حافظ صاحب ۽ جنريشن گئپ
هتي فقط ڪجھه اهڙن جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي مون سان گڏ مختلف جهازن تي رهيا آهن. ڪيترن سان هڪ کان به وڌيڪ سفر ڪرڻ جا موقعا مليا ته ڪن سان فقط هڪ کن وائيج ــ سا به مهيني ٻن جي ڪا مختصر.
تازو ٻه چار سال اڳ هڪ ففٿ انجنيئر جهاز تي نئون آيو. خبر پيئي ته حافظ آهي. خوبصورت، سمارٽ، 23ـــ24 سالن جو نوجوان، مشينري ءَ جي ڪم ۾ هوشيار. آءٌ چوندو هوس ته هيءَ ڪيڏي نه غلط Combination آهي. هڪ عالم مولوي پنهنجي ڳوٺ جي، مسجد جي حجري ۾ ويهي ته آساني سان پنهنجي نفس کي ڪنٽرول ۾ رکي سگھي ٿو، پر جهاز تي ــ جيڪو هر هفتي ڏيڍ دنيا جي بندرگاهن کي ڪال (Call) پيو ڪري ــ ٻين لفظن ۾ سمنڊ تي جهاز۽ توهان لوڏن ۾ ته ڪناري تي ايمان لوڏن ۾، اتي پنهنجي نفس کي ڪنٽرو ۾ رکڻ وڏي ڳالهه آهي.
حافظ صاحب مون سان چار پنج Voyages (سامونڊي سفر) ڪيون. آمريڪا جون، يورپ جون، جپان جون. آءٌ کيس غور سان جاچيندو رهندو هوس. ڪي ڪي ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ ڪم ۽ پورهئي ۾ ٽوٽپڻو ڏيکاريندا آهن! پر هي جوان هميشه (سي ـ واچ) Sea Watch انجڻ روم ۾، جهار هڪليندڙ مالهيءَ وانگر، ڀڄ ڊُڪ ۾. هيٺين پليٽ فارم تي جنريٽرن کي ڏسي، بئالر لاءِ پمپ هلائي وچين پليٽ فارم تي ‘پيوريفائرن‘ ۽ ‘ايووپريٽر‘ جي جانچ لاءِ ڀڄندو رهندو، اتان سڌو مٿئين پليٽ فارم تي سلينڊر هيڊ ۽ انجيڪٽرن جو ٽيمپريچر پريشر ڏسڻ ۽ ٽربو چارجرن ۽ ڊوميسٽڪ فرج تي نگاهه رکڻ لاءِ. مئنوورنگ پليٽ فارم کي ڏسندو سڌو ٽنل ۾ ڀڄندوـ اسٽرن ٽيوب کي ڏسڻ لاءِ. پگھر ۾ سڄو شل، پنهنجن ڊگھن وارن کي اڳڙيءَ سان ٻڌي ڊوڙندو رهندو ۽ ‘پورٽ واچ‘ ۾ مشينري جي ريپئر ۾ رڌل. سال ڏيڍ جي لڳاتار سفر ۾ مون کيس انيڪ دفعا خط استوا جي گرم ڏينهن ۾ ڏٺو، چائنا سمنڊ ۽ بي آف بسڪي جي طوفاني راتين ۾، ملاڪا ڳچي سمنڊ (Strait) جي ماٺي موسم ۾، ائٽلانٽڪ ۽ نارٿ سي جهڙن خوفناڪ سمنڊن ۾هن همراهه کي اوچتو چڪاس ڪرڻ يا ڪلاڪن جا ڪلاڪ سامهون بيهي ڏٺو هوندو، پر هر وقت ساڳيو سمارٽ ۽ پورهئي ۾ جنبيل. نه بلجن جا فلٽر صاف ڪندي ڪو آر، نه ڊيوٽيءَ کان وڌيڪ ترسي ڪم ڪرڻ ۾ ارهائي. نه بئالر يا جنريٽر تي ڪم ڪندي