ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي...
ٻئي همراهه جي عمر پنجٽيهن کان چاليهن ورهين جي وچ ۾ هئي. اهو مضبوط ڪاٺيءَ جو ٺاهوڪو ماڻهو هو. هو اداڪار به ٿي سگهيو ٿي. هڪ اهڙو اداڪار جنهن کي ڪنهن وڏي درجي جي غنڊي يا بدمعاش طور ڪاسٽ ڪرڻ تمام موزون ٿئي ها. عجيب ڳالهه اها هئي جو هن ريسٽورنٽ ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيو. ڊورٿيءَ کي گھٽ ۾ گھٽ ان جي اميد نه هئي. هونءَ به ڪتاب هن جي شخصيت سان ميل نٿي کاڌي ۽ ڊورٿي هن جي باري ۾ غائباڻي طور جيڪو ڪجھه معلوم ڪري هن سان ملڻ لاءِ آئي هئي، ان جي روشنيءَ ۾ هن کي ايترو باذوق ماڻهو نه هجڻ کتو ٿي. هن کي ٿورو شڪ ٿيو ته متان هي اهو ماڻهو نه هجي جنهن جي هن کي ضرورت آهي، ان ڪري هن لاءِ پڪ ڪرڻ ضروري هو.
هوءَ هن جي ميز جي ويجھو پهتي ته هن يڪدم پنهنجو مٿو مٿي ڪري ڪتاب بند ڪيو ۽ ڊورٿيءَ جي پڇڻ کان اڳ هن پاڻ ئي ٻڌايو: “مون کي ڪٽلر چون ٿا ۽ توهان پڪ ڊورٿي هونديون. ويهو ويهو، توهان ڇا پيئڻ پسند ڪنديون؟”
“توهان ڇا پيا پيو؟” ڊورٿيءَ ويهندي پڇيو.
“مارٽني.” ڪٽلر نهايت فضيلت سان مرڪندي جواب ڏنو.
“آئون به اهو ئي پيئنديس.”
جيسين ڊرنڪ اچي هو موسم ۽ ٽرئفڪ جي مسئلن بابت ڳالهيون ڪندا رهيا. هن چيو: “توهان پنهنجي ڪار ۾ ته نه آيون آهيو؟”
“نه. مون ڪجھه سفر ٽرين ذريعي باقي ٽئڪسيءَ ۾ ڪيو.” ڊروٿيءَ ٻڌايو.
“چڱو ڪيئي، اڄ جي دور ۾ خاص ڪري ههڙي موسم ۾ ڊگھي ڊرائيونگ ڪرڻ عذاب آهي.” هن چيو.
“آئون هن علائقي ۾ پهرين به ايندي رهي آهيان. بلڪه مون ۽ منهنجي مڙس البرٽ ڪنهن زماني ۾ ته هتي ڪو گھر وٺڻ جي باري ۾ به سوچيو هو. اٽڪل ڏيڍ سال کن اڳ اسان هتي ڪجھه گھر ڏٺا به هئا.”
“جيڪڏهن خريد ڪري وٺو ها ته فائدي ۾ رهو ها. هاڻ ته هتي زمين جون قيمتون آسمان تي پهچي چڪيون آهن.” ڪٽلر چيو.
“اسان نيويارڪ جي خاص علائقي “مئن هٽن” ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو...” ڊروٿيءَ چيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو:
“۽ اهو سٺو ئي ٿيو، ڇو جو ان ئي وقت اسان جا رستا الڳ الڳ ٿيڻ لڳا هئا. مون کي ان تي به خدا جو شڪر ادا ڪرڻ کپي ته اسان هتي ڪو گھر نه ورتو نه ته ٿئي هيئن ها جو اُن کي خريد ڪرڻ ۾ اڌ يا اڌ کان به وڌيڪ رقم منهنجي شامل ٿئي ها ۽ طلاق ٿيڻ تي ڪانه ڪا اٽڪل ڪري البرٽ مون کان سڄو گھر کسي وٺي ها.”
هو وڌيڪ چند منٽ مهذب ماڻهن وانگر کاڌي پيتي ۽ ٻين هلڪن ڦلڪن عنوانن تي ڳالهائيندا رهيا. پوءِ ويٽر کي ايندو ڏسي ڪٽلر چيو: “بئرو اسان لاءِ ڊرنڪس ته کڻيو پيو اچي، پر منهنجو خيال آهي ته ان کان پوءِ مون کي مانيءَ لاءِ به آرڊر ڏئي ڇڏڻ کپي. هيءَ تمام سٺي ريسٽورنٽ آهي. توهان ڇا کائڻ چاهينديون؟”
“منهنجي خيال ۾ کائڻ کي کڻي ٿا ڇڏيون. آئون هتي گھڻي دير ويهڻ لاءِ نه آئي آهيان.” هن منجھندي چيو، “مون سوچيو هو ته ڊرنڪس جي دوران هاڻ اها ڳالهه ڪري وٺنداسين...” هن جملي کي اڌگابرو ڇڏي ڏنو.
