نيويارڪ ڇڏي ويسٽ پام پهچڻ
شايد توهان معلوم ڪرڻ چاهيندائو ته منهنجو ٻيو ڪم ڪهڙو آهي. اهو آئون توهان کي نه ٻڌائيندس. هونءَ به جيڪا ڳالهه آئون توهان کي ٻڌائڻ وارو آهيان، انجو ان ڪم سان ڪو واسطو نه آهي. هلو سائين ڪنهن حد تائين توهان جي آنڌ مانڌ کي ختم ڪرڻ لاءِ ايترو ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته منهنجو اهو ڪم غيرقانوني هرگز ناهي. جيتوڻيڪ ڪجھه ماڻهن جي نظر ۾... بلڪ ٿي سگھي ٿو ته گھڻن جي نظر ۾ اهو ڪم سماجي خيال کان قابلِ اعتراض هجي.
ٽائين جي هن دڪان جي مئنيجر جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هو ڪنهن به نوجوان کي پنهنجي دڪان ۾ ڪم تي رکڻ وقت هن جي تجربي يا رڪارڊ وغيره ڏي زياده ڌيان نٿو ڏئي. هو فقط اهو ڏسي ٿو ته نوجوان جو قد ڪاٺ، صحت، شڪل صورت، وار ۽ پوشاڪ جو رنگ ڍنگ ڪيئن آهي. هن جي مُرڪ ۽ هن جي ڳالهائڻ جو نمونو ڪيترو موهيندڙ آهي. هتي فقط سٺي صورت، سٺي لباس ۽ ٺاهوڪي جسم جي نوجوانن کي نوڪري ملي سگھي ٿي.
ان جو سبب سنئون سڌو آهي. توهان کي اهو ٻڌي شايد حيرت ٿئي ته ٽائيون گھڻو ڪري عورتون ئي خريد ڪن ٿيون- ڪنهن نه ڪنهن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ...! هڪ سهڻي صورت، سٺي لباس ۽ سٺي ڳالهائڻ وارو نوجوان سيلز مئن نه فقط انهن لاءِ موهه پيدا ڪري ٿو پر هو ڪنهن مرد لاءِ ٽائين جي چونڊ ۾ پڻ هنن جي مدد ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪائونٽر تي اسان جي دڪان جي مئنيجر جهڙو ڪو پوڙهو، سڪل سڙيل بور ماڻهو بيهي رهي ته ايندڙ عورتون ٽائيون خريد ڪرڻ جو ارادو ئي لاهي ڇڏين ۽ ڪاسميٽڪس جي شعبي ۾ وڃي ڪو عطر ڪولون پسند ڪن.
آئون ضرورت وقت هميشه ٽائين جي هن دڪان “ٽائي بار” ۾ ڪيترائي دفعا نوڪري ڪري چڪو آهيان. حالتون بهتر ٿيڻ تي آئون نوڪري ڇڏي به ڏيندو آهيان. ضرورت پوڻ تي وري موٽي ايندو آهيان. منهنجو هر هر هتي اچي شوق سان نوڪري ڪرڻجو هڪ سبب اهو آهي ته هتي منهنجي مطلب جي عورتن سان، منهنجي ملاقات ٿيڻ جا امڪان گھڻا هوندا آهن. يعني مٿاهين طبقي جي اهڙين شادي شده يا ٿوري وڏي عمر جي اهڙين اڪيلين عورتن سان جيڪي سخت بوريت واري زندگي گذاري رهيون آهن ۽ هو دلچسپين جي ڳولا ۾ هونديون آهن...
خير... اهو منهنجو اصل موضوع ناهي. آئون ته توهان کي اهو قصو ٻڌائڻ وارو هوس، جنهن جي شروعات “ٽائي بار” دڪان سان ٿي هئي. ان ڏينهن آئون پنهنجو پاڻ کي تمام گھڻو ۽ تازو توانو محسوس ڪري رهيو هوس جو گذريل رات تمام خوشگوار گذري هئي. هڪ خوبصورت، نوجوان ۽ ٺٺ ٺاٺ واري عورت مون سان رات گذاري هئي. هن جي رفاقت جا اثرات اڃا تائين منهنجي رڳ رڳ ۾ موجود هئا. مون دڪان جي قدِ آدم آرسيءَ ۾ پنهنجو جائزو ورتو ۽ آئون پاڻ کي روز مره کان وڌيڪ بهتر لباس ۾ هلڪو ڦلڪو نظر اچڻ لڳس.
انهي ڏينهن دڪان ۾ گراهڪن جي اچ وڃ ڪجھه وڌيڪ هئي. منجھند ڌاري جڏهن رش ڪجھه گھٽ ٿي ته مون کي ماريا دڪان ۾ گھڙندي نظر آئي. ماريا ڪجھه ائين هلندي هئي ڄڻ ناچ شروع ڪرڻ واري هجي. هاڻ ته هوءَ ورٽن نالي هڪ شاهوڪار ۽ وڏي ڪاروباري ماڻهوءَ جي زال هئي، پر مون هن کي شاديءَ کان اڳ کان سڃاتو ٿي. هن جي عمر ان وقت چاليهن جي لڳ ڀڳ هئي پر سهڻي لباس، رک رکاءُ ۽ ٻين ٺٺ ٺانگرن ڪري هوءَ ننڍي عمر جي لڳي ٿي.
ماريا ان وقت ماڊلنگ جي ميدان ۾ تمام ڪامياب وڃي رهي هئي، جڏهن آئون هن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. آئون به ماڊلنگ جي دنيا ۾ پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ پهتو هوس ۽ هاڻ منهنجي خيال ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته آئون ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيس. ڪنهن حد تائين ان ۾ منهنجي سستي، آرام طلبي ۽ عيش پرستيءَ جو به دخل هو. ان کان پوءِ مون اداڪاريءَ جي ميدان ۾ به قسمت آزمائي ڪئي پر اتي به ڪهاڻي ڪجھه گھڻي مختلف نه رهي. تنهن هوندي به انهن ٻنهي جاين تي پنهنجي ڪوشش کي مڪمل طور ناڪام نٿو چئي سگھان. گھٽ ۾ گھٽ انهن شعبن ۾ منهنجو ملڻ جلڻ زنده دل ۽ خوبصورت عورتن سان وڌي ويو، جنهن جي عيوض ذهن جي صنم خاني ۾ ڪجھه حسين يادين جو واڌارو ٿي ويو.