گھبراهٽ ۽ نه ٻئي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ وقت منهن ۾ گھنج. هر ڪم پڪي اعتماد ۽ محنت سان. ڪابه نئين ڳالهه سکڻ لاءِ چاهت ۽ آنڌ مانڌ. سندس کڻي ڊيوٽي نه هجي، پر نئين ڪم کي سکڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انجڻ روم ۾ ترسي به، هلندڙ نئون ڪم آخر تائين سکي وٺندو. هڪ دفعو به هن نماز جو سبب ڏئي موڪل نه ورتي هوندي، ان هوندي به هو پنج ئي وقت نماز پڙهي وٺندو هو. شام جي ڪڏهن ڊيوٽي لڳندي هيس ته نماز لاءِ الڳ موڪل وٺڻ بدران ڊنر ۾ اڌ ڪلاڪ موڪل اهڙي وقت ڪندو هو جو سانجھي نماز به ان ۾ پڙهي سگھي. ڪلاڪ ڏينهن جو، ڪلاڪ رات جو ڊيوٽيءَ کان پوءِ قرآن شريف جو به باقاعدي دور ڪندو هوــــ چاهي جهاز سمنڊ تي هجي يا بندرگاهه ۾. جيڪو وقت ڊيوٽيءَ تي نه هوندو هو، جهاز جي مسجد ۾ پيش امام جا فرائض انجام ڏيندو هو. جي ڪو ٻيو بزرگ موجود هوندو ته پاڻ ان کي ئي منٿ ميڙ ڪندو ته توهان وڏا آهيو، بسم اللـه.
اتفاق سان سندس هڪ جيڏا ۽ ٻيا ففٿ انجنيئر ڪجھه شوقين مزاج هئا. هڪ کي ته بيئر پيئڻ جو شوق ٻئي کي ڇوڪرين سان دوستي رکڻ جو. پر مون ڏٺو ته حافظ هنن کي ڪڏهن به ٽوڪيندو نه هو جيئن اڪثر ٿيندو آهي ته ڪو نئون مذهبي ٿي پيو ته پاڻ کي مذهب ڏي وڌيڪ مائل ڪرڻ بدران ويندو ٻين کي ڇتو ڪندو ۽ ڪفر جون فتوائون ڏيندو.
کيس، ڪڏهن ڪڏهن آئون چيڙائيندو به هوس ته حافظ صاحب هي ڇا؟ تنهنجي ڀَر ۾ بيهي فلاڻو ففٿ انجنيئر بيئر پيو پئي؟ يا فوٽوءَ ۾ پاڻ، سندس ڀر ۾ ٻيو دوست ففٿ انجنيئر پنهنجي گرل فرينڊ کي ڀاڪر پائي بيٺو آهي. اسان ٽوڪيندا هئاسين ته مرڪي چوندو هو، وقت سٺي خراب جو فرق پاڻهي سيکاري ڇڏيندو، آءٌ فقط دعا ڪري سگھان ٿو.
حافظ صاحب کي ميوزڪ جو ڏاڍو شوق هو بلڪ اهو ئي شوق هو، ۽ گانا به انگريزي ــ سي به نوان نوان. تن ڏينهن ۾ سئٽرڊي نائيٽ فيور فلم ڊئنمارڪ ۾ رليز ٿي هئي. ان فلم لاءِ بي جيز جا ڳايل گانا، بوني ايم، ڪس، پيچز ۽ هرب، باربرا اسٽرا سينڊ، انيتا وارڊ، ارپشن، ‘ارٿ ـ ونڊ ـ فائر‘ شڪ، دونا سمر، ڊائنا راس ۽ اوليويا نيوٽن وغيره جا گانا ٽاپ تي هوندا هئا ۽ حافظ جي ڪمري ۾ رکي رکي انگريزي گانا شروع ٿيندا هئا ته جهاز جون ڇتيون پيون لڏنديون.
