محفوظ جاءِ
پيٽر پنهنجي کيسي جي ٻاهران هٿ هڻي سڪون محسوس ڪيو ته چاٻي موجود هئي ۽ پوءِ کيس ۾ هٿ وجھي چاٻي ٻاهر ڪڍي. هن کي يقين هو ته هن “خذمت خلق” جي رفاعي سينٽر جو انچارج مسٽر بومين ڪلاڪ کن کان اڳ هرگز نه موٽندو پر ان هوندي به گھٻراهٽ هن تي حاوي هئي. هن جي دل جو ڌڙڪو وڌڻ لڳو ۽ هٿن جون تريون پگھر کان آليون ٿي ويس.هن کي اهو ڊپ هو ته چوري ڪندي جيڪڏهن بومين کيس ڏسي ورتو ته نه فقط کانئس چاٻيو ڦرجي وينديون پر ٿي سگھي ٿو ته کيس نوڪريءَ مان به ڪڍيو وڃي. هن کي اها به سُڌ هئي ته ڪيترائي بيروزگار سندس نوڪريءَ ۾ اک هڻيو ويٺا آهن. پيٽر جي خيال موجب هن ڌرتيءَ تي ان کان وڌيڪ آسان ۽ آرام واري نوڪري ٻي ڪا ورلي ٿي سگھي ٿي. اهو ئي سبب هو جو هن اهڙي نوڪريءَ کان جدائي اختيار ڪرڻ نٿي چاهي، پر پنهنجي عادت کان به مجبور هو. هو ڇا چوندا آهن ته چور چوريءَ کان وڃي پر هيرا ڦيريءَ کان نه وڃي يا هيريءَ سندس هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي. جيتوڻيڪ بومين کيس پگهار کان علاوه روزانو ڪجھه ڊالر خرچي طور پڻ ڏيندو هو پر پيٽر تنهن هوندي به چندي جي پيٽيءَ مان ڪجھه نه ڪجھه پار ڪري ورتو ٿي.
پيٽر جي هن نوڪريءَ کي اڃا ڪجھه هفتا ڪي مس ٿيا هئا. بومين ترس کائي هن کي اها نوڪري ڏني هئي جو کيس ڪو گھر گھاٽ به نه هو. بومين هن کي رفاعي سينٽر ۾ ٽڪڻ جي موڪل ڏئي، هن جا ڄڻ سڀ مسئلا ختم ڪري ڇڏيا. نه ته ان کان اڳ پيٽر جون راتيون رستن تي گذريون ٿي ۽ ڏينهن بکون ڪاٽڻ کان بچڻ لاءِ ننڍا وڏا ڏوهه ڪندي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڪنهن بنگلي يا بلڊنگ جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ جو ڪم ملي ويو ٿي ته ڪجھه ڏينهن آرام سان گذري ويس ٿي. هن رفاعي سينٽر ۾ به شروع جا ڏينهن هن کي ٻهاريءَ جي ڪم لاءِ رکيو ويو هو. پوءِ مسٽر بومين هن کي ديانتدار ماڻهو سمجھي چندي جي پيتيءَ مان رقم ڪڍڻ ۽ ڳڻڻ جي ذميواري به هن جي حوالي ڪري ڇڏي.
پيٽر آهستي آهستي ڪري چندي جي پيتي کولي. هونءَ ته روزانو رات جو چندي جي پيتي کولي منجھس گڏ ٿيل رقم بومين جي حوالي ڪندو هو پر هينئر هن وقت پيتي کولڻ سان هن جو مقصد ڪجھه ٻيو ئي هو.
پيتيءَ ۾ ڪيترائي سڪا ۽ نوٽ موجود هئا. پيٽر هڪ دفعو وري چئني طرفن جو جائزو ورتو ۽ نوٽن ڏي هٿ وڌايو. پوءِ هڪ نوٽ کي ڏسندي هن جي اکين ۾ روشني اچي وئي. هن جلديءَ ۾ اهو نوٽ کنيو ۽ اکين اڳيان ويجھو جھلي ان جو جائزو ورتو. هن جيڪي سوچيو ان جي ڄڻ پوئيواري ٿي وئي. اهو پنجن يا ڏهن جو نه پر پوري هڪ هزار ڊالر جو نوٽ هو! هن ڦڙتيءَ سان ان نوٽ کي پنهنجي کيسي ۾ وڌو ۽ پيتيءَ کي تالو هڻي ٻاهر نڪري آيو.
هزار ڊالر جو نوٽ کيسي ۾ وجھي هو تکيون تکيون ٻرانگون ڀريندو اتر طرف نڪري ويو. هڪ عجيب خوشيءَ جو احساس هن تي ڇانيل هو. هن سڄي زندگي غربت ۽ مفلسيءَ ۾ گذاري هئي.هن کي جتي وجھه لڳو ٿي اتي چوري يا کيسي ڪٽڻ کان رهيو نٿي پر ڪڏهن به هيڏي وڏي رقم هن جي هٿ ۾ نه آئي هئي. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هڪ هزار ڊالرن جو نوٽ هن جي کسي ۾ موجود هو ۽ هن پاڻ کي ان وقت ڪنهن امير ماڻهوءَ کان گھٽ نه پئي سمجھيو. هزار ڊالر انهن ڏينهن ۾ واقعي وڏي دولت هئي.
