جهاز جا ڊگھا سفر
آفيسر، هڪ ئي جهاز تي يڪا ٻه سال کن به رهي سگهن ٿا. اڃان به جي وڌيڪ هو چاهين، سندن ضروت آهي يا جهازران ڪمپنيءَکي سندن جاءِ تي موڪلڻ لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو نه مليي سگھي، ته هو وڌيڪ به جهاز تي رهي سگھن ٿا.. جيئن مثال طور هن جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر موڪل بنا يڪو ٽن سالن کان جهاز تي Sail ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ ٻه سال کن ٻئي جهاز تي هو. موڪل تي لٿو ته هن جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر جي کوٽ ٿي پئي ۽ کيس پهرين جهاز تان لاهي هن جهاز تي، گھٽ ۾ گھٽ هڪ Voyage ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي هو هو راضي ٿي ويو. افواهن موجب اها مسافري ڏور اوڀر پاسي جي هئي ۽ ٽن مهينن اندر جهاز موٽي اچڻو هو سو هن به دل ۾ نه ڪيو.
اتفاق سان جهاز کي ٻي مسافري ڏور اوڀر جي ننڍي ڪرڻ بدران، پروگرام ۾ تبديلي ڪري، ڊگھي ڪرڻي پئجي وئي. ٿيو هيئن جو جهاز تي چانور چاڙهي جهاز کي ڪراچيءَ کان ٻاهر ته ڪڍيو ويو پر اهو نه ٻڌايو ويو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو واپاري سڄو جهاز سيمنٽ، کنڊ يا چانورن سان ڀرائي، پوءِ پاڻ مختلف ملڪن جي حڪومتن يا واپارين سان سودو ڪندا ويندا. هو پاڻ ڇهه سؤ ميل في ڪلاڪ جي رفتار وارن هوائي جهازن ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي تائين ويندا ۽ اگھه پار جو جائزو وٺندا ۽ سٺو گراهڪ ڳوليندا. ۽ اسان جو پاڻيءَ جو جهاز هڪ ڏينهن ۾ چار سئو ميل مس اڳتي رڙهندو رهندو. مثال طور ڪنهن کي بمبئي مان سستو سيمنٽ وٺي ڪنهن عرب ملڪ يا رياست ۾ مهانگو ڪري وڪڻڻو آهي. جهاز کي چيو ويندو ته ڳاڙهي سمنڊ يا ايراني نار ڏي هلندو اچ جنهن تائين هن کي ٽي ڏينهن ته گھٽ ۾ گھٽ لڳي ويندا، تيسيتائين واپاري دبئي، دوحا، مسقط، ايران، سعودي جهڙن ملڪن ۾ اگھه پار ۽ سودي تي نبيرو ڪري وٺندا. پر جي ڏسندا ته ٻيلي جهاز اچي ايراني نار يا ڳاڙهي سمنڊ جي منهن وٽ پهتو آهي ۽ هاڻ ته کيس هڪ گس ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي صورت ۾ هو اسان کي وائرليس ذريعي ايراني نار ۾ پڇڙي واري ملڪ ڪويت عراق ڏي اچڻ لاءِ چوندا آهن يا ڳاڙهي سمنڊ ۾ اندر گھڙي سئيز ڪئنال تائين وڌڻ لاءِ چوندا آهن. پوءِ جي سئيز ڪئنال لاءِ چيو ويو ته معنى هن ک ٽي چار ڏينهن ٻيا به ملي وينداپر پوءِ انهن ڏينهن ۾ ايراني نار جي ملڪن کي رد ڪري فقط ڳاڙهي سمنڊ جي ملڪن ۾ واپار جي لهه وچڙ رکندا. يعني يمن، جبوتي، عدن کان وٺي مصر، سعودي عرب، حبش ۽ سوڊان تائين. اڃان به اڳتي رستو کليل هجڻ ڪري، سئيز ڪئنال جي ٻي پاسي لبيا، تيونس، الجيريا ويندي موراڪو تائين. ۽ پوءِ جتي سودو سٺو ٺهي ويس اتي جهاز کي اچڻ لاءِ تار ڪندو ۽ جهاز وارا گاريون ڏيندا اتي پهچي ويندا آهن. جهاز وارا خوش ان ڪري نه هوندا آهن جو اسين چاهيندا آهيون ته ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ منزل جي خبر پئجي وڃي، جيئن گھٽ ۾ گھٽ خط گھرائڻ لاءِ ان ملڪ جي ائڊريس مائٽن مٽن کي ڏئي نڪرون.
