پاڻهي کڻي حساب لڳاءِ
”هاڻ ڪولمبو مشڪل آهي. سڌو هانگ ڪانگ هلنداسين. پوءِ ڀلا انجڻ جي تيل جو به ان طرح حساب لڳائجانءِ.“
ڪولمبو ڪئنسل ٿيڻ جو ٻڌي مون کي خوشي نه ٿي.
”هونءَ ڪولمبو جو ڪارگو ملي ها ته سٺو هو ۽ آرام به ملي وڃي ها ۽ ٿوري گھڻي انجڻ جي مرمت به ڪرائي وٺان ها. هتي ڪراچيءَ ۾ ته هوم پورٽ ڪري ڪو وٺ ئي نه ٿو ڏئي.“
”يار ڪولمبو به ڪا جاءِ آهي...........؟“ ڪئپٽن چيو. اتي ڀرواري جهاز جو ڪئپٽن به اچي نڪتو. تنهن وهندي چيو:
”ڪولمبو کڻي ڇا به ٿي وڃي، پر هڪ شيءِ کان نه ويندو... اهو آهي، اتي جو سامونڊي کاڌو، سستو ۽ سٺو.“
”واقعي“، مون چيو، ”هوٽلون ڪولمبو جون چڱيون ۽ سستيون آهن. اڳين سال اسانجو جهاز يڪو مهينو ڪولمبو ۾ بيٺو هو. ماڻهن جو سڄو زور هوٽلن تي هو.“
”ڪولمبو ۾ مون ٻڌو آهي وڏي تبديلي آئي آهي. هن حڪومت سير سپاٽي کي همٿايو آهي ۽ شيون پڻ سستيون ٿي ويون آهن. ڏهه سال اڳ جي رونق ۽ رنگيني هڪ دفعو وري موٽي آئي آهي.“
اتي بئرو قيمي جي ٽڪين جون سئنڊوچون کڻي آيو. ڪئپٽن کائڻ لاءِ چيو.
”آهن ڇاجون ٺهيل...............؟“
”يار مون ته ڏيڏر به کاڌا هئا. خبر اٿئي،“ اسان واري ڪئپٽن ٻڌايو، ”ائنٽورپ (بيلجم) ۾ بئرو کڻي آيو. اسان پڇيس ڇاجو گوشت آهي. چوڻ لڳو:
One that hops in Bushes
اسان سمجھيو پڪ تتر هوندا. اهي ئي ته گاهه ، ٻوٽن ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري ٽپا ڏئي اڏامندا آهن. لذيذ به اهڙا ئي هئا. کائي پي جڏهن بک اجھائي ۽ شرير ۾ سامت آئي ته وري سوچيوسين ۽ پوءِ ........ . دير سان يڪدم ڌيان ۾ آيو ته اڙي هي ڇا، اهي ته پڪ ڏيڏر هوندا. ۽ پوءِ بئاءِ به ڪٿان ڊڪشنري ڏسي اچي چيو؛ ييس سرــ ايف . آر . او . جي.
مون سان گڏ جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر هو، تنهن بجو ڏئي چيس: هي وٺ ته گھڻا اٿئي، ڌوڙ اٿئي منهن ۾، پهرين نٿي ڊڪشنري ڏٺئه.“
.......................................................
جهاز بئنڪاڪ ڏي وڌي رهيو هو. بئنڪاڪ، اندر نديءَ ۾ آهي. جيئن هالا پراڻا، درٻيلو، ٻڍاپور، روهڙي وغيره سنڌو نديءَ ۾ آهن ۽ جي سنڌوندي اونهي هجي ته ڪوبه جهاز عربي سمنڊ ۽ پورٽ قاسم کان ٿيندو اندر اچي سگهي ها. اهڙي طرح بئنڪاڪ، نديءَ جي ڇوڙ کان چاليهه پنجاهه ميل کن اندر آهي. اسان سمنڊ جي ان هنڌ تي اچي پهتاسين، جتي نديءَ ڇوڙ ٿي ڪري ان بعد پائلٽ، اسان جي جهاز کي سوڙهي ۽ ور وڪڙن واري نديءَ مان اندر وٺي هلڻ لاءِ آيو. اڌ کن رستو پار ٿي چڪو هو، ان بعد آءٌ مٿي برج تي چڪر لاءِ ويس. سامهون ٿائي پائلٽ، جهاز کي مختلف ڊگرين تي موڙڻ لاءِ سکاڻيءَ کي چئي رهيو هو.