پيٽر کي اوچتو پيٽ ۾ وَٽَ محسوس ٿيڻ لڳا. اڃ جي ڪري سندس ڳلي ۾ جھڙيون سُيون چڀڻ لڳيون. ٿورو اڳتي هن کي هڪ ريسٽورنٽ نظر آئي. هو تکيون تکيون وکون کڻي ان ريسٽورنٽ ڏي وڌيو.
پيٽر ريسٽورنٽ ۾ اندر گھڙي هڪ ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. هن کي ويٽر جو انتظار هو پر جڏهن چڱي دير ٿي وئي ته هن کي ڪاوڙ اچڻ لڳي. “شايد منهنجا افعال ڏسي هو سمجھن ٿا ته آئون ڪو لچو لفنگو يا کيسي خالي آهيان ۽ سندن شيءِ کائي ڀڄي ويندس. چرين کي ڪهڙي خبر ته مون وٽ هڪ هزار ڊالرن جو نوٽ آهي.آئون هر شيءِ جي قيمت ادا ڪري سگھان ٿو.” هو دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان مخاطب هو ته هڪ کهري آواز هن کي ڊيڄاري وڌو.
“ڇا کپي توکي؟” پيٽر غور سان ڏٺو ته اهو ويٽر نه هو. هن شخص کي هو ريسٽورنٽ ۾ گھڙندي وقت دخل تي ويٺل ڏسي چڪو هو، جيڪو شايد مئنيجر هو. پيٽر وڏي لئه سان چيو: “هن ريسٽورنٽ جو سڀ کان سٺو ۽ مهانگو ڊش کڻي اچ ۽ گڏو گڏ ڪجھه پيئڻ لاءِ پڻ...”
مئنيجر جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو. هن غور سان پيٽر جو جائزو ورتو. هڪ دفعو وري گراهڪ کي نه کنگھڻ جا تاثر هن جي منهن تي ظاهر ٿيا.
“آئون تنهنجي ڳالهه تي يقين نٿو ڪري سگھان.” هن حقارت سان چيو، “۽ نه وري آئون ڪو اهڙو گڏهه آهيان جو پهرين توکي کاڌو کارايان ۽ پوءِ بل جي وصوليءَ لاءِ ويهي گارگند ڪريان. ان ڪري توکي جيڪڏهن ڪجھه کپي ته پهرين پئسا ٻاهر ڪڍ نه ته هتان گم ٿي وڃ.”
“مون وٽ هڪ هزار ڊالر موجود آهن. تون پنهنجو پاڻ کي سمجھين ڇا ٿو. آئون... آئون توکي به خريد ڪري سگھان ٿو.” پيٽر سخت ڪاوڙ جي عالم ۾ چيو. هن کي مئنيجر جي ان سلوڪ ڪاوڙائي وڌو ۽ جيڪو راز هن دنيا کان لڪائڻ چاهيو ٿي اهو پاڻ ئي کولي رکيائين.
مئنيجر خوفناڪ نظرن سان پيٽر کي گھوري ڏٺو. “جيڪڏهن تو وٽ هڪ لک ڊالر به هجن ته به منهنجي آڱوٺي کي پرواهه آهي. آئون توسان بحث ڪري پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ نٿو چاهيان. ان ڪري تون اک ڇنڀ ۾ هتان غائب ٿي وڃ.” صاف ظاهر هو ته مئنيجر کي پيٽر جي ان ڳالهه تي يقين نه آيو ته هن وٽ ڪو هڪ هزار ڊالر جو نوٽ آهي.
پيٽر جي به سهپ جون حدون ختم ٿي چڪيون هيون. هن کائڻ پيئڻ جي خواهش تي لعنت وڌي ۽ ڪرسيءَ تان اُٿي کڙو ٿيو. هن ميز کي هڪ ٿڌو هنيو ۽ مئنيجر کي قهريلي نگاهن سان ڏسي پنهنجي کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍي، مئنيجر جي اکين اڳيان ڦڙڪايو ۽ پوءِ ڦڙتيءَ سان واپس پنهنجي کيسي ۾ وجھي ڇڏيو. “تون پاڻ کي سمجھين ڇا ٿو؟ ڇا دنيا ۾ تون ئي هڪ شاهوڪار ماڻهو آهين، نيچ انسان!” پيٽر جلدي جلدي ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪري آيو. هن کي اطمينان هو ته هن پنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺي ڇڏيو. ڪو ٻيو وقت هجي ها ته هو مئنيجر سان وڌيڪ اٽڪي پوي ها. گھٽ ۾ گھٽ هن جو مٿو ته ضرور ڦاڙي ها پر هڪ هزار ڊالرن جي موجودگيءَ ۾ ڪو به خطرو کڻڻ سراسر بيوقوفي هئي جو رقم جو هٿن مان وڃڻ جو انديشو هو.
پيٽر ٻاهر نڪري مئنيجر ۽ ان جي گندي سلوڪ کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي هڪ دفعو وري هزار ڊالرن جي نوٽ جي موجودگيءَ جي خوشي پيدا ڪندڙ احساس ۾ مدهوش ٿي ويو.
هاڻ هن کي زوردار احساس ٿي رهيو هو ته ڪنهن به ريت ان نوٽ کي کلو ڪرائڻ کپي. جيڪڏهن هن وٽ ننڍا نوٽ نه آيا ته هو کائڻ پيئڻ کان رهجي ويندو. هن جا حال افعال ڏسي ڪنهن کي به يقين نه ايندو ته هو ورتل شيءِ جي ادائگي ڪري سگھندو. اهو سوچي هن بلاڪ ستين ۾ ٺهيل فرسٽ سٽي بئنڪ ڏي هلڻ شروع ڪيو.