“جنهن لاءِ اصل ۾ هيءَ ملاقات طئي ٿي آهي.” ڪٽلر جملو پورو ڪيو ۽ پوءِ چيو، “صحيح آهي... بلڪل صحيح آهي.”
ڊورٿيءَ کي ان هوندي به اصل موضوع تي ڳالهه ڪندي ڏکيائي ٿي رهي هئي. هن ائين ئي ڪجھه ڳالهائڻ خاطر چيو: “آئون هتي ڪار ۾ ان ڪري نه آيس جو مون وٽ ڪار آهي ئي ڪانه.”
“پر ٽاميءَ ته چيو پئي ته توهان وٽ ڪار به آهي ۽ شهر کان ٻاهر هڪ خوبصورت هَٽِ به آهي، جتي توهان موڪلون ملهائڻ لاءِ هر ويڪ اينڊ تي وينديون رهو ٿيون.” هن چيو. ٽامي رابطي جي ماڻهو جو نالو هو جنهن هنن ٻنهي کي پر پٺ هڪ ٻئي جي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي هئي.
“اهي سڀ شيون منهنجي مڙس البرٽ جون هيون.” ڊورٿيءَ ٻڌايو.
ڪٽلر اونهي سوچ مان سجاڳ ٿيندي ڪنڌ ڌوڻيو. “هاڻ ته توهان هن سان گڏ نه پيون رهو؟”
“نه.” ڊورٿيءَ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، “اسان کي ڌار ٿئي ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن. منهنجو ڪو سامان هن جي گھر ناهي. مون هن جي ڪار جون چاٻيون به واپس ڪري ڇڏيون آهن. چڱو ٿيو جو مون پنهنجوويسٽ اسٽريٽ وارو اپارٽمينٽ ڇڏيو نه هو. مون کي هر وقت اهو وسوسو رهندو هو ته ڪڏهن اوچتو مون کي ان جي ضرورت نه پئجي وڃي... منهنجي سوچ صحيح نڪتي.”
“تنهنجو البرٽ سان گڏ رهڻ جي سلسلي ۾ معاهدو ڇا هو؟”
“معاهدو ته ڪجھه به نه هو. مون ان جي ضرورت محسوس نه ڪئي هئي. هن سان منهنجي دوستي ياريءَ جي شروعات مال دولت جي آڌار تي نه ٿي هئي. منهنجي خيال ۾ ته منهنجي هن سان سچي محبت کڻي نه هئي پر ايترو ضرور هو ته هن کي مون پسند ڪيو ٿي. آئون هن سان گڏ ٽي سال رهيس. پهريان ٻه سال منهنجا ڏاڍا سٺا گذريا. آئون اهو ته نٿي چئي سگھان ته اسان جي چاهت روميو جوليٽ واري هئي پر تنهن هوندي به سٺو وقت گذري رهيو هو. ٽئي سال اسان جا تعلقات خراب ٿيڻ لڳا ۽ مون محسوس ڪيو ته هاڻ جدائي اختيار ڪرڻ ئي بهتر آهي.”
هن پنهنجو گلاس کنيو ۽ اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته هوءَ پهرين ئي ان کي خالي ڪري چڪي هئي، پر هن کي ان جو ڪو خاص احساس نه ٿيو. ڪٽلر نهايت تحمل ۽ سڪون سان هن ڏي ڏسي رهيو هو. هو ڄڻ ته وڌيڪ ٻڌڻ جو منتظر هو. لمحي کن جي ماٺ کانپوءِ ڊورٿيءَ چيو، “ ۽ هاڻ هو چوي ٿو ته آئون هن جي ڏهه هزار ڊالرن جي قرضياڻي آهيان.”
“پر تون اها ڳالهه نٿي مڃين؟” ڪٽلر سوال ڪيو.
ڊورٿيءَ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “پر هن وٽ هڪ ڪاغذ آهي جنهن تي منهنجي صحيح ٿيل آهي، جنهن مان ڪجھه ائين لڳي ٿو ڄڻ هن مون کي ڏهه هزار ڊالر اڌارا ڏنا آهن. منهنجي نالي تي ڪڍيل هڪ چيڪ به مون ڪئش ڪرايو هو، جيڪو بئنڪ رڪارڊ ۾ موجود آهي پر حقيقت اها آهي ته اها رقم هن مون کي اڌاري نه ڏني هئي. ٿيو ائين هو جو اسان جو هڪ تفريحي سفر تي وڃڻ جو پروگرام ٿيو هو، جنهن جي صلاح به هن پاڻ ئي ڏني هئي. هن سفر جو بندوبست ڪرڻ لاءِ اهو چيڪ مون کي ڏنو هو ۽ اها رقم مون ان ڪم تي خرچ ڪئي هئي. اسان هوائي جهاز ذريعي سنگاپور ۽ پوءِ اتان بالي وغيره ويا هئاسين.”
