انتساب
”ڪرنل ڪومبس“ نالي
ڪرنل ڪومبس عجيب مرد مجاهد هو! مون جهڙا ڪيترائي هن مان بيحد متاثر آهن- ان ڪري نه ته هو ڪو اڇو ڀورو انگريز هو. انگريز ته ڪرنل ڪومبس جي ڏينهن ۾ ٻيا به ڪجهه هئا. پيٽاروبعد ٻين تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ به ڪيترن ئي انگريزن ۽ يورپين سان گڏ ڪم ڪرڻو پيو پر ڪرنل ڪومبس جي ڳالهه ئي ٻي هئي. هڪڙا انگريز اهي هئا جن جو تواريخ ۾ پڙهيوسين ته هنن ڪيئن اسان جي وطن تي حملو ڪيو ۽ ان کي ڦريو لٽيو .... هڪ هي نيڪ انسان هو، جنهن اسان کان وڌيڪ اسان جي ملڪ، صوبي ۽ پيٽارو ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائيءَ سان پيار ڪيو.
هن وقت آئون ڪرنل ڪومبس کي پسند ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هن جي سٺين ڳالهين جو سوچي رهيو آهيان ته آخر هو اسان کي ڇو ٿي وڻي- ته ڪيتريون ئي ڳالهيون ڌيان ۾ اچن ٿيون.
ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسين ڳوٺن کان آيا هئاسين ۽ اڃا اڙدو ئي جهڙي تهڙي سمجھه ۾ آئي ٿي ته مهيني کن بعد پرنسپال جي خالي پوسٽ تي ڪرنل ڪومبس آيو. گھڻو ڪري پرنسپال صاحبان پنهنجو پاڻ کي رڳو پنهجين آفيسن تائين محدود رکندا آهن يا نيم سرڪاري دورن ۾ مشغول هوندا آهن، پر ڪرنل ڪومبس ڪلاسن ۾ گھڙي ڪڏهن انگريزي ته ڪڏهن جاگرافي يا مئٿس پڙهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. سبجيڪٽ ٽيچر کي به اسان سان گڏ ويهاري ڇڏيندو هو. گھڻو گھڻو پوءِ جڏهن آئون هن وٽ ڇهه سال ۽ جهازران اداري مان پنج سال تعليم حاصل ڪري، جهاز ذريعي انگلنڊ پهتس ۽ هن جيلنڊن واري گھر “پيٽارو هائوس” (جنهن کان متاثر ٿي مون به ڪراچي واري پنهنجي گھر جو نالو پيٽارو هائوس رکيو) پهتس، ته هن ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته هن جي ان عمل جو مطلب ڪو ڪلاس روم ۾ دخل اندازي ڪرڻ نه هو پر اسان مان لڄارو پن ۽ گھٻراهٽ ڪڍڻ هو جيئن اسان ۾ اعتماد پيدا ٿئي ۽ بردبار ٿيون ۽ ساڳي وقت ٽيچر (جنهن کي پڻ هن پنهنجي ٻارن وانگر ٿي سمجھيو) کي پڻ احساس ٿئي ته هن جو ڪنهن به وقت احتساب ٿي سگھي ٿو ۽ دل لڳائي پڙهائڻ سان سندس تعريف ۽ واهه واهه ٿيندي، ٻي صورت ۾ هو پنهنجي گِلا ڪڍرائيندو. مٿي لکيو اٿم ته ڪرنل ڪومبس اسان سڀني کي ٻارن وانگر سمجھندو هو پر اها ڳالهه ٻي آهي ته هن کي آخر تائين ڪوبه اولاد نه ٿيو. پيٽارو ڇڏڻ بعد هن جي پهرين زال گذاري ويئي. ان بعد انگلنڊ ۾ هڪ ٻي پوڙهيءَ سان شادي ڪيائين. ان مان به اولاد نه ٿيس. پاڻ ان سان گڏ به ڪيترا دفعا، مرڻ گھڙيءَ تائين پاڪستان گھمڻ ايندو رهيو، جتي سندس اچڻ جو وڏو مقصد پنهنجن شاگردن کي ڏسڻ هو ته هو هن جي چوڻ مطابق نه فقط فوج ۾ ويا آهن، پر ا تي سٺا آفيسر ٿي ڪم ڪري رهيا آهن يا نه.
بهرحال سچي ڳالهه آهي ته شروع وارن سالن ۾ سواءِ شوڪت جماڻي، رفيع ڪاڇيلي ۽ ڪي. جي . اين انصاريءَ جي اسان شاگرد ڪرنل ڪومبس کان ڀڄندا رهندا هئاسين ته متان سامهون نه ملي وڃي ۽ انگريزي ڳالهائڻي پوي. پر ڪرنل ڪومبس به اسان کي ڇڏڻ وارو نه هوندو هو. جيڪو گھڻو شرمائيندو ۽ لهرائيندو هو ان سان ئي گھڻو ڳالهائيندو هو- نه فقط ڪلاس روم ۾ پر شام جو راندين جي ميدان تي. مانيءَ جي ٽائيم تي ميس ۾، پڪنڪ تي وٺي هلڻ مهل نه فقط هو پاڻ پر پوءِ ٻين ٽيچرن تي به زور ڀريائين ته اهي به اسان سان گھڻي کان گھڻي انگريزي ڳالهائين ۽ تعليم کي رڳو ڪلاس روم تائين محدود نه رکن پر ڪلاس روم کان ٻاهر اسان کي اخبارون، رسالا پڙهڻ لاءِ چون ۽ عام معلومات جا مقابلا رکي اسان کي مشغول رکن. انگريزيءَ جا اچار سڌارڻ لاءِ هن پاڻ جهڙا اهڙا انگريز انگلنڊ مان ڳولي گھرايا جن بنا پگھار جي اسان کي پڙهايو ٿي. انهن ۾ هڪ برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪئپٽن هارلي هوندو هو، جيڪو لياقت جتوئي، محسن پنهور، رشيد ابڙي ۽ نصير قاضي جن جي ڪلاس جو ٽيچر پڻ هو ۽ سڄو ڏينهن انگريزي سيکارڻ پويان هو. ان کان علاوه ٻه نوجوان ٽيچر ڪنهن اداري طرفان انگلنڊ مان آيا هئا جن جو پڻ ساڳيو ڪم هو. ان بعد ڪرنل ڪومبس کي ٻه پاڪستاني همراهه به دل وٽان ملي ويا. جن اهو ئي ڪيو ٿي جيڪو ڪرنل ڪومبس چاهيو ٿي. يعني اسڪول جي سبجيڪٽن سان گڏ اسان کي انگريزي ۽ عام معلومات ۾ ڀڙ ڪرڻ، پي ٽي پريڊ ۽ ڊسپلين ۾ چئيوان بنائڻ، فوج ۾ وڃڻ لاءِ ان طرف لاڙو پيدا ڪرڻ، وغيره. اهي هئا: هڪ نيول آفيسر ليفٽيننٽ ڪمانڊر اسرار الله جيڪو پوءِ پرنسپال به ٿيو هو ۽ ڪمانڊر ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ ٻيو آرمي جو نوجوان آفيسر ڪئپٽن عالم جان محسود، جيڪو هينئر ٻه ٽي سال کن اڳ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. مون کي ياد آهي ته وئڪيشن جي ڏينهن ۾ ڳوٺ وڃڻ بدران ڪرنل ڪومبس جي چوڻ تي اسرار الله صاحب اسان شاگردن کي گھٽ ۾ گھٽ 15 ڏينهن منهوڙي جي نيول اڪيڊمي ۾ اچي رهائيندو هو ۽ نيوي جا ادارا ۽ جهاز گھمائيندو هو، جيئن اسان کي نيويءَ ۾ اچڻ جو شوق ٿئي. هڪ دفعو ته “سي اسڪائوٽن” جي جمبوري ڏيکارڻ لاءِ سڄي انڊيا ۽ ايسٽ پاڪستان ريل رستي گھمايائين. ساڳيو حال عالم جان محسود صاحب جو هو. هڪ دفعي (جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ هئاسين) ته عالم جان صاحب سڄو سال اسان کي پنهنجو پاڻ ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو پابند ڪري ڇڏيو. هاسٽل جي ڪمرن ۾ ته لڪي لڪي سنڌي يا اڙدو ڳالهائيندا هئاسين، پر پريڊ گرائونڊ يا ڪلاس روم ۾ ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اٺ آنا ڏنڊ هوندو هو.