پيٽر بئنڪ جي ويجھو پهتو. بئنڪ جي ٻاهر به ڏاڍي رش هئي. ماڻهو تکا تکا بئنڪ جي اندر ۽ ٻاهر اچي وڃي رهيا هئا. پيٽر ڏٺو ته اتي اچڻ وارو هرهڪ سکيو ستابو ۽ سٺي ويس وڳي ۾ هو. احساس ڪمتريءَ هن کي پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي رکيو . هن کي پنهنجو منهن مهانڊو عجيب شڪي نموني جو لڳو. بهرحال هن پنهنجي اندر ۾ همت پيدا ڪئي ۽ بئنڪ اندر داخل ٿي ويو. هو وات پٽي حيرت مان اندر جو منظر ڏسڻ لڳو. وڏي ۽ ويڪري هال ۾ مختلف ڪائونٽر هئا، جن جي اڳيان بيشمار ماڻهو قطارون ٺاهي نهايت سڪون سان بيٺا هئا. گھڻن تڻن ڪائونٽرن تي پئسي ڏوڪڙن جي ڏي وٺ هلي رهي هئي. ماڻهو هڪ ٻئي سان آهستي آهستي ڳالهائي رهيا هئا پر گوڙ بنهه نه هو. پيٽر جي زندگيءَ ۾ هي پهريون موقعو هو جو ڪنهن بئنڪ ۾ آيو هو. هن کي اوچتو محسوس ٿيو ته بئنڪ ۾ موجود مڙيئي ماڻهو هن ڏي ڏسي رهيا آهن. هو ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ قدمن سان هڪ قطار ۾ وڃي بيٺو. هي پئسا مٽي ڏيڻ جو ڪائونٽر هو. پئسا مٽائڻ وارن ماڻهن مان هرهڪ پنهنجا نوٽ اڳيان وڌائي ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کي ڏنا ٿي، جنهن ڳڻي گھربل رقم کيس ڏني ٿي. پئسا وٺي اهو ماڻهو قطار مان نڪري ويو ٿي ۽ ان جي پٺيان واري اڳتي وڌي هن جي جاءِ والاري ٿي ۽ پنهنجا نوٽ مٽايا ٿي. اهڙيءَ طرح قطار اڳيان اڳيان وڌي رهي ٿي.
پيٽر به قطار سان گڏ گڏ اڳتي وڌندو رهيو. هاڻ پيٽر جي اڳيان فقط چار ماڻهو هئا. پيٽر جي خوف ۽ گھٻراهٽ کان حالت خراب هئي. هن جون ٽنگون ٿڙڪي رهيون هيون. هو اهو سوچي پريشان ٿي رهيو هو ته ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کي جي هن جي حال افعالن مان هن تي شڪ ٿي پوي ۽ هن کان پڇي وٺي ته هيڏي وڏي انگ جو نوٽ ڪٿان آيو ته هو ڪهڙو جواب ڏئي سگھندو؟
پيٽر دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن اهڙي نوبت آئي ته هو هن کي ٻڌائيندو ته هن کي اهو نوٽ واٽ تي مليو. پر نه، اهو ڪو عقلمندي وارو جواب نه آهي. ته پوءِ؟ آئون چوندس ته .... ته هي نوٽ منهنجو پنهنجو آهي ۽ جيڪڏهن هن منهنجو ڌنڌو ڌاڙي پڇي ورتو ته پوءِ؟ پيٽر جي ذهن ۾ سوال اُڀريو ۽ جيڪڏهن مون پنهنجي رفاعي اداري جو نالو ورتو ، جتي آئون نوڪري ڪريان ٿو ته ٿي سگھي ٿو ته هو ان جي انچارج مسٽر بومين کي فون ڪري ۽ منهنجي صحيح جواب نه ڏيڻ تي ٿي سگھي ٿو هو کڻي پوليس کي فون ڪري ۽ هتي ته هونءَ به ڪيترائي پوليس وارا ۽ سيڪيورٽي گارڊ پيا هلن.
“نه. مون کي هتان نڪري وڃڻ کپي.” آخرڪار پيٽر اهو ئي فيصلو ڪيو ۽ قطار مان نڪري آيو. ڪجھه پري پهچي هن پنهنجي اڀساهيءَ کي قابوءَ ۾ آندو. اوچتو هڪ سيڪيورٽي گارڊ هن ڏي وڌيو ۽ نهايت تحمل سال پڇيو:
“ڇا آئون توهان جي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟”
“نه مهرباني! منهنجو ڪم ٿي ويو آهي.” پيٽر مرڪندي هن کي جواب ڏنو ۽ ٻاهر کُلندڙ دروازي کان نڪري آيو. هو آهستي آهستي هلي رهيو هو. هن جو خيال هو ته جيڪڏهن هو ڊوڙي ڀڄندو ته پوليس وارن جو هن ڏي ڌيان ڇڪجي ويندو ۽ هن کي اجايو جھلي وٺندا. اهڙي طرح هو پنهنجو پاڻ کي عقلمنديءَ تي داد ڏيندو، بئنڪ کان گھڻو پري نڪري آيو.
