طرابلس (TRIPOLI) ڊسمبر 1968ع
1962ع ۾ طوفان سبب هڪ جهاز ڌڪجي چٽگانگ ۾ سڪي تي به سترهن ميل کن چڙهي آيو هو. جنهن کي وري سمنڊ ۾ نه آڻي سگھيا جو سمنڊ ۾ گھلي اچڻ جو خرچ جهاز جي قيمت کان وڌيڪ ٿي آيو. بهرحال اسان ٽرپولي هڪ ڏينهن دير سان پهتاسين.
ٽرپوليءَ کي طرابلس به سڏين. اٺين يا نائين ڪلاس ۾ هڪ سبق آهي، ’فاطمہ آف ٽرپولي‘ ۽ اها مسلمان ڇوڪري، جنهن جهاز ۾ زخمين جي مدد ڪئي سا هن شهر طرابلس سان واسطو رکي ٿي. هڪ طرابلس (Tripoli) شهر لبيا ۾ به آهي. ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها فاطمہ لبيا واري ٽرپولي جي هجي. اسلامي تاريخ ۾ طرابلس تمام گھڻي اهميت رکي ٿو. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ روايتون هن شهر سان وابسته آهن. لبنان ملڪ جو هي شهر، لبنان جي گاديءَ جي هنڌ بيروت کان اسي ميل کن پري آهي. لبنان جو سڄو ملڪ ايراضيءَ جي حساب سان سنڌ جي حصي جيترو آهي. لبنان ۾ تقريباً اڌو اڌ مسلمان ۽ عيسائي آهن.
طرابلس شهر جابلو علائقي ۾ آهي ۽ انهن جبلن جي قطار سمنڊ جي ڪناري کان شروع ٿئي ٿي. جبل به ايڏا اوچا ۽ آفت جيڏا جو آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن ۽ انهن چوٽين تي ڄميل برف ڏينهن جو چانديءَ وانگر چمڪندي نظر اچي ٿي ۽ سياحن ۽ نون آيلن جي ڏسڻ جو مرڪز آهي. جبلن تي هڪ خاص قسم جا ’سيڊار‘ نالي تمام خوبصورت وڻ نظر ٿين ۽ اهو ئي وڻ هن ملڪ جي قومي نشاني آهي جو جھنڊي، سڪي ۽ ٽڪلين تي نظر اچي ٿو. هي ملڪ يورپ جي ڀرسان آهي انڪري مسلمانن جو ملڪ سڏائڻ جي باوجود يورپ جي هوا جو اثر اٿس.
رمضان ۾ به شراب خانا ۽ هوٽلون عام کليون پيون آهن. هتي جون عورتون ــ خاص ڪري ننڍي ٽهي اسڪرٽ پهرين، جنهن جي ڊيگھه سٿرن تائين مس ٿي اچي. (ڪالهه ته اخبار ۾ هو ته مصر ۾ به عورتن مني اسڪرٽ پائڻ شروع ڪيو آهي، جنهن لاءِ اتي جي مولوين جمال ناصر کي عرض ڪيو آهي ته هو اهڙو ڪو قاعدو ڪڍي جو ان تي بندش رهي، ڇو جو مني اسڪرٽ پائي نماز پڙهڻ سان عورت جي اوگھڙ ظاهر ٿئي ٿي. صدر ناصر جواب ۾ چيو ته ان لاءِ قاعدو ته نه نڪرندو. هر فئملي پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ آهي.) عورت ۽ مرد ٻين يورپين ملڪن وانگر هتي به آزادانه نموني، هر جڳهه گڏ ڦرندا رهن ٿا. هتي جون عورتون به مردن وانگر سگريٽ عام ڇڪين. هوٽل، بس، سئينما تي به عورت ۽ مرد لاءِ الڳ الڳ بندوبست ناهي. توهان کي ڏسڻ سان ائين هرگز معلوم نه ٿيندو ته ڪو مسلمان ملڪ آهي. پر پنج ئي آڱريون برابر ناهن. گھرائيءَ سان جائزو وٺبو ته پرهيزگار به جام نظر ايندا. مٿيون ڳالهيون لبنانين جي تهذيب ۾ شامل ٿي چڪيون آهن ۽ مذهب جي خيال کان ڪافي ماڻهو ان ڪوشش ۾ آهن ته شراب يا مني اسڪرٽ جهڙيون شيون بند ڪرايون وڃن.
هتي عربي ۽ فرينچ زبان گھڻي هلي ٿي. انگريزي، جرمن، ڊچ زبانون تمام ٿورا سمجھن. شهر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ ڪليسائون آهن.