بهرحال، اها مٿين مثالي مسافري ته ننڍي هئي. ڏور اوڀر جي ملڪن کان به ننڍي پر اسان جو سيڪنڊ انجنيئر ان کان گھڻي وڏي مسافريءَ ۾ ڦاسي پيو هو. جهاز کي چيو ويو ته ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي هلي. ڪراچي کان ڪيپ آف گڊ هوپ يعني ڪيپ ٽائون تائين پندرهن ڏينهن کن جو پنڌ آهي. بهرحال اميد اها رکي وئي ته جهاز کي اتي پهچڻ کان اڳ مگديشو يا ممباسا ۾ ئي وڃڻ لاءِ چيو ويندو ۽ اتان چانهن وغيره کڻي مهيني اندر واپس ڪراچي پهچي به وينداسين. پر پوءِ جڏهن مسافري شروع ٿي ته جهاز جي مالڪن طرفان ڪا خبر چار نه پئي ملي. هر وقت ريڊيو آفيسر کان پڇبو هو ته ريڊيو روم جا رسيور ته ٺيڪ آهن نه؟ جيئن ريڊيو ڪيپ ٽائون، پورٽ لوئيس، ڪولمبو وغيره ذريعي آيل نياپو حاصل ڪري سگھجي.
نيٺ ڪيپ ٽائون به پهچي وياسين جتي جي ريڊيو اهو اطلاع ڏنو ته توهان لاءِ فقط اهو نياپو آهي ته اڃان ڪنهن بندرگاهه جو فيصلو نه ٿيو آهي سو ڪيپ کي ڦري آفريڪا جي ٻئي پاسي مٿي اچو. اهو ٻڌي هر هڪ کي بيزاري ٿيڻ لڳي جيڪا انتظار ۽ غير مطمئن حالتن ۾ پيدا ٿيندي آهي. ظاهر آهي جيتري منزل پري ٿي اوتري وطن موٽڻ لاءِ واپسي به وڌي.
نيٺ ڪو سودو، اولهه آفريڪا جي ملڪ آئوري ڪوسٽ ۾ ٺهيو ۽ جهاز سڄي اولهه آفريڪا جا انيڪ ملڪ: نئمبيا، ائنگولا، زائر، ڪانگو، گئبان، ڪئمرون، نائجيريا، ڌومي ۽ گھانا لتاڙي آئوري ڪوسٽ جي بندگاهه ”عابد جان“ چانور لاهڻ لاءِ پهتو. پر قصو اتي به ختم ٿيڻ وارو نه هو، جو جهاز ”هوم ورڊ جرني“ تي به سامان سان ڀرجي اچڻ کپي. خالي موٽڻ ۾ ته نقصان آهي سو به هيڏي پنڌ کان! ۽ آفريڪا جي انهن آس پاس وارن ملڪن ۾ ڪو اهڙو سامان ئي ڪونهي جو اسان جي ملڪ يا ڀر وارن عرب ملڪن لاءِ ملي. جهازي ته اهو ئي سوچي ته مونن ۾ منهن وڌا ته اکرين کان ڪهڙو ڊڄڻ، اهو سهسائي ويٺا ته عابد جان مان سڌو گھر موٽڻ ته ڏکيو آهي پڪ انگلينڊ يا يورپ جا ڪجھه ملڪ مٿي ۾ لڳي ويندا.