“واهه واهه!” ڪٽلر ريس ڪندي ڪنڌ لوڏيو. “ڏاڍو مزو آيو هوندانوَ؟”
“ها... ان وقت اسان جا تعلقات سٺا هئا.” هن ڪجھه چڙ مان ڳالهايو.
“هن ڪاغذ جي ڇا ڳالهه آهي؟ توکان هن صحيح ڪيئن ڪرائي ورتي.”
“هن ٽئڪس جي بچت جو ڪو بهانو ڪري مون کان صحيح ڪرائي هئي. مون کي ڳالهه ڪا گھڻي سمجھه ۾ نه آئي پر مون هن تي اعتماد ڪيو ٿي. آئون هميشه اکيون بند ڪري هن جي حڪم تي هر شيءِ تي صحيح ڪري ڇڏيندي هيس. هو چاهي ها ته مون کان ان کان وڌيڪ خطرناڪ شيءِ تي صحيح وٺي سگھيو ٿي. منهنجي سادگي ۽ خلوص ته ڏسو! آئون هن سان گڏ رهندي هيس ته هر شيءِ جو اڌ خرچ پاڻ ڀريندي هيس. آئون هن تي ڪو ٿورو به بار نه هيس. پنهنجي حصي جو سڄو خرچ پکو آئون ادا ڪندي هيس، پر ان سفر جي ڳالهه ئي ڪجھه ٻي هئي. ان جي صلاح هن پاڻ ڏني هئي ۽ اهو هن پنهنجي طرفان مون کي تحفو پيش ڪيو هو. ان جا سڀ خرچ هن پنهنجي طرفان ڏيڻ جي اڳواٽ ڳالهه ڪئي هئي. ڪل خرچ ويهه هزار ڊالر کن ٿيو هو. جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته ان جو به اڌ مون کي ڏيڻو پوندو ته آئون سوچي سمجھي قدم کڻان ها. ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ جي مون ۾ ڪا سگهه نه آهي... ۽ هاڻ هو ٿو چوي ته آئون هن جي ڏهه هزار ڊالرن جي قرضياڻي آهيان. توکي شايد يقين نه اچي ته هن پنهنجي هڪ وڪيل ذريعي نوٽيس موڪلي ڏنو آهي. ٿورو سوچ...! هن قانوني ڪارروائيءَ جي مون کي ڌمڪي ڏني آهي.”
“اها ته تمام گھڻي ڏاڍ مڙسي آهي.” ڪٽلر اونهي سوچ مان ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي، “عام طور جڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد سان گڏ ر هي ٿي ته هو هن جا سڀ خرچ پکا ڀري ٿو ۽ جيڪڏهن هو صحيح مرد آهي ته هو هن لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪري ٿو. تنهنجي مڙس جو اهو ته واقعي ڪمينپڻو آهي.”
پوءِ هن ڪجھه سوچي چيو: “جيڪڏهن هو عدالت وڃي ٿو ته تون چئي سگھين ٿي ته هن ٽئڪس جي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.”
“آئون ڀلا اهو ڪيئن ٿي چئي سگھان؟ آئون خود ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار هيس. آئون به ان ڏوهه ۾ شريڪ ثابت ٿينديس.”
“ها... اهو به صحيح آهي.“ هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. ڪجھه گھڙين جي ماٺ بعد هن تکائي مان چيو: “آئون هميشه کان پنهنجو بار پاڻ کڻندي اچان ۽ شايد مرڻ تائين کڻندي اچان. ٻاروتڻ کان وٺي مون کي ڪڏهن ڪنهن ڪجھه به نه ڏنو. ڪو هلڪو ڦلڪو... ڪو معمولي تحفو به نه... ويندي هن سوئر جي ڦر جنهن شيءَ کي تحفو سڏيو، ان کان به ڦري ويو. آئون هن سان ملڻ کان اڳ به پنهنجو خرچ پکو پاڻ ئي هلائيندي رهيس ٿي... ۽ هاڻ جڏهن ته آئون هن کان ڌار ٿي چڪي آهيان تڏهن به آئون پنهنجو بار پاڻ کڻي رهي آهيان. آخري دفعو جيڪڏهن مون کي ڪنهن ڪجھه ڏنو هو ته اهو منهنجو انڪل رالف هو، جنهن مون کي نيويارڪ اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ڏنو هو.ان وقت منهنجي عمر سترهن سال هئي. جيتوڻيڪ انڪل رالف ان کي قرض نه سڏيو هو ۽ مون کان ڪنهن به ڪاغذ ڀور تي صحيح نه ورتي هئي پر مون پنهنجي پهرين ئي ڪمائيءَ مان هن جي رقم ڪڍي هن ڏي مني آرڊر ذريعي واپس ڪئي هئي.”
