خليج بنگال
اسان پنهنجو وقت توهان جي وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت اسان دنيا جي جنهن حصي ۾ آهيون اتي سج، چنڊ، تارا ڪلاڪ کن اڳ اڀرن ۽ لهن ٿا. جيڪڏهن اڀرندي طرف وڃبو آهي ته ٽائيم وڌائبو آهي، جيڪڏهن الهندي طرف وڃبو ته ٽائيم گهٽائبو. هن وقت هتي صبح ٿي چڪو آهي پر توهان وٽ اڃا رات هوندي. ٿوري دير اڳ پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري انجڻ جي چارج ’چئين بجي کان اٺين بجي تائين ڊيوٽي انجنيئر‘ کي ڏيئي آياسين. آءٌ ۽ منهنجو ساٿي انجنيئر ’زمان‘ ڊيوٽي ختم ٿيڻ بعد روز جهاز جي عرشي تي پٺا اگھاڙا ڪري فقط نڪر پائي اچي ليٽندا آهيون، جيسين صبح ٿئي. انجڻ روم جي گرميءَ مان نڪري کلي آسمان هيٺ، جهاز جي ٿڌي ٿڌي فرش تي ليٽڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو آهي. ٿڌي ٿڌي هوا پئي لڳندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سنهي بوند به پئي وسندي آهي. ان کان علاوه جڏهن سمنڊ جي ڪا وڏي لهر جهاز سان ٽڪرائبي آهي ته ان جا ڇنڊا بارش وانگر اچي لڳندا آهن. آسماني بارش ۽ سمنڊ جي ڇنڊن ۾ فقط اهو فرق آهي ته هڪ پاڻي مٺو آهي ته ٻيو کارو. سمنڊ جي پهرين ڇنڊي لڳڻ سان ئي اسين اکيون ۽ وات بند ڪري ڇڏيندا آهيون. جڏهن بارش نه هوندي آهي ته چانڊوڪيءَ ۽ تارن جي روشنيءَ ۾ سامونڊي ڇولين جي گجي چمڪندي آهي. چؤطرف ڄڻ چانديءَ جا ننڍا جبل اڳتي وڌندا نظر ايندا آهن ۽ جهاز جي لوهي بدن سان ٽڪرائي پنهنجو وجود وڃائيندا آهن. جهاز ائين جھومندو آهي جيئن ڪو موالي چُڪو وڌيڪ پي ويٺو هجي. اسان کي ائين ڪڏهن به محسوس ڪونه ٿيندو آهي ته ڪو اسان آفت جيڏي جهاز تي آهيون پر لڳندو آهي ته ڄڻ هي جهاز نه پر ڪاٺ جو ننڍڙو تختو هجي، جو انجڻ جي زور تي نه، پر لهرن ۽ هوائن جي رحم ۽ ڪرم تي اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪجھه وقت ته اسين خاموش ستا پيا هوندا آهيون ۽ پيا ٿڪ ڀڃندا آهيون. پوءِ زمان چشمو لاهي، اونڌو ليٽي ڳائڻ شروع ڪندو آهي، ’ڊم ڊم ڊيگا ڊيگا ــ موسم ڀيگا ڀيگا ـــ بن پئي مين تو گرا مين تو گرا هائي الله ـــ صورت آپ کي سبحان الله !‘
پهرين رات به اهو گانو ٻڌايائين، ٻي رات به اهو گانو،پوءِ روز روز اهو ساڳيو گانو ٻڌائيندو رهيو. ڪالهه آخر چيومانس ته يار ٻيو به ته ڪو ٻڌاءِ.
”ڇو اهو پسند ناهي ڇا....؟“ زمان پڇيو.
”پسند ته ڏاڍو آهي، خاص ڪري ههڙي موسم ۽ سمي ۾.“
”مون کي به ڏاڍو پسند آهي“ زمان وراڻيو.