پيٽر هاڻ ڪٿي ويهي سڪون سان هن وڏي نوٽ کي مٽائڻ ۽ ان کي خرچ ڪرڻ جي پلاننگ ڪرڻ چاهي ٿي. گذريل تلخ تجربي جي بنياد تي هاڻ هن ڪنهن هوٽل يا بار وغيره وڃڻ نٿي چاهيو. اتي هن کي هڪ راندين جي ڪلب جو خيال آيو. پيٽر ڪجھه عرصو اتي صفائيءَ جو ڪم ڪيو هو. ڪلب جي مالڪ هن تي رحم کائي هن کي ڪلب ۾ اچڻ ۽ اتي ويهڻ جي موڪل ڏني هئي.
ڪلب ۾ دستور موجب ڪيتريون ئي رانديون هلي رهيون هيون. پيٽر هڪ خالي ميز تي وڃي ويٺو. پيٽر جي ڀر واري ٽيبل تي چار نوجوان ڇوڪرا ويٺل هئا. پيٽر نوٽ کلو ڪرائڻ جي سوچ ۾ هو ته ڪنهن جي آواز هن کي ڇرڪائي وڌو. انهن چئن ڇوڪرن مان هڪ پڇي رهيو هو:
“هتي ڪهڙي چڪر ۾ اچي نڪتو آهين؟”
بي اختيار پيٽر جي وات مان جواب نڪتو: “ڪجھه دير لاءِ فرحت وٺڻ آيو آهيان.”
جنهن ڇوڪري پيٽر کان سوال ڪيو هو، اهو ڇهه فوٽ ڊگھو ۽ ڳري جسم جو مالڪ هو. هن کي جينز جي پتلون تي آسماني رنگ جو هڪ سوڙهو سئيٽر پاتل هو. مٿي تي خاڪي رنگ جو ٽوپلو هو. ڳالهائيندي هن جو وات چٻو ٿي ٿيو.
“لڳي ٿو ته تون پهريون دفعو ڪنهن ڪلب ۾ آيو آهين” هن پيٽر کي غور سان ڏسندي چيو. “ان ڪري شايد تون پنهنجو ڪوٽ هئنگر ۾ نه ٽنگيو آهي.” ڇوڪرا پيٽر کي شڪي نگاهن سان ڏسي رهيا هئا.
“مون چيو نه ته آئون هتي فقط ٿوري دير لاءِ آيو آهيان.” نه چاهڻ جي باوجود پيٽر کي جواب ڏيڻو پيو.
“تون ڪنهن ٻئي هنڌ به ويهي سگھئين ٿي.” هن دفعي هڪ ٻئي ڇوڪري پيٽر کي گھوريندي چيو، “ تو اسان کي ڊسٽرب ڪيو آهي.”
پيٽر جي بدن ۾ ڄڻ سيوڪاري پئجي وئي. هو سمجھي ويو ته هي ڇوڪرا ساڻس وڙهڻ چاهين ٿا ۽ ان لاءِ هنن کي ڪنهن بهاني ڳولڻ جي ضرورت ناهي. هو تعداد ۾ چار هئا ۽ پيٽر اڪيلو هو پر هو اهڙي سولائيءَ سان آڻ مڃڻ وارو نه هو.
ٽيون ڇوڪرو جيڪو قد ۾ پنهنجن ٻين ساٿين کان ننڍو هو، تنهن پنهنجي چيلهه سان ٻڌل پٽو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ پيٽر اڳيان لوڏڻ لڳو: “ذليل انسان! تنهنجي ايڏي همت جو اسان جي ڀر سان اچي ويهين.”
ڪاوڙ ۽ ڇتو ڪرڻ سان پيٽر جا حواس خطا ٿي ويا. هو به پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو. هٿ وڌائي هن پهرين ئي سٽ سان ڇوڪر کان پٽو کسي کڻي پري اڇلايو.
“ تو مون کي ذليل انسان چيو.” پيٽر ڪاوڙ کان ڏڪي رهيو هو. تون پاڻ ذليل هوندي... آئون تو جهڙن ٽڪي جي بدمعاشن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان. آئون جيڪڏهن چاهيان ته توکي ٿڏا هڻي هن ڪلب مان ڪڍي ڇڏيان”. هو چوندو ئي رهيو، “تون مون کي سمجهين ڇا ٿو. هي ڏس!” هن پنهنجي کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍي سڀني کي ڏيکاريو. “ آئون توهان جهڙن کان گھڻو بهتر آهيان.”
چوٿون ڇوڪر جيڪو هيستائين ماٺ مٺوڙيءَ ۾ سڄي ڪاروائيءَ جو جائزو وٺي رهيو هو، اٿي پيٽر وٽ آيو. هن جي چپن تي مرڪ هئي. هن دوستاڻي نموني سان پيٽر جي ڪلهن تي هٿ رکي چيو: “هنن چرين جون ڳالهيون دل ۾ نه ڪجانءِ. هي ته ائين ئي توسان چرچا پيا ڪن. توکي چيڙائڻ ٿا چاهين... منهنجي ڀرسان ٿي ويهه!” هن پيٽر جي ڪلهن تي زور ڏئي پنهنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهاريو. “جيستائين تنهنجي دل چوي هن ڪرسيءَ تي ويهه. هاڻ ڪير به توکي تنگ نه ڪندو.”