“تون سورهن سالن جي عمر ۾ نيويارڪ آئي هئينءَ؟”
“هائو... اسڪول مان نڪرڻ سان... ۽ ان وقت کان آئون پاڻ ڪمائي کائي رهي آهيان. خود مختياريءَ جي زندگي گذاري رهي آهيان ۽ پنهنجا سڀ خرچ پاڻ برداشت ڪري رهي آهيان. جيڪڏهن البرٽ مون کي پهرين ٻڌايو هجي ها ته شايد هن تفريحي سفر ۾ به پنهنجو حصو پاڻ ئي ڀريان ها پر ان وقت هن ان کي تحفو چيو هو ۽ هاڻ هو ان جو اڌ حصو وياج سميت گھري ٿو. مون کي در اصل هن جي ان دوکيبازي ۽ ڪميڻپڻي تي چڙ اچي ٿي... پئسو ڪو وڏو مسئلو نه آهي.”
“هو توکان به وياج گھري رهيو آهي؟” ڪٽلر جي لهجي ۾ پنهنجائپ سان گڏ حيرت پڻ هئي.
“هائو... مون جنهن ڪاغذ تي صحيح ڪري ورتي آهي ان ۾ ڪجھه ان ڳالهه جو به ذڪر آهي. چڱو خاصو گھڻو وياج آهي. هن کي اصل ڪاوڙ ان ڳالهه تي آهي ته آئون هن کي ڇو ڇڏي آئي آهيان. شايد هن جي مرضي هئي ته هڪ ڏينهن اهڙو اچي ها جڏهن هو مون کي ڌڪا ڏئي گھر کان ڪڍي ها.”
“منهنجو به اهو ئي خيال آهي.” ڪٽلر هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
“۽ منهنجو خيال هاڻ اهو آهي ته جيڪڏهن ڪي صحيح قسم جا ٻه ڄڻا ٿورو صحيح طريقي سان هن سان وڃي ڳالهه ڪن ته جيڪر هن جو دماغ ٺڪاڻي اچي وڃي.” هن ٿورو تکائيءَ مان چيو.
“۽ اهو ئي ڪم آهي جنهن لاءِ تون هتي آئي آهين.” ڪٽلر چيو ۽ هن لاءِ هڪ ٻي ڊرنڪ جو آرڊر ڏنو. ڊورٿيءَ ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي. ڊرنڪس اچڻ تائين هو خاموش رهيا. ان بعد ڪٽلر چيو:
“صحيح آهي... ٻه ڄڻا وڃي هن سان ڳالهه ڪندا.”
“ڪيترو خرچ ايندو ان ڪم تي؟” ڊورٿيءَ پڇيو.
“پنج سئو ڊالرن ۾ ڪم ٿي ويندو.” ڪٽلر چيو.
“صحيح آهي. مون لاءِ اها رقم ڪا ايڏي گھڻي نه آهي.” هن چيو.
“ڳالهه هي آهي ته جڏهن اسان “ڳالهه” ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته درحقيقت معاملو “ڳالهه” کان ڪجھه اڳيان وڌيو وڃي.” هن چڱي حد تائين فلسفي واري لهجي ۾ چيو. “ان قسم جي معاملي ۾ ماڻهوءَ تي ٿوروڪجھه اثر وجھڻو پوي ٿو. هن کي يقين ڏيارڻو پوي ٿو ته جيڪڏهن هو سڌو نه ٿيو ته هن کي ڪو جسماني نقصان به پهچي سگھي ٿو ۽ اهو يقين ڏيارڻ لاءِ ضروري آهي ته شروع ۾ ئي هن سان ڪجھه ڪيو وڃي نه ته هو ان کي فقط دڙڪي جي حد تائين ئي سمجي ٿو ۽ ماڳهين ڪاوڙ ۾ اچيو وڃي. هڪدم ته هن کي ڪاوڙ نٿي اچي. جيڪڏهن ٻه ڏٽي مٽي قسم جا پهلوان ڪنهن ويران گھٽيءَ ۾ هن کي ڀت سان لڳائي حڪم ڏين ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي... ته وقتي طور هو ڊڄي ويندو. پر پوءِ هو هن کي ڇڏي ڏيندا. هو گھر هليو ويندو ۽ پوءِ سوچڻ شروع ڪندو. ائين ڪرڻ سان هن کي ضرور ڪاوڙ ايندي.”
“ها تون بلڪل صحيح چوين ٿو.” ڊورٿيءَ ڪجھه سوچي هائوڪار ڪئي. “پر شروع ۾ ئي هن سان ڪجھه اهڙو ڪيو وڃي جنهن کي هو چئن پنجن ڏينهن تائين محسوس ڪندورهي ته پوءِ هن تي ڊپ جو غلبو رهندو. هن ۾ ڪاوڙ اچڻ جي نوبت نه ايندي. تنهنجو مقصد اصل ۾ اهو ئي آهي نه؟”
“ها... منهنجو خيال آهي ته تون صحيح پئي چوين.” هن ڪجھه گھٻرائيندي چيو، “ڇا هو جسماني طرح ٺيڪ ٺاڪ آهي؟” ڪٽلر گلاس مان ڍڪ ڀري چيو.
