سگهڙ ۽ سيبائتي زال
دراصل اسان ڪو پڪو ارادو ڪري ڪپڙو وٺڻ نه آيا هئاسين. اسان جو ٻڌو ته جپان جي هن شهر يوڪوهاما ۾ به ڪنهن پاڻ جهڙي ڪاري جو دڪان آهي. سو هڪ قسم جي تجسس ۽ شوق خاطر سردارجي جي دڪان ۾ لنگھي وياسين. اڳيان سائين سک ۽ سندس زال سردارني به پڪي قسم جا واپاري هئا. پهرين نظر ۾ ئي اسان کي تاڻي ويا ته اسان ائين وائڙن وانگر پيا ڦرون ۽ ڄاڻ سڃاڻ ۾ بلڪل ڇسا آهيون، سو اسان کي ڪجھه خريد ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ٻين لفظن ۾ جيئن آيا آهيون ته چڱي طرح ڦاسون ۽ سندس هٿن مان نه نڪرون.
مون سان گڏ ٻيو اسان جي جهاز جو ڪئپٽن هو. آءٌ هن کان پڇان ته هيءَ ساڙهي ڪيئن ٿي لڳي ۽ هو مون کان پڇي. جواب وچان ئي سردارجي يا سردارنيءَ ٿي ڏنو. هڪ ساڙهيءَ لاءِ سردار جي چوي:
”واهه واهه! ان ساڙهيءَ جو ته جواب ئي ڪونهي. اڄڪلهه اهو ڪپڙو ٽاپ تي آهي. گھر ۾ به پهري سگھجي ته ٻاهر ڪاڄ ڪڙي ۾ به.“
پر اسان ان تان به رڙهي وري ٻئي ڪپڙي کي آڱرين سان ڇهڻ لڳاسين.
”اها به سٺي ساڙهي آهي.“ سردارنيءَ پنهنجي ٻن رئندڙ ٻارن کي ٿڦڙ هڻڻ جي اشاري سان ماٺ ڪرائيندي اسان کي مخاطب ٿي چيو، ”انڊين ايئرلائن جون ايئرهوسٽس ته ان تي ئي مرن. ٻي ڪنهن ڏي نگاهه ئي ڪونه ڌرنين.“
ايتري ۾ سردارجيءَ کي کڙڪ پئجي وئي ته اسان جو تعلق هندستان سان نه پر پاڪستان سان آهي. سو جيئن ئي اسان ٻي سيڪشن ۾ رکيل ساڙهيون ڇهڻ لڳاسين ته سردارجيءَ يڪدم چيو:
”سرڪار ان مال جي اڄڪلهه ايتري ته ڊمانڊ آهي جو ڪارخانيدار پوري نٿا ڪري سگھن. پي آئي اي جي جيڪا به فلائيٽ اچي ٿي ته اسٽيورڊ کان ايئر هوسٽس تائين سڌو هن دڪان تي اچي، اهي ساڙهيون خريد ڪريو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ته P.I.A جون ايئرهوسٽسون ٽوڪيو مان ئي فون ڪنديون ته اسين اچي نٿيون سگھون تون گاڏي ڀري کڻي اچ.“
اسان ٿورو وڌيڪ رڙهي پلين رنگ جي ساڙهين کي ڏسڻ لڳاسين.
”جيڪڏهن توهان کي ساڙهيءَ تي گؤنٽي ڦليءَ جو ڪم ڪرائڻو آهي“، سردارجيءَ ڪن اڳيان ويجھو اچي ڄڻ ڪو وڏو راز ٿي فاش ڪيو، ”ته منهنجي صلاح وٺوم، اکيون پوري ان ڪپڙي مان ڪجھه رنگ وٺي وڃو.“
ايتري ۾ ڪئپٽن کيسي مان سگريٽ جو پاڪيٽ ٿي ڪڍيو ته ان سان گڏ خط به نڪري آيو. مون ائين کڻي پڇيومانس ته اڄ ٽپال آئي هئي ڇا. ته هن ٻڌايو ته سندس ماءُ جو خط آهي. گذريل بندرگاهه اوساڪا ۾ آيو هو. سردارجيءَ ماءُ جو نالو ٻڌي شايد سمجھيو ته ماءُ لاءِ ڪا ساڙهي اسان کي گھرجي، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ جن ساڙهين کي اسان گھورڻ لڳاسين ان لاءِ سردارجيءَ يڪدم چيو:
”اهي رنگ ۽ پئٽرن تمام سوبر قسم جا آهن ۽ گھٽ ماڻهو ٿا وٺن. ڇاڪاڻ ته وڏن جي پائڻ جهڙا آهن. منهنجي ماءُ جو گذريل هفتي امرتسر کان خط آيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ’منهنجي لاءِ آڻين ته اهي ساڙهيون آڻجانءِ نه ته ٺهيو‘.“
اسان پاڻ ۾ آهستي فيصلو ڪيو ته ڳالهه ته ڏاڍي ڳري ٿي. هاڻ ڪجھه وٺڻ ئي کپي. سردارجيءَ سمورو وقت اسانجي اڳيان پويان ڦريو آهي، هٿين خالي نڪرڻ سٺو نه ٿيندو. آخر ڪئپٽن هڪ ڪپڙي جي تاڪئي تي هٿ رکندي چيس:
”چڱو سردارجي هن ڪپڙي مان، منهنجي زال جي شرٽ لاءِ ٻه وال ته ڦاڙجانءِ“
سردارجي، جيڪوو خوشيءَ مان گز هٿ ۾ کڻي، تيز قدمن سان تاڪئي ڏي وڌي رهيو هو سو ٻن والن جو ٻڌي ڍرو ٿي ويو. ڄڻ سٽ اچي ويس. پر همت نه هاري ڪئپٽن کي وري سمجھائڻ لڳو.
”سائين منهنجي ڳالهه مڃو ته هن ڪپڙي مان 6 وال ساڙهيءَ جا ۽ 2 وال بلائوز لاءِ وٺي وڃو. ڀاڀيءَ کي ساڙهي ضرور وڻندي. ساڙهي ڪيترا ڀيرا پائڻ کان پوءِ به بيڪار نه ٿي وڃي. ڪيترا دفعا چوڙڻ بعد ان مان توهان جي بيگم بستر لاءِ چادر ٺاهي سگھي ٿي. پيتي يا ٽيبل لاءِ ڪور جڙي سگھي ٿو. وهاڻڻ جو ڇهون ۽ ٿانون ڍڪڻ لاءِ ويٺڻ ٺاهي سگھجن ٿا. ڏسو نه منهنجي پتنيءَ پنهنجي پراڻين ساڙهين مان هي درن ۽ درين لاءِ ڪهڙا نه سندر پڙدا ٺاهيا آهن.“
اسان سامهون واري دريءَ تي لڳل بي سُرا ڦاٽل، ميرا ۽ بي ترتيب پڙدا، ايئر ڪنڊيشنر جي هوا ۾ اڏامندا ڏسڻ لڳاسين. ڪنڊ ۾ سندس ”سگھڙ“ ۽ ”سيبائتي“ زال پنهنجي واکاڻ ٻڌي مرڪڻ لڳي ۽ ڪجھه دير اڳ تائين جيڪا رکي رکي پنهنجي نٺر ٻارن کي وڌيڪ چيغم کائڻ تان مٿي هاڻا چنبا هڻي رهي هئي سا هاڻ پيار سان ٻارن جي مٿي تي هٿ ڦيرڻ لڳي.
.......................................................