پيٽر هن کي غور سان ڏٺو ۽ ڊگھو ساهه کڻي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. اهو ڇوڪرو هاڻ پيٽر جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو ۽ نهايت ڌيرج سان چيو:
“هي نوٽ تو وٽ ڪٿان آيو؟”
هڪ دفعو وري پيٽر ڪاوڙ ۾ بِرُ ٿي ويو. “هي نوٽ منهنجو آهي. تون ڪير ٿيندو آهين مون کان پڇڻ وارو؟”
“آئون ته ائين ئي توکان پڇي رهيو آهيان. جيڪڏهن تون ناراض ٿو ٿين ته ٺهيو مون پڇڻ جي پچر ڇڏي.”
پيٽر هاڻ هن کي وڌيڪ غور سان جانچيو. ڇوڪر جي منهن تي پنهنجائپ جا تاثرات نظر اچي رهيا هئا. هو پيٽر کي سندس ٽنهي ساٿين کان نرالو لڳو. هن جو منهن مهانڊو به معصوم هو. پيٽر سوچڻ لڳو، هن کي ڪنهن تي ته اعتبار ڪرڻو ئي پوندو نه ته هن نوٽ جو مسئلو اتي ئي رهجي ويندو. هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي. هو ڇوڪر ڏي مخاطب ٿيو: “ڇا تون منهنجو هڪ ڪم ڪندين؟ آئون توکي ان جو اجورو ڏيندس.”
“مثال طور ڪهڙو ڪم؟” ڇوڪري جي منهن تي دلچسپيءَ جا تاثر اُڀري آيا. هن جا ٽيئي ساٿي خاموش هئا ۽ هنن جو ڌيان هنن ٻن ڏي هو. پيٽر ڳالهه ٻڌائي: “تون ته ڏسي ئي چڪو آهين ته مون وٽ هڪ هزار ڊالر جي رقم موجود آهي. هيءَ رقم مون وٽ ڪٿان آئي. اهو تنهنجو مسئلو ناهي، جيڪڏهن تون واقعي ان ڪم لاءِ تيار آهين ته مون سان گڏ بئنڪ تي هل ته هلي نوٽ کلو ڪرايون. آئون توکي ان ساٿ ڏيڻ جا پنجاهه ڊالر ڏئي سگھان ٿو.”
هن ڇوڪر جي منهن تي حيرت جا تاثرات نموندار ٿيا. پيٽر جلدي پنهنجي وضاحت ڪندي چيو: “در اصل منهنجو هال ڪجھه اهڙو غريباڻو آهي جو ٿي سگھي ٿو ته بئنڪ وارا شڪ ۾ پئجي وڃن.” پيٽر اهو ٻڌائيندي شرمندو ٿي رهيو هو، “ ته پوءِ ڇا خيال آهي؟” پيٽر ان ڇوڪر کي ماٺ ۾ ڏسي جواب طلب ڪرڻ چاهيو.
“آئون ٿورو پنهنجي ساٿين سان صلاح ڪرڻ چاهيان ٿو.” هو پنهنجن ٽنهي دوستن ڏي اشارو ڪري اُٿيو.
چارئي ڄڻا ڪائونٽر وٽ وڃي پاڻ ۾ صلاح سُولي ڪرڻ لڳا. رکي رکي هو پيٽر ڏي منهن ڪري هن کي غور سان ڏسندا به رهيا. پيٽر هاڻ هنن جي ان طرح جي نهارڻ کان خوف محسوس ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ جيئن ئي هن جي ڇهين حواس خطري جي گھنڊڻي وڄائڻ شروع ڪئي ته هو خبردار ٿي ويو. هن کي يقين ٿي ويو ته هو چارئي ڇوڪرا هن کان پئسا ڦرڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهن. ان کان اڳ جو هي ڇوڪرا مونکي هٿين خالي ڪري هتان ڪڍن. مون کي هتان ٽري وڃڻ کپي. هڪ دفعو ٻاهر اچي ويس ته آئون پوءِ پنهنجو بچاءُ پاڻهي چڱيءَ طرح ڪري سگھندس.” پنهنجي ان سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هو لُوه پائي دروازي ڏي وڌيو. پر ان کان اڳ جو هو ٻاهر نڪري وڃي، هڪ ڳرو هٿ پيٽر جي ڳچي ۾ سوگھو ٿي ويو. پيٽر جا قدم ڄمي ويا.”
“ڪيڏانهن پيو ڀڳو وڃين تون؟” هي اهو ڇوڪرو هو جنهن کي پيٽر پنهنجي ڪم لاءِ چيو هو.
“مون پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو آهي. في الحال آئون هن نوٽ کي مَٽائڻ نٿو چاهيان.” پيٽر هن کي ٻڌايو.
“پر اهو ته وعدو ڪري ڀڃڻ ٿيو. تو اسان کي رقم ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو جنهن کي پاڙڻ بنا تون ائين نٿو وڃي سگھين.” ننڍي قد واري ڇوڪر منهن ۾ گھُنڊ پائي سختيءَ سان چيو. هن جي داداگيرن واري لهجي پيٽر کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو.
“اسان توکان زبردستي به پئسا ڦري سگھون ٿا.” هن دفعي ڊگھي قد واري ڇوڪري دڙڪو ڏيندي چيو.
“چڱو ڀلا.” پيٽر سوچي ڪنهن فيصلي تي پهتو. “ پهرين مون کي واش روم وڃڻ ڏيو، رستو ڪهڙي پاسي آهي.”