هڪ ڏينهن کلي چيو مانس ته حافظ صاحب توهان ۽ هي انگريزي گانن جو شوق ــ کوڙو ئي نه ٿو لڳي. توهان کي ته قواليون يا حبيب ولي محمد، ڪي ـ ايل سهگل جهڙن جا گانا وڻڻ کپن؛ انگريزي ڇو.......؟
حافظ به کلي وراڻيو؛ ‘سائين، انگريزي گانن ۾ ٿرل (Thrill) آهي. ٿرل، جيڪا پنهنجي گانن ۾ نه آهي. انگريزي گانن ۾، خاص ڪري اڄڪلهه هن ڊسڪو ڊانس ميوزڪ ۾، جان آهي، زندگي آهي، آپٽمزم آهي. پنهنجن گانن ۾ پيسيمزم جي بوءِ آهي.‘
پگھار مان ڪافي حصو جيتوڻيڪ کيس پنهنجي پوڙهي ماءُ کي موڪلڻو پوندو هو. پر هن، بچيل پئسن مان پڇا ڳڇا ڪري ۽ جاچي جونچي بهترين اسٽيريو سيٽ ورتو. اسپيڪر JVC جا، ڊيڪ ‘اڪائي‘ جو ۽ ايمپليفائر ‘ڪين ووڊ‘ جو. پڇيومانس ته سڄو سيٽ اڪائيءَ جو ڇو نه...؟
‘اڪائيءَ جو ڊيڪ ٺيڪ آهي‘، پاڻ ٻڌايائين، ‘باقي اسپيڪر اڄ ڪلهه مون کي جي وي سي جا بهتر ٿا لڳن. جيتوڻيڪ مون ٻين جا به ٻڌا آهن، پر هنن ۾ آواز سٺو ۽ صاف اچي ٿو. هڪ سئو ستر واٽ جي انپٽ تي به آواز ڦاٽي نه ٿو ۽ ووفرس جون تارون چانديءَ سان ڳنڍيل آهن. انڪري Mechanical Fatigue گھٽ ٿي رهي ۽ سسٽم ڪافي Flexible آهي ۽ ڪين ووڊ جي ايمپليفائر جي پنهنجي خوبي آهي. سندس Circuitry تمام ائڊوانس آهي. هر ميوزڪل Transient جو صاف ۽ هوبهو Response آهي.‘
جهاز جو ماحول به گھر جيان سمجھڻ کپي. جتي گھر ۾ پٽ پيءُ يا زال مڙس ۾ به غلط فهمي يا جھڳڙو، ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو رهي ٿو. اتي جهاز تي ٿيڻ به ڪا نئين ڳالهه نه آهي. اسان جون به سال ڏيڍ جي عرصي ۾، هڪ جونيئر آفيسر جي حيثيت ۾ ڪيتريون ئي رنجشون ٿيون هونديون. هن وقت مونکي فقط هڪ ياد آهي.
حافظ صاحب ۽ هڪ ٻيو ففٿ انجنيئرـــ ٻئي ڪلاس ميٽ ۽ اڪيڊميءَ جي ساڳئي بئچ جا ــ گڏ جهاز تي چڙهيا (Sign-On ٿيا.) هئا. جهاز تي هڪ ڪئبن ڊبل بستري واري هئي ۽ هڪ اڪيلي. ڊبل واري ۾ هڪ جونئر انجنيئر اڳهين گذريل وائيج کان هو. اهو به سٺو پورهيت ۽ محنتي هو ۽ جونئر ۽ ففٿ انجنيئر ۾ فقط هڪ رئنڪ جو فرق هجڻ ڪري مونکي ائين بهتر لڳو ته جيئن ته جهاز تي هي پراڻو آهي، سو هن کي اڪيلي ڪئبن ڏني وڃي ۽ نون آيل ففٿ انجنيئرن کي ڊبل ڪئبن. نه ڄاڻ اها ڪا ڳالهه حافظ کي ڏکي لڳي پر هن ان وقت ان بابت ڪجھه ڪين ڪڇيو. وقت گذرندو ويو. انهن ڏينهن ۾ آئون سيڪنڊ انجنيئر هوس جو سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر بي تاج بادشاهه هوندا آهن. ڊيوٽي ورهائڻ کان وٺي موڪل ڏيڻ، مشينري ۽ ڊسيپلين، انتظاميه جا مالڪ سمجھڻ کپن. هاڻ ته اڃان اهي رعب تاب گھٽجي ويا آهن، پر اٺَ ڏهه سال اڳ ڳالهه ئي ٻي هئي.
