اسين هتي آهيون جو توهان هتي هئائو.
اهو به ڪو زمانو هو ــ سورهين صديءَ جي آخر وارو، جڏهن انگلنڊ ۾ رڳو اڇي چمڙي جا انگريز يا ڪجھه يورپين، واپار وڙي لاءِ هوندا هئا. ڪجھه حبشي المغرب جا مزوري خاطر انگلنڊ پهتا ته انهن جي خبر ٻڌي ايلزڀيٿ (پهرين) ڪاوڙ ۾ اچي وڏن شهرن جي سڀني ميئرن کي خط لکيو هو:
“There are black Moors in this realm; those kind of people should be send forth of the land……”
۽ ان حڪمنامي جاري ٿيڻ تي جرمن سوداگرن تي اهو ڪم سونپيو ويو ته ڪاري چمڙيءَ جي ماڻهن کي هن ملڪ مان ٻاهر ڪڍن. ان هڪ ئي شهنشاهي آرڊر تي، انگلنڊ، چند آيل رنگين چمڙيءَ جي ماڻهن کان صاف ٿي ويو.
انگريز قوم، جپانين وانگر ڪافي حد تائين هڪ جهڙن Homogenous ماڻهن جي ئي سمجھڻ کپي جيئن اسان وٽ به اڃا ڪن ڪن قومن ۾ آهي ته هو پنهنجن قبيلن (ڏاڏي پوٽين) ۾ ئي شاديون مراديون ڪن ۽ هڪ ئي رنگ، روپ، نقش نگار ۽ عادتن ڪردارن (ويندي بيمارين) جا ماڻهو نظر ايندا. انگريز قوم به سيلٽڪ Celtic ۽ ائنگلو سئڪمن قبيلن جي پيداوار آهي جا اتر کنڊ جي نارڊرڪ ‘ڦورن‘ــ وائڪنگ جي ملاوت سان هڪ ئي قسم جي هلندي اچي.
“While as an angel is the English Child”
وليم بلئڪ شاعر جو اهو راڳ آهي جيڪو هن ٻه صديون اڳ لکيو هو ـــ ايلزبيٿ پهرينءَ جي مٿي بيان ڪيل ڏيهه نيڪاليءَ بعد.
پر افسوس جو ان ڳالهه کان ڪجھه عرصو پوءِ، بقول ٽائيم رسالي جي، هاڻ:
“Brown as a berry are some English Children”
انگلنڊ جي ڪيترن دڪانن، ڪارخانن، اسڪولن ۽ محلن ۾ هلندڙ ماڻهن جي ڳهتن ۾ اڇي برف جهڙي چمڙي جي ماڻهن کان وٺي، چانهن جي رنگ جهڙا هندستاني، ڪڻڪ رنگا پاڪستاني ۽ چاڪليٽي رنگ جا ويسٽ انديزي نظر ايندا.
لنڊن جي خوبصورت علائقي ريجنٽ جو پارڪ روڊ، رمضان جي مهيني ۾، نماز تي مسلمانن جي سجدي وقت سڄو ڍڪجي ويندو آهي. ڪارنابي Carnaby اسٽريٽ جنهن جي بلي بلي دڪانن، اڄ کان پندرهن ويهه سال اڳ دنيا ۾ مني اسڪرٽن جو فئشن آندو. ان ۾ اڄڪلهه مشرقي شيون وڪامي رهيون آهن ۽ موراڪو، مصر ۽ مدراس جي بازارين جو ڏيک ڏئي ٿي. اڌ کان وڌيڪ دڪانن تي هندستانين ۽ پاڪستانين جو قبضو آهي يا گھٽ ۾ گھٽ انهن جا مئنيجر آهن. مڊلئنڊ جي اسڪولن ۾ جتي ٻار رسيس ۾ کائڻ لاءِ سئنڊوچ آڻيندا هئا اتي اڄڪلهه ڪيترن ٻارن جي ٽفنن ۾ ٻوڙ ماني نظر اچي ٿو. براڊفورڊ، مانچسٽر جهڙا شهر ته اڄ جي انگلنڊ جا نه پر 1950 جي پاڪستان هندستان جا شهر لڳن ٿا.