عابد جان ۾ چانور لاهڻ ۾ ويهه ڏينهن لڳي ويا ان کان پوءِ خالي جهاز انگلنڊ ڏي روانو ٿيو. روز لنڊن آفيس کان خبرچار وٺندا رهياسين ته هن جهاز لاءِ ڪهڙا حڪم احڪام آهن، انگلنڊ اچي يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ڏي وڃي؟ پنجين يا ڇهين ڏينهن ڪناري (Canary) ٻيٽن وٽ لنڊن آفيس هن جهاز جي تقدير جو حساب ٻڌايو ته جهازين جو داڻو پاڻي ڪئناڊا ۽ آمريڪا لکيل آهي سو هن پاسي بي آف بسڪي اڪري وڌيڪ اچڻ بدران، اتان ئي کاٻي پاسي لڙِي وڃو ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري ڪئناڊا جي بندرگاهن: مانٽريل ۽ سينٽ جان مان ڪجھه سامان کڻڻ وڃو، باقي سامان لاءِ ان حد جي نمائندي کان نيويارڪ آفيس مان احوال وٺندا رهجو.
ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ ۽ مانٽريل پهچڻ ۾ وڌيڪ ڏهه ڏينهن لڳي ويا. پهچڻ سان خبر پئي ته مانٽريل بندرگاهه ۾ گوديءَ جي مزورن ٻن ڏينهن کان ‘اڻ ڄاتل مدت‘ تائين هڙتال شروع ڪئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جهازيءَ جو خواب، ‘بندرگاهه ۾ هڙتال آهي‘، جيئن هن کي سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران بندرگاهه تي فرحت ملي سگھي. پر اهو بندرگاهه هر جهازيءَ جو گهڻو ڪري هوم پورٽ هوندو آهي. مانٽريل يا ڪو ٻيو ڌاريون بندرگاهه ٻي ڪنهن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ته ٿي سگھي ٿو پر اسان جي ڪنواري ۽ باعصمت سيڪنڊ انجنيئر لاءِ هرگز نه. هن جلد ڪراچي پهچي، موڪل تي لهڻ چاهيو ٿي. ڪجھه چيف انجنيئريءَ جي امتحانن جي پڙهائيءَ لاءِ، ڪجھه گھرو ڪم ڪارين ڪارڻ، ۽ ڪجھه لڳاتار سفر بعد ٿڪ ڀڃڻ لاءِ.
جهاز ڪئناڊا کان پوءِ ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان لنگھڻ بدران بحر روم پار ڪري سئيز ڪئنال مان شارٽ ڪٽ ٿي ڪئي ته پورٽ سعيد وٽ انجڻ جي وڏي بريڪ ڊائون (حادثو) ٿي پئي ۽ جيڪي ڏهه ڏينهن کن آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ ۾ بچاياسون، ان کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. ڪراچي جڏهن پهتا ته سڄي ايندي ويندي جي مسافري Round Voyage ڇهن مهينن کان به مٿي جي ٿي وئي.ڪجھه وڏي سفر جي ڪري، ڪجھه خراب سمنڊ ملڻ ڪري ۽ ڪجھ انجڻ جي تڪليف جي ڪري سڀ ٿڪل هئا ۽ سيڪنڊ انجنيئر، ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، ٻه ففٿ انجنيئر ۽ ڊيزل مڪينڪ ۽ ٻئي اليڪٽريڪل انجنيئر موڪل وٺڻ جي موڊ ۾ هئا.
آءٌ ان زماني ۾ موڪل کائي ڊيوٽِيءَ لاءِ آفيس ۾ رپورٽ ڪري چڪو هوس ۽ مون کي هن جهاز تي چڙهڻ (Sign-on ڪرڻ) لاءِ چيو ويو. چيف انجنيئر کان جلدي جلدي ٻن ڏينهن اندر چارج وٺي کيس آجو ڪيم. باقي حالتن جو جائزو وٺي مون کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته ڪجھه پراڻي اسٽاف جو هجڻ ضروري آهي. جيئن انجڻ جون ڪجھه پراڻيون بيماريون ۽ Behavior معلوم ڪرڻ ۾ هنن جي مدد ملي سگھي. ان لاءِ موڪل تي ويندڙن مان سيڪنڊ انجنيئر جي راضي ٿي وڃي ته پوءِ ٻين مڙني جي ضرورت ناهي. پر سيڪنڊ انجنيئر جي خبر پيم ته موڪل تي لھڻ لاءِ پڙ ڪڍيو بيٺو هو ۽ اڃان جهاز کي آئي هفتو به ڪونه ٿيو هو، سو اهڙي حالت ۾ ڪنهن جهازيءَ کي، ٻي مسافريءَ لاءِ چوڻ ”بلوو ڪرائڻ ٿيو“.
