏسي بس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊرائيور بس ڪانه روڪي، جو بس اڳيئي مسافرن سا ٽٻ هئي. ڪنڊڪٽر کي مائيءَ سان همدردي ٿي پئي سو ڊرائيور کي گاريون ڏئي چيائين، موڙ بس کي پٺيان ۽ مائيءَ کي چاڙهه. بس کي پٺيان آڻي، مائيءَ کي چيائين جلدي ڪر بس ۾ چڙهه. مائي ٻار کي ڇڙٻون ڏيندي ڊرائيور کي چيو، بس مون پاڻ لاءِ نه پر ٻچي لاءِ ٿي روڪرائي. ذرا هارن جي پون پون ڪر ته ٻچڙو ماٺ ڪري.“
بهرحال اسان ٻئي سرد هوا ۾ سٽبا بس اسٽاپ تائين آياسين. هتي مون ڏٺو آهي ته عورت به مرد جيترو ڪم ڪري ٿي. هتي دڪانن، آفيسن ۽ هوٽلن ۾ گھڻو ڪري سڀ ڪم عورتون ڪن. دڪان ۽ آفيسون پوري ستين وڳي صبح جو کلن ۽ ٽين لڳي شام جو بند ٿين. مجال آهي جو ڪو دير سان آفيس ۾ اچي يا وقت کان اڳ ۾ هليو وڃي. ذرا سوچيو، صبح جو ستين لڳي آفيس اچڻ معنى ساڍي پنجين لڳي ئي بستر ڇڏي. ويهه منٽ کن بس اسٽاپ تائين پهچڻ لاءِ. يعني ڇهين لڳي ماڻهو گھران نڪري، تڏهن وقت اندر پهچي سگھي. ۽ هنن ملڪن ۾ صبح جا ڇهه ست وڳا ته ڇا منجھند جو ٻارهين هڪ لڳي به اونڌهه انڌوڪار ۽ غضب جي سردي رهي ٿي. سج نظر اچڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پاڻ وٽ گھاٽي جُھڙ ۾ به محسوس ڪري سگھبو آهي ته سج ڪهڙي هنڌ بيٺل آهي، پر هتي ڪڪرن جا ايڏا ته گھاٽا ۽ اونها تهه آهن جو بلڪل محسوس نه ٿئي ٿو ته ڪيڏيءَ مهل سج اڀري ۽ ڪهڙو رستو اختيار ڪري لهي ويو.
هتي جي ماڻهن لاءِ سج عيد جي چنڊ مثل آهي. مدت بعد ڪڏهن جهلڪ ڏيکاريندو سو به کن ساعت لاءِ . ڪن خوشنصيبن ڏٺو. نه ته نه ڏسڻ جهڙو. خوش ٿي ڳالهه ڪندا آهن ته ”اونهاري جي جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني ۾ ڪڏهن ڪڏهن سج سڄو سڄو ڏينهن به نظر ايندو آهي.“ باقي اڄڪلهه ته ڏينهن رات بجليون ٻرنديون نظر اچن ٿيون. مون ڏٺو آهي، جتي قدرت نامهربان آهي، جيئڻ سخت ڪيو اٿس. اتي جا ماڻهو محنتي آهن ۽ سخت کان سخت ڪم کي منهن ڏيڻ جا عادي آهن. پر اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي قدرت تمام گھڻي مهربان آهي. زندگيءَ جي ضروريات جي هر شيءِ آسانيءَ سان ۽ ٿوري تڪليف سان مهيا ٿي سگھي ٿي، اتي جا ماڻهو ٻين جي مقابلي ۾ آرام پسند، ٽوٽي، سست ثابت ٿيا آهن. اسان وٽ زمين کيڙي اناج پيدا ڪرڻ ڪيترو