ڪرنل ڪومبس جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيو، تڏهن فقط ٻه ڪلاس هئا ۽ ٻنهي ڪلاسن جا جملي ڪئڊٽ ستر کن مس هئاسين. کيس اسان سڀني جا نالا آيا ٿي. اها اسان لاءِ وڏي مصيبت هوندي هئي. هڪ دفعي جمعي جي نماز بعد مسجد جي ٻاهران رضا شيخ (ڊينٽل سرجن)، شبير لغاري (ٽيليفون کاتي واري) ۽ مون ڏينڀن جي ککر کي ڀتر پئي هنيا. ڪرنل ڪومبس خبر ناهي ڪٿان اسان کي ڏسي ورتو ۽ اسان جي هائوس ماستر کي فون ڪري اسان کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ چيو. هائوس ماستر اسان کي گھرائي دڙڪا ڏنا، اسان گھڻو ئي ڪوڙ ڳالهايو ته ڪرنل ڪومبس صاحب ڪنهن ٻئي کي ڏٺو هوندو پر هائوس ماستر عبدالله خادم حسين صاحب (هاڻ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري) چيو ته نه سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻي ڪنهن کان غلطي ٿي سگھي ٿي پر ڪرنل ڪومبس کان هرگز نه.
اڳتي هلي هر سال ڪلاس وڌندا ويا ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ويو، جڏهن ستين کان ٻارهين تائين ڪلاس ٿي ويا ۽ شاگردن جو هڪ ئي وقت تعداد ٻه سئو کان به مٿي ٿي ويو ته به ڪرنل ڪومبس کي سڀني جا نالا آيا ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ڪن نالن جا اچار غلط وٺندو هو، جيئن الطاف بدران مون کي “الٽاف” چوندو هو، پر واقف سڀني کان رهيو ٿي.
ڪرنل ڪومبس کي هر وقت اسان شاگردن جو فڪر هوندو هو. بقول مرزا بشير چاند (هينئر واپڊا ۾ ايس. اي.) جي: “ڪرنل ڪومبس کي نه آهن ٻار ۽ نه گھمڻ جو شوق. سڄو ڏينهن اسان جي پٺيان آهي. پڙهو، پڙهو. وري پڙهون ٿا ته رانديون به کيڏو. پي . ٽي پريڊ به ڪريو. لئبرري ۾ به وڃو. اخبارون به پڙهو. ڪُئيز ۽ جنرل ناليج جي مقابلن ۾ به حصو وٺو. تقريرون ۽ بحث مباحثا به سڀ ڪريو. موڪلن ۾ به جان نٿو ڇڏي. انهن جو به اڌ سندس مرضي موجب گھمڻ وڃون ٿا. باقي اڌ موڪل لاءِ ايڏو هوم ورڪ ۽ ڪاليج مئگزين لاءِ مضمون لکڻ لاءِ ڏئي ٿو ڇڏي جو پنهنجي مرضيءَ مطابق ته ڪجھه به نٿا ڪري سگهون.”
هونءَ اڪثر شاگرد پنهنجن ماسترن جون ڪوڙيون سچيون شڪايتون مائٽن سان ڪري رليف حاصل ڪندا آهن، پر اسان جي پرنسپال ڪرنل ڪومبس کان اسان جا مائٽ به ڊڄندا هئا جو هو انهن کي به دڙڪا ۽ سمجھاڻيون اهڙيءَ طرح ڏيندو هو جو هو مطمئن ٿي ويندا هئا. آئون مئٽرڪ ۾ هوس ته منهنجي ڀيڻ جي شادي ٿي رهي هئي. ڪرنل ڪومبس مون کي هڪ ڏينهن جي به موڪل نه ڏني. منهنجو پيءُ تن ڏينهن ۾ وليج ايڊ ڪاليج ٽنڊو ڄام جو پرنسپال هو. هو منهنجي موڪل لاءِ پاڻ پرنسپال وٽ هلي آيو پر ڪرنل ڪومبس صاف صاف بابا کي چيو “ ان ۾ ڇوڪري جي پڙهائيءَ ۾ رخنو ايندو ۽ توهان پاڻ پرنسپال ٿي ڪري اهڙي ڳالهه جي همٿ افزائي نه ڪريو.”
ڪرنل ڪومبس جتي سختي ڪندو هو (اڳتي هلي جڏهن مٿين ڪلاسن ۾ پهتاسين ته ڪاليج مان ڀڄڻ يا سگريٽ پيئڻ جهڙن ڏوهن لاءِ ڪيننگ به شروع ڪئي هئائين)، اتي ڀائيندو پڻ هو. ماني ٽڪي يا رهائش جو مسئلو هجي يا اگھائي سگھائيءَ جو. سڀ کان وڏو مائٽ ڪرنل ڪومبس هوندو هئوسين. ڪيترا ڳوٺن کان آيل شاگرد ڪاليج جي ڪموڊ سسٽم ڪاڪوسن کان اڻ واقف هجڻ ڪري ڪموڊن جون مٿيون پلاسٽڪ جون سيٽون ڀڃي رکندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن اسيمبليءَ ۾ ڪرنل ڪومبس اسان کي سمجايو ته ڪموڊ تي ڪرسيءَ وانگر ٿي ويهو. پر ته به نتيجو ڪو خاطر خواه نه نڪتو. هڪ ڏينهن اسيمبليءَ لاءِ جڏهن قطارن ۾ بيهڻ لڳاسين ته ڏسون ته پرنسپال جي بيهڻ واري هنڌ تي هڪ ڪموڊ رکيو آهي. اسان سمجھيو ته ڪنهن پرنسپال کي چيڙائڻ خاطر ڪاڪوس مان ڪموڊ ڪڍي اچي هتي رکيو آهي ۽ ڪرنل ڪومبس جيڪو هاڻ ڄاڻ ته پهتو اهو ڏسي پڪ ڪاوڙ ڪندو. ساڳي سوچ جو اظهار آيل ڪلاس ٽيچر به ڪري رهيا هئا ته مٿان ڪرنل ڪومبس اچي ڪڙڪيو. پر هن جي منهن تي ڪنهن به قسم جا جذبا نه هئا- نه ڪاوڙ جا نه تعجب جا. روز مطابق ڪئڊٽ خالد درانيءَ قرآن جي تلاوت اچي ڪئي، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هميشه وانگر ڪرنل ڪومبس ڪيو (باءِ دي وي ڪرنل ڪومبس کي عربي لکڻ پڙهڻ پڻ آئي ٿي، جيڪا هن چار سال کن سوڊان ۾ رهڻ دوران سکي هئي)، ترجمي بعد ڪالج جا ڊيلي آرڊر ٻڌائي پوءِ ڪموڊ وٽ آيو ۽ ان تي ڪرسيءَ وانگر ويهي چيو: “هن تي هينئن ويهندا ڪريو.” ۽ پوءِ وري ان مٿان چڙهي ويٺو جيئن پير زمين تي رهڻ بدران ڪموڊ جي پلاسٽڪ واري سيٽ تي رهن ۽ چوڻ لڳو، “مهرباني ڪري هن تي ائين نه ويهو. ائين ويهڻ سان ڪموڊ جي هيءَ پلاسٽڪ جي سيٽ ڀڄي پوندي.”