بمبئي، شڪارپور، نارائڻ گنج ۽ ڪئنڊيءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ جيڪا سٺي مستي، ڳڙڌاڻي، آچار، مٺا ڀڳڙا، لپئي، پيهون، ستون، ڏريو ۽ چم چم وغيره ملندو هو ان لاءِ اڄ سڪجي ٿو. پر انگلنڊ جي انيڪ پاڪستاني، هندستاني، بنگلاديشي ۽ سلوني دڪانن ۾ اڄ به انهن کاڌن جي شين کان وٺي نوکليءَ جون گوڏيون، گنگا جو پاڻِي، ڪولمبو جا کاڄا ۽ مسالا ۽ چارسدي جي نسوار عام جام ملي سگھندي. ڀر ۾ ويٺل تتر جي ٻوليءَ تي پنجابي دڪاندار جو لوٽي ۾ لسي ٺاهڻ، سندس ڪشادي ڇاتيءَ تي وارن سان گڏ ڍير تعويذن جو لڏڻ، ملباريءَ جي ميٽ جهڙي چانهه سان گڏ پاڙي اوڙي جون تازيون گلائون ۽ اسڪينڊل پيش ڪرڻ، سنڌي واڻئي جي ڳُڙ جهڙين ڳالهين سان گڏُ ڪپڙي جي ويٽ ڪرڻ ۽ ”شات ڀائي چمپا، جاگو ري جاگو“، جي بئڪ گرائونڊ ڌن تي بنگاليءَ کي انگلنڊ ۾ چم چم وڪڻندو ڏسي، دل چوي ٿي ته هنن ماڻهن تان جيڪر قربان ٿجي، جن پرڏيهه کي ڏيهه بڻايو آهي.
اهي سڀ ڳالهيون اهڙيون آهن، جن کي ڪيترا انگريز برداشت نه ٿا ڪن. هڪ اسڪول جي بنگالي ماسترياڻيءَ ٻڌايو:
”هي نه ٿا چاهين ته اسان جي عجيب ۽ غريب مخلوق سندن ڌرتي والاري، پنهنجي من مستيءَ تي هلي ان ڪري ڏينهون ڏينهن نفرت وڌي رهي آهي اڄ کين اسان جي ٻوڙ داڳ ڪرڻ جي خوشبوءِ کان به چڙ ٿي لڳي.“ هن جذباتي ٿيندي چيو، ”۽ جڏهن پاڻ اسان جي سوني ڌرتيءَ تي شراب جي ڌپ پکيڙيندا رهيا تڏهن.......؟“
هڪ ٽئڪسيءَ ڊرائيور سک ٻڌايو: ”ڏينهون ڏينهن وطن کان ايندڙن لاءِ قاعدا قانون سخت ٿيندا وڃن. نوان دستور لاڳو ٿيندا وڃن. جيڪي هتي ڏاڏن، پڙڏاڏن کان رهندا اچن انهن کي به نه ٿو بخشيو وڃي.“
هڪ سنڌي بئريسٽر شڪايت ڪندي چيو: ”اسان ته پيڙهيون اڳ، پنهنجا مائٽ مٽ ڇڏي هتي ئي رهي پياسين ۽ اسان کي انگلنڊ جي شهريت پاسپورٽ ۽ قوميت آهي. اسان جو نوڪريون هتي، گھمڻ ڦرڻ هتي، اسان جون مسجدون هتي، ٻارن لاءِ اسڪول هتي، اسان به قانوني طرح اهڙائي برٽشر سڏائڻ جو حق رکون ٿا جهڙا ڀوريءَ چمڙيءَ جا انگريز.“
انگلنڊ ۾ جتي انگريز ڌارين لاءِ نعرو هڻڻ ٿا:
“Go back – do not enter”
اتي پاڪستاني، هندستاني ۽ جئمڪين، ان ظلم جي خلاف جلوس ڪڍندا رهن ٿا. ويجھڙائيءَ ۾ هڪ عورتن جي جلوس ۾ کنيل هڪ بئنر تي لکيل نعرو، هن وقت ياد اچي رهيو آهي.
“We are here, because you were there.”
.......................................................