ڊگھي قد واري ڇوڪري غور سان پيٽر کي ڏٺو. پوءِ واش روم ڏي هٿ سان اشارو ڪيو، “ساڄي هٿ تي هليو وڃ... پر!” هن ڌمڪيءَ واري انداز ۾ پيٽر کي ڏٺو. “اهو نه وسارجانءِ ته اسين تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهيون ۽ ها دير به نه ڪجانءِ.”
پيٽر ساڄي پاسي هلندو ويو. ڪاريڊار جي آخر ۾ واش روم هو، جنهن جي دروازي تي وڏن اکرن ۾ واش روم لکيل هو. پيٽر اندر گھڙيو هي هڪ ننڍو واش روم هو. هتي ڪنهن به قسم جي لائيٽ جو انتظام نه هو. البت هڪ دري ضرور هئي جنهن مان سج جي ايندڙ روشني سڄي واش روم کي روشن ڪري رکيو هو. اهو ڏسي پيٽر کي مايوسي ٿي ته دريءَ ۾ لوهه جون شيخون لڳل هيون. پيٽر جو واش روم جي بهاني هتي اچڻ جو اهو ئي مقصد هو ته شايد هتان ڪو اهڙو رستو نڪري اچي، جنهن مان هو ٻاهر نڪري سگھي. پيٽر چئني طرف نظرون ڊوڙايون پر اتي هن کي ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه آئي، جنهن کي هو هٿيار طور استعمال ڪري سگھي. هن کي ڇوڪرن کان هر صورت ۾ اهو نوٽ بچائڻو هو. پوءِ هن کي هڪ خيال آيو. هن کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍيو. ان کي چئوڻو پنجوڻو ڪري ويڙهي پني جو ننڍڙو ڀور ٺاهيو جيڪو ڏاٺ جي هيٺان دٻائي رکيو. هاڻ پيٽر کي اها پڪ هئي ته نوٽ محفوظ ٿي ويو آهي. اوچتو پيٽر کان ڇرڪ نڪري ويو. واش روم جو دروازو هڪدم اڇل سان کلي ويو. ائين ڄڻ ڪنهن در کي زور سان لت هڻي کوليو هجي. اندر اچڻ وارو اهو ئي ڊگھي قد ۽ آسماني سئيٽر وارو هو.
“ايتري دير کان ڇا ويٺو ڪرين؟” هو پيٽر کي شڪي نگاهن سان ڏسي چوڻ لڳو. پيٽر جي وات ۾ نوٽ هو ان ڪري هو جواب ڏيڻ واري حالت ۾ نه هو. ڊگھي قد وارو ڇوڪرو جيئن ئي اندر گھڙيو، پيٽر هن کي زوردار ڌڪو ڏنو ۽ وٺي ٻاهر ڊوڙ پاتي. ڊگھي ڪاريڊار ۾ هو تکو تکو ڊوڙي رهيو هو پر چند ساعتن بعد ڊگھي قد وارو اچي هن کي چهٽيو ۽ هڪ زوردار لت پيٽر جي چيلهه ۾ هنئي.
“ذليل انسان... اسان سان دوکو ڪري ٿو ڀڄين.”
پيٽر ڪنجھندي زمين تي ڪري پيو. ننڍي قد وارو به اتان اچي نڪتو هو ۽ پيٽر جي مٿي کان بيٺو هو.
“اڙي ڊئوڊ!” ڊگھي قد واري پنهنجي ساٿيءَ جو نالو کنيو، “هن جي تلاشي وٺ.”
ننڍي قد واري به هن جي پيٽ ۾ هڪ زوردار لت هڻي ڪڍي. پيٽر سور کان ٻيڻو ٿي ويو. ڊئوڊ جھڪي هن جي ٻنهي کيسن اندر ڳولا ڪئي ۽ پوءِ زور سان چيو: “هتي ته ڪجھه به نظر نه پيو اچي.” پوءِ پيٽر جا جوتا لهرائي ڏٺا ته متان پيٽر نوٽ کي بوٽن ۾ لڪايو هجي. پر نوٽ اتي به نه مليو.
“نوٽ ڪيڏانهن ويو؟” ڊگھي قد واري ۽ ڊئوڊ جو ڪاوڙ کان هال خراب ٿي رهيو هو. ان کان پهرين جو هو پيٽر کي ماري ماري هڏ گڏ ڀڃنس، هو ٽئي ڄڻا وڙهندا ڪاريڊار جي مين گيٽ وٽ اچي پهتا.
هنن جي ٽئين ساٿيءَ گھٻرائيندي هن کي ٻڌايو: “ٻاهر هال ۾ هڪ پوليس وارو موجود آهي، جيڪو هينئر آيو آهي. هو سڄي ڪلب جي چڪاس ڪري رهيو آهي. شايد هتان به اچي نڪري ان ڪري بهتر آهي ته هتان ڀڄي نڪرجي.” هنن ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي کڻي پٺيان پير ڪيا. ڊئوڊ ۽ ڊگھو ڇوڪرو به ان ئي وقت وٺي ڀڳا. پيٽر جي ته الله ٻڌي. اهي ڇوڪرا شايد ڪنهن ڏوهه ۾ پوليس کي گھربل هئا. ان ڪري اهي ايترا ڊنل هئا.
هنن جي وڃڻ کانپوءِ پيٽر ٿاٻرندي ٿاٻڙندي اٿيو ۽ واپس واش روم ۾ آيو. وات مان موڙي نوٽ ڪڍي کيسي وڌو پوءِ پنهنجي مٿي ۽ منهن کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا. ڪجھه لمحن بعد جڏهن حواس جاءِ ٿيس ته ٻاهر نڪري آيو. هال ۾ نه اهي چار ڇوڪرا هئا ۽ نه ئي ڪو پوليس وارو. شايد پوليس وارو انهن جي ڪڍ ويو هجي. پيٽر اهو سوچيندو ڪلب کان ٻاهر نڪري آيو.