ڪرنل ڪومبس لاءِ آفيس ٽائيم مقرر نه هوندا هئا. اسان ڪاليج ۾ گھڙندا هئاسين ته اسان کان اڳ هو آفيس ۾ هوندو هو ۽ موڪل مهل هن کي آفيس ۾ ئي ڇڏي ايندا هئاسين. آچر (موڪل) تي به هو آفيس ۾ ئي رڌل هوندو هو. هڪ دفعي اهڙي موڪل واري ڏينهن تي اسان ڪجھه ڪئڊٽ سندس آفيس جي پويان ڇانوَ ۾ (هيءَ ميرپورخاص وارن شروع جي ٻن سالن جي ڳالهه آهي ۽ اسين اٺين ڪلاس ۾ هئاسين) ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين ۽ رکي رکي بال سندس آفيس جي ڀِت کي لڳي رهيو هو. هي ڪو آفيس ۾ ويٺو هو پر اسان کي خبر ئي نه پئي. ڪلاڪ کن رکي هي آفيس کي لاڪ ڪري اسان جي پٺيان آيو. اسان جيئن ئي کيس ڏٺو ته بئٽ بال ڇڏي وٺي ڀڳاسين. پٺيان بشير ميمڻ (ڏيپلي جي مُکي احمد علي ميمڻ وڪيل صاحب جو فرزند، هاڻ پي ڊبليو ڊي ۾ ايس. اي آهي) تنهن کي سڏ ڪيائين. اسان چيو شريف ماڻهو ڦاسي ويو. ٿوري دير کانپوءِ بشير ميمڻ کلندو آيو ته ڪرنل ڪومبس سڀني کي سڏي پيو ۽ چوي ٿو ته ڊڄو نه، ڀلي کيڏو ۽ جيڪو وڏي شاٽ هڻندو (جنهن سان بال مٿي آفيس جي دريءَ جو شيشو ڀڃي رکي) ان کي انعام ڏيندس. اسان سڀ موٽي آياسين. سڀ خوش هئاسين ته شيشو ڀڄي يا نه پر اسان کي راند جي موڪل ملي وئي ۽ تعجب جي ڳالهه ته هڪ شاٽ بشير بلوچ (يا شايد سندس وڏي ڀاءُ شمس بلوچ) اهڙي هنئي جو شيشو ڀڄي پيو. ٻئي ڏينهن ڪرنل ڪومبس کيس ڪئڊبري چاڪليٽن جو وڏو دٻو ڏنو، جيڪو انگلنڊ مان کيس ڪنهن موڪليو هو.
ڪرنل ڪومبس ڏسڻ ۾ ڳاڙهو- بلڪ گلابي سرخ، منهن ڀريل، آمريڪن فلمن جي شئرف وانگر وڏين مڇن وارو هو. چانهه تمام گھڻي پيئندو هو. ڪنهن پڇيس سر توهان روزانو ڪيترا ڪوپ چانهه پيئو ٿا؟ وراڻيائين :
“Don’t ask me about cups, ask me about kettles”
پاڻ خوش مزاج طبيعت جو هو. هر وقت چرچا ڀوڳ ٻڌائيندو رهيو ٿي، جيتوڻيڪ سندس زندگي ننڍپڻ کان وٺي ڏکن جو داستان رهي هئي. هونءَ آفيس ۾ سنجيدو هوندو هو پر ميس ۾ ۽ راندين جي گرائونڊ تي هميشه سندس منهن تي مُرڪ هوندي هئي. ڪاليج جي ليڪچرارن کان وٺي ڪئڊٽن ۽ اسٽاف ميمبرن سان چرچا ڪندي نه گسائيندو هو ۽ اسان جو ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرار الله جنهن کي N. O. (يعني نيول آفيسر) سڏيندا هئاسين، اهي ته ورنديءَ ۾ ساڻس به چرچا ڪندا هئا، جنهن مان هو لطف اندوز ٿيندو هو.
هڪ دفعي نيويءَ جو سي. اين. سي ائڊمرل اي. آر. خان پيٽارو آيو ۽ منجھند جي ماني اسان سان کاڌائين. اسان انهن ڏينهن م انٽر (ٻارهين ڪلاس) ۾ هئاسين. مين ٽيبل تي پرنسپال، ائڊمرل اي. آر. خان ۽ مختلف هائوس (هاسٽلن) جا انچارج J. U. O (هڪ قسم جا مانيٽر) ويٺا. آءٌ لياقت هائوس جو “جي. يو. او” هوس ۽ مون کي چيف گيسٽ جي ڀر واري سيٽ ملي هئي. مانيءَ دوران ائڊمرل صاحب انگريزيءَ ۾ مون کي چيو ته هر ڪاليج ۾ چرچائي مڙس يا مسخرو هوندو آهي، توهان جي ڪاليج ۾ ڪو آهي؟ مون جواب ۾ “نه” (يعني NO) چيو.
تنهن تي ائڊمرل صاحب تعجب مان ڪرنل ڪومبس کي چيو، “ڇا واقعي ڪير به نه آهي؟” ڪرنل ڪومبس کلندي وراڻيو: “ڪئڊٽ الطاف توهان کي هڪ همراهه لاءِ ٻڌائي ته رهيو آهي.”
“نه. هي ته جواب ۾ No پيو چوي.” ائڊمرل صاحب چيو.
“اهو ئي ته ان همراهه جو نالو NO آهي،” ڪرنل ڪومبس کلندي چيو، “الطاف هن جو سڄو نالو ٻڌائيندي ڊڄي ٿو.”
اهو ٻڌي آءٌ گھٻرائجي ويس ته ڪرنل ڪومبس الائي ڪنهن لاءِ پيو سمجھي.
ائڊمرل چيو: “ڪرنل صاحب مون نه سمجھيو.”