ستن مهينن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ ففٿ انجنيئر لٿو ۽ هڪ ٻي اڪيلي ڪئبن خالي ٿي. مون حافظ کي چوائي موڪليو ته تون ان ۾ شفٽ ٿي وڃ. پر ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا هو ان ۾ شفٽ نه ٿيو. بلڪ سندس روم ميٽ کي به شفٽ ٿيڻ کان جھليائين. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. پر وري مونکي ڪو خيال آيو. آءٌ حافظ وٽ آيس ۽ چيومانس ته تنهنجو اهو انڪار منهنجي جاءِ تي ڪوبه هجي ته برداشت نه ڪري سگھهندو. پر هر ڳالهه کي خوشگوار ماحول ۾ نبيرڻ لاءِ بهتر آهي ته هڪ ٻئي جي ڳالهه ۽ رنجش ٻُڌجي. ڇا آءٌ معلوم ڪري سگھان ٿو ته ان انڪار پٺيان ڪهڙو راز آهي، جڏهن ته توکي پاڻ خوشي ٿيڻ کپي.
”سر، مونکي ٻي ڪئبن ۾ شفٽ ٿيڻو ناهي.“
”آخر ڇو؟ ڪا اهڙي ڳالهه هجي ته مونکي Convince ڪر يا آئون توکي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان.“
”توهان مونکي جهاز تي اچڻ مهل ڇو اڪيلي ڪئبن نه ڏني ۽ هڪ جونيئر انجنيئر کي، جيڪو اسان کان هڪ رئنڪ هيٺ آهي، ان کي اڪيلي ڇو....؟“
”انڪري جو هو جهاز تي پراڻو هو ۽ ٻي ڳالهه ته توکي ڏيان ها ته توسان گڏ هڪ ٻيو ففٿ انجنيئر جو آيو هو، اهو دل ۾ ڪري ها. اهو به ته ان حساب سان تو جهڙو آهي.“
”ها ڀلي هن کي ڏئي ڇڏيو ها. آئون اهو ڪونه ٿو چوان ته مونکي ـــ يعني ”مسٽر آئون“ کي ملڻ کپندي هئي، آئون اهو چوڻ ٿو چاهيان ته ان تي حق جونئر انجنيئر جو نه پر ففٿ انجنيئر جو هو.“
مون محسوس ڪيو ته ڳالهه واقعي حافظ جي صحيح آهي ۽ هونءَ به حافظ ڪوبه قدم کڻندو يا ڳالهه ڪندو ته سوچي سمجھي. پوءِ جن ڇڏي ڀوت ڇڏي پر حافظ پنهنجو ضد نه ڇڏي. خير، مون کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو:
”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي. هو به توهان جهڙو آهي. اسان ته ففٿ انجنيئر هوندا هئاسين ته سيڪنڊ انجنيئر خبر ناهي ڇا سمجھندا هئا اسان کي. اڄ ڪلهه ته وري به سيڪنڊ انجنيئر سڀني سان سٺو ٿا هلن.“
”سر اهي ڏينهن ٻيا هئا“، حافظ مونکي ڌيرج سان چيو، ”هينئر حالتون ٻيون آهن. هينئر جنريشن گئپ اچي ويو آهي. هونءَ جيڪي چئو سو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر هن ڳالهه ۾ آئون صحيح آهيان.“
مون وڌيڪ حافظ سان بحث نه ڪيو. مٿي پنهنجي ڪئبن ۾ هليو آيس.