“ٿورو ٿولهه ڏي مايل آهي.هن جو وزن ويهه پائونڊ کنگھٽ ٿي وڃي ته هو چڱو خاصو سمارٽ لڳي سگھي ٿو.” ڊورٿيءَ ٻڌايو.
“هن کي ڪا دل جي تڪليف ته نه آهي؟”
“نه”
“ورزش ڪري ٿو؟”
“هڪ ڪلب جو ميمبر ته آهي. شروع جي ڏينهن ۾ ته هفتي ۾ چار دفعا ويندو هو، پر هاڻ مهيني ۾ فقط ٻه ڏينهن وڃي ٿو.”
“سڀ اهو ئي ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح جمناسٽڪ ڪلب هلي رهيا آهن. جيڪڏهن سڀ ميمبر روز اچڻ شروع ڪن ته دروازي مان گھڙڻ به ڏکيو ٿي پوي.”
“تون وزرش ڪندو آهين؟”
“ها. مون کي ته عادت ٿي چڪي آهي. هاڻ اهو نه ٻڌائيندس ته مون کي اها عادت ڪٿان پئي.” هن معنيٰ خيز انداز ۾ مُرڪيو.
“آئون پڇنديسانءِ به نه.” ڊورٿيءَ چيو. “پر آئون اندازو لڳائي سگھان ٿي.” هن کي اندازو هو ته ڪٽلر جيل ۾ رهي چڪو آهي. هو جنهن ڌنڌي ۾ هو ان ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن جيل جي نوبت ته اچي سگهي ٿي. جيل ۾ هر هڪ کان زبردستي ورزش ڪرائي وڃي ٿي.
ڪٽلر جي مرڪ وڌيڪ پکڙجي وئي. لمحي کن لاءِ هو هڪ حرڪتي ٻار جيان نظر اچڻ لڳو، پر پوءِ هڪدم سنجيدو ٿي وري ڪاروباري قسم جي ڳالهه ٻولهه ڏي ايندي چوڻ لڳو:
“ توسان ملڻ کان اڳ هو پهرين به شادي شده ته نه هو؟ اسان جنهن شخص لاءِ ڪجھه ڪرڻ وارا هوندا آهيون، ان جي هر طرح جي معلومات وٺڻ ضروري سمجھندا آهيون.”
“هن ڪڏهن ذڪر ته نه ڪيو. هن جي هڪ پهرين جي به شادي ٿيل هجي ها ته ان جو ذڪر ضرور نڪري ها.”
“هو پاڻ سان گڏ ڪو هٿيار... ڪو پستول، ريوالور وغيره ته نٿو رکي؟”
“نه ... نه...” هن جلديءَ ۾ چيو.
“توکي پڪ آهي؟”
هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي ۽ لمحي کن جي خاموشيءَ بعد چيو:
“آئون ٽن سالن کان هن سان گڏ رهي آهيان پر مون ڪڏهن به هن وٽ پستول يا ريوالور نه ڏٺو ۽ نه وري مون کي ان بابت ڪڏهن پڇڻ جو خيال آيو.”
“ڪيترائي ماڻهو ڪونه ڪو هٿيار پاڻ سان کڻي هلن ٿا پر انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ بنا لائسنس جي هوندا آهن، ان ڪري هو ڪنهن سان انهن جي ڳالهه نه ڪندا آهن.”
“مون کي يقين آهي ته هن جي ملڪيت ۾ ڪا به بندوق ناهي. پاڻ سان کڻي هلڻ ته پري جي ڳالهه آهي.” ڊورٿيءَ خاطريءَ واري لهجي ۾ چيو:
“لڳي ٿو ته تنهنجو خيال صحيح هجي پر ان معاملي ۾ ڪا به ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگھجي. اسان جهڙن ماڻهن کي اهو ئي فرض ڪرڻو پوي ٿو ته اسان جنهن سان مقابلو ڪرڻ وڃون پيا ان وٽ پستول يا بندوق ضرور هوندي... ۽ اسان کي ان لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو.”
ڊورٿيءَ ڪجھه ٻِدِليو ٿيندي تائيد ۾ ڪنڌڌُوڻيو. ڪٽلر نهايت ترسي ترسي چيو : “هاڻ مون کي توکان هڪ تمام ضروري سوال پڇڻو آهي. اهو سوال توکي پنهنجو پاڻ سان به ڪرڻو آهي ۽ ان جو صحيح جواب ڏيڻو آهي. ڇو جو ڪجھه به چئي نٿو سگھجي ته هي معاملو اڳيان ڪيستائين پهچي. تون ڪيتري حد تائين تيار آهين؟”
“مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو”. ڊورٿيءَ چيو.