“الطاف NO پيو چوي يعني نيول آفيسر. يعني توهان طرفان موڪليل ڪمانڊر اسرار الله. هاڻ اهو توهان جي ڪميونٽيءَ (نيويءَ) جو ماڻهو آهي، ان ڪري ان جو سڄو نالو وٺندي ڊڄي ٿو.”
ائڊمرل سان گڏ سڀني ٽهڪ ڏنا. واقعي ڪاليج ۾ سڀ کان گھڻو چرچائي مڙس اسان جو اين. او_ نيول آفيسر اسرارالله هو. ائڊمرل صاحب کي به اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سندن اداري جي موڪليل نمائندي کي هن ڪاليج۾ سڀ ڪو پسند ڪري ٿو. ان ئي وقت ڪرنل ڪومبس ائڊمرل صاحب کي اسرار الله صاحب لاءِ ٻه سال وڌيڪ ڪاليج ۾ رهڻ(Extention) لاءِ عرض ڪيو.
ڪرنل ڪومبس جون ٻيون سڀ ڳالهيون سٺيون پر اسان کي نه موڪل ڪرڻ ڏيندو هو ۽ نه پيرڊ گسائڻ ڏيندو هو. هڪ دفعي اسان کي خبر پئي ته ٻين اسڪولن ڪاليجن ۾ قائد اعظم جي وفات جي ڏينهن تي موڪل ٿئي ٿي پر اسان کي پيٽارو ۾ موڪل نٿي ڏني وڃي. انهن ڏينهن ۾اسان فرسٽ ايئر ۾ هئاسين ۽ ڪرنل ڪومبس سان مڙيئي هاڻ بحث ڪرڻ جي همٿ پيدا ٿي چڪي هئي. ڊيليگيشن جي صورت ۾ هن وٽ موڪل جو اعلان ڪرڻ لاءِ پهتاسين ته، “سائين هي ڇا آهي، اسان ههڙي ڀلاري ڏينهن تي به ڪم ڪريون ٿا.” پاڻ سڄي ڳالهه غور سان ٻڌي اسان کان سوال ڪيو: “جي توهان ان ڏينهن تي به ڪلاس اٽينڊ ڪريو ٿا، پي ٽي پريڊ ڪريو ٿا ته ان ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟”
اسان ان سوال جو جواب ته پهرين سوچي نه ويا هئاسين. بهرحال اسان مان هڪ، ڪئڊٽ شفيق الرحمان چنا پنهنجي سمجھه آهر جواب ڏنو ته “سائين ان ڏينهن تي ڪم ڪنداسين ته اسان جي قوم جي ابي جناب قائد اعظم جي روح کي تڪليف پهچندي.”
“نه. هرگز نه.” ڪرنل ڪومبس وراڻيو. “هن جي روح کي يقين ڪريو ته تڪليف نه پر راحت رسندي ته هن جي قوم جا نوجوان موڪلون ڪري وقت وڃائڻ بدران محنت ڪري رهيا آهن. ڇا توهان جناح صاحب جي بايوگرافي نه پڙهي آهي ته هن هر وقت اها ئي تلقين ڪئي ته ڪم، ڪم ۽ ڪم ڪريو؟”
اسان چُپڙي ڪري ٻاهر هليا آياسين.
هڪ دفعي ته سالياني پروگرام موجب هڪ موڪل واري ڏينهن تي ڪرنل ڪومبس اسان مٿين ڪلاس وارن (يعني فرسٽ ييئر ۽ انٽر ڪلاس وارن) کي موڪل ڪرڻ بدران امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ ڪلاس روم ۾ اچي پڙهڻ لاءِ گھرايو. اسان مان مانيٽر ٽائيپ ڪئڊٽن (J.U.Os) هن جي آفيس ۾ وڃي کيس عرض ڪيو ته سائين اهو ڏينهن موڪل ئي رهڻ ڏيو. بهرحال ڳالهه نه مڃيائين. موڪل نه ڪيائين. کيس مڃرائڻ لاءِ يا هڪ ٻئي کي قائل ڪرڻ واري بحث ۾ سندس هڪ جملو مون کي اڃا تائين ياد آهي. جڏهن اسان چيس ته: “سائين توهان ئي ته ساليانو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو آهي جنهن ۾ اهو ڏينهن موڪل جو رکيو آهي ۽ هاڻ توهان پروگرام ٿا بدلايو.” ان تي وراڻيائين: “پروگرام بدلائڻ ۾ ڇا آهي؟ منهنجو پروگرام ڪو قرآني آيتون ته نه آهن جو ڦير ڦار نه آڻجي.” ۽ پوءِ چانهه جو وڏو ڍُڪ ڀري چيائين، “جڏهن ملڪ جو آئين بدلجي سگھي ٿو ته منهنجو ٺهيل شيڊول ڪهڙي ڳالهه آهي. هاڻ هلو.” ۽ اسان وري چپڙي ڪري موٽي آياسين.
ڪرنل ڪومبس جي هتي هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جيڪا اڄ جي شاگرد ۽ والدين لاءِ وڏي سوچ رکي ٿي. اسان جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتاسين ته اونهاري جي موڪلن ۾ اسان کي ٻئي هوم ورڪ سان گڏ ڪرنل ڪومبس هڪ مضمون لکي اچڻ لاءِ چيو هو، جنهن جو عنوان ڪجهه هن ريت هو ته اسان جو زندگيءَ ۾ ڇا Aim آهي - يعني اسان مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ چاهيون ٿا.
ڇا ٿيڻ چاهيون ٿا؟ اڄ به آئون ڳوٺ جي ڇوڪرن کان پڇندو آهيان ته اهو ئي جواب ڏيندا آهن جيڪو اسان اڄ کان چاليهه سان اڳ ڏنو ٿي ته “جيڪي قسمت ۾ هوندو.” سو اسان به مضمون ۾ ڇا لکون. هڪ هونءِ ئي هوم ورڪ ڪرڻ کان ٻرو چڙهيو ٿي، ٻيو ڪجھه عنوان اهڙو، جنهن لاءِ اسان وٽ ٻار کي تيار نه ڪيو ويندو آهي ۽ ويتر مائٽن کان به پڇيوسين ته انهن به اهوئي چيو: “بابا اها به ڪا ڳالهه! جيڪي قسمت ۾ هوندو اهو ٿبو. اهي ايندڙ وقت جون ڳالهيون هينئر ڪي سوچبيون ڇا؟”
نتيجي ۾ مون جهڙن اڌ کان مٿي ڪلاس ميٽن ڪجھه نه لکيو ۽ پوءِ ڪاليج کلڻ تي ۽ ڪرنل ڪومبس جي پڇڻ تي ٻه چار ڪلاس ميٽ اهو لکي آيا هئا ته اسين انجنيئر ٿينداسين، فوجي ٿينداسين، پائليٽ ٿينداسين. باقي اسان ٻين نه لکڻ جو اهو ئي سبب ڏنو ته سائين اسان کي خبر ناهي، جيڪي اسان جي قسمت ۾ هوندو، اهو ئي ٿينداسين.
