الطاف شيخ ڪارنر

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
  • 4.5/5.0
  • 1705
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجو ساگر منهنجو ساحل

اڊارڪٽڪ سمنڊ

پهرين سين ۾ هي فقير پُر تقصير معافي گھرندو جو تنهنجي ڪيترن خطن ملڻ جي باوجود استنبول (ترڪي) ۽ رائيڪا (يوگوسلاويا) مان خط نه لکي سگھيو آهيان. ان جي عيوض هينئر سمنڊ تان لکان ٿو. ورنا (بلغاريا) بعد اسان استنبول (ترڪي) آياسين. جتي ڪجھه ڏينهن ترسڻ بعد يوگوسلايا جي ٻئي بندرگاهه رائيڪا ۾ آياسين ۽ هاڻ رائيڪا کي خيرآباد چئي وري لبنان وڃي رهيا آهيون. رائيڪا جو بندرگاهه اٽلي جي ٽرسٽي بندرگاهه کان پنجاھ سٺ ميل اوڀر ۾ ٿيندو. اٽليءَ جي ڏکڻ ۾ بحر روم آهي ۽ اتر ۾ هي اڊارڪٽڪ سمنڊ ۾ هلي رهيو آهي. سڀاڻي شام ڌاري هي سمنڊ ختم ڪري بحر روم ۾ داخل ٿينداسين. رائڪا ۽ استنبول ۾ ايترو ته مشغول هوس جو خط لکڻ جي فرصت ئي نه ملي. هينئر هن وقت پنهنجي ڪئبن جي دريءَ اڳيان ويهي هي خط لکي رهيو آهيان. سمنڊ ۾ ڪافي جوش آهي. جهاز يورپ جي نائيٽ ڪلب جي رنڊِيءَ وانگر نچي رهيو آهي. شروعات ۾ ٿورو ئي جهاز لڏندو هو ته مون کي به ڦيري ٿيندي هئي. الٽيون اينديون هيون. دل ڪچي ٿيندي هئي يا بقول بشير وسطڙي جي: خراب موسم ۾ Sailor جي حالت چوٿين مهيني پيٽ واري عورت جهڙي هوندي آهي. پرهاڻ ڪافي وقت سمنڊ تي رهڻ ڪري عادت ٿي وئي آهي ۽ گھڻو ڪري سي سڪنيس (Sea Sickness) گھٽ ٿئي ٿي يا گھٽ ۾ گھٽ ان کي نه محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. نه ته هن وقت جهاز جي اها حالت آهي جو نئين ماڻهوءَ لاءِ هڪ منٽ به مصيبت ٿي پوي.
هتي جي ۽ پاڪستان جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. توهان وٽ هن وقت شام جا ست ٿيا هوندا ۽ هتي اڃا ٽي ٿيا آهن. هتي منهنجي ريڊيو تي ڊاڪا، سلون ۽ ٻيون ڏوراهيون ريڊيو اسٽيشنون به چٽيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ريڊيو سلون تان هن وقت لتا ڳائي رهي آهي..... ’ڪير به ناهي، پوءِ به آهي ــ نه ڄاڻي ڪنهن جو انتظار ـــ ڪنهن جو انتظار.........‘
يار لتا جو آواز ته نه آهي، پر عجوبو آهي. جنهن به لتا کي ٺاهيو آهي ڇا ڪمال جي شيءِ ٺاهي آهي. ٺلهي گوشت پوست ۽ مٽيءَ مان اهڙي شيءِ ٺاهڻ ته ڏاڍي مشڪل آهي. آمريڪا ۽ روس جا حال ته ڏس، هر پندرهين ڏينهن چنڊ تي راڪيٽ موڪلڻ جي هام هڻن ٿا پر هڪ لتا ته جيڪر ٺاهي ڏيکارين. هڪ مصر جي ام ڪلثوم ته جوڙي ڏيکارين. هڪ ربينا ته بڻائي ڏيکارين ــ جيڪا ڳائي ٻڌائي ته، ’جنهن کي ڳاڙهو لڪڻ هٿ ۾......‘ (يا شايد سائو لڪڻ هٿ ۾،) يا هڪ زليخا ۽ خديجا ته ٺاهي ڏيکارين جا ڳائي ٻڌائي: ”ادل منهنجو آهي، اديون، چوڏهينءَ جو چنڊُ. الا بنو منهنجو آهي......“ ــ ته مڃون. ڪير ٿو چوي ته آواز هڪ نعمت ناهي، ڪير ٿو چوي ته آواز ۾ اثر ناهي. ڪير ٿو چوي ته راءِ ڏياچ، ٻيجل کي راڳ خاطر سرُ نه ڏنو.

جاجڪ جھونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،
تنهن ڪامل ڪڍي ڪينَرو، ويهي وڄايو،
شهر سڄو ئي سُر سين تندُن تپايو،
دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،
چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.