هن وقت هتي رات جا ڏهه ٿي رهيا آهن. توهان وٽ هڪ وڄي چڪو هوندو، جو ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي. توهان وٽ نائين ڊسمبر ٿي چڪي آهي، پر اسان وٽ تاريخ اڃا اٺين ڊسمبر هلي رهي آهي. هن وقت جيڪڏهن تون تار ڪرين ته تنهنجي تار نائين ڊسمبر جي مون کي هتي جي تاريخ مطابق اٺين ڊسمبر تي ملندي. يعني هڪ ڏينهن اڳ. هتي ته فقط ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي، آمريڪا وغيره جتي ٻارهن ڪلاڪن جو به فرق آهي، اتي اخبارن ۾ خبرون اسان جي ملڪن جون هڪ هڪ ڏينهن اڳ ڇپبيون آهن. جاگرافيءَ کان غير واقف اهو سوچي تعجب کائيندا آهن ته مشرق ۾ ڪا ڳالهه ٿئي ٿي ته اها مغرب ۾ هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۾ اچيو وڃي.... اهو ڪيئن؟
هتان پوءِ جهاز بيروت به وڃڻو آهي پر جيئن ته پڪ ناهي ان ڪري آءٌ ۽ زمان باءَ روڊ بيروت جا ٻه چڪر هڻي آيا آهيون. پنج ڇهه ڄڻا ٿي ٽئڪسي ۾ ويندا آهيون ان ريت اهو سفر بس کان به سستو پوي. پوءِ بيروت جو سڄو شهر گھمڻ لاءِ پنهنجي گوڏا گاڏي استعمال ڪريون. اڳئين دفعي ته ايترو پنڌ ڪيوسين جو زمان چيو ته هان پاڻ سان تيل به کڻي هلنداسين جيئن ٿڪجي پئون ته ڪنهن وڻ هيٺ ويهي پير ۽ ٽنگون مالش ڪريون. سڀ کان جونئر آهيون ۽ گھٽ پگھار اٿئون پر گھمڻ ڦرڻ ۾ سينئرن سان وڃي ڪلهو هڻندا آهيون. سو ان ريت، ماني کائي نڪرون ۽ وري موٽي اچي جهاز تي کائون. پر ههڙيSituation ۾ جتي ٻئي شهر کان وڃي نڪرون اتي پوءِ ڀڳڙي، دال پٽاٽي تي گذران ڪيون. بيروت ۾ خاص Interest دليپ، راجيش ۽ شرميلا ٽئگور جون فلمون، الحمرا مارڪيٽ جا چڪر ۽ دڪانن تي چڙهي ٺَلها اگهه پڇڻ، امريڪن يونيورسٽي ۾ هم وطنين سان ملڻ. اڳئين دفعي جيڪا فلم ڏسي آياسين اها شمي ڪپور جي ’ايوننگ ان پئرس‘ هئي.
بيروت جو هڪ دلچسپ واقعو جنهن ذهن تي ڪافي گھرو اثر ڇڏيو آهي. اڳئين دفعي بيروت ۾ مينهن اچي ڏاڍو پيو. زمان ۽ آءٌ مينهن کان بچڻ لاءِ پاسا ڪنڊون ڳولڻ لڳاسين. آخر هڪ ماڙيءَ جي هيٺين در وٽ آڏ ۾ ٿي بيٺاسين. پاسن کان دڪان هئا. مٿي ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٿي وئي. ڪافي دير بيٺا رهياسين پر بارش بند ٿيڻ جي ڪا اميد ڪانه ٿي ڏٺي. اڌ گابرا ڀڄي به چڪا هئاسين. اوچتو در جي مٿان نظر پئي ته تختيءَ تي عربيءَ ۾ ڪجھه لکيل هو. بهرحال نالي جي ته خبر پئي ته هيءَ جاءِ، اوطاق يا بيٺڪ ڪنهن ليلى نالي محترمه جي آهي.۽ مٿي ميوزڪ به هلي رهي هئي. ڪجھه مينهن کان بچڻ لاءِ، ڪجھه بيهڻ بدران ويهي ٿڪ ڀڃڻ جي خيال کان ۽ ڪجھه نالو وطني نالن سان ملندڙ پڙهي اسان همت ڪري مٿي چڙهي پياسين. هڪ عاليشان ڊرائنگ روم هو جنهن ۾ ست اٺ ڄڻا پنهنجي منهن ويٺا هئا. ڪنهن حقو پئي پيتو، ڪنهن ڪاري چانهن (قهوو) پياليءَ ۾ پئي پيتي، هڪ ٻن اخبارون پئي پڙهيون. ڪنهن به اسان جو نوٽيس نه ورتو. ان ڪري اسان به بالم ٿي ڪوچ تي ويهي عربي ميوزڪ به ٻڌڻ لڳاسين ته آسمان مان ٽمندڙ پاڻي پڻ ڏسڻ لڳاسين ته جيسين پڇاڻو ٿئي ۽ اسانکي لوڌيو وڃي تيسين جيڪر بارش بند ٿي وڃي ته اسان پاڻمرادو هليا وڃون. ٿوري دير ٿي ته سامهون ڪمري وارو در کليو. هڪ عرب مُڇن کي تاءُ ڏيندو، جبي کي درست ڪندو ٻاهر نڪتو. ٿوري جھٽ بعد هڪ خوبصورت عورت ليلى وانگر ڪاري ته نه پر ايلزبيٿ ٽيلر جهڙي گوري ۽ تندرست، در جي چانئٺ وٽ بيهي سڀني ڏي قتلام ڪندڙ نظرون اڇلائي عربي ۾ ڪجھه چيو ــ يعني سڏيو ۽ ويٺلن مان هڪ عدد اٿي اندر ويو. در بند ٿي ويو ان سان گڏ اهي مدهوش ڪندڙ خوشبوئون پڻ ،جي اندران ٻاهر ڌوڪي رهيون.
