الطاف شيخ ڪارنر

لنڊن تائين لفٽ

پرڏيھي ادب مان چونڊ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جي مجوعي ”لنڊن تائين لفٽ“ بابت شمشيرالحيدري لکي ٿو: ”سامونڊي سفرنامن ۽ سامونڊي ڪھاڻين کان هٽي، ”لنڊن تائين لفٽ“ الطاف شيخ جي خالص ادبي ڪوشش آهي. هو انھيءَ ميدان ۾ بہ ڪامياب آهي ۽ سندس وڏي ڪاميابي پنھنجي نالي جي اها ساک آهي، جيڪا پڙهندڙن وٽ مقبول ليکڪن لاءِ سند هوندي آهي. اسان جا اڄوڪا گهڻا ڪھاڻيڪار جيڪي اڃا بہ او_ هينري ۽ موپاسان جي اسٽائل کي ماڊل بڻائي لکي رهيا آهن، تن لاءِ الطاف جي چونڊيل، دنيا جي مختلف ٻولين جي جديد ڪھاڻين جا ترجما سٺو مثال ثابت ٿيندا.“ 
  • 4.5/5.0
  • 8
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لنڊن تائين لفٽ

جنت جي حقيقت

پيني آهستي آهستي ڏاڪڻيون چڙهي پنهنجي ننڍڙي ڪمري ۾ بيڊ جي غير آرامده ڪرسيءَ تي ويهي رهي. “آئون تنگ ٿي پئي آهيان، بيزار ٿي پئي آهيان.” هن ڊگھو ساهه کڻي وڏي آواز ۾ چيو.
مڃڻ کپي ته جنهن اداس حالت ۾ هوءَ رهي ٿي ان ۾ هن جو بيزار ٿيڻ ڪا نرالي ڳالهه نه هئي. هن جو پيءُ سفولڪ هڪ ڏورانهين علائقي “ميگنا” جو پادري هو. هي ننڍڙو ڳوٺڙو هڪ گرجا گھر، پادريءَ جي گھر، ٽپال گھر ۽ شراب خاني کان علاوه ڏهن ٻارهن جھوپڙين جو جھڳٽو هو. اتي هڪ پراڻي زماني جي ٺهيل حويلي به هئي. ان زماني ۾، ٻاهر جي دنيا سان هن ڳوٺ جو واحد رابطو هڪ کٽارو بس هئي، جيڪا هفتي ۾ ٽي دفعا “پاروا” ڳوٺ تائين ويندي هئي، جيڪو پينيءَ جي ڳوٺ “ميگنا” جي مقابلي ۾ وڏو هو، ڇو جو هن ۾ هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ هئي. چيو ويندو هو ته خدا جي فضل سان ڊگھي عمر ماڻڻ وارا ڳوٺاڻا هڪ ڏينهن هن اسٽيشن تان گاڏي جھلي لورپول اسٽريٽ پهچڻ جي اميد رکي سگھياٿي.
پينيءَ جو پيءُ پنج سال کن اڳ رنڙ ٿي چڪو هو. هن قسم جي جنس اڄڪلهه گھٽ ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هڪ ننڍي گرجا گھر جو ڪٽر قسم جو پادري جنهن کي هر قسم جي تفريح سان گڏ خدا واسطي جو وير هو، جو خيال هو ته هن جي زال هڪ مثالي عورت هئي- اطاعت گذار، صابر ۽ ڳوٺ جي مالهن جي اڻٿڪ مدد ڪرڻ واري. پنهنجي ڌيءُ پيني کان هن به اها ئي اميد رکي ٿي ته هوءَ به اکيون بند ڪري پنهنجي جنتي ماءُ جي نقش قدم تي هلندي رهي. جان ڇٽڻ جي ڪا صورت نه ڏسي هوءَ ويچاري هر وقت ڪوشش ۾ لڳي رهي ٿي. هر تهوار تي هن گرجا گھر کي سجايو ٿي. مائرن جي عبادت جو اهتمام ڪيو ٿي. پوڙهين عورتن جي ڏک سک ۽ اگھائي سگھائي جو حال احوال وٺڻ لاءِ هنن وٽ پهچي وئي ٿي. گرجا گھر جي نگھباني ڪرڻ واري کي پنهنجو ڪم نه ڪندو ڏسي دڙڪو دامان ڪيو ٿي. باقي خوشين جي هڪ ڇيت به سندس ڪکاڻين گهر ۾ داخل نه ٿي هئي. پادري صاحب عورتن جي هار سينگار کي سخت ناپسند ڪيو ٿي. ان ڪري هيءَ غريب هميشه اوني جورابن ۽ سادي ڪوٽ ۾ ڍڪجيو پئي هلي. سندس ڪوٽ ڪنهن زماني ۾ ضرور نئون هوندو پر هاڻ هن جي حالت ضعيف ٿي رهي هئي. هن وارن کي ڇڪي چوٽي ٺاهي ٿي. ڳهه ڳٺي جي ته ڳالهه ئي ڪرڻ اجائي آهي ڇو ته هن جي پيءُ جي راءِ مطابق اهي شيون سڌو دوزخ جي دروازي تائين پهچائين ٿيون. صبح جي وقت هڪ عورت ٻه ڪلاڪ کن گھر جي ڪم ۾ هن جي مدد ڪئي ٿي پر ماني ٺاهڻ ۽ گھر جو ڪم ڪار هن کي پاڻ ڪرڻو پيو ٿي. ان کان علاوه پنهنجي تڪ ۾ اهي سڀ ڪم به هن کي ڪرڻا پيا ٿي جيڪي عام طور تي هڪ پادريءَ جي زال کي ڪرڻا پوندا آهن. پينيءَ ڪيترائي دفعا آزادي حاصل ڪرڻ جي جهڙي تهڙي ڪوشش ڪئي پر ڪجھه حاصل نه ٿي سگھيس. هن جي پيءُ ڪنهن نه ڪنهن مذهبي ڪتاب جو حوالو ڏيئي ثابت ڪيو ٿي ته هن جون خواهشون ناپاڪ آهن. هو خاص ڪري تذڪره الاولياء جو وڏو مداح هو، جيتوڻيڪ هڪ ساهه ۾ اهو به چوندو هو ته ان ڪتاب جو ايمان ۽ عقيدي سان ڪو واسطو ناهي. البت پنهنجي نفس کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ اهو هڪ مفيد ڪتاب آهي. ماءُ جي موت کان ڪجھه عرصو پوءِ سندن ڳوٺ ميگان ۾ هڪ سرڪس آئي. پينيءَ پنهنجي پيءُ کان سرڪس ڏسڻ جي موڪل گھري. هڪدم جواب مليو: “اهي جيڪي برائيءَ کان مستي حاصل ڪن ٿا، سخت عذاب جا مستحق قرار ڏنا ويندا ۽ برائيءَ کان پلاند بچائڻ وارن کي وڏو ثواب ملندو.” هڪ دفعي ڳوٺ ۾ اها خبر هُلي وئي ته پينيءَ رستو پڇڻ واري هڪ سائيڪل سوار سان ڳالهايو. هن جي پيءُ کي اهو ٻڌي سخت صدمو ٿيو. “جيڪا ڇوڪري دلير ٿئي ٿي اها پنهنجي پيءُ ۽ مڙس جي لاءِ خواريءَ جو سبب بڻجي ٿي ۽ اهي ٻئي هن تي لعنت ڦٽڪار ڪندا.” پينيءَ سخت احتجاج ڪيو ته سائيڪل سوار سان هن جي ڳالهه ٻول نهايت ئي ضرور هئي. جواب مليس ته جيڪڏهن هوءَ پنهنجا افعال نه سڌاريندي ته کيس ڳوٺ ۾ اڪيلي نڪرڻ تي پابندي لڳائي ويندي ۽ ان سان گڏ کيس تذڪره مان حوالو پڙهي ٻڌايو ويو : “جيڪڏهن ڇوڪري حيا جو دامن ڇڏي ڏي ته ان سان سختي ڪريو ڇو جو ائين نه ٿئي ته هوءَ پنهنجي عصمت وڃائي ڇڏي.”
