تائيوان جو سونهري گل
ٽي سال اڳ تائيوان جي جنرل اسپتال ۾ جڏهن مون پنهنجي سڄيل اک جو تپاس ڪرايو ته ان وقت آئون ان اک سان لاچار ئي ڪو ڏسي سگھيس ٿي. تپاس بعد ڊاڪٽر سمجھايو ته اک جي ٻاهرين پردي تي سوڄ چڙهي وئي آهي جنهن سان ساڄي اک تي به اثر ٿي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن آپريشن نه ڪرائيندينءَ ته ٻي اک به خراب ٿي ويندي.
“ٻين جا استعمال ٿيل ٽوال، بوڇڻ ۽ وهنجڻ جاتالاب هن بيماريءَ جي پکڙجڻ جو سبب بڻجن ٿا!” ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو.
هي اطلاع مون لاءِ جيتوڻيڪ فائدي وارو هو پر هينئر احتياط کان وڌيڪ علاج ضروري هو.
“آئون فوجي آفيسرن جي اسڪول ۾ ترڻ سيکارڻ جو ماستر آهيان.” مون جواب ڏنومانس.
“ته پوءِ هيءَ بيماري تو تائين پڪ سئمنگ پول ذريعي پهتي آهي!”
آئون ماٺ ۾ رهيس. منهنجي ذهن ۾ جواب لاءِ ڪا ورندي نه هئي.
ذري گھٽ هڪ سال کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ڪنهن ٻئي جي اک جي پردي هڻڻ ڪري منهنجي اک جو وڃايل نور ٻيهر اچي سگھي ٿو. پر سوال خرچ پکي کي منهن ڏيڻ جو هو. منهنجي ڪمائي ڪڏهن به ايتري نه ٿي جو ڪجھه پاڇي ڪري سگھان ها.
جڏهن ان ڳالهه جو ذڪر مون زال سان ڪيو، ته هوءَ حساب ڪتاب جي ڪاپي کڻي آئي ۽ چيائين ته ڪيترن ئي سالن جي ڪفايت شعاريءَ کانپوءِ هاڻ هن وٽ پنج سئو ڊالر گڏ ٿي چڪا آهن.
“جيڪڏهن اهي به ٿورا ٿين ته آئون ڪجھه ٻيا به هٿ ڪري وينديس پر توهان اک جو علاج ضرور ڪرايو. توهان مون وانگر نه آهيو. هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو اکين هوندي به انڌو هوندو آهي، پر پڙهيل لکيل ماڻهوءَ لاءِ ٻنهي اکين جو نور ضروري آهي.” هن چيو.
اهي پئسا وٺي مون کي سڪون ٿيو ۽ اک جي پردي جي آپريشن لاءِ ڊاڪٽر وٽ پنهنجو نالو لکرائي آيس. ان کانپوءِ هڪ مهيني بعد هن مون کي فون ڪيو:
“هڪ ڊرائيور ڪار جي حادثي ۾ مري ويو آهي. مرڻ کان اڳ هن پنهنجي زال کي وصيت ڪئي هئي ته هو هن جي جسم جا عضوا ڀلي وڪڻي ڇڏي جيئن ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ڪجھه پئسا ٿي پون. ڇا تون اڍائي سئو ڊالر هٿ ڪري سگھندين؟”
اسپتال جي ٻئي خرچ پکي جو حساب ٻه سئو ڊالر ٿي ٿيو. مون هڪدم هائوڪار ڪئي ۽ ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته آئون ٻئي ڏينهن اچي اسپتال ۾ داخل ٿيان.
منهنجا ڀاڳ ڀلا جو مون کي آپريشن جو موقعو ايترو جھٽ ملي ويو، نه ته ماڻهن کي ته ان لاءِ سالن جا سال به انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
جڏهن مون کي آپريشن ٿيٽر ڏي وٺي پئي ويا، ته منهنجي ڌيءَ يانگ مون کي ڪن ۾ ڳالهه ٻڌائي:
“امان به اچڻ چاهيو ٿي، پر آپريشن جي تصور هن کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، ان ڪري هوءَ اچي نٿي سگھي.”