ڪرنل ڪومبس اسان جا اهي جواب ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ اسان ٽي ڏينهن اس ۾ ايڪسٽراڊرل جي سزا ان ڏوهه ۾ کائيندا رهياسين ته ايڏا سست ۽ نڪما آهيون جو مستقبل قريب جي لاءِ به پلاننگ نٿا ڪري سگھون! انٽر ڪرڻ ۾ باقي وڃي ٻه سال بچيا آهن ۽ نه اسان جي مائٽڻ ۽ نه اسان پاڻ پنهنجي دماغ ۾ اهو وڌو آهي ته اسان کي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، ڇا ٿيڻو آهي! جيڪي ڇوڪرا ان عنوان تي مضمون لکي آيا هئا ڪرنل ڪومبس انهن مان به فقط انهن کي معاف ڪيو جن تفصيلي مضمون لکيو، باقي جن مثال طور فقط ائين لکيو ته “اسان کي ننڍي هوندي کان هوائي جهاز هلائڻ جو شوق آهي. اسان پائليٽ ٿينداسين. پائليٽ جو پگھار گھڻو آهي يا پائليٽ دنيا گھمي ٿو وغيره وغيره.” ته انهن تي به ڪرنل ڪومبس سخت ڪاڙيو ته رڳو توهان جي شوق ۽ لکڻ سان پائليٽ نه ٿيندائو. پهرين ته اهو لکو ته جيڪي توهان ٿيڻ چاهيو ٿا ان جي ضرورت آهي. ملڪ جون اهڙيون حالتون آهن جو ايترا هوائي جهاز هوندا جن لاءِ پائليٽ ٿيڻ چاهيو ٿا يا ايترا انجنيئرنگ جاب هوندا جو توهان سڀ سول انجنيئر ٿيڻ چاهيو ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته توهان پائليٽ، انجنئير، فوجي يا جيڪي ڪجھه ٿيڻ چاهيو ٿا، ان لاءِ توهان کي ڇا ڇا محنت ڪرڻي پوندي، پنهنجي صحت برقرار رکڻ ۽ مضبوط جسم بڻائڻ لاءِ توهان ڇا ڇا ڪندائو، اهو ته لکيو نه اٿانوَ؟”
سچي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به اها جاهليت هلندي اچي ته سڪيلڌي پٽ لاءِ مائٽ چوندا وتندا ته هي پائليٽ ٿيندو يا فلاڻي شيءِ ٿيندو پر ان لاءِ کين ۽ سندن ٻار کي ننڍي هوندي کان ڪهڙي محنت ڪرڻ کپي يا ان جي ملڪ کي ضرورت به آهي يا نه_ ان جو نه سوچيندا. نتيجي ۾ اڄ هزارين نوجوان انجنيئري اهڙين برانچن ۾ ڪريو ويٺا آهن جن جي ضرورت ناهي. هزارين ڊاڪٽري، ايم بي اي ڪريو ويٺا آهن پر نوڪري آهي ڪونه. هوائي جهازن جا سوين پائليٽ ٿيو ويٺا آهن پر جهاز لڀن ئي ڪونه. نوڪري ڪونهي، روزگار ڪونهي. هاڻ ويٺا سوچين ته هيڏا قرض کڻي ڊاڪٽري يا انجنيئري پڙهڻ بدران ويلڊنگ، واڍڪي يا ڪار مرمت جي مڪينڪي ڪجي ها ته اڄ قرض بدران بچت هجي ها ۽ انڌو منڊو دڪان هجي ها ته ڪنهن ٻئي مائٽ مٽ کي به روزگار ۾ لڳائي سگھجي ها.
ڪرنل ڪومبس ڇهه سال کن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ رهيو، يعني مون وارو سمورو وقت. اسان ڪڏهن به هن کي ڪنهن جي طرفداري ڪندي نه ڏٺو. چاهي ڪو وڏي آفيسر جو پٽ هجي، چاهي ڪنهن هاري، ڊرائيور جو. هن جي نظرن ۾ سٺو ڪئڊٽ (شاگرد) اهو هوندو هو، جيڪو محنت ڪري. جيڪڏهن ڪو پڙهائي يا راندين روندين ۾ ڪمزور هوندو هو ته ان کي ڌڪارڻ بدران ان جي ڪمزوريءَ جا سبب ڳولي ان کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پڙهائيءَ ۾ ڪمزور شاگردن لاءِ انهن جي ڪلاس ٽيچرن کي کين ٽيوشن پڙهائي ڀڙ ڪرڻ لاءِ چوندو هو. جسماني طرح ڪمزور کي ميس طرفان روزانو اڌ سير وڌيڪ ميوي يا کير لاءِ به چوندو هو. ميس يا مائٽن طرفان فنڊ نه هوندا هئا ته خبر ناهي ڪهڙن قومي ۽ بين الاقوامي ادارن کان اسڪالرون وٺرائي ڏيندو هو. هالينڊ جي هڪ ڪمپني کي کير لاءِ چيائين ته شاگردن کي مهيا ڪري. انهن ڏينهن ۾ “پائوڊر مِلڪ” پيئڻ جو نه ڪلچر هو نه عادت. يارهين بجي واري رسيس ۾ اسان کي اهو کير پيئڻ لاءِ ڏنو ويندو هو پر تمام ٿورا پيئندا هئا. ڪرنل ڪومبس اسان کي سمجھايو ته اهو کير هالينڊ جي هڪ تمام مشهور ڊچ ڪمپنيءَ جو ٺهيل آهي ۽ پيئڻ ۾ اسان جو فائدو آهي. ان سان گڏ ميس وارن کي چيائين ته ان کير ۾ روح افزا وجھي ملڪ روز ٺاهي ڏين. جيئن هي ڇوڪرا ضرور پيئن.
منهنجي لکڻ جو مطلب فقط اهو آهي ته اڄڪلهه مائٽ به اولاد جو ايڏو خيال نٿو رکي، جيترو هي هڪ ڌاريو ٿي ڪري شاگردن لاءِ ڪندو هو. ساڳي وقت ڊسيپلين رکڻ ۾ پڻ سخت هو. معمولي غلطي تي به هڪدم والدين کي گھرائي تنبيهه ڪندو هو ته پنهنجي ٻار کي سمجھايو نه ته آئون ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيندوسانس ۽ پوءِ هڪ دفعو ڪاليج مان ڪڍڻ بعد دنيا ڀلي اٿلي پوي پنهنجا آرڊر واپس نه وٺندو هو. ها! فقط هڪ دفعو واپس ورتا هئائين_ سو به وڏي مشڪل سان. ڪاليج جي آخري سال ۾ هڪ ڏينهن راندين تان موٽندي ڳالهين ڪندي سڀني کي اچي خيال ٿيو ته ٺوڙ ڪرائجي. سڀني هائوڪار ڪئي ۽ بنا ڪنهن پهرين جي رٿيل پروگرام يا شرارت جي، ائين ئي اسان اهو ارادو ڪيو ۽ حجام کي ٺوڙهه ڪرڻ لاءِ چيوسين. اسان ڪل ارڙهن ڄڻا هئاسين. حجام هڪ ٻئي پيان ٺوڙه ڪندو ويو. تاج بگٽي، شوڪت جماڻي، اظهر عباسي (قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جو فرزند) ميرپور خاص جو مرحوم عبدالرحمان ميمڻ، غلام حسين چانڊيو، خالد محمود، غلام محي الدين ۽ نياز وغيره.