پيٽر هاڻ ڏکويل جسم سان آهستي آهستي رستي تان هلي رهيو هو. لاشعوري طور هن پنهنجي رفاعي اداري (سوشل سينٽر) ڏي وڌي رهيوهو. ٻنهي بدمعاشن هن جو هڏ هڏ جھوري رکيو هو ۽ هاڻ ته ڄڻ هن جي ذهن تي به ڌنڌ چڙهي ويو هو.
اوچتو پيٽر کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي پنهنجي پٺيان ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن هڪدم مُڙي ڏٺو. هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪو تيزيءَ سان ڪٿي لڪي ويو. ڪير ٿي سگھي ٿو؟ پيٽر جي دل ڌڙڪڻ لڳي. اهو پڪ انهن چئن بدمعاشن مان ڪو هوندو ۽ يقين سان اهو ڊگھي قد وارو هوندو. اهو انهن چئني مان گھڻو جھيڙاڪ هو. پيٽر هاڻ ڊڄي ويو هو. هن جي اندر جو حوصلو ۽ اعتماد ختم ٿي چڪو هو. هو اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجي ويو هو ته هو هنن چئني مان ڪنهن هڪ کي به ڪجھه نٿو ڪري سگھي. باقي هو چاهين ته هن کي موچڙا ضرور هڻي سگھن ٿا.
پيٽر وري مُڙي ڏٺو. هن کي وري محسوس ٿيو ته ڪو هو ضرور جيڪو لڪي ويو. “ڪٿي هي منهنجو وهم ته نه آهي.” پيٽر سوچيو ۽ پوءِ ٻي گھڙيءَ پاڻ ئي پاڻ کي جواب ڏنائين، “اهي ڇوڪرا وهم نه پر حقيقت هئا ۽ حقيقت جي شاهدي منهنجي جسم مان نڪرندڙ سور جونسِيٽون ڏئي رهيون آهن.” هوتکيون تکيون ٻرانگون ڀريندو اڳتي وڌيو. ان نوٽ کي ڪنهن محفوظ جاءِ تي لڪائي رکڻ تمام ضروري هو. مگر ڪٿي؟ ڪهڙي اها جاءِ آهي؟ هو انهن سوالن ۾ مُنجھندو ۽ مٿو کپائيندو اڳتي وڌندو رهيو. پوءِ جيئن ئي هن کي رفاعي اداري جي عمارت نظر آئي ته هن جي دماغ ۾ ڄڻ هڪ چمڪاٽ ٿي ويو. “آئون به ڪيڏو ڇسو ۽ بي عقل آهيان.” پيٽر پنهنجو پاڻ کي چيو، “نوٽ کي لڪائڻ لاءِ چندي جي پيتيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي جاءِ ٿي سگھي ٿي.” اهو ئي هڪ سولو ۽ محفوظ طريقو هو.
پيٽر سينٽر ۾ داخل ٿي وڏي ڪمري ۾ هليو آيو. هال ان وقت به خالي هو. هن هڪ دفعو وري چوڌاري ڏسي دلجاءِ ڪئي ته اتي ڪير به نه هو. هن هڪ دفعو وري چوڌاري ڏسي دلجاءِ ڪئي ته اتي ڪير به نه هو. پوءِ هن کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍي ڪجھه لمحن لاءِ ان کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ چندي جي پيتيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. پيٽر کي ائين لڳو ڄڻ سندس مٿي تان هڪ وڏو بار لهي ويو. “هاڻ هيءَ رقم آئون رات جو ڪڍي وٺندس ۽ ان کي قابو رکڻ لاءِ تيسين ڪا ترڪيب سمجھه ۾ ضرور اچي ويندي.” هو اهو سوچيندي پيتيءَ وٽ ئي بيٺو هو ته مسٽر بومين جو آواز سندس ڪنن تي پيو.
“هيلو پيٽر! ڇا ٿي رهيو آهي؟”
پيٽرجي هٿن مان ڄڻ ڪبوتر ڇڏائجي ويا. هن مُڙي ڏٺو. بومين آرام سان وکون کڻندو هن ڏي اچي رهيو هو. “خيريت ته آهي، اڄ ايترو جلدي پيتي کولي رهيو آهين؟”
“نه ... نه ته...” پيٽر هٻڪندي وراڻيو، “آئون ته پيتيءَ کي ائين ئي چيڪ ڪري رهيو هوس ته سڀ ڪجھه صحيح آهي يا نه..” پيٽر کي ائين لڳو ڄڻ هن جو ڪو راز فاش ٿي ويو هجي.
بومين پيٽر جي تاثرات تي ڌيان ڏيڻ بدران چوندو رهيو، “اڄ هتي رفاعي سينٽر ۾ ڪجھه مهمان اچي رهيا آهن. آئون اڄ رات انهن سان ئي مشغول هوندس. ان ڪري بهتر ٿيندو ته پاڻ هينئر ئي پيتي کولي حساب ڪري ڇڏيون ۽ توکي به اڄ جي چانهه پاڻيءَ جي خرچي ڏئي ڇڏيان.” پوءِ هن خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيندي چيو، “مون کي اميد آهي ته اڄ گھڻو مال جمع ٿيو هوندو.”