موسيقيءَ جي شوقين پينيءَ گھر ۾ هڪ پيانو رکڻ چاهيو ٿي پر پادري صاحب تذڪره اولياء جي حوالي سان هن کي جواب ۽ وڏي سزا جو حقدار قرار ڏنو. “موسيقي ۽ شراب دل کي لڀائين ٿا پر علم جي محبت انهن سڀني کان اتم ۽ اعليٰ آهي.” هو هر وقت اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو ٿي جنهن مان لڳو ٿي ته هن کي پنهنجي ڌيءُ جو فڪر ڳاري رهيو آهي. چوندو هو: “ڌيءَ جو فڪر پيءُ جون ننڊون حرام ڪريو ڇڏي پر ڪنهن کي خبر نٿي پوي... عورت وٽ برائي ائين پهچي ٿي جيئن بند ڪپڙن ۾ تٿو ڪپڙي ۾ سوراخ ڪري سڄي وڳي جي ستياناس ڪريو ڇڏي.”
ماءُ جي موت کانپوءِ پنجن سالن تائين هي اذيتون سهندي سهندي هن جي قوتِ برداشت جواب ڏئي رهي هئي. آخر جڏهن هوءَ ويهن سالن جي ٿي ته هن جي پڃري ۾ ڄڻ ڪا دري کلي وئي. ڳوٺ جي حويلي جيڪا سالن کان خالي پئي هئي ان ۾ هاڻ حويليءَ جي مالڪڻ “مسز مين ٽيٽ” اچي آباد ٿي. مسز مين ٽيٽ آمريڪا ۾ پيدا ٿي هئي. هن جو مڙس مشرقي انگلينڊ جي دلدل مان تنگ ٿي سلون هليو ويو هو. مسز مين ٽيٽ پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ حويلي کي مسواڙ تي ڏيڻ لاءِ سلون کان واپس آئي هئي. هيءَ زنده دل، ويس وڳن واري ۽ ماڻهن سان آزاد نموني ڳالهائڻ واري عورت ڀلا پادريءَ کي ڪيئن ٿي پسند اچي سگھي- پر حويليءَ وارن گرجا گھر لاءِ سڀ کان گھڻو چندو ڏنو ٿي. بهرحال هن تذڪره مان ان مفهوم جو هڪ جملو ڳولي ورتو ته مالدار ماڻهن کي ناراض نه ڪرڻ کپي. اهڙيءَ طرح پينيءَ کي هن شاندار عورت سان اٿڻ ويهڻ جي موڪل ملي وئي.
پيني ڪمري ۾ ويٺي پنهنجي بوريت تي ڳوڙها ڳاڙيا ته گھر جو ڪٽيل ڪڙو در تي لڳو. در تي مسز مين ٽيٽ بيٺي هئي، همدرديءَ جا ٻه لفظ ٻڌي پينيءَ حويليءَ جي مالڪڻ اڳيان پنهنجو اندر کولي رکيو. مسز مين ٽيٽ ڏاڍو متاثر ٿي. ڇوڪريءَ کي اونهين نظرن سان ڏسندي هن پينيءَ ۾ اهي نقش ڏسي ورتا، جيڪي سڄي تڪ جي ماڻهن جي ذهن ۾ به نه آيا هوندا. “منهنجي پياري پيني، ڇا توکي احساس به آهي ته تون ٿوري ئي ڪوشش سان ڪيڏي آفت جي حسينا ٿي سگھين ٿي؟”
“ڇڏ مسز مين ٽيٽ توهان ته مون تان چرچا ڪري رهيون آهيو.”
“سچ ته آئون چرچو نه پئي ڪريان. جيڪڏهن پاڻ ڪنهن طرح تنهنجي پيءُ کي مڃائي وٺون ته پوءِ آئون توکي ثابت ڪري ڏيکارينديس.”
ٿوري خبر چار ڪرڻ سان منصوبو تيار ٿي ويو. ايتري ۾ پادري صاحب به اچي نڪتو، جنهن کي ڏسندي مسز مين ٽيٽ چيو:
“سر! ڇا توهان هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي مون سان گڏ هلڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهو؟ مون کي ڀر واري شهر ۾ ڪيترائي ڪم آهن، جيڪڏهن آئون اڪيلي وينديس ته وقت گذارڻ ڏکيو ٿي پوندو. توهان جي مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن توهان پنهنجي ڌيءَ کي ڪار ۾ مون سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏيو.”
پادري پهرين مُنجھي پيو پر ڪجھه مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کان موڪل ورتي وئي. آخر اهو ڏينهن به اچي نڪتو. پينيءَ جي خوشي سنڀالڻ سان به نه پئي سنڀالي.
“تنهنجو پيءَ” مسز مين ٽيٽ چيو. “هڪ کڳ جي بلا آهي پر تون ڏسجانءِ ته آئون توکي ان مصيبت کان نجات ڏياري پوءِ ساهه پٽينديس. شهر پهچي توکي مٿي کان پيرن تائين بهترين لباس پارائينديس، ڍنگ سان تنهنجا وار ٺهرائينديس. تون خود پنهنجو پاڻ کي ڏسي حيران ٿي ويندينءَ.”
شهر پهچي ائين ئي ٿيو. بيوٽي پارلر ۽ بوتيڪ شاپ بعد پيني جڏهن آرسيءَ جي سامهون ٿي بيٺي ته هن کي پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو. “ڇا هيءَ واقعي آئون پاڻ آهيان؟” نئين سڪي جهڙي چمڪ هئي، سندس عڪس ۾. هن کي پنهنجو پاڻ سان چاهت ٿي رهي هئي. نت نون جذبن جو ڄڻ وهڪرو وهي رهيو هو. نون خوابن کي حاصل ڪري هن فيصلو ڪيو ته ماضيءَ جي بي روح ۽ هڻ هڻا واري زندگيءَ مان هر قيمت تي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي، پر ڪيئن؟ اها هڪ وڏي سوال جي نشاني هئي.