اسان سوچيندا رهياسين ته چڪر ڪهڙو آهي. پهرين سمجھيوسين ته شايد ڊاڪٽر آهي يا وڪيل ـــ ۽ هڪ هڪ کي پئي گھرائي. پر پوءِ اهڙو رکُ رکاءُ ۾ هلندڙ چڪلو ــ جنهن بابت ڪڏهن ڪتابن يا پراڻن جهازين کان به نه ٻڌو هئوسين، ڏسي تعجب لڳو. ٺهيو! هاڻ خبر پيئي ته هي عرب دنيا جا امير بيروت ڀڳا بيٺا آهن سو فقط ڦوڪ ڀرڻ لاءِ پنهنجي چلم بنا تماڪ ۽ پاڻيءَ جي گھرن ۾ ڌوڙ پئي پائي! آخر بارش به بند ٿي. ان دوران هڪ ٻه ڄڻا فارغ ٿي چڪا هئا. اسان هاڻ نڪرڻ ٿي چاهيو ته ان ئي وقت ليلى صاحبه نمودار ٿي ۽ اسان کي ائين اٿي هلي وڃڻ کيس پسند نه آيو. هن ڪو سمجھيو ته اسان جلدي ۾ آهيون سو ٻين کان معافي وٺي اسان کي اڳ وارو ڏيڻ چاهيائين ٿي. اسان کي پنهنجي جسم سان لڳائي ڇڪڻ لڳي. اسان وارن جنريٽرن کان تمام گھڻو گھڻو ڪرنٽ سيسراٽ ڪري اسان جي جسم مان لنگھي ويو. ٿورو ٿورو سندس عربي ۽ اشارن مان سمجھڻ لڳاسين ته هوءِ اسان کي هڪ پاڙيسري ملڪ (۽ شايد غريب ملڪ جا پڻ) باشندا هجڻ ڪري آفر به گھٽائي اڌ ڪئي اٿس ـــ پر افسوس جو اسان جا کيسا به اسان جي پيٽن وانگر ذري گھٽ خالي هجڻ ڪري اسين موٽي آياسين.
اسان هي شهر ٽرپولي (طرابلس) ڏاڍو گھميا آهيون. چڱو وڏو شهر آهي. چؤڌاري اوچيون اوچيون جڳهيون ۽ نظارا آهن. هڪ خيال کان اسان کي گھمڻ ڏاڍو سستو پوي ٿو. ان ڪري جو پرديس ۾ ٻن شين جو مسئلو درپيش اچي ٿو. هڪ اجهو ٻيو ماني. سي ٻئي شيون اسان کي جهاز تي ميسر آهن. يورپ ۾ به پاڪستاني ۽ هرقسم جا مشرقي کاڌا جهاز تي تيار هوندا آهن ۽ رهڻ لاءِ جهاز تي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرا ــ انڪري ڪنهن به ملڪ جي چاهي ڪهڙي به آبهوا هجي گرم يا سرد، ڪو خاص فرق نٿو پوي. اهڙو سک ته هتي جي وڏين هوٽلن ۾ به نه ملي. نه ته هتي پنهنجي خرچ سان ايترا ڏينهن گھمڻ اسان جهڙن لاءِ ته مشڪل آهي. هتي مهنگائيءَ جو ڪو ڪاٿو ناهي. هتي جي ماڻهن لاءِ ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي جو ڪمائي به گھڻي اٿن. ان کان علاوه قدرتي پيٽرول هنن ملڪن کي راتو رات امير بنائي ڇڏيو آهي. سياحت پڻ هتي جي ايڪانامي تي اثر انداز رهي آهي. اوسي پاسي جي ملڪن جا امير واندڪائيءَ جا ڏينهن هتي گھمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ چڱو پئسو خرچ ڪريو وڃن. ان ڪري هتي هوٽلن کان وٺي ريلوي اسٽيشن جي ڪوليءَ جي ڪمائي ٿئي ٿي. بهرحال جيسين اسان جي گھمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ رهائش جو مسئلو آهي ان کان بيفڪر آهيون ۽ خرچ نه برابر ٿئي ٿو. باقي ٿوري به خريداري ڪئي ته پنهنجو پاڻ وڪڻڻ ٿيو. ساڳئي حالت ٻين يورپي ملڪن جي آهي.