ماريا مون کي سحر انگيز ۽ ماحول کي جڳمڳ ڪندڙ مرڪ سان نوازيو. ان مرڪ ماريا کي ماڊلنگ جي دنيا جي ڏاکڙن مان ڪڍي هڪ شاهوڪار ماڻهوءَ جي زال بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن جي مڙس جا مئن هٽن (نيويارڪ) کان نائيڪ تائين فرنيچر جي اعليٰ قسم جا دڪان هئا.
“ڇا حال آهي دوست؟” هوءَ ٻهڪڻ لڳي، “ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي جو هڪ وڏي عرصي بعد ههڙي طرح اوچتو توسان ملاقات ٿي وئي، اڄ ڪلهه تون سيلز مئن آهين؟”
“بس ڪڏهن ڪڏهن ٿي ويندو آهيان.” مون جواب ڏنومانس، “بس زندگي ڪنهن ريت ته گذارڻي ئي آهي.”
“زبردست لڳي رهيو آهين.” ماريا چيو.
“تون به قيامت برپا ڪري رهي آهين.” مون چيومانس.
“ ڪوڙ نه ڳالهاءِ. منهنجو وزن وڌي ويو آهي ۽ وار ڇڻي رهيا آهن. اڄ منجھند جي مانيءَ کانپوءِ ليونارڊو سان منهنجي ملاقات رکيل آهي.” هن ٻڌايو.
ليونارڊو اڄڪلهه جو مشهور “هيئر ڊريسر” آهي، جيڪو دولتمند عورتن جي وارن جي نگهباني ۽ بهتري لاءِ صلاحون ڏئي ٿو. وار ته خبر ناهي بهتر ٿين ٿا يا نه پر هو عورتن جي کل ضرور لاهي ٿو. ان هوندي به عورتن جي هن وٽ ايڏي پيهه پيهان آهي جو هن سان ملڻ لاءِ اڳواٽ وقت وٺڻو پوي ٿو.
ماريا ڳالهه جاري رکندي چيو: “بهرحال توکي هتي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آهي. مون کي منهنجي مڙس ورٽن لاءِ هڪ ٽاءِ جي چونڊ ۾ ٿوري مدد ڪر . ڇنڇر ڏينهن هن جي سالگره آهي.”
ماريا جي مڙس ورٽن سان منهنجي ملاقات فقط هڪ دفعو هن جي شاديءَ جي موقعي تي ٿي هئي، ان ڪري مون کي ماريا کان پڇڻو نه پيو ته اکين جو رنگ ڪهڙو آهي؟ مون کي ياد نه هو ته مون هن جون اکيون ڏٺيون به هيون يا نه.
“هن جون اکيون تنهنجين اکين جهڙيون صاف آسماني ته نه آهن ڊارلنگ!” هن ٿڌي آهه ڀريندي چيو، “بس ائين سمجھه ته ڪجھه ساوڪ مائل آسماني آهن.”
مون هن کي ٽائيون ڏيکارڻ ۽ صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون. بيشمار ٽائيون ڏسڻ بعد آخرڪار منهنجي ئي چوڻ تي هن هڪ ٽاءِ جي چونڊ ڪري ورتي ۽ منهنجو ذري ذري ائين ٿورو مڃڻ لڳي، ڄڻ مون هن کي ڪنهن وڏي آزمائش يا مصيبت مان بچائي ورتو هجي. پوءِ هن چيو: “آئون ٻي بجي تائين واندي آهيان. هل، مان توکي ماني کارايان. هن مارڪيٽ جي مٿان جيڪا ريسٽورنٽ هئي سا اڃا آهي يا بند ٿي چڪي آهي؟”
“نه... ريسٽورنٽ ته موجود آهي.” مون مجبوريءَ جو اظهار ڪندي چيو،“پر آئون هڪ بجي ڌاري واندو ٿي سگھندس.”
“ صحيح آهي. آئون هڪ بجي ڌاري وري اچي وينديس. تيستائين آئون ٻين دڪانن ۾ ليئو پائي ٿي وٺان.” اهو چئي هوءَ رواني ٿي وئي.
گراهڪن جي اچ وڃ لڳي رهي ۽ آئون سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ ۽ سٺي طرح پيش اچڻ ۾ مشعول رهيس. منهنجي چپن کي سمجھو ته آرام ئي نه پئي مليو. منهنجو مطلب آهي آئون لڳاتار مرڪندو رهيس. هڪ وڳي ڌاري هڪ ڳاڙهن وارن واري “حشر پيدا ڪندڙ” قسم جي حسينا دڪان ۾ داخل ٿي ۽ ٽائيون ڏسڻ لڳي. هن جا وار ايڏا ته خوبصورت هئا جو اهڙا وار حاصل ڪرڻ لاءِ ماريا شايد ڪنهن جو قتل ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي وڃي. رڳو وار نه پر هوءَ مٿي کان پيرن تائين حسن جو مجسمو هئي: “پلي بواءِ” رسالي جهڙا پبلشر ههڙي عورت کان پنهنجي رسالي لاءِ ماڊلنگ ڪرائي بيحد خوش ٿي سگھيا ٿي.
هڪ ٻي گراهڪ مائِي کي فارغ ڪرڻ بعد مون هن جي ويجھو پهچي مرڪڻ جو اوورٽائيم ڪندي چيو: “ڪا ٽاءِ پسند آئي مئڊم؟”
“نه...” هن چاش جهڙي مٺي لهجي ۾ وراڻيو، “آئون در اصل هڪ شوخ رنگ واري ٽاءِ جي ڳولا ۾ آهيان... ڪجھه ٻهڪندڙ رنگن واري...”