“هن کي چئجان ته هوءَ هتي نه اچي، پر هن کي اهو ضرور چئجانءِ ته آئون بلڪ چاق آهيان ۽ هوءَ ڪنهن به قسم جي اون نه ڪري.” مون وراڻيومانس ۽ منهنجي زال جو اهو ئي پراڻو تصور اڀريو.
آئون اوڻيهن سالن جو هوس جو منهنجي شادي منهنجي ماءُ پيءُ جي مرضيءَ سان ٿي. منهنجو پيءُ ۽ سهرو پاڻ ۾ گھاٽا دوست هئا. هنن اسان جي ڄمڻ کان اڳ ئي واعدا ڪيا هئا ته جيڪڏهن هن کي ڌيءُ ۽ هن کي پٽ ڄائو ته پاڻ ۾ شادي ڪرائيندن. سو ان ريت اسان زال ۽ مڙس جي رشتي ۾ سوگھا ٿي وياسين ۽ هنن پنهنجو انجام پاڙيو.
شاديءَ کان اڳ مون پنهنجي زال کي ڏٺو به نه هو. شاديءَ جي ڏينهن هن کي صندل جي پالڪيءَ ۾ ويهاري اسان جي گھر آندو ويو ۽ خانداني رسمن جي ادائگيءَ کانپوءِ جڏهن آئون بيڊ روم ۾ گھڙيس ۽ سندس گھونگهٽ پري ڪيم ته خوف کان ڪي گھڙيون ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويس. هن جو منهن ماتا جي داغن سان ڀريل هو ۽ نڪ هيڪاندو بي ڊولو هوس. چچڙيل ڀرن جي هيٺان اکين جا ڇپر سُڄيل هئس. جيتوڻيڪ هوءَ اوڻيهن سالن جي هئي پر چاليهن سالن جي لڳي ٿي.
آئون ڊوڙي وڃي ماءُ جي ڪمري ۾ لڪيس ۽ سڄي رات روئيندو رهيس. منهنجي ماءُ مون کي گھڻو ئي سمجھايو ته مون کي پنهنجي قسمت سان نباهه ڪرڻ کپي. سادي شڪل واريون ڇوڪريون گھر ۾ برڪت آڻين ٿيون. پر انهن مڙني ڳالهين سان منهنجي ڏک ۽ فڪر ۾ گھٽتائي نه ٿي.
مون پنهنجي زال سان گڏ رهڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسڪول ۾ ئي رهڻ لڳس. جڏهن موڪلون ٿيون تڏهن به گهر نه آيس.
چڱو عرصو هيڏانهن هوڏانهن گذاري جڏهن گھر پهتس ته منهنجي زال ان وقت ماني پچائي رهي هئي. هن مون کي ڏسي ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ مرڪڻ لڳي پر آئون ڏسڻ بنا ڀرسان لنگھي ويس.
مانيءَ کان پوءِ منهنجي ماءُ مون کي وري سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي: “پٽ ايڏو ظلم نه ڪر، جيڪڏهن هن جو منهن مو چارو نه آهي ته ڇا ٿي پيو. هن جي دل ته سهڻي آهي!”
“ها، امان، هن جي دل ضرور سهڻي هوندي، تڏهن ته توهان منهنجي شادي هن سان ڪرائي آهي.” مون ٽوڪ طور چيو.