اڃا هوءَ انهن خيالن ۾ ٻڏل هئي ته مسز مين ٽيٽ کيس ريسٽورنٽ ۾ ڪجھه کارائڻ لاءِ وٺي آئي. ٽيبل تي رکيل اخبار کي ڏسي هن کي ڪو خيال آيو ۽ مسز مين ٽيٽ کي چيو: “توهان مون لاءِ هيترو ڪجھه ڪري رهيون آهيو، ان ڪري هاڻ وڌيڪ چوندي به مون کي شرم ٿو اچي. خوبصورتيءَ جو ڪهڙو فائدو جيڪڏهن مون کي ڪو ڏسڻ وارو ئي نه هجي. پنهنجي ڳوٺ ميگنا ۾ ته سڄو سڄو سال گذريو وڃي جو ڪو نئون ماڻهو نظر نٿو اچي. ڇا توهان مون کي اخبار ۾ اشتهار ڏيڻ لاءِ پنهنجي حويليءَ جي ائڊريس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏينديون. جيئن اتي مناسب اميدوارن سان ملاقات ڪري سگھان.” مسز مين ٽيٽ کي هاڻ هن راند ۾ مزو اچي رهيو هو. هوءَ يڪدم رضامند ٿي وئي ۽ ٻنهي گڏجي هي اشتهار تيار ڪيو.
“هڪ نوجوان نينگري، تمام گھڻي سهڻي، بي داغ عصمت، ڳوٺاڻي ماحول ۾ پليل شاديءَ لاءِ گھوٽ جي چونڊ ڪرڻ چاهي ٿي. خواهشمند نوجوان لهه وچڙه ۾ اچن. اميدوار پنهنجي هڪ خوبصورت تصوير ضرور موڪلين. موزون اميدوار کي ڇوڪريءَ جي تصوير به موڪلي ويندي. ائڊريس: مسز “پي” ، ميمنور هائوس، ميگنا. (نوٽ: پادري حضرات رابطي جي زحمت نه ڪن.”).
اشتهار روانو ڪري هن هڪ سهڻي پوز ۾ تصوير ڪڍرائي ۽ پوءِ حويليءَ ۾ اچي نوان ڪپڙا لاهي پراڻا پاتا. مسز مين ٽيٽ ان واعدي تي نوان ڪپڙا رکي ڇڏيا ته جيئن اميدوار سان ملڻ وقت پيني پائي سگھي. ان بعد هوءَ گھر ڏي رواني ٿي.
گھر پهچي پينيءَ پنهنجي منهن تي ساڳي پراڻي اداسي طاري ڪئي ۽ پيءَ کي ٻڌايو ته حويليءَ جي مالڪڻ سان سڄو ڏينهن وڪيلن ۽ گهر خريد ڪرڻ وارن دلالن جي آفيسن ۾ ڌڪا کائي کائي هوءَ سخت بور ٿي آهي.
“پيني توکي اهو سوچڻ نه کپي.” پادريءَ کيس تنبيهه ڪندي چيو. “تون مسز مين ٽيٽ جي مدد ڪري رهي هئينءَ ته نيڪ ماڻهو ڪنهن جي مدد ڪندي بور نه ٿيندا آهن.” پيني مناسب مسڪين منهن ٺاهي پڻس جي نصيحت قبول ڪئي ۽ وڏي صبر سان اشتهار جي جواب ۾ ايندڙ خطن جو انتظار ڪرڻ لڳي.
پينيءَ جي اشتهار جي جواب ۾ ڪيترن ئي قسمن جا خط آيا. ڪجھه خلوص ڀريا، ڪجھه چرچي گھٻي وارا، ڪجهه خطن ۾ لکندڙ همراهن پاڻ کي تمام گھڻو شاهوڪار ٻڌايو هو يا هنن پاڻ کي ايڏو عقلمند ڏيکاريو جو هو جلد امير ٿي ويندا. ڪجھه خطن ۾ شادي شده زندگيءَ جي کٽراڳن ۾ پوڻ بنا موج مزا ڪرڻ جي آس ڏيکاريل هئي. ڪجھه اميدوارن پاڻ کي خوبصورت ۽ خوش طبع ٻڌايو هو ته ڪن فرمانبردار ٿي رهڻ جو واعدو ڪيو هو. پينيءَ کي جڏهن به موقعو ملندو هو ته حويليءَ ۾ وڃي پنهنجي ٽپال کڻي ايندي هئي. هڪ خط هن جو گھڻو ڌيان ڇڪايو.
ڊيئر مس ... پي!
توهان جي اشتهار مون کي عجيب سوچ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. تمام گھٽ ڇوڪريون هونديون، جيڪي بيحد حسين هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو حوصلو رکنديون هونديون ۽ انهن ۾ اهڙيون ڇوڪريون ته تمام گھٽ هونديون جيڪي انهي ساهه ۾ پاڻ کي با عصمت سڏائڻ جي همٿ رکنديون هجن ۽ وري جڏهن ان پهلوءَ ڏي نظر ٿي وڃي ته توهان پادري حضرات کان پاسو ٿيون ڪريو ته خيال ٿو اچي ته توهان جو پاڪ ۽ پَوَترپڻو ان کان وڌيڪ نه هوندو، جيترو عورت ذات کي زيب ڏئي ٿو. مون کي تمام گھڻو تجسس ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن توهان ان تجسس کي ختم ڪرڻ جو موقعو عنايت ڪريو ته مون کي بيحد خوشي ٿيندي.
توهان جي ڌيانجو طالب فلپ آرلنگٽن.
تازه قلم: پنهنجي تصوير توهان جي خذمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
ان خط پينيءَ کي به سوچن ۾ وجھي ڇڏيو. لکڻ وارو پنهنجي باري ۾ لکڻ کان بلڪل خاموش هو، جنهن مان هن جو پنهنجي ذات تي اعتماد هجڻ جو ڏيک مليو ٿي. سندس فوٽوءَ مان خوشدلي ۽ ذهانت ظاهر ٿي ٿي. پينيءَ فقط ان خط جو جواب ڏنو. پنهنجي تصوير سان گڏ هن حويليءَ ۾ اچي ملڻ لاءِ مقرر ڪيل هڪ ڏينهن به لکي موڪليو. فلپ پنهنجي رضامنديءَ جو اطلاع ڏنو. آخر اهو ڏينهن اچي پهتو.