مون ڪجھه دٻا کولي هن جي پسندواري قسم جون ٽائيون ٽيبل تي پکيڙيون. هوءَ انهن کي وڏي دلچسپيءَ سان ڏسڻ لڳي. آخرڪار هن هڪ اهڙي تکن رنگن ۽ تجريدي ڊيزائين واري ويڪري ٽاءِ پسند ڪري ورتي، جنهن جهڙي ٽاءِ اونداهي رات ۾ ڪتي کي گھمائڻ لاءِ وٺي وڃڻ وقت به آئون لڳائڻ پسند نه ڪندس. آئون حيران هوس ته هوءَ ڪهڙي گڏهه لاءِ اهڙي ٽاءِ خريد ڪري رهي آهي.
هن کي کولڻ لاءِ مون ظاهري طرح عام لهجي ۾ پڇيو:
“هيءَ ٽاءِ توهان شايد پنهنجي مڙس لاءِ خريد ڪري رهيون آهيو؟”
“پنهنجي ‘مڙس’ لاءِ نه... البت ‘هڪ مڙس’ لاءِ.” هن مرڪندي منهنجي درستي ڪئي. مون محسوس ڪيو ته هوءَ ذري گھٽ مون کي اک ڀڃڻ جي موڊ ۾ هئي. مون کي اندر جي ڳالهه جو اندازو ٿي ويو. انهيءَ مهل مون کي اوچتو احساس ٿيو ته ماريا دڪان ۾ اچي چڪي آهي پر هن منهنجو پاڻ ڏي ڌيان نه ڇڪايو. هوءَ ان ڊگھي ڪائونٽر جي ٻي ڪنڊ وٽ بيٺي رهي ۽ ٽِڪَ ٻڌي هن ڳاڙهن وارن واري عورت کي ڏسڻ لڳي. عجيب ڳالهه اها هئي جو ان وقت هوءَ سونهري گھنڊيدار وارن واري اهڙي وِگ سان هئي جو سندس شڪل مختلف پئي لڳي. خبر ناهي هوءَ ڪٿان اهڙي وگ خريد ڪري آئي هئي. شايد وقت جي مشهور حجام ليونارڊو هن کي في الحال وگ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.
انهيءَ وچ ۾ دڪان جو ٻيو سيلزمئن ڊيوٽيءَ لاءِ اچي ويو. مون ڳاڙهن وارن واريءَ جي چونڊيل ٽاءِ کي پئڪ ڪرڻ ۽ پئسا وصول ڪرڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو. ان بعد اڌ ڏينهن جي وڪري جو حساب مئنيجر کي ڏيئي ماريا سان گڏ دڪان کان ٻاهر نڪتس.
ماريا مون سان گڏ گڏ هلندي هيٺائين آواز ۾ چيو: “ڪهڙو شخص اهڙي خوفناڪ ٽاءِ لڳائڻ پسند ڪندو؟”
“بس اهو ئي هوندو جيڪو پنهنجي سريت کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذوق جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندو.” مون خيال ظاهر ڪيو.
“ٿي سگھي ٿو تنهنجو اندازو صحيح هجي ته اها ڇوڪري ان قسم جي هجي پر ان سان گڏ گڏ اها نوڪري پڻ ڪري ٿي.” ماريا چيو.
“تون ان کي سڃاڻين ٿي؟” مون پڇيو.
“سڃاڻانس ته ڪانه ٿي... پر هن کي پهرين به ڏسي چڪي آهيان. شهر جي وچ ۾ منهنجي مڙس جو جيڪو “فرنيچر اسٽور” آهي... هيءَ ڇوڪري اتي جي سيلز اسٽاف ۾ شامل آهي. هڪ طرح جي سيلز گرل ئي آهي.” هن ٻڌايو.
اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻ ذريعي ٽاپ فلور تي پهچي ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويٺاسين. ان دوران ماريا سان ڳالهه ٻولهه مان اهو به معلوم ٿيو ته هن جي اڄڪلهه جي فئشن ايبل حجام سان اڃا ملاقات نه ٿي آهي. وگ هن پنهنجي طرفان سوچي خريد ڪري لڳائي آهي.
“مون پئي سوچيو ته شايد ليونارڊو منهنجي وارن بابت ڪا خراب خبر نه ٻڌائي.” هن وضاحت ڪئي.
“توبهه توبهه ماريا...” مون ڪجھه حيرت مان هن ڏي ڏٺو، “تون ته ڪجھه اهڙيءَ طرح جي ڳالهه ڪري رهي آهين ڄڻ ڊاڪٽر توکي ڪئنسر جي مرض ۽ وڌيڪ فقط ڇهه مهينا جيئرو رهڻ جي خبر ٻڌائڻ وارو آهي.”
“آئون اڄڪلهه ڪجھه ائين ئي محسوس ڪري رهي آهيان.” هن جي لهجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي اداسي اچي وئي ۽ سندس منهن تان تازگي ۽ کل ڀوڳ ڄڻ غائب ٿي ويو. مون لاءِ مسئلي جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه هو.
“گھر جي جنت ۾ طوفان جا آثار نموندار ٿي رهيا آهن ماريا؟” مون مٺي لهجي ۾ چکيو، “لڳي ٿو گھرو زندگي خطري ۾ آهي.”
هن هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين پٺيان وقت وڃائڻ بدران ٿڌو ساهه کڻي چيو، “منهنجو مڙس ورٽن مون کي طلاق ڏيڻ ٿو چاهي.”
“ڇو ؟” مون بي يقيني ۽ حيرت مان پڇيو.
“هو مڃي ته نٿو پر ظاهر آهي ان جو سبب ڪا ٻي عورت هوندي.”
“ورٽن مون کي اهڙو ماڻهو ته نٿو لڳي. هو ته قدامت پسند ۽ روايت پرست قسم جو ماڻهو آهي.” مون چيومانس، “ان قسم جا ماڻهو فقط هڪ شاديءَ تي ئي گذر ڪندا آهن.”
