ملڪورا ٻيٽ تي ٿيل حادثو . . .
جهاز هاڻ ملڪورا ٻيٽ جي ڪناري جي ويجھو اچي چڪو هو. ڪناري تي ماڻهن جا انبوهه هئا، جيڪي پنهنجن ڪم ڪارين ۾ رُڌل هئا ۽ خوش باش نظر اچي رهيا هئا. ملڪورا ٻيٽ جو ڪنارو پنهنجي سائنتيڪي ماحول کان مشهور هو ۽ اتي جا ماڻهو سٻاجھڙا ۽ امن پسند هئا. ڪڏهن به ڪو گوڙ گھمسان نٿي ٿيو، پر هي اسان وارو يار ايسٽو ههڙي ماحول ۾ پهچي به منڌل نظر پئي آيو. هن جي ذهن ۾ هڪ طوفان متل هو. ان سفر ۾ هن جي زال به هن سان گڏ هئي پر لڳو ٿي ته ڄاڻ ته هوءَ ان رشتي جي قيد مان آزاد ٿي. هن جون نگاهون ماڻهن تي هيون پر هن جو ذهن سوچن ۾ وڪوڙيل هو. هو جلد پنهنجي زال مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ وارو هو. هو هن کي قتل ڪرڻ وارو هو؟
پوءِ هن جي زال به اچي هن جي ڀر ۾ بيٺي. جهاز هاڻ لنگر ڪيرائڻ وارو هو. سندس نگاهون ڌڪي تي بيٺل ماڻهن ۾ کتل هيون.
“هو ڏس، سامهون پنهنجو چوڪيدار بيٺو آهي.” هن جي زال رڙ ڪري ٻڌايو.
هن ٻيٽ تي ٺهرايل سندن بنگلي جو هي چوڪيدار هو ۽ جڏهن به هي گھمڻ خاطر هتي ايندا هئا ته چوڪيدار سندن دل وٽان خذمت چاڪري ڪندو هو.
جهاز لنگر ڪيرايو، ڌڪي سان ٻڌجڻ سان چوڪيدار سندس سامان کڻائي رستي جي ٻئي پاسي بيٺل ٽئڪسين مان هڪ ۾ اچي رکيو.
“سائين هن دفعي توهان يڪو ٻن سالن بعد هتي آيا آهيو.” چوڪيدار کين چيو. “توهان ماڻهن کي هتي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي.”
ايسٽوءَ مرڪي چوڪيدار جي پٺي ٺپري، دل ئي دل ۾ سوچيو ته اسان ٻنهي کي گڏ ڏسي توکي خوشي ٿيندي هوندي، باقي جنهن ماڻهوءَ سان نفرت هجي ان مان جلد جان ڇڏائڻ بهتر آهي. نه ته آهستي آهستي زندگي جھنم ٿيو پوي.
اها حقيقت هئي ته هن دولت خاطر شادي ڪئي هئي پر شاديءَ کانپوءِ ايسٽوءَ جي ئي محنت ڪري ان ملڪيت ۾ ڪافي واڌارو آيو هو. پر سندس زال کيس هڪ گھٽ درجي جو ماڻهو سمجھندي هئي. شاديءَ کان ٿورن ڏينهن بعد ئي ظاهر ٿي ويو هو ته هنن جي وچ ۾ زال مڙس وارا ناتا به ڪي نالي ماتر ئي وڃي رهيا آهن. هوءَ ته هن کي پنهنجي برابر به نٿي سمجھي. ماڳهين ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ کي نوڪرن جي قطار ۾ بيٺل محسوس ٿو ڪري. سندس هر ڳالهه جي ابتڙ هلڻ کي هوءَ فئشن ٿي سمجھي. نفرت جي اها حد سندس زندگيءَ ۾ زهر ملائي رهي هئي. خبر ناهي هن کي اهو رويو رکڻ مان ڇا ٿي مليو؟ هن جي اذيت پسند طبيعت کي هڪ آسودگي حاصل ٿي ٿي، جڏهن هوءَ ڏسندي هئي ته سندس تعلقات خراب کان خراب ٿيندا وڃن ۽ مڙس کان وڌيڪ صبر نه پيو ٿئي.
ايسٽوءَ اهو ئي سوچيو ته هيستائين جيڪو ٿيو سو ٿي گذريو پر هاڻ هي ڊرامو اڳتي هلي نه سگھندو. زندگي لڳاتار ضد ۽ ساڙ جو مثال بڻجي چڪي هئي. جيڪي ڪجھه هن ڪرڻ چاهيندو ٿي ان جي ابتڙ هن سوچيو ٿي ۽ ائين ڪري ڏيکارڻ ۾ هوءَ هميشه ڪامياب ٿيندي هئي. ڪڏهن ايسٽو پيار وچان کيس ڪو سهڻو ڪوٽ آڻي ڏيندو هو ته هوءَ کيس ساڙڻ لاءِ ٽوڪ طور کلي ان ڪوٽ کي کڻي ڪنڊ پاسي ۾ اڇليندي هئي. اهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي ڏکوئڻ سان سندس اذيت پسند طبيعت آسودگي محسوس ڪندي هئي، پر هاڻ کيل ختم ٿي چڪو هو. هاڻ ايسٽو پنهنجي ڪارروائي ڪرڻ وارو هو. هن جي ذهن ۾ هڪ ڀلوڙ منصوبو هو.