“ڏس نه. ان ڳالهه تي ته پاڻ هڪ ئي راءِ رکون ٿا ته هن معاملي ۾ ٿوري گھڻي مارڪٽ ته ضرور ٿيندي. هن کي ڪجھه موچڙا ته هڻڻا پوندا ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻن هنڌن تي هن کي اهڙا ڌڪ هڻبا جنهن جو سور هو هفتو ڏهه ڏينهن ته ضرور محسوس ڪري. منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه لاءِ پاسراٽيون ڀڃڻ صحيح هوندو.”
“چڱو صحيح آهي.” ڊورٿيءَ ڪجهه اهڙي نموني سان هائوڪار ڪئي ڄڻ هن کان ان بابت اجازت ورتي پئي وڃي ۽ هوءَ اجازت ڏئي رهي هئي.
“جيڪڏهن ڳالهه ايستائين رهي تڏهن به ڪا وڏي ڳالهه نه آهي پر توکي اهو مڃڻو پوندو ته ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه وڌيو به وڃي.”
“ڇا مطلب.”
هن ميز تي ٺونٺيون رکي پنهنجين آڱرين سان اهرام ٺاهيندي چيو:
“منهنجو مطلب آهي هڪ دفعو مارڪٽ شروع ٿي وئي ته پوءِ ڪڏهن به اهو فيصلو اسان جي اختيار ۾ نٿو رهي ته ان کي ڪٿي جھلجي. تشدد هڪ اهڙو پکي آهي جيڪو هڪ دفعو پڃري مان نڪري وڃي ته ان کي وري قابو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ڪجهه به چئي نٿو سگھجي ته اهو سلسلو ڪٿي وڃي بيهي.”
“اوهه!” ڊورٿيءَ ڄڻ ان پهلوءَ تي ڪڏهن سوچيو ئي نه هو.
“مثال طور... هو به جواب ۾ هٿ پير چوري ٿو ته پوءِ اهو سلسلو اسان جي مقرر ڪيل حدن کان اڳتي به وڃي سگھي ٿو. هو موٽ ۾ جيتري وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، اوتري ئي کيس مار پوندي. اسان لاءِ ان کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ناهي.”
“مون سمجھيو.” ڊورٿيءَ وراڻيو.
“ان کان علاوه انساني نفسيات جي پهلوءَ کي به نظر ۾رکڻو پوي ٿو. جيڪي ماڻهو هن ڪم لاءِ ويندا انهن جو ته هن مسئلي سان ڪو به جذباتي تعلق نه هوندو، ان ڪري هو نهايت پرسڪون انداز ۾، ٿڌي دماغ سان، ڊيوٽيءَ جي انداز ۾ هي ڪم سرانجام ڏيندا. جذباتيت هنن ۾ هونءَ به نٿي ٿئي.”
“منهنجو اندازو به اهو ئي هو.” ڊورٿيءَ چيو.
ڪٽلر ڳالهه جاري رکندي چيو: “پر اها ڳالهه فقط هڪ حد تائين ئي صحيح آهي ڇو ته اهي ماڻهو به بهرحال انسان آهن. البرٽ جيڪڏهن ڌڪ جو بدلو ڌڪ سان ٿو ڏئي ۽ دوبدو مقابلو ٿو ڪري ته پوءِ منهنجا ماڻهو به ڪاوڙ ۾ اچي سگھن ٿا. اهڙيءَ طرح هنن جو ڪم اڃا به سولو ٿي سگھي ٿو. انهن ماڻهن جو غصو خطرناڪ به ٿئي ٿو. شايد هو البرٽ کي وڌيڪ نقصان پهچائي وجھن جيترو هنن جو ارادو نه هجي.”
ڊورٿيءَ لمحي کن لاءِ سوچيو. پوءِ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: “ها. اهو آهي ته برابر ممڪن.”
“ان جي نتيجي ۾ هو اسپتال به پهچي سگھي ٿو.” ڪٽلر چيو.
“تنهنجو مطلب آهي... هن جون هڏيون وغيره به ڀڄي سگھن ٿيون؟.” ڊورٿيءَ ڊنل هرڻيءَ جهڙين نگاهن سان ڪٽلر ڏي گھوريو.
“ها... بلڪ ان کان به بدتر ڪا ڳالهه ٿي سگهي ٿي. مثال طور هن جو جيرو يا ڦڦڙ زخمي ٿي سگھي ٿو. ان قسم جا ڪيترائي معاملا منهنجي ذهن ۾ آهن... بلڪه مون کي ڪجھه اهڙن ماڻهن جي باري ۾ به ڄاڻ آهي، جيڪي فقط پيٽ تي ٺونشو لڳڻ سان موت جي جھوليءَ ۾ هليا ويا.”
“واقعي...! اهو ته مون هڪ فلم ۾ به ڏٺو هو.. ڊورٿيءَ تائيد ڪئي، “تو ته مون کي وري نئين سئين سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي.”