يارهن کن ڄڻن جي ٺوڙهه ٿي بس ٿي ته اتي حجام وٽ پرنسپال طرفان ماڻهو آيو ته ڪئڊٽن کي ٺوڙهو نه ڪر ۽ جن ٺوڙهه ڪرائي آهي انهن کي پرنسپال ڏي موڪل. مون سميت باقي چار پنج ڄڻا ٺوڙهه ڪرائڻ کان رهجي وياسين. جنهن جو ان وقت اسان کي افسوس ٿيو، پر پوءِ ٿوري دير بعد خبر پيئي ته جن يارهن ڄڻن ٺوڙهه ڪرائي، انهن کي پرنسپال ٽپڙ ٻڌڻ ۽ ڪاليج هڪدم ڇڏڻ لاءِ چيو آهي. اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين. در اصل اسان جي دل ۾ ڪجھه به نه هو پر اسان جو انگريز پرنسپال ان قسم جي ڳالهه کي هڪ احتجاج يا داداگيري سمجھي ڪاوڙجي پيو. جن ٺوڙهه ڪرائي انهن کي شام جو ئي پنهنجنڳوٺن ڏي روانو ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ويجھن شهرن وارن ڪئڊٽن جا والدين پهچي ويا پر ڪرنل ڪومبس هڪ جي به ڳالهه نه ٻڌي. پاڻ قاضي عابد صاحب جو ڏاڍو خيال ڪندو هو، جو قاضي عابد توڙي سندس ڀاءُ قاضي اڪبر صاحب (جنهن جو فرزند بشير پڻ اسان جو ڪلاس ميٽ هو) ڪاليج جي تمام گھڻي مدد ڪندا هئا. پر ان معاملي ۾ ڪرنل ڪومبس قاضي عابد صاحب جي به نه ٻڌي. ان بعد ڪيترن ڇوڪرن جا مائٽ وري قاضي عابد صاحب وٽ پهتا ته ڪجھه ڪيو وڃي. قاضي عابد صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي سفارش لاءِ چيو، جنهن جي فون بعد مس مس ڪرنل ڪومبس راضي ٿيو ۽ پوري هفتي بعد ڪاليج کان ڪڍيل ٺوڙهن ڪئڊٽن کي واپس گھرايو ويو.
انهن ڏينهن ۾ ڪاپي ڪلچر نه هو. پڙهائي سخت هئي، ڪلاس ۾ تقريباً سڀني جو سٺو سيڪڙو ايندو هو، ته به ڪرنل ڪومبس چوندو هو : “آئون رڳو توهان جي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي نٿو رکان. آءُ توهان کي هر ڳالهه ۾ سٺو ۽ ڪامياب انسان ڏسڻ چاهيان ٿو. رانديون، پي ٽي پريڊ، ڳالهه ٻولهه، عام معلومات، اخلاق- هر ڳالهه ۾ توهان سٺا ۽ محنتي ماڻهو ٿيو.”
ڪرنل ڪومبس ڪاليج ڇڏڻ بعد انگلينڊ مان لکيل هڪ خط ۾ پڻ ان ڳالهه کي ورجايو آهي:
“I decided to produce a good cadet college and to produce youngmen who were more concerned with the ‘Code of Honour’ and being sympathetic human being than to obtain 1st Division. I was not concerned about academic results simply but about ‘Real Men’.”
ڪرنل ڪومبس کي هروقت اهو اونو هوندو هو ته اسان ڪاليج ڇڏڻ بعد فوج ۾ وڃون. هڪ دفعي ميس ۾ ڳالهين ڪندي مون چيو: “سڀني ڪاليجن ۾ بايولاجي به پڙهائي وڃي ٿي، اسان جي ڪاليج ۾ فقط مئٿس.” پاڻ وراڻيائين:
“ڪئڊٽ ڪاليج جو مقصد ئي اهو آهي ته هتي مئٿس ۽ ملٽري ٽريننگ (پي ٽي، پريڊ، شوٽنگ وغيره) رکي وڃي، جيئن هتان نڪرڻ بعد- خاص ڪري سنڌي شاگرد فوج ۾ وڃن جو پاڪستان جي فوج ۾ سنڌي تمام گھٽ آهن.”
افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل هجڻ ڪري اسان جا اڌ کان وڌيڪ ڪئڊٽ، خاص ڪري سنڌي، فوج ۾ وڃڻ بدران ڊاڪٽر پيا ٿين جيڪو هو ٻين ڪاليجن مان به پڙهي سگھن ٿا، نه وري هينئر ڪئڊٽ ڪاليج ۾ فوج ۾ وڃڻ لاءِ هنن جي ايڏي همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي، جيتري ڪرنل ڪومبس يا ان جي ڏينهن جا ماڻهو: ڪمانڊر اسرار الله صاحب يا ڪئپٽن عالم جان محسود ڪندا هئا.
ڪرنل ڪومبس کي نه فقط اسان شاگردن جو پر پيٽارو جي ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جو پڻ ڏاڍو خيال هوندو هو. هن ڳوٺاڻن لاءِ تعليم بالغان شروع ڪرائي. هنن جي بهبوديءَ لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا. ڪاليج ۾ مالهي، چوڪيدار يا ڪنهن ڪم واري جي ضرورت پوندي هئي ته هو پهرين ترجيح ڳوٺ جي ماڻهن کي ڏيندو هو. ڳوٺ جي وڏيري توڙي غريب غربي کي گھرائي سندس مسئلن جو ويچار ۽ حل ڳوليندو هو. اسان کي تعجب لڳندو هو ته هي انگريز ماڻهو موڪل وارن ڏينهن تي ڳوٺ جي ماڻهن کي وٺيو ويٺو آهي۽ هر وقت هنن جو فڪر لڳو رهيس ٿو. پر پاڻ چوندو هو: “جتي رهو اتي جي مڪاني ماڻهن جي خوشحاليءَ جو به سوچيو. اسان هتي هيڏو ڪاليج هلايون ۽ ويندي ڇٻر کي به نل ذريعي پاڻي ڏيون ۽ هي سڏ پنڌ تي رهندڙ ڳوٺاڻا واٽر ڪورس جو مٽيءَ هاڻو پاڻي پيئن، روشنيءَ لاءِ چونجھا ڏيا ٻارين. معمولي نوڪريءَ لاءِ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڏورانهن شهرن ڏي وڃن– سٺي ڳالهه ته نه آهي.”