کيس رڳو هڪ ڊپ هو . اهو هيءُ ته متان هوءَ ملڪورا اچڻ لاءِ راضي نه ٿئي. ڇو ته هو جيڪڏهن هن کي ملڪورا ٻيٽ ڏي هلڻ لاءِ چوندو ته هوءَ برمودا هلڻ لاءِ ضد ڪندي. پر تعجب جي ڳاهه اها ته هن جڏهن کيس ملڪورا هلڻ لاءِ چيو ته هن هڪدم خوشيءَ مان هائوڪار ڪئي. ان ڳالهه تي ايسٽوءَ کي حيرت به لڳي جو شاديءَ کان پوءِ شايد هي پهريون ڀيرو هو جو هن سندس ڳالهه جي ابتڙ ڪم نه ڪيو ۽ انهيءَ رضامندي جي ڪري اڄ هو ٻئي هتي ملڪورا ۾ گڏ هئا ۽ هاڻ باقي ڪم رٿيل منصوبي مطابق تمام سولائيءَ سان ٿيڻو هو.
ٻه سال اڳ جڏهن هو هن ٻيٽ تي ٻن هفتن لاءِ گھمڻ ڦرڻ ۽ آرام لاءِ آيا هئا ته هتي هڪ حادثو ٿيو هو. هي حادثو جابلو علائقي وارن گھرن ۾ ٿيو هو جتي سندن گھر هو. ان حادثي هن جي ذهن ۾ هڪ خيال کي جنم ڏنو هو ۽ هن اهڙو منصوبو ٺاهيو هو جو ڪنهن به صورت هن کي نقصان رسڻ جو انديشو نه هو.
هڪ آمريڪن ڇوڪريءَ کي هن جي دوستن گئلريءَ تان هيٺ ڪِرندي ڏٺو هو- جن جي چوڻ مطابق ڪنهن پارٽيءَ دعوت ۾ هوءَ گھڻو پي وئي هئي ۽ نشي جي حالت ۾ گئلريءَ مان جيئن ئي هيٺ جھڪي ته ڪري پئي هئي. هيٺ ڪنڊائتن جبلن جون قطارو هيون جن ۾ ڪرڻ سان هوءَ ايترو ته چٿرجي وئي هئي جو ڪو به سڃاڻي نٿي سگھيس. پوليس پارٽي هن کي ڳولي ٻاهر ڪڍي آئي هئي ۽ ان موت تي هنن رڳو افسوس ڪيو هو. ٻيو ڪجھه ڪري به ڇا ٿي سگھيا. پڇا ڳاڇا بعد اهو ئي ظاهر ڪيو ويو ته اهو هڪ حادثاتي موت هو ۽ موت جي هڪ سادي سودي رسم ادا ڪرڻ بعد هن کي دفنايو ويو هو.
ان قسم جو جيڪڏهن هڪ ٻيو به حادثو ٿي وڃي ته ڪنهن کي ڪهڙو شڪ ٿي سگھي ٿو. ايسٽوءَ جو اهو منصوبو هو ته زال کي شراب ۾ نشي جون گوريون ملائي کارائڻ بعد هن کي گئلريءَ وٽ وٺي وڃجي جتي هوءَ شراب ۽ گورين جي نشي ڪري پنهنجو پاڻ کي سڌو جھلي نه سگھندي ۽ وڃي هيٺ ڦهڪو ڪندي. پر جي هيٺ ڪرڻ جي نه به ڪيائين ته ٿوري ئي ٿيلهي ڏيڻ سان هيٺ ڪيرائي سگھجيس ٿو ۽ هاڻ جڏهن هر ڳالهه منصوبي موجب پئي ٿي ته کيس ذرو به دير نه ڪرڻ کپي.