چپ ٿي ويس. اڄ وري جڏهن اهو گانو ڳائي بس ڪيائين ته چيومانس: ”لالا، ڇا ڳالهه آهي. ان گاني جو جلاب ورتو اٿئي ڇا...؟“ ٿڌو ساهه کڻي چيائين: ”بس يار ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين، ’هنڌ او سڙي جتي او ٻري‘.“
سمجهي ويس ته اسان جو دوست عشق جي چڪرن ۾ آهي. مون نٿي چاهيو ته وڌيڪ کيس چوريان. ڏينهن ٿي وڃي ها. سخت ننڊ اچي رهي هئي ۽ عشق محبت جا داستان اوترائي طويل ٿيندا آهن جيترو سندن وجود قليل ٿيندو آهي.
”ڪير آهي استاد اها پري چهره؟“
پر خبر ناهي ڇو منهنجي وات مان اوچتو نڪري ويو ۽ پڇي ويٺس. پر خوش نصيبيءَ سان داستان ايترو ننڍو هو، جيترو ان پري چهري جي هن ننڍي جهاز تي ننڍڙي Stay. لنڊن کان هيءَ ايراني ڇوڪري سنگاپور لاءِ پئسنجر جي صورت ۾ چڙهي هئي. ممباسا تائين خاموش رهي. ڪراچي پهچڻ سان پهريون دفعو هن مسڪرايو ۽ سنگاپور تائين روز هن وقت هوءَ ٻاهر عرشي تي پيل ڪاٺ جي بئنچ تي اچي ويهندي هئي. اسان جو دوست مٿيون گانو ڳائيندو هو. يعني ’صورت آپ کي سبحان الله‘.
۽ پوءِ هوءَ ايراني لهجي ۾ ڳائيندي هئي: ”سو گيا سارا زمانه نيند کيون آتي نهين!“ (ظاهر آهي، نه ڪم نه ڪار سڄو ڏينهن آرام ڪرسيءَ تي ويهي، سمنڊ جون لهريون ڏسبيون يا چورن وانگر ڏينهن جو ننڊون ڪبيون ته رات جو ننڊ ڪيئن ايندي؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي) پر اسان جو دوست ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا ته کيس سندس عشق جاڳائيندو هو. اف هي خوش فهميون جن جي بنا تي دلبر جي جفائن کي به ادائون سمجھيو ويندو آهي. عارضي خوشي ۽ دل جي عارضي سڪون خاطر انسان خوشفهميءَ کي ائين چهٽي پوندو آهي، جيئن ڪو اونهي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ چند گھڙين جي سڪون خاطر ڪنهن لنگھندڙ وڏي مڇي جي پڇ کي قابو جھليندو آهي، جا ٿورو اڳتي هلي کيس ڳڙڪائي ڇڏيندي آهي. جنهن کي هو محبوب ۽ ديوتا سمجھي پوڄا ڪندو آهي، ان جي ئي ڀينٽ چڙهندو آهي. اڄڪلهه هرشيءِ جو قدر ڪيترو نه تبديل ٿي چڪوآهي. نازڪ صنف جي هڪ مختصر مسڪراهٽ کي اسان محبت سمجهي ويهندا آهيون. ٻن مٺن ٻولن کي پيار سمجھي ويهندا آهيون ۽ خوشفهميءَ جو شڪار بنجي ويندا آهيون. اڄڪلهه شايد ٻين شين وانگر محبت ۾ به ملاوٽ آهي يا اسان کي هن جي حقيقت معلوم ڪندي اذيت ٿئي ٿي. ڇا اسان جي دوست جي محبت سندس دل تائين محدود ۽ مقيم آهي يا اديءَ کي خبر نه چار، ادي کي عشق انڌو ڪيو. بهرحال جهڙي طرح توهان وٽ تندرست ٿيڻ تي مريض کي اسپتال جو بسترو ڇڏڻو پوندو آهي، ساڳي طرح اسان وٽ منزل اچڻ تي مسافر کي ڪئبن ڇڏڻي پوندي آهي. سنگاپور بعد هوءَ صرف يادن جا ڍير ڇڏي وئي.... ”ان ڏينهن کان پوءِ مون کي هرروز ائين لڳندو آهي ڄڻ هوءَ سامهون بئنچ تي ويٺي آهي ۽ ويٺي ڳائي“ زمان ٻڌايو....