ڪرنل ڪومبس 1906ع ۾ انگلينڊ ۾ڄائو. سندس زندگي بقول منهنجي روم ميٽ ڪئڊٽ (هاڻ ڪموڊور) اشفاق بيگ جي “هڪ غريب جي مختصر ۽ ڏک جي تواريخ آهي.” پاڻ اڃا پنجن سالن جو هو ته سندس ماءُ گذاري ويئي. سندس پيءُ گرنسي (Gurnsey) ٻيٽ _ جيڪو انگلينڊ جي Channel Islands جو ٻيو نمبر وڏو ٻيٽ آهي، تي فشرمئن _مڇيون ڦاسائي وڪڻندو هو. ڪرنل ڪومبس کي گرنسي جي ايلزبيٿ ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي، جنهن لاءِ هو روزانو گھر کان چار ميل پنڌ ڪري ويندو هو ۽ اهڙا چار ميل واپس پنڌ جا ڪندو هو. هو صبح جو ستين بجي گھر ڇڏيندو هو ۽ سڄي ڏينهن جي پڙهائي، پريڊ، راندين بعد گھر موٽندو هو ته رات جا اٺ ٿي ويندا هئا. هڪ اهو به سبب هو جو پيٽارو ۾ جڏهن اسان صبح جو پي ٽيءَ تي سيءَ جون دانهون ڪندا هئاسين ته پاڻ پنهنجو مثال ڏيندو هو ته انگلنڊ ۾ ڪيڏي سيءَ ۾ پاڻ اهي سڀ ڪم ڪندو هو. “توهان خوش نصيب آهيو،” اسان جي هر وقت همٿ افزائي ڪندي چوندو هو “ته توهان کي ڪاليج اچڻ لاءِ پنڌ نٿو ڪرڻو پوي، رات جو سمهڻ کان اڳ ۽ صبح جو اٿڻ ساڻ پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ملي ٿو. هي پي ٽي. پريڊ، رانديون، ڊسيپلين توهان کي سخت جان بڻائيندو، جنهن جو قدر توهان کي اڳتي هلي ٿيندو.”
ڪرنل ڪومبس کي اسان (خاص ڪري اسين شروع جي سالن وارا) اهو ئي چوندا هئاسين ته ڪاليج ۾ ايڏي پي ٽي، پريڊ ڇو ٿي ڪرائي وڃي. 1963ع ۾ ڪاليج ڇڏي انگلينڊ وڃڻ بعد 1971ع ۾ جڏهن هو پاڪستان آيو هو ته اسان (پيٽارو جي پراڻن شاگردن) طرفان ڏنل ڊنر ۾ تقرير ڪندي چيو هئائين:
“And some of you ask: ‘What a worth while about this kind of parade?” To this I reply, ‘The precision of preparation with its meticulous attention to the detail of turn out, dress and bearing, inculcates the habit of mind and body which becomes automatic through out life, of paying attention to details. And the man who does this, is more likely to achieve success than the man who doesn’t.
“That this is so, is illustrated by the kind of conversation one may over-hear in the streets of Karachi and Hyderabad. ‘Who are those smart looking young men over there?”
“Oh! They are so and so’s sons, Petaro boys! you know?”
“May that sort of remark always apply to you and may you leave this college proud to have been here and carry the stamp of Petaro with you throughout life. If you do, you will have done well.”
ڪرنل ڪومبس پنهنجن ڏينهن ۾ راندين ۾ به هوشيار هو ۽ پنهجي ايلزبيٿ ڪاليج جي هاڪي، فٽ بال ۽ ائٿليٽڪ ٽيم جو ڪئپٽن هو. اسان لاءِ به رانديون ڪڏهن به معاف نه ٿيون. رمضان ۾ به رانديون کيڏڻيون پونديون هيون.سندس هر وقت سرڪار سان جھيڙو راندين جي گرائونڊن لاءِ هو. هڪ دفعي سيد غلام مصطفيٰ شاهه (1961ع ڌاري)، جڏهن هو شايد سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري هو يا شايد ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن، ڪرنل ڪومبس کان پڇيو: “ڪرنل صاحب! توهان وٽ پنج گرائونڊ موجود آهن، آخر توهان ڪيترا ٿا چاهيو ته هجڻ کپن؟”
“فقط ٻارهن.” ڪرنل ڪومبس تحمل سان جواب ڏنو.
“ٻارنهن! ايترا ميدان!” شاهه صاحب تعجب مان پڇيو.
“ها. بلڪل. مون وٽ اڍائي سئو کان مٿي ڪئڊٽ آهن. هڪ هڪ گرائونڊ ۾ ويهه ڄڻا کيڏن ته به سڀني لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻارهن گرائونڊ ته هجن. آئون ڪڏهن به اهو نه چاهيندس ته ڪجھه چونڊ شاگرد کيڏن ٻيا راندين کان محروم رهن. مون کي ڪلاس روم ڀلي گھٽ ڏيو پر ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ميدان پورا ڪري ڏيو.”
ڪرنل ڪومبس 1918ع کان 1924ع تائين ڪاليج ۾ پڙهيو. ان بعد آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پنجين سال (1928ع) ۾ امتحانن کان ڪجھه ڏينهن اڳ کيس ڊبل نمونيا ٿي پئي. امتحان رهجي ويس. پئسي جي تنگي هيس. مجبور ٿي تعليم ڇڏي نوڪري اختيار ڪيائين. کيس سوڊان ۾ ڪپهه جي پوک جي انسپيڪٽري ملي وئي. سوڊان ۾ ڪرنل ڪومبس چار سال رهيو. هن اتي جي سول سورس ۾ نوڪري ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ هن اتي جي زبان عربي به چڱي طرح سکي. پر پوءِ چونڊ ۾ هو ڪري پيو. “هنن کي آڪسفورڊ يا ڪئمبرج يونيورسٽي جا نوجوان کتا ٿي”. ڪرنل ڪومبس ٻڌايو. ان بعد 1932ع ۾ هو واپس برطانيا آيو ۽ نوي پائونڊ سالياني پگھار تي هڪ پرائمري اسڪول جو ماستر ٿي ڪم ڪرڻ بهتر سمجھيو.”جيتوڻيڪ سوڊان ۾ منهنجو ساليانو پگھار هڪ هزار پائونڊ هو. ان کان علاوه رهڻ لاءِ گھر ۽ سواريءَ لاءِ گھوڙو ۽ اٺ مليل هو. انهن ڏينهن ۾ ڪارون نه هيون.” ڪرنل ڪومبس ٻڌايو.
1955ع ۾ ڪرنل ڪومبس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان B. A ڪرڻ بعد شادي ڪئي. ان بعد هڪ پبلڪ اسڪول ۾ جاگرافي ۽ فرينچ جو ماستر ٿي رهيو. 1939ع ۾ M. A ڪيائين. ڪرنل ڪومبس آڪسفورڊ وارا ڏينهن ڏاڍا ياد ڪندو هو. “آڪسفورڊ ۾ مون کي دنيا جي ڪيترن ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو. منهنجي خيال ۾ فقط اسڪولي ڪتاب پڙهي نمبر کڻڻ ڪامياب زندگيءَ لاءِ ڪافي ناهي. پنهنجي نوڪري جي پوئواريءَ سان گڏ ماڻهن سان ملڻ، انهن جا تجربا ۽ خيال ٻڌڻ جهڙيون شيون به ضروري آهن.”
