ثبوت
هن جو پيءُ نارمن هيولاڪ، نيوجرسي اسٽيل ڪمپنيءَ جو چيئرمئن هو. پيٽر اڪيلو پٽ هوس، جيڪو ٻاروتڻ ۾ ئي پنهنجي ماءُ جي پيار کان سڪي ويو هو. اهڙيءَ طرح هيولاڪ جي سڄي ملڪيت جو اڪيلو وارث پڻ هو. پيٽر جي معلومات مطابق سندس پيءَ هيولاڪ، سڄي عمر ٻي شاديءَ لاءِ ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي، ڇو جو گھريلو مونجھارن کان ڇٽل رهي هن نيوجرسي اسٽيل ڪمپنيءَ کي مٿاهين درجي تي پهچائڻ چاهيو ٿي. هيولاڪ جيتوڻيڪ ٿوري کهري طبيعت جو ماڻهو هو پر هڪ آزاد آمريڪي معاشري ۾ جتي اولاد گھڻو ڪري ماءُ پيءُ کان باغي رهي ٿو، اتي پيٽر حيرت انگيز حد تائين هيولاڪ جو باادب ۽ چئيوان پٽ هو. هو ڪجھه ڪجھه جذباتي ضرور هو، پر زندگي جي سڀني معاملن ۾ پنهنجي پيءُ جي مرضي ۽ صلاح ضرور وٺندو هو، جنهن تي پاڻ سندس دوست يار هن تان چرچا ڀوڳ ڪندا هئا ۽ هو هنن جي چرچن کي کلي ٽاري ڇڏيندو هو. هو ان ڳالهه تي به دل ۾ نه ڪندو هو ته دوست کيس “عظيم بزدل” جي لقب سان سڏين ٿا.
پيٽر کي ڪڏهن ڪڏهن تعجب به لڳندو هو ته هن جي پيءُ هن تي اهو شرط ڇو وڌو آهي ته هو اهڙي ڇوڪريءَ جي چونڊ ڪري جنهن جا وار ڪارا، اکيون آسماني رنگ جون ۽ قد وچولو ۽ ڪتابي چهرو هجي. هو پنهنجي پيءُ جي ان شرط کي شاديءَ جي معاملي ۾ نظرانداز به نٿي ڪري سگھيو. هن ڄاتو ٿي ته، سندس پيءُ هيولاڪ هن کي دڙڪو ڏنو هو ته جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته هو پنهنجي سڄي ملڪيت سندس حوالي ڪرڻ بدران ڪنهن يتيم خاني يا فلاحي اداري کي ڏئي ڇڏيندو.
نيوجرسي ايئرپورٽ تي جڏهن هوائي جهاز لٿو ته پيٽر پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ کي آهستي چهنڊڙي هڻي جاڳايو. هن ڀُڻڪندي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. چڱيءَ طرح سجاڳ ٿيندي ئي هن پيٽر جي ان حرڪت تي مرڪيو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي جسم جو ساز وڄي رهيو هجي. ايئرپورٽ تي هن جي پيءُ پيٽر ۽ لوسي لاءِ گاڏي موڪلي ڏني هئي. هو ٻئي اڌڪلاڪ جي ڊرائيونگ بعد وڏن وڏن بنگلن جي انهن قطارن اڳيان لنگھڻ لڳا، جن جي ٻنهي ڪنارن تي پام جا وڻ تمام گھڻي سليقي سان لڳل هئا. آسمان تي ڪڪر کيڏندڙ ٻارن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا ۽ هوا ۾ سوڪڙ ۽ ٿڌڪار هو.
گھر پهچي هن لوسيءَ کي مٿي ماڙيءَ تي موڪليو، ڪجھه دير کانپوءِ سندس پيءُ به آفيس کان گھر پهتو. ٻئي ڄڻا کيڪار سان مليا. هيولاڪ چيو: “ڇا ڳالهه آهي، تمام گھڻو خوش نظر اچي رهيو آهين.”
پيٽر جھٽ جواب ڏنس: “مون اريزونا رياست ۾ هڪ ڇوڪري شاديءَ لاءِ ڳولي آهي، ڪارن وارن، آسماني اکين، وچولي قد ۽ ڪتابي چهري واري.”
هيولاڪ هن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري پڇڻ لڳو: “پنهنجي ايجنسي ته صحيح طرح ڪم ڪري رهي آهي نه؟”
“بابا، لوسي تمام سٺي طبيعت جي ڇوڪري آهي.”
“ايجنسيءَ وارن حساب ڪتاب ۾ ڪو ڦڏو ته نه ڪيو- منهنجو مطلب آهي ته اتي ماڻهن کي ڏاڍيون شڪايتون هيون.”