حويليءَ جي شان شوڪت ۽ مانيءَ جي ٽيبل تي مسز مين ٽيٽ جي موجودگيءَ پينيءَ جي سماجي حيثيت ۽ احترام جو هڪ خوشگوار تاثر ڇڏيو. مانيءَ بعد هڪ ٻئي سان ڏيٺ ويٺ ڪرڻ لاءِ کين اڪيلو ڇڏيو ويو. فلپ جو خيال هو ته جيستائين پينيءَ جي حسن جو تعلق هو اشتهار ۾ هرگز مبالغي کان ڪم نه ورتو ويو هو پر هن کي حيرت هئي ته پينيءَ کي گھوٽ ڳولڻ لاءِ اهڙو عجيب طريقو اختيار ڪرڻو ڇو پيو. اهڙي سهڻي ڇوڪريءَ لاءِ مڙس جي ڳولا ته ڪو مسئلو ئي نه هجڻ کپي. ان تي پينيءَ پنهنجي گھريلو حالتن جي وضاحت ڪئي. اهڙي طرح اها ڳالهه به صاف ظاهر ٿي وئي ته هن کي پادرين کان ڇو آر هو. جيئن جيئن ڳالهه اڳتي وڌي هن کي فلپ جو کل چرچي پر همدرديءَ وارو لهجو پسند اچڻ لڳو ۽ هوءَ راضي ٿي وئي ته فلپ سان گڏ گذارڻ واري زندگي موجوده عذاب کان بلڪل مختلف هوندي. ٻن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ هوءَ هن جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪي هئي ۽ جيستائين هوءَ محسوس ڪري سگھي ٿي، فلپ جو حال به ڪجھه مختلف نه هو. هاڻ هن فلپ جي سامهون پنهنجو مشڪل بيان ڪيو. “منهنجي عمر ويهه سال آهي، پر آئون پنهنجي پيءُ جي رضامندي بنا شادي نٿي ڪري سگھان. منهنجو پيءُ ڪڏهن به اهڙي ناٺيءَ کي پسند نه ڪندو، جيڪو پادري نه هجي. ڇا ائين ٿي سگھي ٿو ته هن سان ملڻ لاءِ تون پادريءَ جو روپ ڌاري اچين؟”
ان سوال تي فلپ جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪاٽ نموندار ٿيو، جنهن جو هوءَ ڪو مطلب نه ڪڍي سگھي. بهرحال فلپ هن کي يقين ڏياريو ته هو هن جي پيءُ اڳيان پادري ٿي ايندو. پادريءَ کي بيوقوف ٺاهڻ جي منصوبي ۾ هن کي پاڻ سان شامل ٿيندو ڏسي پيني ڏاڍي خوش ٿي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو اڃا به هڪ ٻئي جي ويجھو ٿي ويا آهن. هن پنهنجي پيءُ سان فلپ جو ذڪر ان ريت ڪيو ڄڻ هو مسز مين ٽيٽ جي ڄاڻ سڃاڻ مان هو ۽ حويليءَ ۾ هن سان پينيءَ جي ملاقات اوچتو ٿي وئي. قدرتي ڳالهه آهي ته پينيءَ جو پيءُ بنا پگھار جي بيٺل نوڪرياڻيءَ جو هٿن مان ويندو ڏسي پريشان ته ضرور ٿيو پر مسز مين ٽيٽ دل و جان سان پينيءَ جو پاسو کنيو. هن فلپ جي مثالي پارسائي جون ڏاڍون تعريفون ڪيون ۽ مستقبل ۾ پادريءَ طور هن جي پروموشن جي سٺن امڪانن تي روشني وڌي. آخر پوڙهو پادري نه چاهيندي به نيڪيءَ جي هن پتلي سان ملڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ هن پنهنجي تسلي ڪري هنن جو مڱڻو ڪرائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ويچاري پينيءَ جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هن کي خدشو هو ته فلپ ڪا غلطي ڪري ويهندو جنهن مان سڄو پول کلي پوندو. جڏهن هر ڪم منصوبي مطابق پورو ٿيو ته هن جي خوشي ۽ حيرانيءَ جي ڪا حد نه رهي. نوجوان نه فقط ان تڪ جو نالو ٻڌايو جنهن جو پاڻ نائب پادري ظاهر ڪيو هو پر پنهنجي علائقي جي پادريءَ جو نالو پڻ ٻڌايو. ۽ وڌيڪ پڪو ڪرڻ لاءِ هن اهو پڻ چيو ته هن خانداني روايتون قائم رکڻ لاءِ هن شعبي جي چونڊ ڪئي. ڇو ته خاندان ۾ موجود پادري جي عمر نوي سال کان به مٿي هئي. هن ان مقدس پيشي جي اهميت ۽ ان جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ جو به اظهار ڪيو. پينيءَ کي چڙ اچي رهي هئي پر هوءَ اهو ڏسي خوش هئي جڏهن فلپ تذڪره اولياء مان حوالا ڏنا تهپوڙهو پادري بي وس ٿي ويو. ان ملاقات جي ڪاميابيءَ جو ئي نتيجو هو جو چند هفتن ۾ هنن جي شادي ٿي وئي. هني مون لاءِ پئرس جي چونڊ ڪئي وئي ڇو ته پيني ڳوٺاڻي ماحول کان سخت تنگ ٿي چڪي هئي، هن جي راءِ ۾ قدرتي نظارن کان وڌيڪ شهر جو گوڙ گھمسان وڌيڪ مزيدار هو. هني مون هڪ طويل ۽ خوشگوار خواب وانگر گذريو. هن جو مڙس نهايت زنده دل شخص هو. بي رنگ، پرهيز گاري وارن سالن پينيءَ ۾ ٻاراڻين ڳالهين لاءِ حرص پيدا ڪري وڌو هو، پر فلپ ڪنهن به شيءِ تي اعتراض نٿي ڪيو. فقط هڪ شيءِ پينيءَ کي ڪڏهن ڪڏهن پريشان ڪري وجھندي هئي. فلپ پاڻ بابت تمام گھٽ ڳالهه ڪئي ٿي. فقط ايترو ٻڌايو هئائين ته روزگار ڪري هو سمرسٽ جي ڳوٺ پوپلٽن ۾ رهڻ لاءِ مجبور هو. جنهن طرح هن ان ڳوٺ جي حويلي ۽ ان جي رهاڪن جو ذڪر ڪيو ان مان پينيءَ اهو نتيجو ڪڍيو ته فلپ انهن ماڻهن جو ايجنٽ هوندو. بهرحال هني مون جو هڪ هڪ لمحو ايترو خوشگوار هو جو پينيءَ کي فلپ جي گھٽ ڳالهائڻ تي غور ڪرڻ جو تمام گھٽ موقعو مليو.
ٻئي ڏينهن صبح جو هن جي اک کلي ته گرجا گھر جا گھنڊ وڄي رهيا هئا ۽ فلپ پلنگ وٽ بيهي پادرين وارو جبو پائي رهيو هو.
“تون هي ڪپڙا ڇو پائي رهيون آهين؟” پينيءَ رڙ ڪري پڇيو.