نه آسان آهي. هنن ماڻهن کي جيڪر اسان جهڙي زمين، موسم ۽ سهوليتون هجن ته ههڙِي محنت سان زمين مان سون پيدا ڪن. هتي جي ماڻهن جي حالت پاڻ سان ٿي ڀيٽجي ته ائين ٿو لڳي ته اسان جهڙا سست ۽ آرام پسند ڪير به نه هوندا. آفيس جا ست اٺ ڪلاڪ به ڪنجھندا رهنداسين. ڪرڪندا رهنداسين. ڪوشش اها ڪنداسين ته اهي چند ڪلاڪ به آرام ۽ گسائڻ ۾ گذري وڃن ته سٺو. ڪيترن کي مون اهو فخر سان چوندي ٻڌو آهي ته، ”يار اڳئين آفيس ۾ سڄو وقت ڪم ڪرڻو پوندو هو، ان ڪري اها ڇڏي هن ۾ آيو آهيان. بس آرام لڳو پيو آهي. ٻه ٽي فائيل روز ڏٺا، ٽي چار دفعا چانهه پيتي، تو جهڙو ڪو دوست اچي ويو ته ان سان ڪچهري ڪندي وقت گُذري وڃي.“
منهنجي خيال ۾ هڪ مرد کي پورهئي ۽ محنت کان ائين ڀڄڻ نه جڳائي. اهو مرد جو شان نه آهي. محنت ۽ مزوري مرد جا زيور سمجھيا وڃن ٿا، پر اسان وٽ ٿورو ئي وڏو آفيسر ٿيو ته پنهنجي گلن مٺ ۾ تورڻ جهڙي هلڪي بئگ به پاڻ کڻندي بيعزتي محسوس ڪندو ۽ نوڪر کان کڻائيندو. پر هتي يورپ جي ترقي پسند ملڪن جي مختلف حالت آهي، هتي پنهنجي هٿ سان پاڻ ڪم ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو. هن ڇوڪري انيسه جو مثال وٺو. گريجوئيٽ آهي. صبح جو سويل مقرر ٽائيم تي دڪان کولي ٿي. خود ٻهاري ڏيندي، ان بعد دڪان جي سڀني ڪٻٽن ۽ اسٽور روم کي ڇنڊي، ڪاٺ جي رکيل وڏن بنڊن جا خود ئي ڇوڏا ڪري سگري نما چلهه ٻاريندي، مريضن ۽ گراهڪن کي سڄو وقت تقريباً بيٺي پير دوائون ڏيندي. وچ ۾ چانهه جي وقت خود ئي ٺاهي پيئندي ۽ پوري ٽين لڳي تائين ايمانداريءَ سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندي ۽ اها فقط هڪ ڇوڪريءَ سان حالت ناهي پر هتي هر هڪ جي اها زندگي آهي. سندن مهيني جو پگھار ٻارهن سؤ لي (پنهنجا ٻه سؤ روپيا کن) آهي، ان کان علاوه هتي کاڌي پيتي، پهرڻ ۽ ٻين شين جي مهانگائي آهي. ڇڪي تاڻي کاڌو پيتو، گندي ڪپڙو ان پگھار مان مس ٿئي. (رومانيا، بلغاريا، يوگوسلاويا ۽ ٻيا ڪيترا يورپي ملڪ مشينري تيار ڪن ٿا جيڪا وڪڻي آسٽريليا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن مان اناج، ڪپڙو ۽ ڪچيون شيون وٺن ٿا. هتي کاڌي پيتي جي شين جي ڏاڍي کوٽ آهي.) جيتوڻيڪ هيءَ اڃا سکئي گھر جي آهي ته به هيترن ڏينهن ۾ مون کيس ٻه وڳا پهريندي ڏٺا. هڪ سادي قسم جو هر روز پائيندي آهي ۽ ٻيو ڪجھه سٺو ۽ نئون جيڪو صرف ڪرسمس ڊي ۽ نيوييئر ڊي تي پائي وري ڇنڊي ڦوڪي پاڪ سوکڙِيءَ وانگر سوگھو ڪري رکيائين. مون کي سندس هڪ ڳالهه وڻي. پڇيومانس ته توهان کي پگھار ته تمام گھٽ ٿو ملي ان مان پورت ڪيئن ٿي ٿئيوَ؟