“ها... هي معاملا واقعي ان قابل آهن جو انهن جي باري ۾ ڪيترائي دفعا سوچڻ کپي...” ڪٽلر چيو، “ڇو ته انهن ۾ تمام گھڻو اڳتي نڪرندڙ نتيجن لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو... ۽ “تمام گھڻو اڳيان تائين” مان منهنجي مراد تمام گھڻو اڳيان تائين ئي آهي. هونءَ ته سئو مان پنجانوي ڪيسن ۾ ائين نٿو ٿئي.”
“پر ٿي به ته سگھي ٿو.” ڊورٿيءَ گھٻرائيندي چيو.
“جي ها... ٿي به سگھي ٿو.” ڪٽلر وراڻيو.
“خدا پناه ۾ رکي...” هن جي بدن ۾ ڄڻ سيوڪاري پئجي وئي ۽ ڇرڪ ڀريندي چيو “هو بيشڪ پڪو سوئر جو ڦر آهي... پر آئون هن کي مارائڻ به نٿي چاهيان. آئون هن کي فقط سبق ڏيڻ چاهيان ٿي پر اهو هرگز نٿي چاهيان ته هن جي باري ۾ ڪا نهايت خوشگوار ياد هميشه لاءِ منهنجي ضمير تي بار ٿي پوي.”
“منهنجو به اهو ئي خيال آهي ته تون ان ڳالهه کي پسند نه ڪندينءَ”.
“پر آئون هن کي ڏهه هزا ر ڊالر به ادا ڪرڻ نٿي چاهيان. هي معاملو ته ڪجھه منجهيل ئي ٿي پيو.”
“معاف ڪجانءِ... آئون هڪ منٽ ۾ ٿو اچان...” ڪٽلر اٿندي چيو. “تيستائين تون ان موضوع تي سوچي وٺ، پوءِ پاڻ ان بابت وڌيڪ ڳالهه ڪنداسين.”
هن جي غير موجودگي ۾ ڊورٿيءَ هن جي ڪتاب کي ابتو سبتو ڪري ڏٺو ۽ پوءِ جيئن جو تيئن رکي ڇڏيو. هوءَ آهستي آهستي پنهنجي ڊرنڪ مان سرڪيون ڀري سوچيندي رهي. ڪٽلر واپس آيو ته ويهندي ئي چيو: “ها.. ته تو ڇا سوچيو؟”
“منهنجو خيال آهي ته تو پنهنجو پاڻ کي پنج سئو ڊالر ڪمائڻ کان محروم ڪري ورتو آهي.” ڊورٿيءَ چيو.
“منهنجو به اهو ئي خيال آهي.” هن کي ڄڻ ان نقصان جو ٿورو به افسوس نه هو.
“آئون هن کي مارائڻ نٿي چاهيان... بلڪه آئون ته هن کي اسپتال به موڪلڻ نٿي چاهيان. آئون ته فقط اهو چاهيان ٿي ته هو ڊڄي وڃي ۽ هن جي ٿوري مارڪٽ به ٿي وڃي ۽ اهو به شايد ان ڪري چاهيان ٿي جو هن وقت آئون سخت ڪاوڙ ۾ آهيان.”
“اها ڪا عجيب ڳالهه ناهي. اهڙين ڳالهين تي ڪنهن کي به ڪاوڙ اچي سگھي ٿي.” هن همدردي ڪندي چيو.
“جڏهن مون کي ڪاوڙ لهي ويندي ته آئون فقط ايترو چاهينديس ته هو پنهنجي ڏهه هزار ڊالرن واري بڪواس کي وساري ڇڏي، خدا پناهه ۾رکي؟ ڏهه هزار ڊالر ته منهنجي سڄي زندگيءَ جي بچت ٿيندي. آئون هن مردود کي ڏيڻ نٿي چاهيان.”
“ڇا مطلب؟”
“حقيقت ۾ هن هي چڪر پئسا هٿ ڪرڻ لاءِ نه پر توکي تنگ ڪرڻ لاءِ رچايو آهي. هي به جذباتي معاملو آهي. تو هن کي ڇڏيو آهي. هن جي انا زخمي ٿي آهي. هن توکي سبق سيکارڻ جو هي رستو ڳوليو آهي. مشڪل اها آهي ته تون هر شيءِ تي خرچ جو اڌ ڏيندي رهين ٿي ان ڪري شايد عدالت ذريعي هو توکان ان تفريحي سفر جو به اڌ خرچ وصول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي.”
“ته اها ڳالهه آهي...!” ڊورٿيءَ جي منهن تي پريشانيءَ جي لهر نمودار ٿي.
ان ئي وقت ڪٽلر هن کي دلداري ڏيڻ جي ڪئي: “پر هن لاءِ به اهو ڪو سولو ڪم ناهي. بهتر ٿيندو ته هن سان عدالت کان ٻاهر ٺاهه ڪيو وڃي. تون هن کي ٻه هزار ڊالر ڏيڻ جي پيشڪش ڪر. منهنجي دل چوي ٿي ته هو ان تي سرچي ويندو.”