پندرهن ڏينهن اندر جهازي به سامت ۾ آيا ۽ اهو ڪافي وقت آهي ــ تازو ٿيڻ لاءِ، گھرو ۽ آفيس جا ڪم ڪار لاهڻ لاءِ، مائٽن مٽن دوستن يارن سان ملي سڪ پوري ڪرڻ لاءِ، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اهو محسوس ٿيڻ لاءِ ته حقيقت ۾ نه اسان کي مائٽن لاءِ سڪ آهي نه هنن کي اسان لاءِ. (ان کان ته سمنڊ تي سڪون آهي. ان کان ته فارين پورٽ ۾ مزو آهي). جهڙا خيال اچڻ لاءِ. ايتري ۾ ٻي مسافري جو پڪو پروگرام به اچي ويو ته ٽرئمپنگ (بنا معلومات جي ڪارگو لاءِ هيڏانهن کان هوڏانهن ڌڪا کائڻ) بدران مقرر اشڪيڊيول (يا شيڊيول) ڪولمبو، سنگاپور، هانگ ڪانگ، پوسان (ڪوريا)، اوساڪا ۽ يوڪوهاما وڃڻ جو آهي. اهو ٻڌي مون اچي سيڪنڊ انجنيئر کي پاسو ڏنو ته ميان جتي پوڻا ٽي سال کن لڳاتار Sail ڪيو اٿئي، اتي هڪ ٻي ننڍڙي Voyage جپان واري پاڙي جي به ڪري وٺُ. وقت ئي ڇا لڳندو. بس هتان نڪرانداسين ته ڪولمبو، ان بعد سينگاپور، هانگ ڪانگ ۽ پوءِ جپان جو ڦيرو ڪري واپس ڪراچي کان اچي نڪرنداسين.
”سر ڳالهه ته صحيح آهي. مون کي پاڻ ڀيڻ جي شاديءَ لاءِ هانگ ڪانگ ۽ جپان مان شاپنگ ڪرڻي آهي، پر ايندي ايندي منهنجا لڳاتار ٽي سال پورا ٿي ويندا ۽ منهنجي ٽن سالن تي موڪل هڪ سال کان به مٿي ٿي ويندي. (جهاز تي سال تي ساڍا چار مهينا کن پگھار سان موڪل ٿئي ٿي... ۽ سامونڊي نوڪريءَ ۾ اها سڀ کان سٺي ڳالهه آهي.) ۽ سال کان مٿي گڏ ٿيل موڪل قانون مطابق ڪئنسل ٿي ويندي. ان لاءِ مون کي آفيس طرفان لکت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن ته آءٌ آفيس جي گھرج تي Sail ڪندس، ان ڪري منهنجي سال کان مٿي جي موڪل قائم رهي.“
مون هن لاءِ اهڙو بندوبست به ڪري ورتو، پر هو وڏي مسافريءَ کان اهڙو گھٻرايل هو، جو جهاز تي نئين سفر لاءِ Sign-on ڪرڻ لاءِ تيسين انتظار ڪندو رهيو؛ جيسين جهاز تي جپان جي ڪارگو جو پهريون ڪانٽو ڪرين (Crane)لاٿو. پوءِ پڪ ٿيس ته هاڻ هن جهاز کي جپان ڏي وڃڻو ئي وڃڻو آهي. پوءِ ٻڏان تران واري ڪيفيت مان پاڻ کي ڪڍي، هڪ مهينو ٿي، دل لڳائي نئين سفر لاءِ انجڻ جي تياري ڪرائڻ ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو ۽ هوڏانهن جهاز سنگاپور، ڪولمبو، هانگ ڪانگ لاءِ پٽاٽا، بصر، ڪپهه، ڌاڳو، سڪل مڇي جو ٻورو Fish powder، ڪوس جي جانورن جا کُر ۽ سنڱ، هڏن جو ٻورو ۽ ٻيو برامدي سامان ڍوئڻ لڳو.