وڃڻ سان کيس سلام ڪيم. پاڻ جواب ڏنائين، پر گھٽيل گھٽيل. پر آءٌ ان وقت خوش خوش هوس. سو سندس اها بي رُخي نظرانداز ڪري ڀرسان وڃي بيٺس ۽ خبرون پڇڻ لڳس:
”پائلٽ، ڪريو خبر هيءَ ندي ته مٺي پاڻيءَ جي آهي نه؟“
جواب يڪدم ڏيڻ بدران، ٿوري دير ترسي سامهون ئي نظرون رکندي مرزيل ’ها‘ ڪيائين.
مون کانئس ڪيترائي سوال ٿائلنڊ بابت ڪرڻ چاهيا ٿي، خاص ڪري هن ندي ۽ ان جي ڪلچر بابت. سندس بي رُخيءَ کي وري درگذر ڪري، کانئس ٻيوسوال پڇيم:
”معاف ڪجو. هيءَ ندي ڪٿان شروع ٿئي ٿي....؟ ٿائلنڊ جي ئي ڪنهن جابلو سلسلي کان يا لائوس، ڪمپوچيا، چين کان هلندي اچي.“
پائلٽ چپ. منهن تي ساڳيو دٻو چڙهيل. ڪنڊ ۾ ڪئپٽن وائرليس تي ڳالهائي بس ڪئي ۽ سڌو مونکي پاڻ سان وٺي چارٽ روم ۾ آيو.
”پائلٽ کي ڇڏ ته بئنڪاڪ تائين پهچائي... مڇريو ويٺو آهي.“
”ڇو........؟ خير ته آهي !“ ظاهر آهي مون تعجب مان پڇيو، ”مفت ۾ وٺيو ٿو هلي ڇا.....؟“
”نه گھڻي سامان آڻڻ ڪري پنهنجي جهاز جو ڊرافٽ گھڻو آهي ۽ ندي ايتري اونهي ڪونهي. پائلٽ پنهنجي جهاز کي وٺي هليو ئي ڪونه ٿي. منٿن سان مڃيو اٿس. چوي ته ٻاهر ئي کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي بيهاري سامان لاهي ۽ چاڙهي وڃو. هر هر پيو چيو چوي ته جهاز گرائونڊ ٿيو ته ٻڌل نه آهيان. بهرحال هاڻ بئنڪاڪ پهچون ته کيس پنهنجي طرفان به ڪجھه تحفو ٿو ڏيان.“
”ڏاڍي ڳالهه ٿي.....“ مون کيس کلندي چيو، ”چئبو ته بئنڪاڪ جا بانس، گدامڙي، سوپاريون ۽ ادرڪ ڏاڍي مهانگي پئي.“
”مون کي ته باسن جي ڏنڊن جو فڪر آهي. خبر ناهي جيت مار دوا هڻي جهاز تي چاڙهيندا يا نه، ڇو ته انهن ۾نانگ ٿا ٿين. هڪ دفعو اڳ به، اهو ڪارگو کنيوسين، سڄي ڊيڪ تي ٺونٺ جيڏا نانگ پئي هليا.“
ائين چئي ڪجھه دير چارٽ تي اها ندي ڏسندا رهياسين، جيڪا بئنڪاڪ کانپوءِ اڳتي ته صفا سوڙهي ٿي، ڪوئي جي پڇ جهڙي سنهي ٿي ٿي وئي ۽ ان هنڌ تي شايد ڪو بتيلو به مس هلندو هجي.
ٿوري دير بعد، وري ٻاهر اچي برج (جهاز جي ڪنٽرول روم) ۾ بيٺاسين ۽ نديءَ ۾ ترندڙ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون، سمپان، بارجون، بتيلا ۽ ان کان علاوه وڻن جا پن، ڪچا ناريل، پڪل ناريلن جا کوپا ۽ بج، بانس جا چيريل بانٺا، گاهه ۽ ٻيو ڪن ڪچرو ترندو ڏسندا رهياسين. رکي رکي ڪناري تي ڪو خوبصورت پگوڊا ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته ڪچيون پڪيون ڪنڊائتيون جايون ۽ جھوپڙيون به. يا وري ناريل، رٻڙ جي وڻن ۽ ڊگھي گاهه جي چهچ ساوڪ.
”پائلٽ! بئنڪاڪ ڪڏهن پهچنداسين؟“ ڪپتان کي ٿي کڻي کُٽي سو هاڻ پڇي ويٺس.
”ڪئپٽن مفاصلي جي به توکي خبر آهي ته پنهنجي جهاز جي رفتار جي به. پاڻهي ئي کڻي ضرب ڪٽ ڪري حساب لڳاءِ“ پائلٽ اڇل مان ورندي ڏئي وري کڻي دٻو چاڙهيو.
ڪئپٽن مرڪي، مون کي پاڻ ڏي ڇڪي چيو، ”ڏٺئي پيارا !! ٿيئي پڪ.....“