يوگوسلاويا ۾ منهنجو بوٽ ڇڄي پيو. جهاز تي موچي آيل هو. پڇيومانس گھڻو وٺندين...؟ مني آرڊر واري زبان ۾ چيائين: ”فقط پنجاهه دينار“ ــ يعني اٽڪل ٽيهه روپيا کن. مون چپ چاپ آرام سان بوٽ جو هڪ هڪ پادر پير مان لاٿو. هڪ دفعو يوگوسلاويا جي فلڪ بوس عمارتن ڏي ڏسي ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ سمنڊ طرف منهن ڪري ٻنهي پادرن کي کڻي اڇل ڏني. سڌو وڃي سمنڊ ۾ پيا ۽ ڳپل دير تائين هفتو کن اڳ حيدرآباد جي شاهي بازار مان ورتل پنجويهين روپين وارو بوٽ ترندو ڏسندو رهيس. شام جو پنجاهه روپين جو نئون وٺي آيس.
ڪراچي کان روم ۽ يوگوسلاويا هوائي جهاز رستي آيو هوس، ان ڪري تمام مختصر سامان کڻڻو پيو ۽ اتي خبر به نه هئي ته ڪو اسان کي وچ سياري ۾ روس به وڃڻو آهي. اوور ڪوٽ ۽ ٻيو ڪيترو سامان نه کڻي سگھيس، هاڻ هڪڙو ئي Alternative هو ته روس ڪمبل ويڙهي گھمجي. هتان جي ريڊي ميڊ دڪانن تان اوورڪوٽ وڃي پڇايم ته معمولي ڪوٽ جي قيمت به تمام ڳري ٿي ٻڌايائون. سوچيم شايد درزي سستو سبي ڏئي جيڪڏهن ڪپڙو وٺي ڏيانس. درزيءَ سان ڳالهه ڪيم ته معلوم ٿيو ته آرڊر ڏئي ٺهرائڻ ته ان کان به مهانگو پوندو. خير وٺڻ جو ارادو لاهي ڇڏيم. موٽڻ مهل هڪ گھٽيءَ مان پئي لنگھيس ته هڪ ڪوٽن واري دڪان تي قسمين قسمين ڪوٽ ٻاهر ٽنگيل ڏسي اندر گھڙيس. اندر ڏسان ته ڪوٽن ۽ سئيٽرن جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ وڪڻڻ وارو ٻين دڪاندارن وانگر شوخ ۽ چالاڪ قسم جو نه پر ڳوٺاڻو ۽ سادو پئي لڳو. هڪ ڇوڪريءَ ته اتي ئي سئيٽر وٺي ان مان پشم ۽ ٻيڙا پئي ڪڍيا ۽ پشم جو ويڙهو پئي ٺاهيائين. يڪدم سمجھي ويس ته هي ڪراچيءَ جي لنڊا بازار وارو قصو آهي جتان اسان جهڙا ڪنگال نيلامي ڪوٽ وٺي، وڏين وڏين هوٽلن ۽ دعوتن ۾ پائي لئه رکن ٿا. هڪ پير مرد انگريز به پاڻ لاءِ ڪوٽ ڳولهي رهيو هو. کيس ته ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. افسوس ان ڳالهه تان نه ته ڪو هو پير مرد هو پر ان تان ته انگريز قوم جو ٿي ڪري هن حال ۾ هجي جنهن ۾ اسان جهڙا صدين کان غلام ماڻهو ٿا سونهون.
مون هڪ عاليشان گرم ڪوٽ ڳوليو، هر لحاظ کان نئون هو. اگھه پڇيومانس ته پني تي ٻارهن ليرا لکيائين، يعني اٽڪل ٽيهه روپيا کن. (هتي جي سڪي جو نالو ليرا، پياسٽر آهي. سؤ پياسٽر هڪ ليري برابر آهن.) ايترو ننڍو اگھه ٻڌي، ٿورو مٿي تي آءٌ به چڙهيس. سوچيم سودو ڪيو وڃي، جو هتي عرب ملڪن ۾ يورپ جي ملڪن وانگر ڪنهن به شيءَ جا مقرر اگھه نه آهن. ويتر ٻاهريون سمجھي دڪاندار اگھه وڌائيندا آهن. ڪيترا دفعا ساڳي جٺ ٽئڪسيءَ وارن به ڪئي هوندي. سو هاڻ ڪڻي جي ڪسر ڌڙي مان ڪڍڻ لاءِ سوچيم ته ٻه ليرا گھٽ ڪرايانس. عربي پاڻ کي بلڪل نه اچي. ڏهين جو نوٽ پاسي تي ڪڍي ان تان پڙهي چيومانس، ”عشر ليرا.“ پهريائين ته نه مڃيائين، پر پوءِ ٻاهر ٿي نڪتس ته رازدارانه انداز ۾ آيل انگريز گراهڪ کان لڪي اشارن ۾ سمجھايائين ته هن کي وڃڻ ڏي ته پوءِ تو لاءِ هڪ ليرو گھٽ ڪندس.
