ڍاڪا پهچندي . . .
دٻي ۾ ٻه همراهه اڃا به جاڳي رهيا هئا. هڪ نوجوان هو، جنهن جي عمر ويهه ايڪيهه سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. نوجوان سان گڏ هڪ عورت هئي، جنهن جي عمر جو اندازو لڳائڻ ممڪن نه هو ڇو جو هوءَ پردي ۾ هئي. جيتوڻيڪ پليٽ فارم جي چونجھي روشنيءَ ۾ هن جو پاسيرو خاڪو ٺهي سگھيو ٿي. نوجوان دريءَ مان ٻاهر نگاهه ڊوڙائي ۽ پوءِ سڪون جو ساهه کڻي دٻي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. اڌڙوٽ قسم جون نئون آيل همراهه ٿورو پرڀرو وڃي ويٺو. هن جي جاءِ ڪا گھڻو پري نه هئي. هو هن جوڙي کي چٽيءَ طرح ڏسي سگھيو ٿي. هن جو ڌيان هنن ٻنهي ڏي هو. گاڏي هلڻ لڳي. نوجوان سس پس ڪندي پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: “اجھو ته سج نڪتو، پاڻ اٺين وڳي تائينڍاڪا پهچي وينداسين.”
عورت لوئيءَ سان پنهنجو منهن چڱيءَ طرح ڍڪيندي چيو : “ پر مون کي ڊپ ٿو لڳي.”
“توکي ڇو ٿو ڊپ لڳي؟ ڍاڪا تمام وڏو شهر آهي. اتي پاڻ کي ڪير به ڳولي نه سگھندو.” نوجوان دلداري ڏيندي چيس.
“ڇا واقعي ائين آهي؟” عورت بي يقينيءَ مان پڇيو.
“ٻيو نه ته وري.” نوجوان ڀروسي سان وراڻيو.
عورت نئين آيل اڌڙوٽ عمر واري همراهه ڏي وري ڏٺو ۽ ٿورو هيسجي وئي. نوجوان محسوس ڪيو ته نئون آيل همراهه جيتوڻيڪ هنن ڏي نهاري رهيو آهي پر ماٺ ۾ ئي آهي ۽ هن جي نگاهن ۾ تجسس يا واحياتپڻو ناهي. نوجوان مرڪيو. هن سوچيو، عورتون فطري طور ڊڄڻيون ٿين ٿيون. پوءِ هن پنهنجو وات عورت جي ڪن اڳيان ڪري چيو : “ڇا تون هن همراهه کان ڊڄين ٿي؟ ڏسين نٿي ته هو ڪيڏو شريف لڳي رهيو آهي.”
عورت وراڻيو: “پر پاڻ ايندڙ اسٽيشن تي لهي پونداسين.” هن جي آواز ۾ ڏڪڻي هئي.
“چري ته نه ٿي آهين. رات جو وقت آهي. پاڻ هن وقت لهي ڪٿي رلندا رهنداسين؟”
“گھڻو رُلڻو نه پوندو. پاڻ ٻي ٽرين رستي ڍاڪا هليا هلنداسين.”
“واهه! رڳو ان ڪري ته هڪ اڌڙوٽ عمر جو ماڻهو توکي ڏسي رهيو آهي. جيڪڏهن تون ائين ئي ڊڄندي رهينءَ ته ڍاڪا ۾ ڪيئن رهي سگھندينءَ؟ اتي ته هزارين ماڻهو رهن ٿا...”
عورت هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو: “ڇا تو ڏٺو ڪونه ته هو همراهه اسان ڏي ڪيئن ڏسي رهيو هو.”
“ڏسندو ڪري. ٻيا به پيا ڏسندا. تو جهڙي سهڻي عورت ڏي نه ڏسڻ گناهه آهي.” نوجوان، همراهه جي ان جذبي تي تبصرو ڪري خوش ٿيو.
عورت نوجوان جي جواب مان مطمئن ته نه ٿي پر ماٺ ٿي وئي. هن پنهنجو پاڻ کي لوئيءَ ۾ اڃا به چڱيءَ طرح ويڙهي سيڙهي ڇڏيو. هوءَ ڊڄي رهي هئي يا شايد تمام گھڻي شرميلي هئي. نوجوان کي هن جي ماٺ نه وڻي. “تون چپ ڇو آهين. ڪجھه ته ڳالهاءِ ٻولهاءِ؟” عورت ڪجهه نه وراڻيو. هن لوئيءَ مان وري ساڳي ماڻهوءَ ڏي نهاريو. جنهن جو ڌيان لڳاتار هن ڏي ئي هو. نوجوان نيٺ تنگ ٿي چيس: “آئون هن همراهه سان وڃي ٿو ڳالهه ٻولهه ڪريان ته آخر هو اسان ڏي ڇو گھوري رهيو آهي.”
“نه نه، ائين بنهه نه ڪجانءِ.” عورت هن جي ڪرائيءَ ۾ کڻي هٿ وڌو.
نوجوان هن کي اڻٻڌو ڪري، پنهنجي ٻانهن ڇڏائي چيو: “ ترس ته سهي آئون اجھو ٿو اچان.”