شاهه

خير سائين، اچون پنهنجين خبرن تي. رائيڪا ۾ ڏاڍو سٺو وقت گذريو. رائيڪا ۾ چٽگانگ جهڙي مئرين اڪيڊمي آهي جا دنيا جي مشهور ۽ وڏين اڪيڊمين مان آهي. پنهنجي ملڪ جا پڻ ڪجھه شاگرد ٻن ٽن سالن لاءِ هتي ’مئرين انجنيئرنگ‘ ۽ ’نيويگيشن‘ جي تعليم لاءِ آيا هئا، پر هاڻ اها اسڪالرشپ تازو بند ڪئي وئي آهي. چٽگانگ مئرين اڪيڊمي ۾ جڏهن آءٌ هوس ته منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ شهاب الدين، اها ڇڏي هتي آيو هو. سندس پڇا ڪرايم ته معلوم ٿيو ته تازو هو به جهاز تي انجنيئر جي حيثيت ۾ هليو ويو آهي ۽ اڄڪلهه سعودي عرب ۾ سندس جهاز ويل آهي. ٻيا چار پنج شاگرد مليا جي آخري سال ۾ آهن، تن ٻڌايو ته حيدرآباد جو هڪ سنڌي انور علي ميمڻ پڻ زير تعليم هو جو پڻ تازو تعليم ختم ڪري جهاز تي هليو ويو آهي. ڏاڍو افسوس ٿيو جو ساڻس ملاقات نه ٿي سگھي. وڏي رهائي وارو مڙس ٿو سڏجي. رائيڪا ۾ ٻن ٽن فئملين سان ملاقات ٿي جي انور کي سڃاڻين. ڏاڍيون تعريفون ٿي ڪيائونس. هڪ پوڙهي ته ٻُڪ کڻي يوگوسلاوين زبان ۾ منهنجي اڳيان دعائون ڏيڻ شروع ڪري ڏنائين ته اسان کيس پنهنجن ٻچن وانگر سمجھون ٿا، ۽ هو به اسان جي عزت ڪندو هو. اهي سڀ مسلمان فئمليون هيون. ان کان علاوه پاڪستاني شاگرد به انور کي ڏاڍو ياد ڪري رهيا هئا ته ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي. سندس رائيڪا ۾ گذاريل چند سال، ساڻن گڏ ڪيل چرچا گھٻا ۽ سندس مخصوص سنڌي لهجو، هنن لاءِ باعث يادگيري آهي.
يوگوسلاويا ۾ پڻ مئرين انجنيئرنگ جو پنجن سالن جو ڪورس آهي. پر تعليم انگريزي بدران يوگوسلاوين زبان ۾ ڏني وڃي ٿي، جا پهرين، سال اڌ لاءِ الڳ سکڻي پوي ٿي. (انور جي برانچ انجنيئرنگ نه پر نيويگيشن آهي جنهن جو ڪورس گھٽ سالن جو آهي.) رائڪا جي هن اڪيڊمي ۾ ڪل ٻاويهن ملڪن جا شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن. يوگوسلاويا جا جهاز راني ۽ جهاز سازي ۾ چند سالن اندر ترقي ڪئي آهي سا قابل داد آهي. 1945ع ۾ آزادي وقت يوگوسلاويا ۾ ڪجھه به نه هو. ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجھه ناس ٿي ويو هو. بمن جي تباهه ڪاري جا نشان اڃا تائين موجود آهن. اڃا تائين ڊٺل بلڊنگون ان ئي حالت ۾ آهن. يوگوسلاويا جي بلڪل ڪمزور ترين حالت هئي، پر هتي جي ماڻهن کي شاباش هجي جو ايتري ٿوري عرصي اندر وري پنهنجيءَ وارا ٿي ويا آهن. بلڪ اڳي کان اڳرا. هينئر يوگوسلاويا وٽ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي. ان ترقي جو سهرو هتي جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي پڻ آهي. هيترن ملڪن ۾ مون فقط ٻه ملڪ اهڙا ڏٺا آهن جن جو ٻچو ٻچو پنهنجي ليڊر جي سچي دل سان عزت ڪري ٿو. هڪ چين جو ’مائوزي تنگ‘ ۽ ٻيو هتي جو ’مارشل ٽيٽو‘. عزت ڇا پر ماڻهو پوڄيندا اٿس. ننڍي ٻار کان به پڇبو تو توکي ڪنهن ڪنهن سان پيار آهي ته چوندو ”ماما (ماءُ)، تاتا (پيءُ) ۽ مارشل ٽيٽو.“ هتي جا ماڻهو گارين ۾ پنهنجي ماءُ ڀيڻ کي به نه بخشيندا پر مارشل ٽيٽو جو هميشه عزت سان نالو وٺندا. مارشل ٽيٽو لاءِ ڏٺو اٿم ته سندس ملڪ جا ماڻهو ته ڇا پر ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو به گڻ ڳائين ٿا ته هن کي پنهنجي ملڪ سان ڪيڏو نه پيار آهي ۽ هن ملڪ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي.
رائيڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگرد: ضيا، مصطفى، صديقي ۽ ٻيا اسان وٽ روز جهاز تي گھمڻ ايندا هئا ۽ اسان به هنن وٽ ويندا هئاسين. هنن اسان کي هي شهر خوب گھمايو ڦيرايو ۽ ڏيکاريو، نه ته هتي جي زبان اهڙي ڏکي آهي جو صفا ياد نٿي ٿئي. جپاني ۽ بنگالي زبانن جي هڪ ڳالهه مونکي وڻي ٿي جو ڏاڍيون Soft ۽ Sober آهن. توهان کي ڪابه گار انهن ٻولين ۾ نه ملندي. بنگالي زبان ۾ ته جيڪي هڪ ٻه گاريون آهن سي به ٻين زبانن جون آهن، نه ته بنگالي زبان ۾ وڏي ۾ وڏي گار، ’اڻ سڌريل‘ آهي. باقي هنن يوگوسلاوين زبان جي ڇا ڳالهه ڪجي. هر ٻيو جملو گار. وڙهن تڏهن ته گاريون ڏين، پر کل خوشيءَ وقت به گاريون ڏين. کيڪار به گارين سان ڪن ته پيار جو اظهار به گارين سان. گاريون به ڪچيون ڪچيون ست سُريون. مرد ته ٺهيو پر عورتون به وڏي مزي سان گاريون ڏين.
هتي به مسلمان ڪافي رهن ٿا. رائيڪا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ته سڄو مسلمانن جو آهي. هتي رهندڙ ڇوڪرن ٻڌايو ته هتي جا ڪي مسلمان ته ههڙي ماحول ۾ رهي به پنهنجو مذهب Practice ڪن ٿا. هتي رهندڙ پاڪستاني شاگرد ٻڌايو ته رمضان ۾ باقاعده تراويح نماز ٿئي ٿي ۽ سحريءَ لاءِ اٿاريو وڃي ٿو. پر هڪ ڳالهه ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي، جو هتي مسلمانن کي گھٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ حڪومت به اهي سهولتون نٿي ڏئي، جي ٻين کي ڏئي ٿي. هتي جا مسلمان ٻين جي مقابلي ۾ غريب آهن. هتي هڪ فئملي سان ملاقات ٿي (جي انور ميمڻ سڃاڻين ۽ کين جڏهن معلوم ٿيو ته آءٌ به اتان جو آهيان جتان جو انور آهي ته هنن کي ملڻ جو ڏاڍو خيال ٿيو ۽ مون کي پاڻ وٽ گھرايائون) ڳالهيون ڪندي انهن کان اهو معلوم ڪري افسوس ٿيو ته شهر ۾ جيڪي به فقير، پالش وارا ۽ ٻيا اهڙا گھٽ ڌنڌا ڪرڻ وارا آهن، اهي سڀُ مسلمان آهن. شهر ۾ پهرين ڏينهن به ڏهه کن سالن جا ٻه ٻار پنندي نظر آيا. ٿورا سانوري رنگ جا هئا. مون سمجھيو ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن ملڪ جا آهن. پڇيومان ته ڪير آهيو....؟ ٺهه پهه چوڻ لڳا: ”مسلمان آهيون.“
کيس ۾ هٿ وجھي ڪجھه دينار ٻاهر ڪڍي ٻنهي کي ڏنم. مون کي خبر ناهي ڇو اهو احساس وڪوڙي ويو ته مون هڪ ثواب جو نه پر گناهه جو ڪم ڪيو آهي. مون هنن کي اهي چند دينار ڏئي وڌيڪ تباهه ٿيڻ ۾ مدد ڪئي آهي، هنن کي پنڻ لاءِ همٿايو آهي. ٻن تندرست انسانن کي محنت مزوري ڪري ڪمائڻ بدران مفت ۽ آسانيءَ سان پئسو هٿ ڪري پيٽ ڀرڻ جو چشڪو ڏنو آهي ۽ سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ههڙي ترقي يافته ۽ امير ملڪ هوندي به ڪا اهڙي انجمن، اهڙِي ڪا خدمتگار سوسائٽي نه آهي جو پنهنجي ئي ملڪ جي ٻارن ۽ نوجوانن کي پنڻ کان هٽائي ڪو باعزت ڌنڌو مهيا ڪري.
يوگوسلاويا، بلغاريا، اسپين ۽ ٻين ملڪن جي مسلمانن جي حالت ۽ اتي جي حڪومتن جو عوام سان ورتاءُ ڏسي هڪ ڳالهه لاءِ اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته اسان پاڪستان الڳ وٺي سٺو ڪيو. هاڻ اسان آزاد آهيون، هر لحاظ کان ــ جسماني ۽ ذهني طرح. لڪي لڪي مسجدن ۾ نمازون نٿيون پڙهڻيون پون. ڊڄي ڊڄي اهو نٿو ٻڌائڻو پوي ته مسلمان آهيون، متان نوڪري کان هٿ ڌوئڻا پون.