“منهنجي خيال ۾ ته هڪ ننڍڙي ڳالهه ٻڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي، منهنجي جان! جڏهن مون تنهنجو اشتهار ڏٺو ته مون کي فقط تجسس ٿيو هو ۽ مون فقط چرچي ۾ ان ملاقات جي خواهش ڏيکاري هئي. پر جيئن ئي مون توکي ڏٺو ته مون کي پهرين نظر ۾ توسان محبت ٿي وئي. ميگنا جي حويليءَ ۾ گذرڻ واري هر لمحي ان محبت کي مضبوط بڻائي ڇڏيو ۽ مون توکي حاصل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. جڏهن ايمانداريءَ سان هي ڪم ٺهندي نظر آيو ته مون هيڏانهن هوڏانهن جي ٽيرس گيرس کان ڪم ورتو. هاڻ توکان هن ڳالهه لڪائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته آئون هن علائقي جو واقعي نائب پادري آهيان. اهو صحيح آهي ته توکي دوکو ڏيڻ ۾ مون ڪميڻائيءَ کان ڪم ورتو آهي پر اهو منهنجو تولاءِ سچو پيار هو، جنهن کان آئون مجبور هوس. مون لاءِ ان کان علاوه ٻيو ڪو رستو نه هو ته آئون ڪوڙ کان ڪم وٺان.”
اهو ٻڌندي ئي هوءَ ٽپ ڏيئي بستري تان هيٺ لٿي ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳي: “آئون توکي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس. ڪڏهن به معاف نه ڪنديس. توکي ان تي پڇتائڻو پوندو ته تو هڪ مجبور ڇوڪريءَ سان اهڙو نيچ سلوڪ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. آئون تنهنجو ۽ ٻين پادرين جو اهڙو ئي تماشو ڪنديس، جهڙو تو منهنجو ڪيو آهي.”
هو پادرين وارو وڳو پائي چڪو هو. پينيءَ هن کي در کان ٻاهر ڪڍي ڪڙو ڏئي ڇڏيو ۽سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند رهي. فلپ شام جي مانيءَ تائين پنهنجي موٽڻ جو ڪو اشارو نه ڪيو. آخر هو ماني کڻي دروازي تائين آيو ۽ اهو چئي ڪڙو کڙڪايو: “مون کي سزا ڏيڻ لاءِ توکي جيئرو رهڻ کپي ۽ جيئرو رهڻ لاءِ کاڌو ضروري آهي. توکي مون سان ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، آئون رڳو ماني ڇڏيو پيو وڃان.”
پهرين ته هن پنهنجي لئه رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ صبح کان بک تي هئي. هن نه نيرن ڪئي هئي ۽ نه منجھند جي ماني کاڌي هئي. آخر هن کي بک ايڏو ستايو جو هن سڀ ڪجھه کائي پليٽون صاف ڪري ڇڏيون. پر ان هوندي به سندس ڪاوڙ تي ڪو ڇنڊو نه لڳو. کائڻ کان واندي ٿي باقي شام هن فلپ نالي هڪ خط لکڻ ۾ گذاري، جنهن ۾ مستقبل جو خاڪو ڏنو هئائين. هن ڪيترائي دفعا لکيو ۽ رد ڪيو. آخرڪار هوءَ خط جي مواد سان مطمئن ٿي وئي:

جناب!
هيستائين توهان کي احساس ٿي چڪو هوندو ته توهان جي شرمناڪ سلوڪ جي ڪري آئون بيحد سخت ضرورت کان سواءِ توهان سان ڳالهه ڪرڻ پسند نه ڪنديس. آئون ڪنهن کي هن ظلم بابت نه ٻڌائينديس، جيڪو مون سان ٿيو آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان ماڻهو مون تي ئي ٺٺوليون ڪندا. پر آئون دنيا وارن کي اهو ضرور ٻڌائينديس ته مون کي توسان ڪا محبت ناهي ۽ اهو ته تون ئي مون تي فدا ٿيو هئين ۽ تنهنجي جاءِ تي ڪو ٻيو مرد هجي ها ته اهو به ائين ئي ڪري ها. منهنجي افعالن تي ماڻهو آڱريون کڻندا پر دنيا کي اها به ته ڄاڻ ٿي ويندي ته توهان پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ جي ڳولا ۾ ڪهڙو عقلمنديءَ جو ثبوت ڏنو ۽ ائين ڪندي عزت ماب پادرين جي جبن تي ئي ڪجھه ڇنڊا پئجي وڃن ته منهنجي خوشي ٻيڻي ٿي پوندي. زندگيءَ ۾ منهنجو هڪ ئي مقصد آهي ته آئون توکي ايترو ذليل ڪريان، جيترو مون کي ڪيو ويو آهي. اڄ کانپوءِ تنهنجي فقط نالي جي زال ... پيني
هن اهو خط مانيءَ وارن ٿانون سان گڏ رکي ڇڏيو ۽ ٿانون جو خومچو دروازي ٻاهران ريڙهي رکيو. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن آئي ته ان ۾ چٺي ڍڪيل هئي. پهرين ته هن سوچيو ته بنا پڙهڻ جي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دريءَ مان اڇلي ڇڏي پر پوءِ هوءَ ان اميد کي خارج ڪري نه سگھي ته ٿي سگھي ٿو ته سندس مڙس کي افسوس ٿيو هجي ۽ هن ٻاڏائي ٻاڏائي هن کان معافيون گھريون هجن. هن لفافو ڦاڙي پڙهڻ شروع ڪيو.
شاباس! جانِ من! تنهنجو خط پٽڪار جو خوبصورت نمونو آهي. جيڪڏهن تو منهنجي راءِ پڇي هجي ها ته شايد آئون به ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي نه سگھان ها. باقي رهي بدلي واري ڳالهه ته منهنجي جان! ڏٺو ئي ويندو. ٿي سگھي ٿو ته هي سڀ ڪجهه تنهنجي خواهش مطابق نه ٿئي. هينئر به تنهنجو مداح پادري، فلپ
تازه قلم: گارڊن پارٽي جو نه وسارجانءِ.