M. A ڪرڻ بعد ڪرنل ڪومبس آرمي (بري فوج) ۾ ڪئپٽن جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. بعد ۾ کيس رائل ايئرفورس ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو. ٻي جنگِ عظيم شروع ٿي چڪي هئي. فرانس رواني ٿيندڙ شروعاتي فوج جي جٿي ۾ پاڻ به هو. ڊنڪرڪ ۾ سندن ريجمينٽ شڪست کاڌي ۽ پاڻ قيدي ٿي پيو پر اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ کيس ڪامابي ملي. موٽي انگلينڊ آيو. 1941ع جي آخري مهينن ۾ کيس فيلڊ ريجمينٽ جي 330 آرٽلري ريجيمينٽ جو ڪمانڊر ٺاهي ملايا (هاڻوڪي ملائيشيا) موڪليو ويو. هنن جپاني فوج جو ٿائي بارڊر جي شهر جٽرا وٽ مقابلو ڪيو. ان بعد کيس سنگاپور موڪليو ويو، جيڪو 15 فيبروري 1942ع تي جپانين جي قبضي ۾ اچي ويو. اسان جو پرنسپال جپانين وٽ آگسٽ 1945ع تائين P.O.W (جنگي قيدي) ٿي رهيو.
جپانين جي قيد ۾ هن Banpong Express نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ جپانين جي ظلم هيٺ گذاريل زندگيءَ جو احوال آهي، جنهن ۾ هنن جو هڪ هڪ ڏينهن موت جي پاڇي ۾ گذريو ٿي. سون ۾ جيڪي ٿورا جيئرا سلامت بچي سگھيا، انهن مان هڪ پاڻ به آهي. جپانين جي قيد مان آزاد ٿيڻ بعد پاڻ هڪ آزاد ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ ٻه سال رهيو ۽ کيس ڪئپٽن مان ليفٽننٽ ڪرنل بڻايو ويو. 1947ع ۾ هو واپس انگلينڊ آيو ۽ 1951ع ۾ ڪرنل ٿيو ۽ آرمي جي ائنٽي ايئرڪرافٽ ڪمانڊ اسڪول ۾ چيف ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ٿيو. ان بعد 1954ع ۾ کيس ڏور اوڀر جو ايڊيوڪيشن آفيسر بڻائي سنگاپور موڪليو ويو. سندس ڪم جو علائقو ڪوريا، هانگ ڪانگ کان بورنيو، انڊيا ۽ نيپال تائين هوندو هو. هن ملايا مان انگريزي اخبار ڪڍي جيڪا ملئي، گورکالي ۽ ڪورين زبانن ۾ به ڪڍي وئي ٿي. پاڻ انگريز، گورکن ۽ ملئي ٻارن لاءِ اسڪول پڻ کوليائين ۽ تعليم، تربيت، ٻولين ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ تمام وڏي خذمت ڪيائين، جنهن لاءِ کيس انگلينڊ ۾ C.B.E ايوارڊ ڏنو ويو.
1957ع ۾ آرميءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪرنل ڪومبس انگلينڊ پهتو. هن Timesرسالي ۾ پاڪستان حڪومت طرفان ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال لاءِ ڏنل اشتهار پڙهيو، جيڪو انهن ڏينهن جي تعليم کاتي جي ڊئريڪٽر: سائين الهه بخش نظاماڻي طرفان ڏنو ويو هو. (ڪاليج جي شروع وارن ٻن سالن جي داخلا لاءِ اسان اميدوار شاگردن جا هن صاحب انٽرويو به ورتا هئا.) ڪرنل ڪومبس کي اهڙي فوجي نموني جي ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو شوق هو ۽ Apply ڪرڻ تي چونڊجي ويو. ان وقت ڪئڊٽ ڪاليج جي عمارت پيٽارو ۾ اڃا نه ٺهي هئي ۽ عارضي طور ميرپو خاص جي هڪ ڪاليج ۾ پڙهائي شروع ڪئي وئي، جتي ڪرنل ڪومبس آيو. ان کان اڳ وزير شورو، شوڪت جماڻي، نور احمد نظاماڻي، زين العابدين، عالم هاليپوٽو، نجم انصاري ۽ مون جهڙا ڪيترائي درويش ٻڍاپور، خيرپور، ٽنڊو قيصر، سيوهڻ، ٽنڊو الهيار، هالا جا اسڪول ڇڏي اچي هتي نڪتا هئاسين. اسان به انٽر ڪري ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏيو ته ڪرنل ڪومبس به پيٽارو کي خدا حافظ چئي پنهنجي وطن انگلنڊ روانو ٿيو. ان وقت سندس عمر 64 سال هئي. ويندي ويندي مون پڇي ورتو هئومانس ته انگلنڊ ڇا وڃي ڪندائو؟ کلي وراڻيائين : “ڏاڍو ٿڪل ٿڪل محسوس پيو ڪريان. اڳتي هلي ڇا ڪندس، اها خبر نه اٿم پر في الحال اهو پيو سوچيان ته سمنڊ ڪناري تي آرام ڪندس ۽ اٿاهه سمنڊ جي سونهن پسندو رهندس.”
ڪرنل ڪومبس سان گڏ اسان جو تمام وڏو عرصو گذريو، شايد ان ڪري هن سان اسان جي گھڻي Attachment آهي ۽ اڄ به ياد ڪريونس ٿا_ سندس شخصيت ۽ سندس ڳالهين کي. پاڻ هر هر اهو چوندو هو ته اسڪولي ڪتابن سان گڏ اخبارون، رسالا ۽ ٻيا ڪتاب به پڙهندا ڪريو. ماڻهن سان ملي انهن جا خيال به معلوم ڪندا ڪريو، ان سان گڏ پاڻ کي جسماني طرح درست رکڻ لاءِ رانديون به کيڏو. کيس اڙدو يا سنڌي نه ايندي هئي ته به شاهه لطيف ۽ ڊاڪٽر اقبال جا ترجمو ٿيل شعر پڙهندو رهندو هو. سندس بابت هي احوال ختم ڪرڻ کان اڳ تعليم بابت سندس لکيل مضمون مان ڪجھه سٽون هتي Quote ڪيان ٿو:
“To my mind, a Mathematician who lives in a world of symbols and is unable to enjoy -for instance, Shah Abudl Latif’s (سر سارنگ) or who can not discuss such things as a village- Aid Scheme or What Eisenhower said to Macmillan in the white house -is a menace to his country and almost as illiterate as a peasant who has never been to school.”
ڪرنل ڪومبس آخر ۾ سر سارنگ مان ڪيترائي شعر سنڌيءَ ۾ به ياد ڪيا. هن مايوسي ۽ نا اميديءَ کي حرام سمجھيو ٿي. مسلسل جدوجهد ۽ خاطرخواهه نتيجن ۾ هن جو پڪو ۽ پختو يقين هو. هو پيٽارو جي مسئلن کي ملير جي ماروئڙن جي مسئلن سان ڀيٽ ڏيندي پنهنجي تقرير جي شروعات اڪثڙ هن بيت سان ڪندو هو:
آگميو آهي. لڳهه پس لطيف چئي،
وسي پيو وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي.
وهو مه لاهي، آسرو الله مان.
مٿيون بيت ڪرنل ڪومبس کي سنڌي لهجي ۾ ادا ڪرڻ لاءِ ڪافي مشق ڪرڻي پوندي هئي، پر آخرڪار تقرير ۾ هو چڱـي نموني ۾ اهو بيت چئي ويندو هو.
اسان جو ڪرنل ڪومبس ٻاهتر ورهين جي ڄمار ۾ 1978ع ۾ انگلينڊ ۾ گذاري ويو.
الطاف شيخ
ڪراچي
25 ڊسمبر 1998ع