“شايد هو پهرين اهڙو رهيو هجي، پر هاڻ هو بدلجي چڪو آهي. هن ته ورزش لاءِ جيمخاني وڃڻ به شروع ڪري ڏنو آهي. ٽينس کيڏڻ لڳو آهي. پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خيال رکڻ لڳو آهي. چڱي خاصي عمر گذارڻ بعد هاڻي وڃي هن کي انهن ڳالهين جو خيال آيو آهي، ان مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي؟”
مون هاڻ محسوس ڪيو ته ماريا جي ميڪ اپ جي تهن هيٺ هلڪا گهنج ۽ ذهني ڇڪ جون علامتون ڍڪيل هيون. هن لمحي کن جي ويڳاڻي خاموشي بعد چيو: “مون هن خاطر پنهنجو ڪيريئر قربان ڪري ڇڏيو ۽ هڪ سٺي زال ٿي رهڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي پر ان جو مون کي ڪهڙو ڦل مليو آهي.”
“ٿي سگھي ٿو اهو تنهنجو وهم هجي ته هن جي روزمره جي زندگيءَ ۾ اوچتو آيل تبديلين پٺيان ڪا عورت آهي.” مون چيو.
“ٻيو سبب جيڪو مون کي پهرين کان به وڌيڪ ڊيڄاري ٿو.” هن چيو، “اهو هي آهي ته هن مون سان شادي منهنجي ذهانت کان متاثر ٿي نه ڪئي هئي. هاڻ جيڪڏهن هن جي مون ۾ دلچسپي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هو مون کي طلاق ڏيڻ چاهي ٿو ته ان جو مطلب صاف ظاهر آهي ته منهنجي ظاهري خوبصورتي ۽ جسماني ڪشش پوين پساهن ۾ آهي. آئون هڪ جھريل عمارت جيان ٿيندي وڃان.”
“خدا جي واسطي اهي بيڪار ڳالهيون بند ڪر. تون ته پهرين کان به وڌيڪ سهڻي ٿي پئي آهين.” مون چيو... خدا مون کي معاف ڪري... ڪنهن وقت ڪنهن جي دل رکڻ لاءِ ڪيڏو وڏو ڪوڙ ڳالهائڻو پوي ٿو.
“هو سنئون سڌو کڻي چوي ته هن کي مون سان محبت نه رهي آهي... يا هو مون تي کڻي چڙ ڪري... هن جو مون سان سلوڪ خراب رهي ته به آئون ان سلسلي ۾ ڪجھه ڪري سگھان ٿي. پر هو ته مون کي نرميءَ جي مار ڏئي رهيو آهي. هو بيحد ميٺاج ۽ فضيلت سان مون سان ملي ٿو پر هن مون ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني آهي. توکي ته خبر آهي ته آئون هن سان پيار ڪريان ٿي ۽ هن کي هٿن مان وڃائڻ نٿي چاهيان پر مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته آئون ڇا ڪريان.
“جيڪڏهن هو طلاق بابت سنجيدو آهي ته تون ڇا ٿي ڪري سگھين،” مون چيو مانس. “بس ايترو بندوبست ڪري وٺ ته هن جي ڪجھه ملڪيت تنهنجي نالي ٿي وڃي.”
اسان ٻنهي شاديءَ وقت جيڪو معاهدو سائن ڪيو هو، اهو ان جي حساب سان طلاق جي صورت ۾ اسان ٻئي هڪ ٻئي کان ڪو به مطالبو نٿا ڪري سگھون.” هن ٻڌايو.
“ان هوندي به ڪو سٺو وڪيل...” آئون هن کي ان طرح جون دلداريون ڏيندو رهيس. اسان جي ڳالهه ٻولهه بوريت ۽ بيزاريءَ جو رخ اختيار ڪري رهي هئي. مون دل ئي دل ۾ خدا جو شڪر ادا ڪيو ته منهنجي لنچ بريڪ فقط هڪ ڪلاڪ لاءِ هئي.
اوچتو ماريا کي ڄڻ ڪو خيال آيو. هن جي چهري جو پتو يڪدم بدلجي ويو. هن ڄڻ ڪنهن نئين اميد جي سهاري تي ڳالهايو! “ڇنڇر جي ڏينهن شام جو تون ڇا ڪري رهيو آهيان؟”
“تون ڇو پڇي رهي آهين؟”
“مهرباني ڪري ان ڏينهن تون اسان جي گھر ڊنر تي هليو اچ.” هن منٿ ڪندي چيو. “مون پنهنجي مڙس روٽن جي شادي جي سالگره جي سلسلي ۾ خاص ڊنر جو بندوبست ڪيو آهي. پر هو لڳي ٿو آفيس ۾ ئي هوندو. آئون چاهيان ٿي ته تون ان جي اچڻ کان اڳ پهچي وڃ. ڪجھه وقت پاڻ ۾ اڪيلا گذارينداسين. هو اچي ڏسندو ته مون هڪ ٺاهوڪي جوان کي ڊنر تي گھرايو آهي ته هن کي ضرور جھٽڪو لڳندو. هن مون کي گھر جي ڪڪڙ ئي سمجھي رکيو آهي. هن جي دماغ ۾ هوندو ته هاڻ مون کي ڪو به ڍنگ جو مرد لفٽ نه ڪرائيندو. شايد منهنجي مسئلي جي پاڙ به اهائي آهي. آئون چاهيان ٿي، ٻاهرين ڏيک طور ئي سهي.. پر هن جي اها غلط فهمي دور ٿي وڃي.”
“تنهنجو مطلب آهي ته هو حسد ۾ مبتلا ٿئي؟” مون عجيب مونجھاري جي حالت ۾ کانئس پڇيو. “ان سان ڪهڙو فائدو رسندو؟”
“شايد هن کي آئون وڻڻ لڳان. تون هن جي سامهون مون سان چڱيءَ طرح هُجائتو ٿي ڳالهائجان ٻولهائجانءِ.” هن چيو.
هن جي گھريلو ۽ ذاتي مسئلن ۾ پوڻ جو خيال مون کي ڊيڄاري رهيو هو. هن منهنجي گھٻراهٽ کي محسوس ڪندي چيو:
“آئون توکي تنهنجي وقت ڏيڻ جو اجورو چڱي طرح ادا ڪنديس.”