هو هن همراهه جي ويجھو اچي ويٺو: “ آئون توهان سان ڪجھه ڳالهائڻ چاهيان ٿو.” نوجوان جي ويجھو اچڻ تي هن کي ٿوري به حيرت نه لڳي. هو فقط ايترو ڪڇيو: “چئو؟” نوجوان کي هن جي ان جي رويي جي اميد نه هئي. هو ڪجھه گھٻرائجي ويو ۽ سندس جوش به ڍرو ٿي ويو. اڌڙوٽ عمر جي همراهه پڇيو: “اها عورت تنهنجي ڇا لڳي؟”
“جي، منهنجي زال آهي.” نوجوان وراڻيو.
“تهنجي شاديءَ کي ڪيترو وقت ٿيو آهي؟”
“فقط ڪي ڏينهن. هوءَ تمام گھڻو شرميلي آهي. ڏسو ته سهي، ڪيئن نه ڪپڙن جي هڙ وانگر وڙهي سڙهي ويٺي آهي. شرم سٺي شيءِ آهي پر گھٽ ۾ گھٽ هن کي مون کان شرم نه ڪرڻ کپي. آئون ڪو هن لاءِ ڌاريو ته نه آهيان.” نوجوان هڪ ئي ڳت ۾ يڪ ساهيءَ چئي ويو.
“واهه جي ٻڌائي. شايد توهان ٻئي هڪ ٻئي کي پهرين کان سڃاڻو ٿا؟ منهنجو مطلب اهو آهي ته شايد توهان عشق جي شادي ڪئي آهي؟” هن همراهه چيو ۽ نوجوان جو منهن شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو. هو ان جو جواب ڏئي نه سگھيو. هن هائوڪار ۾ فقط ڪنڌ ڌوڻيو.
ايتري ۾ گاڏي هڪ ٻي اسٽيشن تي اچي ترسي. هتي تمام گھڻا مسافر هئا. هاڻ سج به نڪرڻ وارو هو. مسافر ماکيءَ جي مکين وانگر گاڏيءَ کي چنبڙي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي گاڏي ڀرجي وئي. هنن وارو انٽر ڪلاس جو دٻو به فل ٿي ويو. دٻي ۾ جيڪي مسافر ستا پيا هئا انهن کي اٿڻو پيو. مسافرن جي پيهه کان عورت گھٻرائجي وئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي. جوان اڌڙوٽ عمر جي همراهه کي چيو:“ مون کي هاڻ هلڻ کپي.”
“ها. ضرور، تنهنجي زال ڪجھه پريشان به نظر اچي رهي آهي.”
انجڻ سيٽي هنئي، گاڏي چرڻ لڳي ۽ جلد ئي سندس رفتار تيز ٿي وئي. نوجوان پنهنجي ساٿياڻيءَ کي چيو:
“گھٻرائڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. هو تمام سٺو ماڻهو آهي. هن تمام گهڻي همدرديءَ سان ڳالهيون ڪيون. هڪ دفعو ته دل ۾ آيو ته کيس سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيان.”
عورت بي چينيءَ مان پڇيو: “ڪٿي ٿو ٻڌائي ته نه ڇڏيو؟”
“نه مون ڪجھه به ٻڌايو ناهي، پر جيڪڏهن هن کي ٻڌايو به وڃي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هو تمام گھڻو شريف ماڻهو آهي.”
عورت پريشانيءَ منجھان چيو: “ڇڏ به کڻي ان قصي کي. ماٺ ڪري ويهه.” نوجوان هن کي پريشانيءَ تي حيران ٿيو پر ڪجھه نه ڪڇيائين. ماٺ ۾ ئي بهتري سمجھيائين.
نيٺ گاڏي ڍاڪا پهچي وئي. هيءَ آخري اسٽيشن هئي جتان گاڏيءَ کي وري واپس وڃڻو هو. مسافر پنهنجو پنهنجو سامان ميڙي چونڊي لهڻ لڳا. نوجوان عورت سان گڏ ويٺو رهيو. شايد سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ لهڻ جو ارادو هوس. اڌڙوٽ عمر واري کي به گھڻي تڪڙ نه هئي. هو به ويٺو رهيو. ٿوري دير کانپوءِ گيپ گھٽي، نوجوان دريءَ کان ٻاهر نهاريو. هاڻ هن جي لهڻ جي واري هئي پر ٻاهر ڏسندي ئي هن کان رڙ نڪري وئي: “غضب ٿي ويو.”
عرت سراپجي وئي. “ڇا ڳالهه آهي؟”
نوجوان ڏڪندي چيو: “تنهنجو مڙس پوليس وارن سان گڏ پليٽ فارم تي بيٺو آهي. ”
عورت کي ڏڪڻي ٺي ويئي! “ هاڻ ڇا ٿيندو؟”
نوجوان ڪي گھڙيون سوچيندو رهيو. پوءِ اڌڙوٽ عمر جي ماڻهوءَ ڏي وڌيو، جنهن پڇيس: “ڇا ڳالهه آهي، هيٺ ڇو نٿي لهين؟”
“آئون مصيبت ۾ اچي ڦاٿو آهيان.” نوجوان آهستي چيس.