چوڪيدار ۽ سندس زال رات جي ماني کارائي پنهنجيڪوارٽر ڏي روانا ٿي ويندا هئا، جيڪو گھر جي هيٺئين حصي ۾ هو. هو وري صبح جو سوير ڪم ڪار لاءِ اچي حاضر ٿيندا هئا. رات جي مانيءَ کانپوءِ ايسٽو ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳو، جيسين چوڪيدار وارا وڃن. ٿوري دير بعد چوڪيدار موڪلائڻ لاءِ آيو. ۽ پوءِ هو هن جي ويندڙ وکن جو آواز ڪا دير ٻڌندو رهيو. هن جي دل جيتوڻيڪ ڏڪي رهي هئي، پر پنهنجو پاڻ کي قابوءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
هاڻ هو سوچي رهيو هو ته فيصلي جو وقت آخرڪار اچي ويجھو ٿيو آهي. هن ڊائننگ روم ۾ وڃي پنهنجي گلاس ۾ وسڪي وڌي ۽ اتان ئي دانهن ڪري زال کان پڇيو: “تولاءِ ڇا آڻيان؟”
“ڪو به هلڪو ڦلڪو شراب.” جوڻس وراڻيو.
هن جي عادت هئي ته سمهڻ کان اڳ هوءَ هڪ گلاس شراب جو پيئندي هئي. ان ڪري هڪ دفعو وري هن کي ڪا رنڊڪ پيش نه آئي ۽ هن گلاس کڻي منجھس پهرين شراب وڌو، پوءِ نشي جون گوريون ملايون. ان ۾ ٿورو اسڪاچ ٻيو به وڌو ۽ مٿان پوءِ سوڍا پڻ. هن اهو ان ڪري ڪيو جو متان گلاس چپن تي رکڻ سان هن کي نشي جي گورين جي خبرپئجي وڃي.
هو ٻئي گلاس کڻي لائونج ۾ آيو. هڪ گلاس زال ڏي وڌايائين جنهن ۾ گوريون مليل هيون.
“چيئرس ڊارلنگ!” هن زال ڏي نهاريندي چيو.
جوڻس گلاس چپن تي رکي سُرڪ ڀري يڪدم پري ڪري چيو: “ڇاهي بوربن آهي؟!”
“نه اسڪاچ آهي. مون پاڻ سان گڏ آندو هو.” هن جواب ڏنو.
“ مون ته پئي سمجيو ته پاڻ کي هتي شايد اسڪاچ وسڪي نه ملي سگھي. بهرحال تو منجھس سوڍا تمام گھٽ ملائي آهي، ان ڪري ٿورو ڪسارو ٿي پيو آهي. ۽ پوءِ هن مرڪندي چيو.
“ هن ۾ ٿوري سوڊا ملائي ايندين؟”
“ ڇو نه.” هن پنهنجو گلاس ميز تي رکندي چيو ۽ زال کان سندس گلاس ورتو.
جڏهن هو ڊرائينگ روم ۾ هليو ويوته سندس زال جو آواز ڪن تي پيس. “ڊارلنگ پاڻ جڏهن موڪلن لاءِ هتي اچون ٿا ته تون ڪجھه وڌيڪ ئي وڻڻ لڳين ٿو. ڇو جو تون دنيا جي غم فڪر کان آزاد ٿي ڪافي کِل مُک ۽ سهڻو نظر اچين ٿو. پاڻ کي ان ريت هوند گھڻو وقت گذارڻ کپي.”
“خيال ته تمان سٺو آهي.” هن اتان ئي جواب ڏنو پر دل ئي دل ۾ چيو بس رڳو هي گلاس پيئڻ جو انتظار ڪر، پوءِ تون موڪلن جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به جيئري نه رهندينءَ. هن گلاس ۾ ٿوري ٻي سوڍا ملائي ۽ گلاس کڻي لائونج ۾ آيو. سندس زال مرڪي رهي هئي.
“چيئرس ڊارلنگ.” سندس زال چيو.
ايسٽوءَ پنهنجو گلاس وات تي رکيو ۽ هڪ ئي ساهه ۾ گلاس خالي ڪري ڇڏيو. ساعت کن لاءِ هن کي سڄو ڪمرو گول ڦرندي نظر آيو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجي هئٽ کي کڻي جھليو. هن جي بدن ۾ سيوڪاري پئجي وئي.
غاليچي تي هيٺ ڪِرڻ کان اڳ هن جو ساهه جسم جي قيد مان آزاد ٿي ويو.
سندس زال ته کيس ان وقت ئي مرندي ڏسي ورتو هو، جڏهن هو پنهنجو گلاس ميز تي رکي هن جي گلاس ۾ سوڍا وجھڻ لاءِ ٻئي ڪمري ڏي وڌيو هو، سندس زال هن جي گلاس ۾ پوٽيشيم سائنائيڊ جهڙو ڪو زهر ملائي ورتو. هوءَ ڪجھه دير لاءِ ڪرسيءَ تي ماٺ مٺوڙيءَ ۾ ويٺي رهي. پوءِ هوءَ اٿي ۽ مڙس جي لاش کي گلئريءَ تائين ڇڪي هيٺ ڪيرائڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ لڳي! آمريڪي ڇوڪريءَ جو گئلريءَ مان هيٺ ڪري مرڻ جو حادثو هن جي ذهن ۾ به محفوظ هو.