ان گارڊن پارٽيءَ جو ذڪر فلپ هتي مون وارن ڏينهن ۾ ڪيو هو. فلپ جي هن ڳوٺ جو وڏو ماڻهو کين پنهنجي شاندار گهر ۾ دعوت ڏئي رهيو هو. ان دعوت جو مقصد هو ته ڪنوار کي ڳوٺ جي ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي وڃي. خط پڙهي ڪجھه دير ته هوءَ مونجھاري ۾ اچي وئي ته دعوت ۾ وڃجي يا نه. فلپ جي ياد ڏيارڻ تي هن جي دل ته اهو ئي چاهيو ٿي ته دعوت ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏجي. پر ڪجھه سوچي هن فيصلو ڪيو ته هيءَ پارٽيءَ هن جي بدلي وٺڻ واري رٿ لاءِ نئين شروعات ٿي سگھي ٿي. هن سوچي سمجھي دعوت ۾ پائڻ لاءِ وڳي جي چونڊ ڪئي. بدلي وٺڻ جي جوش هن جي حسن ۾ اهي چڻنگون ڀري ڇڏيون جنهن جو تاب جھلڻ مشڪل ٿي پيو. هن سوچيو ته ٺهيل رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته علائقي جي ماڻهن کان ان جھيڙي کي ڳجھو رکيو وڃي، جيڪو هن ۽ فلپ جي وچ ۾ پيدا ٿي پيو آهي. سو ٻئي هڪ ئي وقت دعوت ۾ پهتا. هن کي ڏسي دعوت ۾ ويٺل مرد پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺا. پر هن دل ڌتاريندڙ ادائن سان ويجھو ايندڙ خواهشمند اميرن کي نظرانداز ڪري هڪ اڌڙوٽ عمر جي پادريءَ سان دوستاڻي انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ٿوري دير ۾ پيني سمجھي وئي ته پادريءَ کي مڪاني آثار قديمه سان عشق آهي. هن وڏي جوش مان پينيءَ کي ٻڌايو ته پنهنجي علائقي ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پراڻي زماني جون ڪيتريون ئي شيون نظر اچن ٿيون، پر ڪنهن کي به انهن ۾ دلچسپي نه آهي جو هن سان گڏ ملي انهن جي کوٽائيءَ جو ڪمڪري سگھي. پيني پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون مٿي کڻي هن ڏي ڏٺو ۽ چيو: “اف جناب! ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي.” پادري ايڏو ته متاثر ٿيو جو هن نائب پادريءَ کي ايڏي مهذب ڪنوار ڳولڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن پينيءَ کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته ٻئي ڏينهن هوءَ پادريءَ جي گاڏي ۾ پوپلٽن کان ڏهه ميل پري اهي دلچسپ آثار قديمه هلي ڏسي. پيني ڪجھه بناوتي ٻڏ تر بعد هن جي ڳالهه مڃي ورتي. اهڙيءَ طرح سڄي علائقي جي ماڻهن هنن کي گاڏيءَ ۾ گھمندي ڦرندي ڏٺو. پادري صاحب وڏي جوش ۽ خروش سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هليو ۽ پيني اهو ظاهر ڪندي رهي ته هوءَ هن شخص جي جادوءَ ۾ گم ٿي وئي آهي. هونءَ ته هن کي ٻين مڙني ڏسي ورتو پر هڪ وڏي امان، مسز ڪوبگلي جي هنن کي ڏسڻ غضب ڪري وڌو. مسز ڪوبگلي جو “فل ٽائيم جاب” هتي جي هُتي ۽ هُتي جي هِتي ڪرڻ هو يعني گلا جو وڏو گھر هئي. گلا ڪرڻ ۽ ٻين جا ڪم ڊاهڻ هن جي دلپسند “هابي” هئي. مسز ڪوبگلي کي هڪ ڌيءَ هئي، جنهن لاءِ هن عرصي کان فلپ تي نظرون ڄمائي رکيون هيون. هاڻ هن کي سڪون ٿي ويو ته هن جي هيري جهڙي ڌيءَ کي ٺڪرائي فلپ ڪريو ته گند جي ڍير تي. پادريِ ۽ پينيءَ کي ائين گڏ گھمندو ڏسي مسز ڪوبگلي نڪ شيڪي “اونهه!” ڪئي. مسز ڪوبگلي جا ڄاڻ سڃاڻ وارا هن جي ان “يڪ لفظي” آواز جو مطلب چڱيءَ طرح سمجهيا ٿي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جنهن وقت فلپ پنهنجي ڊيوٽي جي ادائگيءَ لاءِ گھر کان ٻاهر هو ته پادريءَ کي سمرسٽ جي آثار قديمه جو هڪ ڳرو ڪتاب کڻي پينيءَ جي گھر ڏي ويندو ڏٺو ويو. نوس نوس ڪرڻ وارن کان معلوم ٿيو ته معاملو ڪتاب پهچائڻ جو نه بلڪه هو ڪافي دير اتي رهيو. هِتان هُتان مسز ڪوبگلي کي اها به خبر پئجي وئي ته نئون شادي شده جوڙو هڪ ئي بستر تي سمهڻ بدران الڳ الڳ ڪمرن ۾ سمهي ٿو.
ويچاري پادريءَ کي اڃا تائين مسز ڪوبگلي جي ڪرتوتن جي ڪا خبر نه پئي. هو هرهنڌ نائب پادريءَ جي زال جي خوبصورتي، ذهانت ۽ پارسائيءَ جا گڻ ڳائيندو رهيو. هن جي وات مان نڪرندڙ هر لفظ پيني ۽ خود هن تي لڳندڙ الزامن تي ڄڻ تصديق جو ٺپو لڳائي رهيو هو. آخرڪار مسز ڪوبگلي جي صبر جو پيالو اٿلڻ لڳو ۽ هن علائقي جي ڊين کي پادريءَ جي خلاف هڪ ڊگهو خط لکيو. ڊين مسز ڪوبگلي جي ڌنڌن کان واقف هو سو هن پادريءَ سان ملڻ مناسب سمجهيو. پادريءَ پنهنجي صفائيءَ ۾ پينيءَ جي معصوميت جي واکاڻ ايڏي گرم جوشيءَ سان ڪئي جو ڊين کي اها ڳالهه نامناسب لڳي. هن ارادو ڪيو ته مسز فلپ (پينيءَ) سان روبرو ملاقات ڪئي وڃي.
جڏهن هو پينيءَ جي گھر پهتو ته ان وقت چانهه جو وقت هو. پيني جيڪا هاڻ پادري ۽ ان جي آثارِ قديمه وارين ڳالهين مان بيزار ٿي چڪي هئي، تنهن هن جو گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. بهرحال ڊين جڏهن وڏي احتياط سان انهن افواهن جي ڳالهه ڪڍي جيڪي مسز ڪوبگلي ذريعي هن تائين پهتا هئا ته پينيءَ ڪجھه اهڙي نموني سان انهن جي ترديد ڪئي جو ڊين کي شڪ ٿي پيو ته پادري دل پشوري ڪري رهيو آهي. ڊين پادريءَ جي جان ڇڏائڻ لاءِ پينيءَ کي چيو ته هن لاءِ آثارِ قديمه جهڙين پراڻين مردار شين ۾ دلچسپي وٺڻ بدران ڌڙڪندڙ زندگيءَ جي نبض تي هٿ رکڻ وڌيڪ بهتر آهي. “واهه سائين واهه! توهان ڪيڏي صحيح ڳالهه ڪئي آهي. آئون توهان سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان. مهرباني ڪري توهان ٻڌائيندا ته زندگيءَ جي ڪهڙين ڳالهين سان توهان کي دلچسپي آهي؟”
“مون کي ته جنگلن ۾ اڏامندڙ ناياب پکين سان دلچسپي آهي. شهر جي گوڙ گھمسان ۾ نظر ئي نٿا اچن.”
پينيءَ خوشيءَ مان مٺيون ڀڪوڙيندي چيو: “منهنجي سڄي عمر نورفوڪ جي جنگلن ۾ گذري پر مون کي ڪڏهن مور به نظر نه آيو. بس قسمت ۾ نه هوندو. جيتوڻيڪ آئون ڪيترائي دفعا جنگلن ۾ سير لاءِ به ويندي رهي آهيان.”