تعجب مان چوڻ لڳي، ”ڇو..؟ پورت ته تمام سولائيءَ سان ٿيو وڃي. اجاين خرچن جي ڪهڙي ضرورت آهي. بس اسان جي ملڪ ۾ ڪپڙو يا اهڙي شيءِ نه ٿي ٿئي ته اسان ڇو خوامخواهه ڌارين ملڪن جون شيون خريد ڪريون. اسان کي ته اها ئي خوشي آهي ته اسان جي ٿوري سادگي جي بدلي اسان جو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. اجايو اسان جي ملڪ جو سون ضايع نه ٿي رهيو آهي.“ (دراصل اسان ٻاهرين سان خريد و فروخت ڪرڻ وقت هڪٻئي کي پئسن جي صورت ۾ سون ڏيون ٿا ۽ ملڪ جي ترقي، ان جي سون جي ذخيري مان لڳائبي آهي. سڪي جي قيمت به سون جي ذخيري مطابق وڌي ۽ گھٽي ٿي.) ذرا سوچيواسان جي ملڪ جو ڪيترو پئسو فقط سينگار جي سامان Cosmetics پٺيان ضايع ٿئي ٿو ۽ پوءِ اسان هڪ ٻئي سان ڪلهو هڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترن نه ناجائز طريقن سان پئسو ميڙيون ٿا. اسان وٽ ڪيتري نه اجائي ريس، حرص ۽ سڌ وڌي رهي آهي. هڪ پاڙي جي امير عورت اوچو ڪپڙو اوڍيندي ته ٻيون به ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ هر ممڪن ۽ ناممڪن ڪوشش ڪنديون ته کين به اهو ئي ملي ۽ اهو نه سوچينديون ته سادي ڪپڙي ۾ به ساڳي سونهن برقرار رهي ٿي. ان ۾ ساڳي زندگي بسر ٿي سگھي ٿي يا ان کي حاصل ڪرڻ جي کين وسعت ناهي يا سندن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيون اهم ضرورتون، مثال طور: ٻارن جي پڙهائي، اگھائي سگھائي لاءِ دوائون وغيره وڌيڪ ضروري آهن.
آمريڪا جهڙن بيحد امير ملڪن جي ڳالهه ٻي آهي، پر مون ڏٺو آهي ته اهي ملڪ (چين، يوگوسلاويا جهڙا) جيڪي ترقي جي راهه تي آهن ۽ ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهيا آهن، انهن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪو ائين اجايو فئشن ڪري ٿو ته ٻيا حرص جي نگاهن سان نه پر نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ اهو شخص ملڪ جي بهبودي ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجھيو وڃي ٿو.