“ڳالهه ڇا آهي؟”
“مون توسان ڪوڙ ڳالهايو هو. اسان شادي شده نه آهيون پر گھر کان ڀڄي نڪتا آهيون. منهنجي ساٿياڻيءَ جو مڙس پليٽ فارم تي بيٺو آهي.” نوجوان جو آواز ڀرجي آيو هو.“هاڻ ڇا ٿيندو؟ اسان جي مدد ڪر، آئون هٿ ٿو ٻڌانءِ.”
اڌڙوٽ عمر جي همراهه تي نوجوان جي ان راز کولڻ جو ڪو به اثر نه ٿيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي سڀ ڪجھه پهرين کان معلوم هو. هن آهستي اڳيان وڌي دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. پليٽ فارم تي هڪ ڪاري رنگ جو ڊگھو ماڻهو پوليس وارن سان گڏ هڪ هڪ دٻي جي چڪاس ڪري رهيو هو. اڌڙوٽ عمر واري همراهه مرڪندي نوجوان کي چيو: “تون بلڪل خيال نه ڪر. تون ٻاهر هلي بيهه. آئون تنهنجي زال... معاف ڪجانءِ، تنهنجي محبوبا کي وٺي ٿو اچان.”
نوجوان هن جو ٿورو مڃيندي دٻي مان ٻاهر نڪتو ۽ ماڻهن جي پيهه ۾ گم ٿي ويو.
اڌڙوٽ عمر جي همراهه عورت کي چيو : “ اچ ته هاڻ هلون”
عورت هن سان گڏ دٻي مان لٿي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي هن سان گڏ گڏ هلڻ لڳي. هوءَ بي حد پرسڪون نظر اچي رهي هئي. ڪجھه وکون هلڻ کانپوءِ هن جو شرم صفا ختم ٿي ويو. اڌڙوٽ عمر واري همراهه سان گڏ هلندي هوءَ خوش به نظر اچي رهي هئي. مسافر چڱا گھٽجي چڪا هئا. هوءَ رڙهي هن جي وڌيڪ ويجھو ٿي: “ڇا تون اڃا به اتي ئي رهين ٿو؟”
اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو هو ته آيا هن همراهه عورت جو آواز ٻڌو يا نه. پر هن ضرور ٻڌو هوندو جوهيڻي آواز ۾هن جواب ڏنو:“ ٻيو ڀلا وڃي به ڪيڏانهن ٿو سگهان.”
عورت پڇيو: “توسان گڏ ٻيو ڪير ٿو رهي؟”
مرد ڪو به جواب نه ڏنو.
هو گيٽ جي ويجھو پهتا. ٽڪيٽ ڪليڪٽر هنن کان ٽڪيٽ گھري. مرد عورت کان سندس ٽڪيٽ جو پڇيو جنهن جي جواب ۾ هن ناڪار ڪئي. مرد پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجھي پنهنجي ٽڪيٽ ۽ هڪ ڪرنسي نوٽ ڪڍي ڪليڪٽر جي حوالي ڪيو. ٽڪيٽ ڪليڪٽر هنن کي وڃڻ ڏنو. گيٽ کان ٻاهر نڪري عورت پڇيو :“ گلشن ڪيئن آهي؟”
مرد بيزاريءَ مان وراڻيو: “هوءَ خوش آهي.”
“توسان گڏ ڪير ٿو رهي؟” عورت وري پڇيو.
“ڪير به نه. گلشن پنهنجي پڦيءَ سان گڏ رهي ٿي.”
“واقعي!” عورت مرد سان گڏ هلندي رهي. نوجوان ٻاهر بيٺو هو، پر عورت ان کان بي خبر هئي. هوءَ مرد کان پڇي رهي هئي:“ ڇا گلشن ڪڏهن مون کي ياد ڪيو؟ ڇا هن ڪڏهن مون بابت پڇيو؟” هن جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو ڦاسي پيو. اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. هن جواب جو انتظار ڪيو پر جواب نه مليس.
مرد سندس سوال ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ٻن ٽن وکن بعد هن چيو: “چڱو هاڻ مون کي هلڻ کپي.” هو تمام تکو تکو اڳيان نڪري ويو. هن نوجوان کي ٿورو مڃڻ جو به موقعو نه ڏنو.
ٻئي ڪنهن سواريءِ جي ڳولا ۾ لڳي ويا. نوجوان عورت کي چيو: “جڏهن توهان ٻئي گاڏيءَ مان هيٺ لٿائو ته تنهن جو مڙس ان اڌڙوٽ عمر واري همراهه کي ڏسي وٺي ڀڳو. ڄڻ هن جي ڪنهن جن ڀوت تي نظر پئي هجي. آخر اهو هو ڪير؟”
ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. روئيندي چيائين:
“هن سان آئون پهريون دفعو ڀڳي هيس.”
(ليکڪ: سيد ابوالحسين، بنگلاديش)