مون چشمو لاهي صاف ڪري وري پاتو. چتائي ڏٺو ته مون کي ڪجھه نظر نه آيو، بئنچ خالي هئي. هڪ وڏي لهر آئي جنهن جا ڇنڊا سڄي بئنچ کي ڌوئي ويا. مون وري ان بئنچ ڏي ڏٺو. مون کي ايراني دوشيزه کان به خوبصورت، زياده حسين ڇوڪري ڪجھه گھڙين لاءِ نظر اچي غائب ٿي وئي.
گھڻي دير چپ ڏسي دوست چيو، ”يار تون به ته پاڻ بابت ڪجھه ٻڌاءِ، ضرور تنهنجي زندگيءَ ۾ به بهار آئي هوندي.“
”نه.“ مون اڇل مان جواب ڏنو مانس.
”ڪوڙ ٿو ڳالهائين. اها زندگي نه آهي، جنهن ۾ بهار نه اچي.“
”افسوس جو ان سوال جو معقول جواب ڏئي نه ٿو سگھان. عرض هي آهي ته منهنجي زندگي حيدرآباد يونيورسٽيءَ اڳيان بيٺل سڪل وڻن وانگر خشڪ آهي. دل جي چمن ۾ ڪا باد صبا نه لڳي آهي.“
”ضرور ڪو تارو تو لئه به کڙيو هوندو. ڏس آسمان ۾ ڪيترا انيڪ تارا آهن.“
”شايد. ۽ منهنجي زندگيءَ جا سڀئي غريب لمحا ان جي روشنيءَ کي پسي مڪمل ٿي وڃن ها، پر جلدي اهو غائب ٿي ويو، اهو ستارو نه، پر ڪو آمريڪا جو ڇڏيل مصنوعي تارو هو. هڪ الڳ منزل طرف پنهنجي الڳ راهه وٺي ويو. ڪنهن ٻي دنيا جي ڪشش هن کي پاڻ طرف ڇڪي ورتو. ان بعد آڪاش هميشه ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿو. ڪڪرن جا به ڪيترائي قسم آهن مثال طور ٽربيولينس Turbulence ڪڪر، آرٽوگرافڪ ڪڪر وغيره. ڪڪر تمام خطرناڪ ٿيندا آهن. وچ ۾ آڏا ٿي بيهندا آهن. غريب تارن جي روشني فنا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ دنيا جي رهواسين کي تاريڪ راهن ۾ ڀٽڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندا آهن.“
ڪجھه گھڙين لاءِ خاموشي تاري ٿي وئي. آهستي آهستي رات جي اونداهي غائب ٿي، اڇو صبح ٿي ويو. اسان ٻئي اتي بيهي نئين ڏينهن جي تازي ڄاول سج کي ڏسڻ لڳاسين. ٿوري دير بعد سج سمنڊ جو پيٽ ڦاڙي ٻاهر نڪتو ۽ سڄو سمنڊ روشن ٿي ويو. هڪ معصوم ٻار وانگر سج جو منهن چمڪي رهيو هو. کاٻي پاسي آسمان ڪڪرن سان ڇانيو پيو هو. هڪ وڏو ڪارو ’وول پئڪ‘ (Wool Pack) ڪڪر اڳتي وڌيو ۽ سج کي ڪارو ڪري ڇڏيو. ان ڪاري وڏي ڪڪر کي ڪجھه به خيال نه ٿيو...... نه اسان جو نه سج جو. ڪاش کيس خبر هجي ها ته اسان ڪيتري چاهه سان، ڪيڏي محبت سان، ڪيڏي پيار مان ان نئين ڄاول معصوم سج جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
ادا، هن وقت اسان جو جهاز خليج بنگال ۾ تري رهيو آهي. هتي هميشه پاڻيءَ ۾ جوش هوندو آهي. اڪثر هتي طوفان لڳندا آهن جي اڳتي هلي بنگال جي ساحلي علائقي تي حملو ڪندا آهن. ڪولمبو ڇڏڻ بعد وري زمين نظر نه آئي آهي. چؤطرف وري ساڳيو پاڻي ئي پاڻي آهي. نقشي ۾ جيڪڏهن ڏسندين ته توکي معلوم ٿي ويندو ته دنيا جو فقط هڪ حصو زمين آهي ۽ ٽي حصا پاڻي. مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته هن دنيا جو نالو ڌرتي ڇو رکيو ويو. پراڻي زماني جا ماڻهو به عجيب هئا. پنهنجي آسپاس ٿوري زمين ڏٺائون ته دنيا جونالو کڻي ڌرتي رکيائون. کين هن دنيا جو نالو ’ساگر‘ رکڻ کپندو هو.