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڳوٺاڻو ڊين پنهنجي اچڻ جو مقصد ئي وساري ويٺو. پنهنجي مقصد پيشي جا فرض وساري هن پينيءَ کي جنگل ۾ پنهنجي پسند وارو علائقو گھمائڻ جي کڻي دعوت ڏني.
“پر ڊين صاحب! آئون توهان سان گڏ هلنديس ته مسز ڪوبگلي ڇا چوندي؟”
ڊين ڪنهن دنيادار شخص جو روپ ڌارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
“ان پوڙهيءَ کي ڪير ٿو پڇي؟” چانهن جي ٻي ڪوپ ختم ٿيڻ کان اڳ پيني هن جي منٿن اڳيان آڻ مڃي چڪي هئي. اهو فيصلو ٿيو ته جنهن ڏينهن موسم سٺي ٿي ته هو جنگل ڏي نڪري پوندا.
جيتوڻيڪ سير جي لاءِ ڊين جنگل جي هڪ ويران حصي جي چونڊ ڪئي پر مسز ڪوبگلي جي جاسوسن هن کي اتي به ڏسي ورتو. سڄي ڪليسا جي باعزت ماڻهن کي پينيءَ جي جادوءَ اڳيان بي وس ڏسي مسز ڪوبگلي پنهنجي هڪ هوشيار ساهيڙي مسز ڪينون کان مدد گھري. هن ليڊي ڪينون کي يقين ڏياريو ته هن جي معلومات مطابق جنگل ۾ ڊين صاحب جو شوق فقط پرن وارن پکين تائين محدود نه رهيو آهي. “آئون وڌيڪ ڪجھه نه چونديس. تون پاڻ سمجھدار آهين. محترمه ليڊي ڇا تون هن چالاڪ ۽ مڪار کان اسان جي جان نٿي ڇڏايو سگھين. جيڪا اسان جي مقدس پيش وائن جي عاقبت خراب ڪري رهي آهي.”
ليڊي ڪينون هن کي يقين ڏياريو ته هوءَ ان معاملي تي غور ڪندي ۽ هڪدم ڪجھه نه ڪجھه مناسب قدم کڻندي. هوءَ مسز ڪوبگلي کان چڱيءَ طرح واقف هئي سو هن بهتر سمجيو ته پيني سان ملي هن قصي بابت حقيقت معلوم ڪجي.
ٿوري ئي محنت سان هن پينيءَ کان هر ڳالهه پڇي ورتي. ڪاوڙ ڪرڻ بدران هن خوشدليءَ سان کلندي چيو: “منهنجي ٻچڙي تون جيڪي ڪري رهي آهين اهو نهايت آسان ڪم آهي. هي سڙيل پوڙها تنهنجي حسن جي سامهون ڌوڙ مقابلو ڪندا. توسان ملڻ کان اڳ سڄي زندگي ويچارن ڪڏهن ڪنهن سهڻي عورت جي شڪل نه ڏٺي هئي.”
“سواءِ توهان جي شڪل جي.” پينيءَ وچ ۾ ڳالهايو پر ليڊي ڪينون پنهنجي تعريف ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
“نه منهنجي پياري. بدلو وٺڻو آهي ته ڪنهن اهڙي شخص سان بازي ڪجي جيڪو تنهنجي مقابلي جو هجي. “گلاسٽن بري” جو بشپ، جنهن جي پادرين کي تون برغلائيندي رهين ٿي، صحيح معنيٰ ۾ تنهنجو جوڙ آهي. آئون تنهن جي هن سان ملاقات ڪرائينديس. آئون پاڻ بلڪل غير جانبدار رهنديس. آئون جيتوڻيڪ پادرين جي وڏي سردار (بشپ) جو احترام ڪريان ٿي پر تنهنجي مهم جوئي به دلچسپيءَ کان خالي ناهي.”
گلاسٽن بري جو بشپ چڱو خاصو عالم فاضل شخص هو ۽ ان علم ۽ ڄاڻ جي ڪري پروموشن وٺندي وٺندي ايڏي وڏي مذهبي رتبي تي پهتو هو- جيتوڻيڪ طبيعت ۾ حسن پرست ضرور هو. ڪا خاص ڳالهه ته شايد ڪڏهن سامهون نه آئي پر ماڻهو چون ٿا ته بشپ عورتن جي موجودگيءَ ۾ خوش رهي ٿو ۽ اهڙن موقعن تي هن جي ڳالهائڻ جو انداز بيحد نرم ۽ مٺاس وارو ٿيو پوي. ليڊي ڪينون، بشپ سان چڱي واقفيت رکي ٿي. هن بشپ کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ چيو: “ڇوڪري دل جي ڪا خراب ناهي، فقط ڪاوڙ ۾ آهي ۽ هن جي ڪاوڙ ڪا اجائي به نه آهي. آئون ته هن کي سمجھائڻ ۾ ناڪام رهي آهيان، شايد ان ڪري به جو آئون هن جو داستان ٻڌي ايڏي ته محظوظ ٿي آهيان جو هن کي دڙڪو دامان ڪرڻ تي دل ئي نٿي چوي. پر، محترم بشپ، مون کي پڪ آهي ته جتي آئون ناڪام رهي آهيان، اتي توهان ضرور ڪامياب ويندائو. جيڪڏهن توهان کي اعتراض نه هجي ته توهان منهنجي ئي گھر ۾ هن سان ملو ۽ پوءِ جيئن بهتر سمجھو ائين کيس هدايت ڪريو.”
پينيءَ کي بشپ سان ملڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. حال جي تجربن مان هن جو اعتماد وڌي ويو هو ۽ هن کي يقين هو ته هو بشپ کي به آڱرين تي نچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. پر هن کي اهو ڏسي سخت بيزاري ٿي ته ڪهاڻيءَ جي غمگين حصن کي ٻڌڻ مهل به هو لڳاتار مرڪي رهيو هو. جڏهن هن بشپ ڏي ان خاص ادا سان نگاهون مٿي کڻي نهاريو، جن جو ڪو پادري يا ڊين به تاب جھلي نٿي سگھيو، ته بشپ جواب ۾ کڻي اک ڀڳي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو پيني پنهنجي مطلب کي ڇڏي سڌي سادي انداز ۾ خبر چار ڪرڻ لڳي. هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته سخت ڪاوڙ جي باوجود هن کي فلپ سان محبت آهي. “منهنجي پياري” بشپ نرمي پر ڪجھه کل ڀوڳ واري نموني سان چيو. “آئون نٿو سمجھان ته جنهن رستي تان تون هلي رهي آهين اهو ڪو توکي سڪون مهيا ڪري سگھندو. دنيا اهڙن احمقن سان ڀري پئي آهي، جيڪي توتي دل ۽ جان سان فدا ٿي وڃن پر تون اهڙن احمقن سان محبت نٿي ڪريو سگھين ۽ ڪو به ماڻهو جيڪو عقلمند هجي اهو هي سمجھڻ ۾ غلطي نه ڪندو ته تون اڃا تائين فلپ سان محبت ڪرين ٿي. بيشڪ هن توسان ناقابل معافي دوکو ڪيو آهي ۽ آئون اهو به نه چوندس ته تون ان ڏاڍائيءَ کي درگذر ڪري ڇڏ. آئون اهو فيصلو توتي ڇڏيان ٿو ته توکي ڇا ڪرڻ کپي. پر تون جيڪي ڪجھه ڪرين اهو فقط بدلي وٺڻ بدران پُرسڪون ۽ فائديمند هجي. اهو چوندي هن پينيءَ جو هٿ ٺپريو ۽ چيو، “منهنجي پياري، ان تي غور ڪر ۽ پوءِ مناسب وقت تي مون کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪجانءِ”.