خير سائين، اچون پنهنجي قصي تي. هتي جي بسن ۾ عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ سيٽون نه ٿين. ان کان علاوه هڪ ٻئي لاءِ Consideration به گھٽ اٿن. عورت ۽ مرد هر لحاظ کان برابر ليکيو وڃي ٿو. عورت بس ۾ بيٺي هوندي ته ڀلي بيٺي هجي، ڪو مرد اٿي جڳهه نه آڇيندس، پوءِ اها عورت ڀلي پيرسن هجي، ڏڪي رهي هجي، پيٽ سان هجي، سامان ساڻ هجيس. هتي جون بسون سڀ سينٽرلي هيٽيڊ آهن، باقي بس مان لهه ته قلفي ٿيو وڃجي. شهر کان ٻاهر ته هوا ايڏي تيز لڳي ٿي جو منهن سڙندو آهي، ساهه ئي نه کنيو ٿيندو آهي. خير اسان بس ذريعي گھر آياسين. بس اسٽاپ کان گھر فرلانگ پري هو. پاڻ ٻڌايائين ته سندس ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن جي شادي ٿي چڪي آهي، سي الڳ رهن ٿيون ۽ باقي ٻه ڀينرون ماءُ ۽ پاڻ گھر ۾ رهن. سندس پيءُ ڪنهن ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪري ٿو يا ڪم سانگي ويل آهي. سندس وڏي ڀيڻ جا ٻار اڄڪلهه گھر آيل آهن. هتي گھر سڀ ڪنڊائتين ڇتين وارا ٿين جيئن برف هيٺ ترڪي وڃي. ڀتيون سنڌ جي ڳوٺاڻن گھرن وانگر ٿلهيون ٿين، جي ايئرڪنڊيشن جو ڪم ڏين ۽ اونهاري ۾ گھر کي سرد ۽ سياري ۾ گرم رکن. جنهن وقت سندس گھر پهتاسين اهو شام جو وقت هو، پر سنڌ جي اونهاري جي ٽاڪ منجھند وارو سمو، جتي سخت گرميءَ ڪري ۽ هتي سخت سرديءَ ڪري هو. پکي پکڻ به ٻاهر نظر ڪونه ٿي آيو، ڄڻ ته ڪو راڪاس گھمي ويو هجي. رکي رکي سرد هوا جا سوساٽ ٻڌڻ ۾ آيا ٿي. ورلي سامهون ڪو ماڻهو هڪ گھٽيءَ مان نڪري ٻيءَ گھٽيءَ ۾ هليو ٿي ويو يا گھر مان نڪري بس اسٽاپ طرف تکو تکو وڌندو نظر آيو ٿي. دراصل ان ڏينهن هيڪاندي سردي هئي. سياري ۾، ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سکر جو اڪبر منگي ۽ آءٌ ٽيڙيءَ ۾ اچي صرف قميص ۽ سئيٽر ۾ اسڪوٽر هلائيندا هئاسين ته به ايترو سيءُ نه پوندو هو، جيترو هتي ان ڏينهن ٻن سئيٽرن، هڪ گرم ڪوٽ، گرم گنجي ۽ قميص ۾ محسوس ٿي رهيو هو. مون ته فقط اهو پئي سوچيو ته هتي جا ماڻهوههڙي سرديءَ ۾ ڪيئن ٿا رهن. خاص ڪري عورتون گھر کان ايترو پري ڊيوٽيءَ لاءِ ڪيئن ٿيون اچن وڃن. هتي جو پوليس وارو اٺ اٺ ڪلاڪ ههڙي وللهه ۾ بيهي ڪيئن ٿو ڊيوٽي ڏئي. هتي جو مزور سڄي سڄي رات ههڙي ٿڌ ۾ ڪيئن بندرگاهه ۾ ڪم ٿو ڪري. پر زندگي دراصل ان کان به سخت شيءِ جو نالو آهي. هنن ملڪن جي مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ جي ويڪرائي ڦاڪ وارن ملڪن ۾ نه ايتري سردي آهي ۽ نه ايتري گرمي. گرمي جي خبر خط استوا جي ملڪن جي باشندن کان لهڻ کپي. خط استوا جي ملڪن جي اونهاري ۾ ڇا حالت آهي ان بابت ممباسا آفريڪا پهچي اتان تفصيلي خط لکندوسانءِ.