”جنريشن گئپ“، مون ٿڌي دماغ سان ويهي سوچيو. ”ڪهڙي حساب سان....؟ مونکي عزت جو سوال بڻائي پنهنجي ڳالهه مٿي ۽ ٻئي جي هيٺ ڪرڻ ڇاڪاڻ جو هو ننڍو آهي، هنجي ڪانه ٿي هلي، ڪرڻ صحيح ناهي. انصاف ناهي. جنريشن گئپ واقعي اچي ويو آهي. اسان هاڻ وڏا ۽ سينيئر ٿي ويا آهيون ان ڪري ٻي جي ڳالهه نه ٿا مڃون، پر حقيقت اها آهي ته نوجوان ٽهي اسان کان بهتر آهي. گذريل ڏهن ٻارنهن سالن ۾ به وڏي تبديلي آئي آهي.مشيني ۽ ٽينڪيڪل تبديليءَ کان علاوه ذهني اؤسر پڻ. اڄ جو نوجوان گھٽ پڙهيل هجڻ جي باوجود به وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين آهي. اسان ڊپ وچان پنهنجي سينيئرن، انگريز سيڪنڊ انجنيئرن ۽ چيف انجنيئرن کان ڊڄندا هئاسين ۽ هي اسان کان عزت وچان. اسان جڏهن به ڊيوٽي ڪئي ته وقت پاس ڪرڻ جو سوچي ۽ انگريزن کي ڌاريون سمجھي. هي، ڪم سکڻ ۽ جوابداري محسوس ڪري ۽ اسان کي پنهنجو سمجھي؛ جو اسان کي به هت رهڻو آهي ته هنن کي به. آئون جي هن جي جاءِ تي هجان ها ته مون کي به ڏکيو لڳي ها........“ مون فون ڪري حافظ کي پنهنجي ڪئبن ۾ گھرايو.
”اها کڻي دنيا لاءِ عجيب ڳالهه هجي، پر مونکي ان ۾ سڪون ملندو ته صحيح ڳالهه کي صحيح ڳالهه سمجھان؛ ضروري ناهي ته هر ڳالهه ۾ سيڪنڊ انجنيئر صحيح هجي ۽ ففٿ انجنيئر غلط ۽ طاقت جي اوٽ ۾ بدلو وٺبو رهجي. مون طرفان دل صاف سمجھه. باقي ضدي ماڻهو آهين، ڀلي ڪئبن نه چئينج ڪر.“
هو ساڳين سوچن ۾ هليو ويو، جيئن آيو هو. سندس وڃڻ کان پوءِ ڏهه منٽ کن رکي، اسٽور روم ۾ ڪم سانگي وڃڻ ٿيو ــ جيڪو حافظ جي ڪئبن واري گھٽيءَ ۾ هو. جهڙو حافظ جي ڪئبن ۾ ليئو پاتم ته پنهنجا اسپيڪر وغيره هڙ ۾ ٻڌي، ڪئبن شفٽ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهيو هو. سندس اکين ۾ پاڻي هو. مونکي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين.
حافظ صاحب کي اڄڪلهه ويجھڙائيءَ ۾، ساڳئي ڪمپنيءَ جي هڪ ٻئي جهاز تي ائڪٽنگ سيڪنڊ انجنيئر جي پوسٽ ملي آهي. ڪوبي (جپان) ۾ ملاقات ٿي. مبارڪ ڏئي پڇيو مانس ته نئين پوسٽ بابت ڇا خيال آهي.
سوچي چوڻ لڳو: ”مشينريءَ جو ڪم سولو آهي باقي ائڊمنسٽريشن هلائڻ ۽ هر هڪ سان انصاف ڪرڻ ۽ خوش به رکڻ ڏکي ڳالهه آهي.“
--------------------------
(نوٽ: پاڻي واري جهاز تي ڇهن کان ڏهن تائين مئرين انجنيئر ٿين ٿا.چيف انجنيئر کان پوءِ ٻي نمبر تي سيڪنڊ انجنيئر سڏجي، ان بعد ٿرڊ، فورٿ ۽ ففٿ انجنيئر سڏجن. ففٿ انجنيئر جن کي مڪراني ۽ ڪڇي خلاصي ’پنجون‘ به سڏين، ٽي يا چار ٿين. ڪن جهازن تي ففٿ انجنيئرن کان به هيٺائين رئنڪ جا فريش گرئجوئيٽ انجنيئر ٿين جيڪي جونئر انجنيئر سڏجن. بهرحال هي سڀ مئرين انجنيئر هوندا آهن. انهن کان علاوه هر جهاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر، ريفريجريشن انجنيئر، اليڪٽريشن، ڊيزل مڪينڪ، موٽر مين وغيره پڻ ٿين. مٿئين جهاز تي آئون سيڪنڊ انجنيئر هوس ۽ 73 ـ 1972 جي ڳالهه آهي. ۽ هي سفرنامو 1981 ڌاري جو لکيل آهي....... الطاف)