تيسين آءٌ واڻ جي مڙهيل منجيءَ تي بالم ٿي ويٺس ۽ رُوس جي بندرگاهه اوڊيسا جي گھٽين ۾، خيالن ۾ گھمڻ لڳس. اتي ڪجھه ٻيون ڇوڪريون به سئيٽر وٺڻ آيون ۽ گھٽ اگھه ڪرائڻ لاءِ ڪوڪراُٽ ڪري وڙهڻ لڳيون. آخر ڪامياب ٿي ويون ۽ دڪاندار کي آڻ مڃڻي پئي. ان بعد انگريز کي ڦري دڪان کان ٻاهر لاٿائين ته مون ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏيکاريومانس، جيئن شادين مرادين تي ناچ وقت ڳائڻين کي ڏيکاربو آهي.
”اونهه هون!“ ــ هن منهن کي کڻي موڙو ڏنو.
آءٌ به اشارا ڪري ٿڪجي پيو هوس سو سنڌيءَ ۾ چيومانس: ”اونهه هون ته ائين سهي! سخت برفباريءَ ۾ اهڙو شوق اوڊيسا گھمڻ جو مون کي به ڪونهي.“
سمجھيو ڪجھه به نه. وري اشارا ڪري عربي ۾ چوڻ لڳو ڀلا ساڍا ڏهه ڏي. ”خلاص .خلاص.“ چيومانس ته جوان مون به ضد ڪيو آهي خلاص ته خلاص. اسلام اعليڪم يا اخي. ائين چئي هيٺ پئي لٿس ته نوڪر کي چيائين ته جلدي ٻڌي ڏينس ۽ ڏهن ليرن ۾ اسان کي ڪوٽ ملي ويو. جهاز تي کڻي آيس. دوستن پڇيو گھڻي مليو. چيومان ته ڪراچيءَ ۾ ٺهرايو هوم ساڍي ٽي سؤ ۾. سڀني ڏسي چيو، ”واهه واهه. واقعي ڪراچيءَ ۾ سستائي آهي. هتي ته لاهه پٽيو ڇڏين.“
هتي جي دڪاندارن جي هڪ ڳالهه ڏاڍي سٺي آهي جو سامان جو بل چڪتو ڪري پوءِ چانهه شربت جي صلاح ڪن ٿا. پاڻ وانگر نه ته پهرين زبردستي گراهڪ کي چانهه پياري هن کي شيءَ وٺڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ پوءِ سندس چانهه جا ــ ۽ پنهنجيءَ جا پڻ، هن جي بل ۾ هڻي ڇڏبا.
هتي طرابلس ۾ هڪ سئنيما هال آهي، جتي هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. نالو ’راڪسي‘ اٿس. ان ڏينهن راڪسي سئنيما جي جيتوڻيڪ پٺيان بيٺو هوس، پر منجھي پيس ته هيءَ ڪهڙي جڳهه آهي ۽ صحيح رستو هٿ نه پئي آيو. سامهون ٽي ٻار ڇهن ستن سالن جا پئي آيا. انهن ۾ هڪ مشڪي رنگ جو ڏسي مون سمجهيو ته شايد اسان جي پاسي جو هجي يعني: پاڪستاني، هندستاني، سلوني وغيره سو آئون ان کي اردو ۾ مخاطب ٿيس: ”سنين آپ انڊين هين....؟“
جواب نه ڏنائين. هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا. وري انگريزي ۾ پڇيومانس. چيائين ”لا“. اتي ٻيا ٻه عرب ڇوڪرا هڪ ٻئي جو تعارف ڪرائڻ لڳا. هڪٻئي تي تبصرو ڪري کلڻ لڳا. آهستي چيومان: ”مون پچر ڇڏي، ڪٿي جو به هجين. ٻڌاءِ راڪسي ويئر.....؟“ هر هڪ مختلف طرف ٻڌايو. هڪ ٻئي سان ضد پيا ڪن، وڙهن پيا، ڪو چوي هيڏانهن وڃ، ڪو هوڏانهن لاءِ پيو زور ڀري، چيومان، ”ٻيلي معافي ڏيو، توهان سان پڄڻ جي جاءِ ناهي. اجايو لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ماڻهن کي شڪايت آهي ته سندن ٻار ڏنگا آهن.“ اڳتي وڌيس ته وري ڊوڙي آيا ۽ پڇڻ لڳا:
”راڪسي ريسٽورنٽ....؟“
جواب ڏنو مان.”لا.“
”راڪسي پيترول ڪالتيڪس.“
”لا.“
”راڪسي سئينما...؟“
”نعم.“ خوش ٿي جواب ڏنو مان. اشارو ڪيائون ته هيءَ گھٽي ٿي وڃي.