“ڊئڊ! ايجنسي ٻيجنسي بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي. لوسيءَ سان ملندائو؟”
هيولاڪ بيزاريءَ مان پڇيو: “خاص اريزونا جي آهي؟”
“جي ها.”
“ريڊ انڊين چوندا آهن ته فلرٽ اريزونا جي ڇوڪريءَ سان ڪجي ۽ شاديءَ لاءِ واشنگٽن هليو وڃجي.” هيولاڪ کلندي چيو.
“ريڊ انڊين بيوقوف ٿيندا آهن.” پيٽر چڙندي چيو.
“هونءَ اريزونا جون ڇوڪريون واقعي بي وفا ٿينديون آهن.” هن جي پيءُ اهو ٻيو وار ڪيو.
“توهان کي ڪهڙي خبر؟”
ايتري ۾ نوڪر اچي ٻڌايو ته پيٽر جو فون آيو آهي. پيٽر ڀر واري ڪمري ۾ فون لاءِ ويو ۽ پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو رهيو- جيڪو هن جي خيريت پڇي رهيو هو، پوءِ هن جي دوست اوچتو هن کي اهڙي ڳالهه ٻڌائي جو هو تپرس ۾ پئجي ويو. هن فون کڻي رکيو ۽ هيولاڪ وٽ آيو.
“ڊئڊ- آئون ٿوري دير ۾ اچان ٿو.”
“ڪيڏانهن ٿو وڃين؟”
“فورڊ وٽ، هن جي زال کي هڪ قتل جي ڪيس ۾ جھليو اٿن، هو تمام گھڻو پريشان آهي. آئون پڇاڳاڇا واري آفيسر کي سڃاڻان ٿو. هن کي سفارش ڪري اجھو ٿو موٽان.”
اهو چئي پيٽر مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ لوسيءَ کي ٻڌايائين ته هوءَ اتي ئي رهي ۽ هن جي پيءُ سان اڃا نه ملي.
جنهن وقت هو موٽيو ته شام جا پاڇا وڏا ٿي چڪا هئا، هيولاڪ ڏهاڙيءَ وانگر پنهنجا فائل ڏسي رهيو هو. هيولاڪ هٿ جي اشاري سان هن کي پاڻ وٽ سڏائي هڪ خط ڏنو. هن جلدي جلدي خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو، خط ۾ فقط چند سٽون لکيل هيون:
“ڊيئر پيٽر! اتفاق سان تنهنجي پيءُ سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. تي سگھي ٿو ته مون کي معاف ڪجانءِ.
“لوسي پئٽريشيا”
“لوسي هلي وئي آهي.” هيولاڪ ماٺ کي ختم ڪندي چيو.
“هي سڀ ڇا آهي؟” پيٽر رڙ ڪئي.
هيولاڪ سگار چپن ۾ جھلي چيو :“ چيم نه ته اريزونا جون ڇوڪريون فلرٽ ڪرڻ لاءِ رڳو صحيح آهن.”
“ڪهڙي ثابتي آهي توهان وٽ؟” پيٽر ٿورو بي ادب ٿي پڇيو.
“آئون پاڻ.” هيولاڪ مرڪيو.
“ توهان پاڻ!” پيٽر جون اکيون ڦاٽي ويون.
“جي هائو، اڻ تجربيڪار ڇوڪرا آئون پاڻ.”
هيولاڪ پنهنجيون اکيون پوريندي چيو. “لوسي پئٽريشيا منهنجي زال جي حيثيت ۾ مون سان گڏ رهي چڪي آهي. جڏهن آئون اريزونا ۾ اسٽيل ڪمپنيءَ جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ ويو هوس ته هن مون کي پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي ورتو هو. جڏهن مون کي خبر پيئي ته هوءَ اڌڙوٽ قسم جي مردن سان شادي ڪري هنن جو مال دولت ڦرڻ جو ڌنڌو ٿي ڪري ته مون کيس ڇڏي ڏنو. مون توکان هي واقعو لڪايو هو.”
“سچ ٿا چئو؟”
“هائو. لوسي مون کي زهر ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي مون کي اڳواٽ خبر پئجي وئي هئي”.
پيٽر مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو. هيولاڪ پڇيو:
“ڪيئن ريڊ انڊين ماڻهو اريزونا جي ڇوڪرين جي باري ۾ سچ ٿا چون يا نه؟”
“اهي ماڻهو حد درجي جا ڄٽ، بيوقوف ۽ جھنگلي آهن.” اهو چئي پيٽر پنهنجو پير زور سان زمين تي هڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. هيولاڪ سگار ميز تي رکي زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
(ليکڪ: سئڪليئر ڊرائيڊن، آمريڪا)