“منهنجي ته هن سان ڳالهه ٻولهه ئي بند آهي... ۽ آئون هن سان ڳالهائڻ به نٿي چاهيان. آئون ڀلا هن کي ٻن هزار ڊالرن جي پيشڪش ڪيئن ٿي ڪري سگھان؟”
“هن کي اهو نياپو موڪلڻ لاءِ توکي ڪنهن ٻئي جي خدمت حاصل ڪرڻي پوندي”
“تنهنجو مطلب آهي ڪو وڪيل وغيره...؟” ڊورٿيءَ وضاحت گھري.
“وڪيل جون خدمتون حاصل ڪندينءَ ته ان خرچ ۾ هن جون فيون به شامل ٿي ويندءِ. آئون سوچي رهيو آهيان ته آئون ئي اها خذمت ڏيان. اها پيشڪش کڻي ويندس ته هو انڪار هرگز نه ڪري سگھندو. مون کي زبان سان ڌمڪي ڏيڻ بنا ڪم ڪڍڻ جو طريقو اچي ٿو. هن کي ڪا به ڌمڪي يا دڙڪو نه ڏيندس تڏهن به هو سمجھندو ته مون هن کي چتاءُ ڏنو.”
“يعني ٻن هزار ڊالرن ۾ منهنجي جان ڇٽي ويندي-۽ پنج سئو ڊالر تنهنجي فيءَ جا...؟”
“ آئون ڪا في نه وٺندس. مون کي هن سان فقط ڳالهه ڪرڻي پوندي ۽ ڳالهه ڪرڻ جي آئون ڪا به في نه وٺندو آهيان. آئون ڪو وڪيل نه آهيان. آئون ته فقط هڪ شريف ماڻهو آهيان. جنهن جي گذر سفر جو ذريعو ٻه “پارڪنگ لاٽس” آهن. البت ايترو ضرور آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏکيو ڪم ڪرايو وٺان.”
“۽ توکي ڪتابن پڙهڻ جو به شوق آهي؟”
“ها... اهو شوق مون کي ننڍپڻ کان آهي.” هن مرڪيو.
“مون سمجهيو ٿي ته اهو شوق به جيل کان شروع ٿيو هو.” ڊورٿيءَ ترسي ترسي جملو پورو ڪيو.
“اتي انسان پڙهيو نٿو سگھي. تمام گھڻو هل هنگامو ٿئي ٿو.”
“مون ته سمجهيو ٿي ته اتي انسان کي سڪون ملي ٿو. تڏهن ڪجھه ماڻهن جيل ۾ رهي دنيا جا مشهور ڪتاب لکيا آهن.”
“ڪجھه خوش نصيبن کي شايد ايترو سڪون ملي ويو هوندو.” هن مرڪندو جواب ڏنو.
لمحي کن جي ماٺ کانپوءِ هن چيو، “مون کي هاڻ اهو سوچيندي شرم ٿو محسوس ٿئي ته آئون تو وٽ ڪهڙي ته ڪم لاءِ آئي هيس.”
“شرم جي ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟” هن همٿ افزائي واري انداز ۾ چيو، “هي ته تنهنجي خوددار هجڻ جي نشاني آهي ته تو بليڪ ميل ٿيڻ پسند نه ڪيو. خوددار عورتون مون کي سٺيون لڳنديون آهن.”
ڊورٿيءَ پنهنجي ڳلن تي ڪجھه گرمائش محسوس ڪئي. هو پسنديدگيءَ جي نظرن سان هن ڏي ڏسي رهيوهو. پل ساعت جي خاموشيءَ بعد هن چيو: “تون ڊرنڪ پي وٺ ته آئون توکي تنهنجي گھر ڇڏي اچان.”
“توکي ايڏي تڪليف وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. آئون ريل ۾ هلي وينديس.” هن هيڻي آواز ۾ چيو.
“ڇا توکي مون سان گڏ هلڻ پسند ناهي؟” هن ڊروٿيءَ جي اکين ۾ ليئو پائيندي چيو.
“پسند ته آهي ... پر... ” هوءَ ڪجھه چوندي چوندي ترسي پيئي. هن مرڪي ڏنو ڄڻ سمجھي ويو هجي ته ڊورٿي ڇا ٿي چوڻ چاهي. غير ارادي طور هن به مرڪي ڏنو.
هن ميز ڏي جھڪندي چيو: “مون چيو هو نه ته ڪڏهن ڪڏهن معاملا ان کان به گھڻو اڳ پهچي سگھن ٿا، جتي اسان وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. منهنجي خيال ۾ هاڻ پاڻ کي ماني به هتي کائي وٺڻ کپي. ڇا خيال آهي؟”
ڊورٿيءَ جواب بدران فقط ڪلها لوڏي اقرار ڪيو.
مانيءَ بعد جڏهن هوءَ هن سان گڏ ڪار ۾ رواني ٿي ته ڪار جو رخ هن جي گھر جي بدران ڪٽلر جي گھر ڏي هو ۽ هو ٻئي مستقبل جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.