آئون هن جي ان بنا رک رکاءُ واري پيشڪش تي حيران ٿيڻ بنا رهي نه سگھيس. ان جو مطلب هو ته هن کي گذريل سالن جي عرصي ۾ منهنجي ڪم ڪارين جي چڱيءَ طرح ڄاڻ پئجي رهي هئي. تنهن هوندي به مون پنهنجو وقار برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: “هاڻ اهڙي به ڳالهه ناهي. آئون اجورو وٺڻ بنا به پنهنجي هڪ پراڻي ساٿيءَ جي ڪم اچي سگھان ٿو.”
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماريا جي ڪنهن اهڙي عورت سان ملاقات ٿي هجي، جنهن کان مون ڪڏهن ڪجھه پئسا وٺي سندس ڪم سر انجام ڏنو هجي.
“ ان جو مطلب آهي ته تون ضرور ايندين؟” هن خوش ٿيندي چيو.
“وڏي خوشيءَ مان.” مون پنهنجي ناپسند کي لڪائيندي چيو، “پر ڏسجي ته ڪو فائدو به ٿئي ٿو يا نه.”
“فائدو ته پڪ ٿيندو.” هن خوش ٿيندي چيو. هوءَ ڪجھه ائين خوش نظر اچي رهي هئي ڄڻ هن جا سڀ مسئلا حل ٿي ويا هجن. ان وقت مون کي هن تي ترس اچي رهيو هو.
ريسٽورنٽ مان اٿي اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻ ڏي وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو ماريا بيهي رهي، منهنجي ٻانهن کي زور ڏيندي هن چيو : “ٿورو هيٺ ته ڏس.”
مون هيٺين ماڙ تي “جوئلري اسٽور” ڏي نظر ڪئي، جيڏانهن هوءَ منهنجو ڌيان ڇڪائي رهي هئي. ان دڪان جي ڪائونٽر تي مون کي اها ئي ڳاڙهن وارن واري “حشر پيدا ڪندڙ” حسينا ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا اسان جي دڪان مان هڪ مسخرن جي پائڻ جهڙي ٽاءِ وٺي وئي هئي. هوءَ سونهري وارن واري هڪ قداور همراهه جي ٻانهن ۾ ٻانهون وجھي، هن سان چهٽي بيٺي هئي.
ماريا راز واري انداز ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو:“ هيءَ ته اها ئي آهي ۽ هن منٽوءَ سان گڏ ڇا پئي ڪري.”
“تون ان شخص کي سڃاڻين؟” مون چيو.
“منهنجي مڙس جي شهر واري جنهن اسٽور تي هيءَ ڇوڪري نوڪري ڪري ٿي اتي منٽو مئنيجر آهي... پر منٽو ته هڪ تمام سهڻي ۽ سلڇڻي عورت جو مڙس آهي. ڇا هي ٻئي...؟” هن جملي کي اڻپورو ئي ڇڏي وڏي خاطريءِ سان چيو. “مون تنهنجي دڪان تي هن لچي عورت کي اهو چوندي ٻڌو هو ته هوءَ اها ٽاءِ هڪ مڙس لاءِ وٺي رهي آهي. پڪ هن جو مطلب اهو ئي مڙس هوندو.” پوءِ هن جي لهجي مان ڪاوڙ ۽ نفرت ظاهر هئي. “تو ڏٺو؟ اهڙا هوندا آهن مرد... ۽ هن خبيث کي اهو به خيال ناهي ته منٽوءَ جي زال پڻ هتي خريداري ڪرڻ اچي ٿي. جيڪڏهن هوءَ هنن ٻنهي کي گڏ ڏسي وٺي ته ...؟”
“شايد هنن ۾ ائين ئي سڌي سادي دوستي هجي. آخر ٻئي هڪ هنڌ گڏ ڪم ڪن ٿا.” مون خيال ظاهر ڪيو.
“هوءَ جنهن نموني سان هن کي چهٽي پئي آهي ان جي باوجود به تنهنجو اهو ئي خيال آهي؟ تنهنجو عقل لاڏاڻو ڪري ويو آهي ڇا؟” ماريا ڪاوڙ مان مون ڏي ڏٺو. هوءَ ڪجھه ائين ڇتي ٿي رهي هئي ڄڻ هن پنهنجي مڙس کي ان قسم جي حرڪت ڪندي ڏسي ورتو هجي. پوءِ هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: “منٽو ان قسم جو ماڻهو هرگز ناهي جو اهڙي بيهوده ٽاءِ لڳائي، جيڪا هن ڏائڻ ورتي آهي!”
“مون کي يقين آهي ته تون اها ڳالهه منٽوءَ جي زال کي نه وڃي ٻڌائيندينءَ. اسان پڪ سان نٿا چئي سگھون ته...”
“توکي فڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.” هن منهجي ڳالهه ڪاٽيندي چيو، “آئون پنهنجو منهن کڻي بند رکنديس پر هن ماڻهوءَ اڳيان اهو ضرور ظاهر ڪرڻ چاهينديس ته مون هن کي هن وقت ڏسي ورتو آهي. جلدي جلدي مون سان گڏ هيٺ اچ.”
هن منهنجي ٻانهن ۾ پنهنجو هٿ اهڙي مضبوطيءَ سان جھليو جهڙي مضبوطيءَ سان هوءَ ڳاڙهن واري منٽوءَ جو جھلي پئي هلي. اهو ئي منٽو جنهن لاءِ اسان يقين سان سمجھي رهيا هئاسين ته هو هڪ بيوفا آهي. مون کي پاڻ سان وٺي ماريا تکو تکو هيٺ لهي ان ڪائونٽر وٽ پهتي ۽ منٽوءَ جي سامهون اچي هن کي کيڪاريو: “هيلو منٽو! ڇا پنهنجي زال لاءِ ڪو هيرن جو هار پيو وٺين. گھٽ ۾ گھٽ هن کي به ته وٺي اچو ها؟” هن جي لهجي ۾ زهر ڀريل هو.
منٽو ڪجھه به پريشان، بدحواس يا احساس جرم جو شڪار ٿيندو نظر نه آيو. هن وڏي سڪون سان وراڻيو : “نه ... بس ائين ئي جائزو وٺي رهيا هئاسين.” پوءِ هن پاڻ سان گڏ هلندڙ ڳاڙهن وارن واريءَ عورت ڏانهن اشارو ڪري چيو، “توهان جي هن سان ڄاڻ سڃاڻ آهي؟”
“نه... مون کي اهو اعزاز حاصل ناهي.” ماريا ڀڻ ڀڻ واري انداز ۾ ڳالهائيندي چيو.