اها خبر هجي ها ته سئنيما کي عربي ۾ سئنيما ئي چون ٿا ته ايتري نوبت نه اچي ها.يوگوسلاويا ۾ خريداريءَ لاءِ وڃڻو هو، جنهن کان به پڇون ته ”شاپنگ سينٽر ڪٿي آهي.....؟ مارڪيٽ ڪٿي آهي؟ ڊپارٽمينٽ اسٽور ڪٿي آهي؟“ ته سمجهن ئي نه. آخر هڪ کان تنگ ٿي اڙدو ۾ پڇيو، ”توهان جي شهر ۾ ڪا بوري بزار آهي يا نه...؟“، ”اوهه بزارا.“ ٿڌو ساهه کڻي همراهه سامهون ڏيکاري. پوءِ معلوم ٿيو ته وڏي دڪان کي بازار سڏين.
هتي موٽرون جام آهن ۽ سڀ کان وڏيون ۽ اعلى درجي جون، ٽئڪسي جي اها سڃاڻ آهي ته هر ’مرسڊيز بينز‘ ڪار ٽئڪسي آهي. مرسيڊيز ڪار پاڻ وٽ لک مني لک ۾ لي پر هتي ٽيهه هزار کن ۾. اهڙي طرح ٻيون ڪارون به سستيون آهن ـــ باقي ٻي هر شيءَ مهانگي ــ چڱو جو جهاز ساڻ آهي نه ته هنن ملڪن ۾ اچڻ يا پنهنجو پاڻ کي ٻٻر جي وڻ سان ٻڌي ڇڏڻ ساڳي ڳالهه آهي. ٻنهي صورتن ۾ بک وگھي ۽ بي گھر مري سگھبو. پنهنجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي يورپ مان اچي طرح طرح جون من گھڙت ڳالهيون ٻڌائين ٿا انهن جي حالت هتي اکين سان نظر اچي ٿي. سواءِ ٿورن جي، جيڪي هتي به هزارين روپيا ڪمائين ٿا، ٻيا سڀ پريشان حال رهن ٿا. سادو سودو هڪ ويلو کائيندا ته ٻيو ٽاريندا. هيڏانهن هوڏانهن تڪليفون ڪاٽي، ڏينهن رات محنت مزدوري ڪري پورت ڪندا. ڪي ڪي ته هتي عجيب عجيب ناپسنديده حرڪتون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو بدنام ڪن ٿا. چوندا وتندا: ”پاڪستان ۾ رکيو ئي ڇا آهي ـــ؟“
ٺيڪ آهي، پاڪستان غريب ملڪ آهي، اڃا ترقيءَ جي راهه تي آهي. آخر ڪنهن کي ته قربانيون ڏيڻيون پونديون. توهان جتي جنم ورتو، جنهن توهان کي پاڙهي انجنيئر يا ڊاڪٽر بڻايو، ان ملڪ جي خدمت ڪرڻ بدران ائين ڇڏي وڃڻ ڪٿي جو انصاف آهي. ڪاش، اسان جا پاڪستاني ڀائر چيني ماڻهن مان سبق حاصل ڪن، جيڪي هزارين روپين جا پگھار ڇڏي اچي سؤ ڏيڍ سؤ تي ملڪ جي خدمت ڪرڻ لڳا آهن. هيڊروجن بم، ائٽم بم ائين ئي ٺهندا. ملڪ جي مضبوطي، آسودگي ۽ ترقي ائين ته ٿيندي. خير ادا اچون ٻين ڳالهين تي. هتي جڳهه جڳهه پرائيويٽ بئنڪون آهن، جتان دنيا جو هر سڪو مٽجي ملي ٿو. اسان وٽ به اٽلي، مصر ۽ يوگوسلاويا جي ڪافي ڀرڪٽ بچيل هئي، سو ڪجھه دوستن گڏجي هڪ بئنڪ تان مٽايا. جن جا هزار روپيا کن ٿيا ٿي، پر Calculation مشين جي غلط حساب سبب هزار بدران ڏهه هزار ڏئي ويو. اسان کي به خبر نه هئي، جو هر ملڪ جي سڪي جو اگھه ڦرندو رهي ٿو. آءٌ ته ان وقت ڪونه هوس، ٻيا دوست مٽائي کڻي آيا ۽ ورهاياسين. بلڪ خوش ٿي ورهائي کنياسين. ڪجھه ته خرچي به آيا.