منهنجي ماءُ جو منهن لهي ويو، هن وراڻيو: “تنهنجي زال کي هن گھر ۾ آئي ڇهن مهين کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي، هوءَ صبح کان شام تائين گھر ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي رهي ٿي پر ڪڏهن به هن تنهن جي سلوڪ بابت اُف به نه ڪئي آهي. مون هن کي ڪڏهن روئيندي به نه ڏٺو آهي پر مون کي ڄاڻ آهي ته هوءَ اڪيلائيءَ ۾ هنجون هاريندي رهي ٿي. پٽ! اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو هوءَ شادي شده هوندي به رن زال جي زندگي گذاري رهي آهي؟”
ماءُ جي انهن ڳالهين جو منهنجي دل تي ڪجھه اثر ٿيو ۽ ان کان پوءِ مون پنهنجي زال سان گڏ گھارڻ شروع ڪيو، پر هن جي باري ۾ منهنجي احساسن ۾ ڪو به فرق نه آيو، هن هميشه پنهنجو ڪنڌ جھڪائي آهستي ڳالهايو ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي مون بحث ڪيو ٿي ته جواب ۾ هن مرڪيو ٿي. آئون سوچيندو رهيس ته هيءَ ته بُهه جي هڪ ڳوڻ ٿي. هن جي پنهنجي نه ته ڪا مرضي آهي ۽ نه وري ڪا راءِ.
ان کان پوءِ ٽيهن سالن جي گڏ گھاريل زندگيءَ ۾ آئون شايد ئي ڪو پنهنجي زال کي ڏسي خوش ٿيو هجان يا هن کي پاڻ سان ٻاهر وٺي ويو هجان. منهنجي دل ۾ هر وقت اها خواهش هوندي هئي ته هوءَ مري وڃي ته سٺو، پر ان نفرت جي باوجود آئون ان ڳالهه کان ڀلي ڀت واقف هوس ته هن ۾ پيار ۽ صبر جو غير معمولي جذبو هو. جڏهن شروع شروع ۾ اسان تائيوان آياسين ته منهنجو پگهار تمام ٿورو هو. ان مان مشڪل سان گھر جو کاڌو خوراڪ ۽ مسواڙ ٿيندي هئي. اسان جي ڌيءَ گھڻو ڪري بيمار رهندي هئي ۽ گھر جي خرچ کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. پر منهنجي زال محنت سان پورهيو ڪري ان کوٽ کي پورو ڪيو ٿي. هوءَ گھر جي ڪم ڪار کان واندي ٿي ڪکن مان ويهي ٽوپيون ۽ تونئريون ٺاهيندي هئي. اهڙيءَ طرح ڪجھه نه ڪجھه وڌيڪ ڏوڪڙ ملي ويندا هئا.
جڏهن اسان اُڀرندي ڪناري ڏي بدلي ٿي وياسين ته هوءَ مهاڻن جون ڄاريون مرمت ڪندي هئي- وري اتر ڏي بدلي ٿي ته هن ٿانون تي چِٽ گل ٺاهڻ سکي ورتا.
اسان ڪڏهن به فوجي ڪوارٽرن ۾ نه رهياسين. آئون ان ڳالهه کان پيو ڊڄندو هوس ته ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو منهنجي زال کي ڏسي نه وٺي.
مون کي گھڻو ڪري گهر کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو هو پر ڪڏهن به ٻنهي ٻارن يا گھر جي باري ۾ اون نه ٿي. سدائين اهو سڪون هوندو هو ته هوءَ سڄي گھر کي چڱيءَ طرح منهن ڏئي رهي هوندي.
آپريشن کانپوءِ منهنجي ڌيءَ يانگ مون لاءِ ٽرانسسٽر ريڊيو کڻي آئي ۽ اهڙيءَ ريت مون لاءِ ذهني وندر ٿي پيئي، پر ان هوندي به منهنجي سوچ جو وهڪرو پنهنجي زال ڏي هليو ويندو هو. مون کي ڪنهن حد تائين شرمساري به هئي جو مون کيس هيڏانهن اچڻ کان جھل ڪئي هئي.
مون کي ٻڌايو ويو ته ٻن هفتن کانپوءِ منهنجي پٽي کولي ويندي. خوشيءَ کان آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس مون يانگ کي چيو:
“جڏهن آئون چاق ٿي ويندس ته ان نيڪ انسان جي قبر تي ضرور هلندس، جنهن مون کي پنهنجي اک جو پردو ڏنو.”
ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو ڊپ ٿيندو هو ته شايد پردي جو پيوند صحيح نه لڳو هجي! جڏهن ڊاڪٽر چائو منهجي اکين تان پٽي کولي ته مون کي اکيون کولڻ جي همت نه پئي ٿي. آئون ان ٻڏتر جي عالم ۾ سوچي رهيو هوس ته ڊاڪٽر جو آواز آيو:
“ڇا تون ڪجھه ڏسي سگھين ٿو؟”
مون پنهنجون اکيون ڇنڀيون ۽ آهستي وراڻيو: “ها، ڪجھه ڪجھه.”
ڊاڪٽر منهنجي پٺي ٺپري چيو: “صحيح آهي. هڪ هفتي کانپوءِ توکي گھر جي موڪل به ڏني ويندي.”
روز مون کي وڌيڪ چٽو ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو. جنهن ڏينهن مون کي گھر وڃڻو هو ان ڏينهن آئون دري، ڪٻٽ، هنڌ ويندي ڪوپ ساسر به ڏسي سگھيس ٿي.
جڏهن منهنجي ڌيءَ يانگ مونکي وٺڻ آئي ته هن ٻڌايو “گھر اچڻ جي خوشيءَ ۾ امان توهان لاءِ خاص کاڌا تيار ڪري رهي آهي.”
“هوءَ هڪ نيڪ زال ۽ سٺي ماءُ آهي”. مون چيو مانس. ان حقيقت جي مڃوتي مون هن کان اڳ ڪڏهن به نه ڪئي هئي.
سڄي واٽ يانگ چپ رهي، جنهن وقت آئون گھر پهتس ته منهنجي زال رڌڻي مان کاڌي جي ٿالهي کڻي پئي نڪتي. مون تي نظر پوڻ سان هن پنهنجو ڪنڌ کڻي هيٺ جھڪايو:
“توهان اچي ويا!” هن چپن ۾ چيو.
“آئون تنهنجو شڪر گذار آهيان جو منهنجي اکين جو نور واپس ڏيارڻ ۾ تو منهنجي مدد ڪئي.” مون چيو مانس.
هن جلدي ٿالهي کڻي ٽيبل تي رکي، منهن ڀِت ۾ ڪري سڏڪن ۾ چوڻ لڳي: “منهنجي لاءِ توهان جا اهي لفظ تمام وڏي نعمت آهن. مون کي ائين لڳي ٿو ڄڻ منهنجي زندگي سڦل گذري.”
ان ئي وقت يانگ روئندي ڪمري ۾ آئي ۽ ماءُ ڏي نهاري چوڻ لڳي: “امان توهين بابا کي ٻڌايو. بابا کي ضرور ٻڌايو ته کين اک جو پردو توهان ئي ڏنو آهي.”
“مون فقط اهو ڪيو آهي، جيڪو منهنجو فرض هو.” هن جواب ڏنو.
آئون ٽپ ڏئي هن جي ڀرسان بيٺس ۽ کيس ڇڪي منهن پاڻ ڏي ڪري ان جو غور سان جائزو وٺڻ لڳس. هن جي ساڄي اک ائين بي نور هئي جيئن منهنجي کاٻي اک ٿي چڪي هئي.
“سونهري گل!” زندگيءَ ۾ مون پهريون دفعو کيس سندس نالي سان سڏيو، “تو ائين ڇو ڪيو؟” مون هن کي لوڏي پڇيو.
“ ان لاءِ جو توهان منهنجا مڙس آهيو.” هن پنهنجو منهن منهنجي سيني منجهه لڪائيندي چيو.
مون هن کي پنهنجين ٻانهن ۾ سوگھو کڻي جھليو. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سڄي ڪائنات جو حسن منهنجي قدمن ۾ وڇائجي ويو هجي.
(ليکڪ: وانگ يانگ، تائيوان).