هن مڙي ڏسڻ جي تڪليف به نه ڪئي ۽ هڪدم اتان اڳتي هلي وئي. آئون هن جي پٺيان هوس. هوءَ بيحد ڪاوڙيل لڳي رهي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن هن جي ڦٽن تي کڻي لوڻ ٻرڪيو هجي. جنهن زماني کان مون هن کي سڃاتو ٿي ان وقت کان اڄ تائين هن جي شخصيت ۽ مزاج ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي چڪيون هيون. سچي ڳالهه ته اها هئي ته هن جي چال چلت مون کي ڊيڄاري رهي هئي.
“منٽوءَ جي زال تمام شريف ۽ سادي عورت آهي.” هن رستي تي مون کي ٻڌايو. “هي مردود هن کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ڏٽا ڏيندو هوندو. آخرڪار هن کي هيءَ ڳالهه ڪونه ڪو ضرور ٻڌائي ته ڇڏيندو پر ان هوندي به هوءَ ڪجھه ڪري نه سگھندي. آئون ان جي جاءِ تي هجان ها ته اهڙي خبيث مڙس کي قتل ڪري ڇڏيان ها.”
آئون ڊنر جي دعوت تي ماريا ۽ ورٽن جي شاندار گھر پهتس ته ماريا تمام خوبصورت لباس ۾ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي. هن جا وار به پهرين کان تمام بهتر سهڻا نظر اچي رهيا هئا. شايد اهو ليونارڊو جو ڪمال هو. مون خدا جو شڪر ادا ڪيو ته ماريا ان ڏينهن واري وِگِ اڄ نه پاتي هئي. سندس مڙس ورٽن ڪٿي به نظر نه پئي آيو.
“مون هن کي ڪالهه ئي تاڪيد ڪئي هئي ته گھٽ ۾ گھٽ اڄ هو دير ڪري نه اچي...” ماريا ٻڌايو. “پر هن جا حال اهي آهن جو ٿي سگھي ٿو ته کيس اهو به ياد نه رهيو هجي ته اڄ هن جو برٿ ڊي آهي. ڪجھه عرصي کان هن جو عجيب حال آهي.”
کاڌي جي ٽيبل تمام خوبصورتيءَ سان سجايل هئي. گلدان ۾ گل ۽ شمعدادن ۾ ميڻ بتيون موجود هيون. هوءَ کاڌي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪچن ۾ هلي وئي. مون وڏي واڪي کانئس پڇيو . “تون منهنجي موجودگيءَ بابت پنهنجي مڙس کي ڇا چوندينءَ؟”
“آئون هن کي چونديس ته مارڪيٽ ۾ توسان ملاقات ٿي هئي. اسان منجھند جي ماني گڏ کاڌي ۽ ان موقعي تي مون توکي ڊنر تي اچڻ جي دعوت ڏني هئي. هن کي اهو تاثر به ڏيڻو آهي ته اسان جي ته اڪثر ملاقات ٿيندي رهي ٿي. منهنجي دل چوي ٿي ته منهنجي ان تدبير جا نتيجا تمام سٺا نڪرندا. آئون هن جا تاثرات ڏسڻ لاءِ بي چين آهيان.”
ماريا جو هي انتظار ڪجھه وڌيڪ گھڻو ٿي ويو. تمام گھڻي دير ٿي وڃڻ جي باوجود ورٽن جي اچڻ جا آثار نظر نه آيا. ماريا جي انتظار جي آنڌ مانڌ فضا ۾ هڪ عجيب ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي.
“آخر هو ڇو نه آيو؟” هوءَ ذري ذري چوندي رهي.
“شايد هن کان واقعي وسري ويو هجي ته اڄ هن جو برٿ ڊي آهي.” مون چيو.
“نه. آئون ته چرچو ڪري رهي هيس.هو پنهنجي سالگره جو ڏينهن ڪڏهن به ڀلبو نه آهي.” هن جلديءَ ۾ ٻڌايو ۽ ميز تي رکيل ٽاءِ جي پئڪٽ ڏي ڏٺو.
آهستي آهستي هن جي آنڌ مانڌ ۽ جوش و خروش ۾ ڌيرج ايندي وئي. آخرڪار هن تي هار جو احساس ڇانئجي ويو. ٻن ڪلاڪن بعد بيزاريءَ مان چيو. “هاڻ ته پاڻ کي ماني کائي ڇڏڻ کپي.”
هن ڏڪندڙ هٿن سان ميڻ بتي کي ٻاريو. مون شئمپئن کي گلاسن ۾ اوتيو. جشن جون سڀ شيون موجود هيون پر اسان ائين ماٺ ماٺ ۾ماني کائيندا رهياسين ڄڻ اسان جو ڪو مائٽ مري ويو هجي. اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ هاڻ ڪجھه بچيو به نه هو. مانيءَ بعد ماريا ٻئي ڪمري ۾ بي جان ٿي صوفي تي وڃي ڊَٺي. آئون اخلاقي طور ماريا جي ڪم جو ڪجھه بار هلڪو ڪرڻ لاءِ رڌڻي ۾ وڃي ٿانو! ڌوئڻ لڳس. هن مون کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٿانوَ ڌوئڻ بعد مون موڪلائڻ جي ڪئي ته ماريا ڊنل هرڻيءَ وانگر ڇرڪندي چيو :“ نه... نه... خدا جي واسطي نه وڃ.. ڪٿي آئون اڪيلي سر ڪجھه ڪري نه ويهان... سوئر جو اولاد... سوئر جو اولاد!”.
هن خبر ناهي اڃا ڇا ڇا ٿي چوڻ چاهيو پر سڏڪن ۾ هن جو آواز گھٽجي ويو.