ٻئي ڏينهن آءٌ جهڙو بئنڪ وٽان لنگھيس ته بئنڪ واري پڇيو: ”پاڪستاني آهين.“ چيومانس: ”ها“. پوءِ سڄو قصو ڪري ٻڌايائين ته رات مون وٽ ڪجھه پاڪستاني آيا هئا ۽ مون سان هيءَ ويڌن ٿي آهي ۽ غلطي ۾ گھڻا پئسا ڏيئي ويٺو آهيان. آٿت ڏئي چيومانس: ”گھٻراءِ نه. انهن خوش نصيبن ۾ هڪڙو آءٌ به آهيان، جنهن سڄي رات خوشيءَ وچان ننڊ نه ڪئي آهي. هاڻي جلدي ڪر، دهليءَ جا ٺڳ اسان نه آهيون، جهاز تي هل ته هلي هنن کان وٺون، بس رڳو دعا ڪر ته سڀ خرچي نه ويٺا هجن.“
جهاز تي آياسين، ظاهر آهي اهڙي خراب خبر ٻڌي سڀ مون تي مڇرجي پيا پر پوءِ وڌيڪ مليل پئسا واپس ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا. پئسا گڏ ڪري کيس ڏيارياسين. شڪريو ڪري چوڻ لڳو: ”توهان ڏاڍا سٺا ماڻهو آهيو.“ دل ۾ چيم ڀاڳن وارو آهين، جو اسان جهڙن معتبرن جي ور چڙهي وئين نه ته سر وڃنئي ها.
وڃڻ وقت بئنڪ تي اچڻ لاءِ دعوت ڏنائين ته اچجو ته پوءِ جبل جي چوٽين تي پڪنڪ لاءِ هلنداسين، جتي برف پئي وسي ۽ سيڊار وڻن جا ٻيلا آهن. پر اسان نه وياسين. هن اجايو ٿورو ٿي لاٿو. ٻئي ڏينهن آءٌ شهر ويس پر سندس بئنڪ اڳيان لنگھيس به ڪونه. جيئن ڪو اوڌر نه ڏيڻ خاطر ان گھٽيءَ مان ئي نه لنگھندو آهي. پر ڪالهه اوچتو شهر ۾ ملي ويو ۽ دڪان (بئنڪ) تي گھلي آيو. پنهنجي ڀائرن ۽ پوڙهي پيءُ سان ملايائين. ڪلاڪ ڏيڍ خبرون ڪيونسين. هڪ ٻئي جي ملڪ، رسم، رواج ۽ مذهب بابت. پوءِ موڪلائي نڪتس. وري طرابلس شهر جا رستا ۽ گھٽيون ماهر سروير وانگر ماپڻ لڳس، ته اوچتو اچي بارش وٺي. (هتي بارش تمام گھڻي پوي ٿي. هتي جا جبل ڪڪرن کان به اوچا آهن ۽ سمنڊ کان اٿيل ٻاڦ کي ٻئي پاسي وڃڻ بدران واپس ڪن ٿا ۽ طرابلس مٿان ئي وسڪارو لڳو رهي ٿو.) بارش کان بچڻ خاطر هڪ دڪان جي آڙ ۾ ٿي بيٺس. اتفاق سان بئنڪ وارو عبدالقادر اتان اچي لنگھيو. سندس گھر ڪو سامهون ئي هو. تنهن جو مون کي بارش ۾ پسندو ڏٺو سو گھر هلڻ لاءِ چيائين. سندس گھر چوڏهن ماڙ بلڊنگ جي ستين ماڙ تي آهي. ”اسان هتي جا امير ترين ماڻهو آهيون، پر اسان جي فئملي سدائين سادگي پسند رهي آهي. هيءَ سڄي بلڊنگ اسان جي آهي. اسان چار ڀائر آهيون . ٻه وچيان شادي شده آهن. آءٌ وڏو آهيان ۽ ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان ستين منزل تي رهان ٿو ۽ ٻيا ڇهين تي. باقي ماڙيون ۽ هيٺيان دڪان مسواڙ تي آهن. هڪ ٻي ٻاويهه ماڙ بلڊنگ وچ شهر ۾ ٺهيل به اسان جي آهي. اسان جون پرائيويٽ بئنڪون آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ آسٽريليا ۾ به آهن. نيويارڪ ۾ ڪيترا واپاري اسان کي سڃاڻن ۽ اسان جي ايمانداريءَ جي ساک ڏيندا.“ لفٽ خراب هئي سو ڏاڪا چڙهندا وياسين. هنن جي سڄي فئملي انگريزي، عربي ۽ فرينچ ڳالهائي ٿي، سو اسان انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪري رهيا هئاسين. آخر جڏهن ستين ماڙ تي پهتاسين ته تالو لڳل هو. چيائين ته، ”ڀاڀي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ وئي هوندي. اجھو آئي. هل ته هيٺ انتظار ڪريون.“
پڇيومانس ”لفٽ کي ڇا ٿيو آهي؟“
”خراب ٿي پئي آهي.“ لفٽ جو دروازو کولي چيومانس ته پرواهه نه ڪر. آءٌ انجنيئر آهيان. اهي مشينري جون سڀ کيڏون ڄاڻان. چڱي طرح ڏٺم ته Contact جي معمولي غلطي هئي ــــ جنهن ڪري لفٽ اڪثر رنڊجي پوندي آهي.