هتي جا گھر ڪي خاص وڏا نه آهن. صدر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪرسچنن جي گھرن وانگر هڪ ننڍو ڊرائنگ روم عاليشان نموني سان سجايل آهي. سڄو ڪمرو قيمتي غاليچن ۽ رانديڪن سان ڳتيل نظر ايندو (جو سامان پشت به پشت هلندو اچي.) پوءِ ڀلي ٻيا ڪمرا مسافرخانه لڳا پيا هجن. گھر ويجھو آيو ته آءٌ سندس پٺيان پٺيان اچڻ لڳس. در وٽ پهچي جيتوڻيڪ پاڻ ته وڏي آڌرڀاءُ سان چيائين اندر هليو اچ. پر آءٌ اهو سوچي ترسي پيس ته هيءَ آهي ڪجهه ڪجهه بيوقوف. حامي ڀري منهنجي چوڻ تي مون کي ڇڪي ته آئي آهي، مائٽ الائي ڇا سمجھن. کيس ته دڙڪا ملندا پر مون کي به نه مار ڪڍرائي. پاڻ اندر هلي وئي پر آءٌ در تي ترسي پيس. ٿوري دير بعد سندس ننڍي ڀيڻ جا پندرهن سورهن سالن جي ٿيندي سا نڪري آئي ۽ سڏ ڪري اندر گھرايائين.
انيسه گھر اڳيئي ڳالهه ڪري ڇڏي هئي ته هڪ جانور شهر ۾ ڦرندي مون سان مليو. تمام دلچسپ آهي. چوي ٿو ته پاڪستاني آهيان، انجنيئر آهيان، ست سمنڊ دنيا جا پار ڪري هتي پهتو آهيان، سو مائٽ به ڏسڻ لاءِ بيچين ۽ تجسس ۾ هئا. سندس ڀروارو گھر هڪ ننڍي دريءَ ذريعي مليل هيو، جنهن ۾ سندس ماسي ۽ ان جون ٻه ڌيئر رهيون ٿي، اهي به سڀ مون کي ڏسڻ لاءِ ڊوڙنديون آئيون. سندس ڀيڻ جا ٻار ۽ پوءِ ته آهستي آهستي پاڙي جا به ڪيترا ملڻ آيا. دراصل هتي ٻاهرين ملڪن جا (خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جا) تمام گھٽ بلڪ نه برابر سياح اچن ٿا. سو آءٌ هنن لاءِ اجنبي هوس.
مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته هتي جون عورتون صاف دل ۽ ساديون لڳن ٿيون. سادگيءَ ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻين عورتن سان ملن ٿيون. انيسه جي ماءُ کي چيم ته توهان جو گھر ڏاڍو سٺو آهي. منهنجو رسميءَ طرح چوڻ ۽ هيءَ انهيءَ وقت اٿي وڃي ڊگھو ٻهارو کڻي آئي. ڇت تي هڪ ڪنڊ ۾ ڄارو لڳل هو سو لاهڻ لڳي. تنهن تي سڀ کلڻ لڳا. مانيءَ لاءِ زور ڪرڻ لڳا ته کاءُ ۽ مون لاءِ ماني رکيائون ۽ پاڻ چؤگرد ڦري ڏسڻ لڳا. يورپي قسم جو چڪن براٿ سوپ (Chicken Broth Soap) هو جنهن ۾ سڀ ڪجھه مليل هو. ڪڪڙ جي ننڍن سنهن ٽڪرن بدران پوري ٽنگ هئي ۽ ڊبل روٽي الڳ هئي.
يارهين لڳي آءٌ موڪلائڻ لڳس. سڀ ڇڏڻ لاءِ ٻاهر نڪت.، ٻاهر ڏسون ته سخت بارش پئجي رهي هئي، آمدرفت بند ٿي وئي هئي. آخر فيصلو ٿيو ته رات رهي صبح جو وڃان. ٻئي ڏينهن موڪل هئي سو آءٌ ترسي پيس.