اسان شئمپيئن شراب جي سڄي بوتل خالي ڪري ورتي پر ان هوندي به اسان کي ڪو سرور يا ترنگ نه آيو. فقط گھڙيال جي ٽِڪ ٽڪ گھاٽي ماٺ جي دروازي تي ڪڙو هڻندي رهي. انتظار، ماٺ ۽ اندر جو مونجھه ذهن کي پريشان ڪري رهيو هو. اوچتو هن هڪ کوکلو ٽهڪ ڏنو ۽ روئڻهارڪي انداز ۾ چيو: “ڇو نه پاڻ مٿي بيڊروم ۾ هلون. ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو هو اچي ته پاڻ کي قابلِ اعتراض حالت ۾ اچي ڏسي.”
هن لمحو ٻه سوچيو ۽ پوءِ ... هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: “تو صحيح ٿي چيو.”
“ان مان فائدي بدران نقصان ٿيندو.” مون چيو.
شئمپيئن شراب مون تي هميشه غنودگي طاري ڪريو ڇڏي. ان رات به آئون شايد ڪجھه دير لاءِ سمهي رهيو هوس. ايتري ۾ دروازو زور سان بند ٿيڻ جي آواز تي ننڊ مان ڀُٽڪي اٿيس. مون ماريا جي مڙس ورٽن کي دروازي وٽ نموندار ٿيندي ڏٺو. هو ٿاٻڙندو اچي رهيو هو ۽ سهاري لاءِ هن در جي چونڪ کي کڻي جھليو. هن جا وار وکريل هئا ۽ نشي ۾ ڌُت نظر اچي رهيو هو. ماريا پنهنجي جاءِ تان اُٿي ۽ باهه جي ڄڀن جهڙين نظرن سان هن کي گھوريندي چيو: “ڪيڏانهن وڃي مئو هئين تون؟”
“ناراض نه ٿي ماريا!” ورٽن ٿاٻڙيل آواز ۾ وراڻيو.“ڪجھه منهنجي آفيس جا ماڻهو سالگره جي خوشيءَ ۾ مون کي پيئڻ پيارڻ لاءِ بار ۾ وٺي ويا هئا. شايد چرچي ڀوڳ ۾ آئون ڪجھه وڌيڪ ئي پي ويو آهيان... ۽ مون کي وقت گذرڻ جو احساس به نه رهيو...”
هو جھومندو اڳيان ائين وڌيو ڄڻ ڄاڻ ته منهن ڀر ڦهڪو ڪيائين. ان وقت ماريا جي نظر هن جي ٽاءِ تي پيئي جيڪا ڍري ٿيڻ ڪري گھنججي هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪي رهي هئي. اها ساڳي تکن رنگن واري ٽرڙي ٽاءِ هئي جيڪا ڳاڙهن وارن واري ڇوڪريءَ خريد ڪئي هئي. ماريا جي ڳلي مان گھٽيل گھٽيل رڙ نڪري وئي. ورٽن منهنجي موجودگيءَ جو ڪو نوٽيس نه ورتو هو. هو ٿاٻرندو بيڊروم جي ڏاڪڻ ڏي ويو.
“آئون واقعي معافي گھرڻ چاهيان ٿو... ان کان اڳ جو آئون ڪري پوان... مون کي مٿي وڃي سمهڻ کپي...” هن ويندي ويندي قسطن ۾ چيو. معافي هن شايد مون کان به ورتي. ماريا خاموشيءَ سان هن کي ڏاڪڻيون چڙهندو ڏسندي رهي ۽ جڏهن هو نظرن کان غائب ٿي ويو ته هوءَ مون ڏي وڌي. هن جي منهن تي موت جهڙو خوف ڇانيل هو. “تو ڪجھه ڏٺو؟” هن سس پس واري انداز ۾ چيو، “تو اها ٽاءِ ڏٺي؟ سوئر جو پٽ مون کي بلڪل احمق سمجھي ٿو...” هن اونهو ساهه کنيو، “ ان جو مطلب اهو ٿيو ته هوءَ ڳاڙهن وارن واري لُچي عورت هيءَ ٽاءِ منٽو لاءِ نه پر منهنجي مڙس ورٽن لاءِ وٺي رهي هئي. هي خبيث هن وقت هن وٽان ئي اچي رهيو آهي ۽ مون کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اسٽور جا ملازم هن کي پيئڻ پيارڻ جي دعوت لاءِ وٺي ويا هئا.
پوءِ هوءَ ڊائننگ روم ۾ وئي ۽ ان ٽاءِ جو پئڪيٽ ميز تان کڻي آئي. جيڪو هن پاڻ پنهنجي مڙس کي تحفي طور ڏيڻ لاءِ رکيو هو. هن ڪاوڙ ۾ ٽاءِ جو پئڪيٽ ڦاڙي ڦٽو ڪيو ۽ دٻيءَ مان ٽاءِ ڪڍي ان کي به ڦاڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو وس پڄي ها ته ان کي کوندو کوندو ڪري ڇڏي ها، پر هوءَ ان کي ڦاڙڻ ۾ ناڪام رهي. آخر هن ان کي فرش تي پري کڻي اڇلايو .
آئون اهڙي موقعي تي ڀلا ڇا چئي سگھيس ٿي. ڇا ڪري سگھيس ٿي؟ منهنجي سمجھه ۾ ڪجھه به نه آيو. مون چپن ئي چپن ۾ خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه جي کانئس معافي ورتي ۽ چپن ۾ ئي کيس خدا حافظ چئي اتان کسڪي ويس. هن شايد منهنجو آواز به نه ٻڌو هوندو. شايد هن کي منهنجي موجودگيءَ جو احساس به نه رهيو هجي ۽ نه ئي هن کي منهنجي وڃڻ جي خبر پيئي. هوءَ ان وقت ڪاوڙ ۽ جوش ۾، حسد ۽ رقابت جي باهه ۾ سڙي رهي هئي.
مون آخري ديدار وقت ورٽن کي تابوت ۾ ليٽيل ڏٺو ته ان وقت به هو ان ئي سوٽ ۾ هو. هن جي ڳچيءَ ۾ اهڙي ئي سوبر ٽاءِ ٻڌل هئي جهڙي ماريا هن لاءِ ورتي هئي پر هيءَ اها ٽاءِ بهرحال نه هئي. اها ٽاءِ پوليس شاهديءَ طور پاڻ وٽ رکي ڇڏي هئي- جنهن سان ماريا گھوگھو ڏيئي مڙس کي ماريو.