هي سامونڊي زندگي بلڪل مختلف آهي. خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي تنهائي پسند ڪن ٿا. دنيا جي جھنجھٽن ۽ رسم و رواج جي قيد کان آزاد زندگي آهي. چؤطرف پاڻي ئي پاڻي ۽ اڪيلائيءَ ۽ تو وٽ چؤطرف زمين.
”تو مار جولي باتي ــ تو مار گھوري شاٿي
(تو وٽ چراغ ٻري ٿو ۽ گھر ۾ ساٿي به آهي)
تو مار اچهي ڊانگا امار اچهي جول
(تو لاءِ زمين آهي ۽ مون لاءِ پاڻي)
تو مار بوشي ٿاڪا امار چولا چول
(تولاءِ آرام آهي مون لاءِ هميشه جوهلڻ.) ـــ ٽئگور
سڀاڻي اسان کي زمين نظر ايندي، جا بنگال جي سرزمين آهي. ٽئگور جو ديس، نظرالاسلام جو ديس. اها ڌرتي جتي مون جهاز هلائڻ جي هنر جي بنيادي تعليم ۽ سکيا حاصل ڪئي. چٽگانگ مون لاءِ ايترو ئي پيارو آهي جيترو پيٽارو. گھڻن ڏينهن بعد جڏهن زمين جو ڪنارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ان وقت ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. زمين جي نظر اچڻ کان اڳ ’سي گل‘ Sea-Gull پکي نظر ايندا آهن. جي ڪبوتر کان وڏا اڇي رنگ جا ٿين. اڏامي به سگھن ته تري به سگھن. گذران لاءِ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي مڇيون ڦاسائي کائين يا جهاز تان اڇليل بچيل کاڌو کائين. هي ڪڏهن ڪڏهن ته سؤسؤ ميلن جو مفاصلو به طيءِ ڪري ايندا آهن. پوءِ جهاز سان گڏ ڪناري ڏي اڏامندا آهن. ٿڪجي پوندا آهن ته وري ترڻ شروع ڪندا آهن. اڄڪلهه رستي ڳولڻ لاءِ جهاز تي انيڪ قسم جا اوزار ۽ آلا آهن، پر پراڻي زماني ۾ ۽ اڄ به پراڻي قسم جا ماڻهو، جهاز وارا يا ڀٽڪيل مسافر، هنن پکين کي ڏسي خوشيون ملهائيندا آهن ته هاڻي زمين ويجھي آهي، ۽ صحيح رستو وٺي آيا آهيون. هن پکيءَ کان علاوه هڪ مڇي جيڪا ’گڏهه مڇي‘ جي نالي سان سڏبي آهي ۽ ان کي مارڻ ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن جهازن جا حادثا ٿيندا آهن ته هيءَ مڇي ٻڏندڙن جي چؤگرد ڦرندي آهي ۽ بچائڻ ۾ مدد ڪندي آهي.
چڱو وڌيڪ ٻئي دفعي. ڊيوٽيءَ جو وقت ٿي ويو آهي، چئن ڪلاڪن لاءِ جهاز هلائڻ جي منهنجي واري هاڻ اچي وئي آهي.
ــــــ تنهنجو پنهنجو