چيومانس: ”اکيون بند ڪر.“ ٺيڪ ڪري بٽڻ کي دٻايم ته ٻي ساعت ۾ پٽ تي هئاسين. ڏاڍو کليو ۽ سٺو دوست ٿي ويو. ٻاهر نڪتاسين ته سندس ڀاءُ، ڀاڀي ۽ ڀاءُ جي سسُ بيٺي هئي. تعارف بعد فيصلو ٿيو ته ڀاڀي مونا جي ماءُ دمشق (شام) وڃي رهي آهي. سو ان کي بس تي ڇڏي اچون. بس چرڻ لڳي ته في امان الله چيومانس. سڀ وائڙا ٿي ويا ته عربي ڪٿان سکياسين. پوءِ کين ٻڌايم ته اسان جي ملڪ ۾ مذهب جو تهذيب ۽ زبان تي به ڪافي اثر آهي ۽ ڪيترا عربي لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ عام ٿي چڪا آهن ۽ لکڻي به عربي اسٽائيل آهي. گھر واپس آياسين. گھر جو دروازو کليو ته اندر ائين لڳو ڄڻ ڪو شاهي محل هجي، هي گھر مغربي ۽ مشرقي طرز سان سينگاريل هو. هر شيءِ قيمتي ۽ اعلى نظر اچي رهي هئي. ڪمرا تمام وڏا ۽ ڪشادا. قيمتي ايراني غاليچن سان سجايل. ڪلاڪ ڏيڍ جي ڪچهريءَ ۾ ئي ڏاڍو رلي ملي وياسين. ڄڻ پراڻا واقفڪار يا مائٽ هجون. گھر ۾ ڪوبه نوڪر يا نوڪرياڻي نه هئي. هيڏي امير هوندي به مونا خود وئي ۽ چانهه ٺاهي آئي. رڌ پچاءُ جو سڄو ڪم پاڻ ٿي ڪيائين اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻين يورپي ملڪن وانگر هتي به Mechanization ڏاڍي اچي وئي آهي. واشنگ مشينون، وئڪيوم ڪلينر ۽ سڄي Cooking Range. پر تنهن هوندي به پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ قابل ذڪر ڳالهه آهي. پاڻ انگريزي ۽ جرمن زبان ۾ گريجوئيٽ آهي. اسان وٽ ذرا فرق ڏسو، ڪا ڇوڪري ٻه درجا پڙهندي ته پاڻ تي مک ويهڻ به نه پئي ڏيندي. چار چار نوڪرياڻيون هوندي به هر امير گھر ۾ ڪم جي شڪايت ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
چانهه جو دور به هلندو رهيو ۽ ڳالهيون به ڪندا رهياسين. پنهنجي فئمليءَ جا هڪ هڪ ڪري سڀ فوٽا ڏيکاريائون. پاڻ ٻڌايائون ته ٻارن جا نالا جهاد (اسلامي لڙائي) ۽ نجاد (زهر ۾ ٻڏل خنجر) ان ڪري رکيا اٿئون، جو ٻنهي جو هڪٻئي سان واسطو آهي. ڳالهيون ڪندي پڇيائين، ”توهان سڀ پاڪستان کلڻا ۽ خوش مزاج ڇو آهيو.....؟“
آغا سليم اسٽائيل ۾ وراڻيومانس: ”اسان پنهنجا سوين سور ۽ درد دل اندر ئي دفن ڪري ٻاهران مسڪراهٽ جو قبو اڏي ڇڏيندا آهيون.“
ادب جو اچي ذڪر نڪتو. چيومانس: ”مشرق ۽ مغرب جي اديبن ۾ وڏو فرق آهي. مغرب جا اديب ’سائنس ۽ ٽيڪنالاجي‘ جا ڪتاب لکندا آهن ۽ اسان جا اديب فقط ڪوڙا قصا ۽ من گھڙت ڪهاڻيون لکندا آهن. جنتريون ۽ خوابن جا خوبصورت تعبير لکندا آهن. مغرب جي ماڻهن وڃي چنڊ ۽ تارن تي قبضو ڪيو آهي. اسان جا ماڻهو اڃا اڳڪٿين ۾ وقت وڃائيندا رهن ٿا ته فلاڻي تاري جو فلاڻو اثر آهي. ستارو گردش ۾ آهي. اڄ سج گرهڻ ٿيندي، پيٽ سان عورت سڌي ٿي سمهي، نه ته چپ ڪٽيو يا نڪ ڪٽيو ٻار ڄمندس وغيره“
اڄ رات جو پوري ٻارهين وڳي لبنان جي هن خوبصورت بندرگاهه طرابلس (Tripoli) مان لنگر کڻي رهيا آهيون. هڪ نئين ديس ۽ دنيا طرف.
تنهنجو پنهنجو.