گھر واپس ويندي وقت هن جي وڏائي ڪافور ٿي چڪي هئي، هن کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته انتقام ڪيترو به کڻي مضبوط ڇو نه هجي، مڪمل طرح مطمئن نٿو ڪري سگهي. هن کي جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ جو رُخ بدلائڻو آهي ته ان لاءِ مشڪل ۽ عملي فيصلو ڪرڻ کپي. هوءَ ڪنهن قيمت تي هڪ ڳوٺاڻي نائب پادري جي اطاعت گذار زال ٿي رهڻ تي راضي نه هئي، ساڳي وقت پيءُ وٽ موٽي وڃڻ به کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ برابر هو. هن سوچيو ته هن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجن پيرن تي بيهڻ کپي. آخر هن پين کنئي ۽ مسز مين ٽيٽ کي هڪ ڊگھي خط ۾ شاديءَ کانپوءِ جي واقعن جو تفصيلي احوال لکيو:
توهان مون تي ايڏا احسان ڪيا آهن جو هاڻ ڪنهن وڌيڪ احسان لاءِ ڪجهه چوندي به شرم ٿو اچي. پر مون کي لڳي ٿو ته شايد پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ توهان منهنجي مدد ڪري سگهو. ڇا توهان ان سلسلي ۾ مون سان لنڊن اچي ملي سگھو ٿيون؟
توهان جي پيني.
ان ملاقات جو نتيجو اهو نڪتو جو مسز مين ٽيٽ پنهنجي درزيءَ سان ڳالهه ڪري پينيءَ کي هن جي شوروم ۾ ماڊل گرل جي نوڪري وٺرائي ڏني. لنڊن پهچي هن فلپ سان هر قسم جو رابطو ختم ڪري ڇڏيو. پوپلٽن جي رهڻ وارن به هن کي وساري ڇڏيو. فقط مسز ڪوبگلي کي ڪڏهن ڪڏهن هن جو خيال آيو ٿي يا وري فلپ کي. جيتوڻيڪ هن ڪڏهن ان جو اظهار نه ڪيو. پينيءَ جو حسن هن جي مالڪ لاءِ ڪاروباري متاع ثابت ٿيو. جلدي ئي اها ڳالهه کلي وئي ته پينيءَ ۾ لباس سازيءَ جون قدرتي صلاحيتون موجود آهن. هن تکو تکو پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ ٽن سالن اندر چڱي ڪمائي ڪرڻ لڳي ۽ هاڻ سگھو ئي هن جو مالڪ پنهنجي ڪاروبار ۾ هن کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ وارو هو ته هڪ ڏينهن اوچتو هن کي پنهنجي پيءُ جو ڏکويل خط مليو. هو سخت بيمار هو ۽ شايد مرڻ جي ڪنڌيءَ تي هو:

“تو مون کي ۽ پنهنجي معزز مڙس کي بيحد ڏک پهچايو آهي. پر آئون مرڻ کان اڳ ان تلخيءَ کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو. سو مون کي بيحد خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون ٿوري دير لاءِ ئي سهي، پر پنهنجي پراڻي گھر هلي اچ.”
عيسائي محبت سان گڏ،
تنهنجو والد

ٻڏل دل سان هوءَ لورپول اسٽريٽ ويئي. گاڏيءَ ۾ خالي جاءِ ڳوليندي ڳوليندي هن جي نظر هڪ ماڻهوءَ تي پيئي. هن کي پنهنجين اکين تي يقين ئي نه پئي آيو. هن جو مڙس فلپ پادرين واري جبي بدران اوچي لباس ۾ فرسٽ ڪلاس جي دٻي ۾ سوار ٿي رهيو هو. ڪجھه لمحن لاءِ هو ٻئي ڄڻا اکيون ڦاڙي هڪ ٻئي کي گھوري ڏسندا رهيا، پوءِ پينيءَ رڙ ڪئي: “فلپ!”
ان ئي وقت فلپ به زوردار رڙ ڪئي: “پيني! منهنجيجان، تون ته اڃا به وڌيڪ خوبصورت ٿي وئي آهين.”
“پر تنهنجن انهن ڪپڙن جو ڇا ٿيو جيڪي اسان جي وچ ۾ ڀت بڻجي پيا هئا؟”
“مون انهن کي اڏوهيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن مون کي معلوم ٿيو ته آئون هڪ سٺو سائنسدان ٿي سگھان ٿو ته مون گرجا گھر کي باءِ باءِ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. هاڻ منهنجي آمدني چڱي وڌي وئي آهي، پر تون ڇا پئي ڪرين؟ تون به ته چڱي سکي ۽ آسودي لڳي رهي آهين.”
“هائو. آئون به هاڻ غريب نه رهي آهيان.” ۽ هن پنهنجي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي.
“آئون ته هميشه چوندو هوس ته تون بيوقوف هرگز نه آهين.”
“۽ آئون چوندي هيس ته تون وڏو شيطان آهين. خير هاڻ آئون تنهنجي ڪا به ڳالهه دل ۾ نه ڪنديس.” اهو چوندي هو پليٽ فارم تي ئي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ لڳا.
“جناب، پنهنجي زال کي وٺي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. گاڏي ڇٽڻ واري آهي.” گارڊ رڙ ڪري کين ٻڌايو. ٻئي هڪ ٻئي جو هٿ جھلي گاڏيءَ ۾ چڙهي پيا.

(مٿين ڪهاڻيءَ جو ليکڪ انگلينڊ جي مشهور علمي شخصيت برٽرينڊ رسل آهي. رسل 1872ع ۾ ڄائو. ڪيمبرج مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتي ئي ڪجھه عرصو پڙهايو.
رسل جا فلسفي ۽ ادب جا ڪتاب تمام گھڻا آهن. هن عالمي سياست ۾ هڪ ترقي پسند ۽ امن پسند دانشور جي حيثيت ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ دنيا جي نوجوانن جو محبوب اڳواڻ قرار ڏنو ويو. هڪ دلير انسان جي حيثيت سان هن هميشه صداقت جو جھنڊو بلند رکيو.
پنهنجي ڊگھي عمر جي آخري سالن ۾هن افسانا نگاري به ڪئي. بقول هن جي: “مون پنهنجي زندگيءَ جا شروع وارا اسي سال فلسفي کي ڏنا. هاڻ باقي عمر فڪشن لاءِ رکي اٿم.” )