چرچ ۾ ورٽن جي آخري رسمن بعد آئون گھر ڏي ٿي موٽيس ته منٽو منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ چيو: “ توهان اهي ئي آهيو نه جنهن کي مون سپر مارڪيٽ ۾ ماريا سان گڏ ڏٺو هو؟”
“توهان صحيح سڃاتو.” مون صاف صاف ٻڌايو مانس.
“ويچاري ماريا...!” هن تسلي ڏيڻ واري لهجي ۾ چيو.
“ويچارو ورٽن... ” مون چيو.
“اسان کي محسوس ته ٿي رهيو هو ته حد کان وڌيڪ حسد ۽ رقابت جي ڪري ماريا جي ذهني توازن ۾ فرق اچي رهيو هو پر اسان ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھياسين؟ منهنجي زال هن کي سمجھائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هن جي ذهن ۾ اهو خيال جن وانگر چهٽيو رهيو ته ورٽن هن سان بيوفائي ڪري رهيو آهي. پنهنجي ان وهم جي ڪري هن ورٽن جا اهڙا ته ڪن کائڻ شروع ڪيا جو هن ويچاري جي گھر وڃڻ تي دل نٿي وري. هڪ ٻه دفعو ته هن بيزار ٿي ماريا کي طلاق ڏيڻ جي به ڌمڪي ڏني ته من اهڙي طرح هن جو رويو بدلجي پر اهو طريقو به ڪارگر ثابت نه ٿيو.”
مون هن ڏي بنا اک ڇنڀ جي ڏسندي چيو: “تنهنجو مطلب آهي ته ... نه... ڳاڙهن وارن واري سان ورٽن جو ڪو چڪر نه هو؟”
“ نه... نه ... هرگز نه.” منٽوءَ ڀرپور يقين سان چيو. “توکي اهو خيال ڪيئن آيو؟”
“ ان ڏينهن سپر مارڪيٽ ۾ هن ڳاڙهن رنگن واري هڪ ٽرڙي ٽاءِ خريد ڪئي هئي. هن جي گول مول ڳالهه ڪرڻ مان مون ۽ ماريا اهو تاثر ورتو ته هوءَ اها ٽاءِ پنهنجي شادي شده محبوب لاءِ خريد ڪري رهي آهي. پوءِ ان رات ورٽن اها ٽاءِ ٻڌي گھر پهتو. اهو ئي ڏسي اصل ۾ ماريا هوش حواس وڃائي ويٺي ...”
ماريا جي گھران منهنجي موٽڻ بعد ٿيو هينئن جو ماريا فرش تان پنهنجي اڇلايل ٽاءِ کڻي سڌي مٿي بيڊروم ۾ پهتي، جتي سندس مڙس بي هوشيءَ جي حالت ۾ ستل هو. ماريا پنهنجي آندل ٽاءِ جو ڦندو هن جي ڳچيءَ ۾ وجھي هن کي اهڙو گھٽو ڏنو جو اندر جو ساهه اندر ٻاهر جو ٻاهر.
مون منٽو کي وڌيڪ ٻڌايو، “پهرين ته جوئيلري اسٽور ۾ توکي ۽ ڳاڙهن وارن واريءَ کي هڪ ٻئي سان بي تڪلفانه لڳي بيٺل ڏسي ماريا سمجھيو ته تنهنجو هن سان ڪو چڪر هلي رهيو آهي.”
“اها ته هڪ نا قابلِ يقين ڳالهه آهي. هن سان منهنجي سٺي دوستي ضرور آهي پر ڪو چڪر ناهي. هن جو ته هڪ نوجوان سان مڱڻو ٿي چڪو آهي. در اصل اسان واري اسٽور جي سڄي اسٽاف چرچي طور هڪ منصوبو ٺاهيو ته ورٽن کي ڪا ٽرڙي قسم جي ٽاءِ تحفي ۾ ڏني وڃي. اهڙي ٽاءِ جيڪا هن جي ذوق جي بلڪ خلاف هجي. ۽ پوءِ سڀ گڏجي هن کي اها ٽاءِ ٻڌڻ لاءِ مجبور به ڪنداسين. اهو سڀ ڪجھه فقط چرچي خاطر هو. اهڙي قسم جي ٽاءِ جي ڳولا لاءِ اسان هن ڳاڙهن وارن واري سيلز گرل کي چيو هو...”
ان واقعي کانپوءِ مون ان “ٽاءِ بار” دڪان جي نوڪري ڇڏي ڏني. مون اهو ئي محسوس ڪيو ته هاڻ آئون ڪافي عرصي تائين نيويارڪ ۾ ذهني سڪون سان رهي نه سگھندس. ويسٽ پام جي علائقي مان منهنجي هڪ دوست خط لکيو هو ته آئون اوڏانهن هليو اچان. اتي منهنجي مطلب جون خوشحال عورتون وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿيون.
سو آئون ويسٽ پام علائقي ۾ اچي ويو آهيان... ۽ هتي آئون گھڻو خوش آهيان. وقت تمام سٺو گذري رهيو آهي. هتي جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اڃا تائين مون ڪنهن مرد کي ٽاءِ لڳائيندي نه ڏٺو آهي.
(هن ڪهاڻيءَ بابت ٻه ڳالهيون: عيسائين جا ڪجھه فرقا مئل کي دفن ڪرڻ مهل سوٽ، ڪوٽ، ٽاءِ ۽ جوتا پارائي پوءِ دفن ڪن. “ويسٽ پام” سمنڊ جي ڪناري وارو شهر آهي، جتي موڪلون ملهائڻ لاءِ آمريڪن ۽ ڌاريان اچن ٿا. موسم خوشگوار هجڻ ڪري ڪوٽ سوٽ ٽاءِ بدران رنگين گلن ڦلن واريون بشرٽون پائين ،جيئن هوائي، تهتي يا جاوا، بالي۽ فجي جهڙن ٻيٽن تي. مترجم)
(ليکڪ: نامعلوم)