ٻئي ڏينهن صبح جو انيسه، ان جي ماسات بيانيڪا ۽ سندس ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو هوٽل ۾ منهنجي دعوت کائڻ لاءِ گھران نڪتاسين. هوٽل اڌ ميل کن پري هئي، پنڌ ئي پنڌ اسان پنج ئي ڄڻا سيءَ ۾ سٽبا وياسين. راتوڪي پيل برف ۽ بارش وڻن تي ڄمي ڳنڍا ٿي وئي هئي ۽ هوا لڳڻ ڪري اهي ڳنڍا هيٺ پئي ڪريا، سو انهن کان ۽ هوا کان بچندا سڄي منهن کي مفلر سان ڍڪي، صرف اکيون ڪڍي، هوٽل طرف وڌندا رهياسين. برف مٿان عام بوٽ ۾ هلڻ ڪري منهنجا ته پير کيرا ٿي ويا هئا. ذري گھٽ همت جواب ڏيڻ واري هئي ته ههڙي سرديءَ ۾ اگر بيمار ٿي پيس ته هتي پرديس ۾ اڪيلو اسپتال ۾ رهڻو پوندو ۽ هوڏانهن جهاز تي دوستن کي ڊبل ڊيوٽي ڏيڻي پوندي، پر هنن کي تکو تکو هلندي ڏسي آءٌ به هلندو رهيس. آخر اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اکين مان پاڻي، نڪ مان پاڻي، پندرهن منٽن لاءِ ته هوش ئي نه رهيو. بيانيڪا مانيءَ لاءِ آرڊر ڏنو.
هتي جي هوٽلن ۾ اڪثر ڪري پئسا پهريائين ڏجن ٿا ۽ ٽپ جو دستور ناهي. مانيءَ جو بل سؤ لي (پنهنجا اٽڪل پنجويهه روپيا) کن ڏنائين. اڌ ڪلاڪ بعد ماني آئي. ماني ڇا هئي؟ ڊبل روٽي، تريل چڪن ۽ بصرن جو آچار! بصر به اهڙا جو سرڪي ڪري يا زياده سنڌجڻ جي ڪري ڪارا ٿيل هئا. کانئن پڇيم ته ڇا هي آهي هتي جو خاص کاڌو؟ جنهن لاءِ هيڏو پنڌ ڪرايو اٿَوَ. توهان تي ته ڪا جيسز ڪرائس (حضرت عيسى عليه السلام) جي مارَ پوي، ڪجهه ته خيال ڪريو ها، اهڙي خبر هجي ها ته گھران ئي نه نڪرون ها. سو اهي آهن رومانيا جون خبرون. يوگوسلاويا ۾ به ڏٺم ته اتي جي ماڻهن بصر جو آچار وڏي شوق سان کاڌو ٿي. مٿئين گھر مان هتي جي ٻين گھرن جو به اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
هتي يورپ جي ملڪن ۾ ڏٺو اٿم ته هر هڪ کي ايتري ته حد درجي جي سماجي مسئلن ۾ آزادي مليل آهي جو ماءُ پيءُ به اولاد جي ڪنهن ڳالهه ۾ دخل انداز نٿو ٿئي. هر هڪ جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته وڻيس ته پنهنجي زندگي کي سڌاري يا کاري. ڳالهيون ڪندي بيانيڪا جي ماءُ کان پڇيم ته هوءَ شادي ڪڏهن ٿي ڪري؟ چوڻ لڳي ته کيس ڪهڙي خبر، بيانيڪا خود بالغ آهي سندس مرضي. پاڻيهي پنهنجي پسند جو ڇوڪرو ڳولهي وڃي شادي ڪري. مغربي ملڪن ۾ اڪثر اڪيلائي ۽ تن تنهائي ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون. ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي اهڙي ملاقات کي ڊيٽ Date سڏجي ٿو. اهڙين ملاقاتن ذريعي هڪ ٻئي کي زندگيءَ جو ساٿي منتخب ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن سان ئي ملڻ جو موقعو ٿيندو آهي. انهيءَ Process ۾ گھڻو ڪري هر ڇوڪري سڀ ڪجھه لٽائي ويهندي آهي. هنن مغربي ملڪن ۾ شايد ئي ڪا ڇوڪري هجي جا شادي وقت ورجن هجي، اگر هوندي تڏهن به ههڙي ماحول ۾ ڪير يقين ڪندو. ۽ اهڙي ڪنهن باعصمت ڇوڪريءَ کي داد ڏيڻ بدران ان لاءِ اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته Virginity is lack of opportunity. اهو ئي سبب آهي جو هتي جي عورت آزادي ته حاصل ڪري چڪي آهي، پر پنهنجو قدر وڃائي ويٺي آهي. هوءَ مرد جي نظر ۾ ڪري چڪي آهي. هتي جي عورت ۽ رانديڪي ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي، جنهن کي ٻار جيستائين نئون آهي ته چاهه سان کيڏي ٿو پر جنهن وقت پراڻو ٿيو يا کيس ان کان بهتر مليو ته پراڻي کي اڇلي ڇڏي ٿو. ساڳئي وقت مرد به اعتبار وڃائي چڪو آهي. سڀ کان وڌيڪ مصيبت ۾ پوڙها مائٽ آهن. اسان وٽ جيئن پوڙها مائٽ ٿين تيئن پنهنجا پراوا وڌيڪ عزت ڪن، پر هتي پوڙهي پيءُ ماءُ کان سندن ئي اولاد بيزار. ماءُ پيءُ گھر ۾ بيمار پيو هجي ته پيوي هجي، پر اولاد کي گھمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجن پروگرامن کان فرصت ناهي جو هنن جو خيال رکن يا خير عافيت پڇي. هرهڪ کي پنهنجي لڳي پئي آهي ڪو لطيف جذبو نه رهيو آهي. يقين ڪر مون ڪيترا اهڙا مثال اکين سان ڏٺا جو ماءُ يا پيءُ موت جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ اولاد کي معلوم هوندي به بيفڪر رنگ رليون ملهائي رهيو آهي. هيءَ ڪهڙي آزادي آهي، منهنجا ڀاءُ؟ هن آزاديءَ ڪهڙو هتي جي ماڻهن کي سُک ۽ دلي سڪون بخشيو آهي؟ ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿو اچي! ڇا هيءَ آهي مغربي آزادي، جنهن لاءِ اسان جا ڪي مشرقي ڀائر ڀينرون، گھر ويٺي بنان ڏٺي پرکي سڌون ڪري رهيا آهن. ڪاش منهنجي وس ۾ هجي ته انهن مشرقي مردن کي هتي جو هڪ هڪ گھر ڏيکاريان. کين هتي جي ماڻهن جي ذهني تصادم، بيچيني، فڪرات ۽ دلي پريشانين کان روشناس ڪرايان ۽ هتي جي عورت جي حالت کان واقف ڪرايان ۽ مشرقي عورت کي هتي جي حالت اکين سان ڏيکاريان ته کيس معلوم ٿئي ته ڪير وڌيڪ خوش آهي. ڪنهنکي ذهني سڪون، عزت ۽ روحاني راحت نصيب ٿيل آهي. جيڪر پنهنجي ملڪ جي عورت هتي جي عورتن جو گھرائيءَ سان جائزو وٺي ته جيڪر کيس احساس ٿي وڃي ته هوءَ ڪيترو خوش، سکي ۽ باعزت آهي. هتي جي عورت کي ٻاهرين ٺاٺ پاٺ جي پٺيان ڪيترون جوابداريون ۽ مصيبتون آهن. جن هڻي مغربي عورتن کي مشين وانگر گسائي ڇڏيو آهي. چهري تان اها نسواني رونق ۽ سونهن ئي مٽائي ڇڏي آهي. منهنجا ڀاءُ ڪاش ڪو انڌي تقليد ڪرڻ بدران حالتن جو چڱيءَ طرح جائزو وٺي پوءِ ان جي نقالي ڪري ته بهتر رهندو. خط تمام ڊگھو ٿي ويو ۽ بلغاريا ڇڏڻ کان پهرين هڪ ٻيو به خط لکندس، جنهن ۾ بلغاريا ۽ هن شهر ورنا بابت لکندس.
گھڻي قرب منجھان
ـــ تنهنجو