“اڄ جي گذاري لاءِ مون وٽ خرچ پکو آهي.” پيٽر جلدي ۾ ڳالهايو، “چندي جي پيتي سڀاڻي کولينداسين. ايتري جلدي ڪهڙي ڪم جي.” هن هرحال ۾ بومين کي پيتي کولڻ کان منع ڪرڻ چاهي ٿي.
“اوهو! پيٽر...” بومين هن کي شڪي نگاهن سان ڏٺو. “تون اجايو تڪلف کان ڪم وٺي رهيو آهين. مون کي تنهنجي حال جي خبر آهي. ان ڪري آئون توکي تنهنجيحصي جي رقم ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ هونءَ به چندو ته ڪڍڻو ئي آهي. جهڙو سڀاڻي تهڙو اڄ. ڪهڙو فرق ٿو پوي.” بومين جواب وٺڻ وارين نظرن سان پيٽر ڏي ڏٺو، “ڇا خيال آهي پوءِ ڀلا پيتي کوليون؟”
پيٽر وٽ هاڻ ڳالهائڻ لاءِ ڪجھه به نه بچيو هو. هن کي اهو به ڊپ هو ته هو جيڪڏهن پيتي کولڻ لاءِ گھڻي مخالفت ڪندو ته بومين کي شڪ پئجي ويندو. هن ماٺ مٺوڙي ۾ کيسي مان ڪُنجي ڪڍي ڪلف ۾ لڳائي.
پيٽر جون سوچون فقط سوچن جي حد تائين ئي رهيون. هن جا خواب ساڀيان نه ماڻي سگھيا. پيتي کوليندي پيٽر پنهنجي بدقسمتي تي اندر ئي اندر ڪڙهندو رهيو.
بومين پيٽر جي ڀر ۾ ئي بيٺو هو. ان ڪري پيٽر کي هٿن جي صفائي ڏيکارڻ جو به موقعو نه مليو. هن ڪُنجيءَ کي گول گھمايو ۽ ٽَڙڪ جي آواز سان ڪلف کلي ويو. پيٽر ان کي ڪڍي ميز تي رکيو ۽ پيتيءَ جو ڍڪ کوليو.
بومين جون نگاهون پيتيءَ ۾ ئي کتل هيون. سڪن ۽ ننڍن نوٽن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري بومين هزار ڊالر وارو نوٽ کڻي ورتو. بومين جي نظر چڱي ڪمزور هئي. هن ٿلهن شيشن واري عينڪ لڳائي ٿي. هن نوٽ کي پنهنجي اکين اڳيان جھلي پيٽر کان پڇيو:
“هي گھڻن ڊالرن جو نوٽ آهي؟” (آمريڪي ڊالرن جي نوٽن جي رنگ يا سائيز مان ته خبر ئي نٿي پوي جو سڀ سائي رنگ جا ۽ هڪ ماپ جا ٿين ٿا. انگن مان ئي اندازو لڳائجي ٿو.)
“هڪ هزار ڊالر جو.” پيٽر هڪدم صاف لهجي ۾ ٻڌايو.
“هڪ هزار ڊالر جو!” بومين جي آواز ۾ حيرت ۽ خوشي هئي، “ڪمال آهي...” هن چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي، “ماڻهو چندو ڏيڻ ۾ ايڏي سخاوت جو مظاهرو ڪري سگھن ٿا. هي منهنجي زندگيءَ جو پهريون مشاهدو آهي.” بومين خوشيءَ وچان ڳالهائيندو رهيو. پوءِ ڄڻ هن کي ڪو خيال اچي ويو.
“تون ايترو جلدي هڪ ئي نگاهه ۾ ڪيئن سڃاڻي ورتو ته اهو هڪ هزار ڊالرن جو نوٽ آهي؟ اڃا ته نوٽ منهنجي ئي هٿ ۾ هو، مون ته توکي صحيح طرح ڏيکاريو به نه هو.”
پيٽر جي چپن تي هڪ عجيب مرڪ نموندار ٿي. ڄڻ هو پنهنجو پاڻ مان ئي بيزار هجي.
پيٽر کي ماٺ ۾ ڏسي بومين هن کي هڪ دفعو وري مخاطب ٿيو. “تعجب جي ڳالهه آهي! تو نوٽ کي پهرين ئي نظر ۾ ڪيئن سڃاڻي ورتو. جڏهن منهنجي هٿن ۾ منهنجي ويجھو هو ته به ايترو جلد آئون سڃاڻي نه سگھيس. تنهنجي ان صلاحيت تي مون کي تعجب لڳي ٿو.”
هن ڀيري پيٽر جواب ڏيڻ ضروري سمجھيو: “در اصل مون وٽ به هڪ دفعي هزار ڊالر جو نوٽ آيو هو.”
“واقعي؟” بومين اڃا به وڌيڪ حيران ٿي ويو. “پوءِ تو ان نوٽ جو ڇا ڪيو؟”
“ڪجھه به نه.” پيٽر اطمينان سان جواب ڏنو. “اهو نوٽ جتان آيو هو اوڏانهن ئي هليو ويو.” پوءِ هو ڪنڊ ۾ رکيل ٻهارو کڻي صفائي ۾ لڳي ويو.
بومين حيرت مان هن کي ڏسندو رهيو.
(ليکڪ : نامعلوم)