ڪتاب ته جتي ڪٿي مليو وڃن
”چيف صاحب! هن شخص جي دماغ جي پائپ لائن پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين سمجھه ۾ نه اچي سگھي ته چاهي ڇا ٿو؟“
.......................................................
جهاز تي گھڻو ڪم هجڻ ڪري اسان چاهيو ٿي ته ڪوشش ڪري سٺا انجنيئر کڻجن جيڪي محنتي ۽ ڪم وارا هجن، جيئن سمنڊ تي مشڪلاتن کي مرڪندي منهن ڏيئي سگھن. ٿرڊ انجنيئر انهن ڏينهن ۾ هڪ ئي هو جيڪو موڪل کائي آيو هو ۽ ٻي ڪابه Choice نه هئي. سيڪنڊ انجنيئر سان صلاح ڪيم ته همراهه ڪيئن آهي.
سيڪنڊ انجنيئر وراڻيو: ”ڪم جي پروڙ ٻن ڏينهن ۾ پئجي نه سگھي آهي ته ڪيترو ٿو اچيس پر باڊي بلڊر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيو نه ته ‘گدها ــ مزوري‘ ته ڪري سگھندو. پوءِ هن وائيج ۾ کڻي ٻيو ڪم پاسيرو ڪري، مين انجڻ جا يونٽ اوورهال ڪنداسين.“
صلاح سٺي هئي. ڪراچي ڇڏڻ بعد پهريون پورٽ ڪولمبو آيو. نمبر ٻئي يونٽ جو پسٽن صاف ڪرائڻ لاءِ ڪولمبو پورٽ اٿارٽيءَ کان Immobilization جي اجازت گھريسين جن روئي پٽي مس مس ها ڪئي سا به فقط هڪ ڏينهن لاءِ، جيتوڻيڪ ڪم گھٽ ۾ گھٽ ٻن ڏينهن جو هو. بندگاھ وارن جي اها ڳالهه جائز هئي ته ڪو اناج جو جهاز ڪولمبو اچڻو آهي ۽ ان جي اچڻ شرط اسان جي جهاز کي ٻاهر ڪڍڻو پوندن جيئن جاءِ خالي ٿئي ۽ ان لاءِ انجڻ هر وقت تيار هجي. بهرحال اسان سڄو فورس انجنيئرن جو استعمال ڪري ٻئي ڏينهن صبح کان ڪم شروع ڪري اوورهالنگ پوري ڪرڻ ٿي چاهي. آخر ڪار مشڪل ڳالهه ته فقط مٿيان نٽ کولڻا آهن تن لاءِ اسان جو باڊي بلڊر ٿرڊ انجنيئر جو ويٺو آهي......! گن (ڏهن سيرن وارو مترڪو) کڻي اچي وٺندس ته ٻن ڪلاڪن ۾ سڀ نٽ ڍرا ۽ ٻاهر.
ٻئي ڏينهن ساڍي ڏهين بجي واري چانهه تي سيڪنڊ انجنيئر مٿي تي هٿ رکي اچي سامهون ويٺو.
”ڪر خبر....؟“ مون پڇيومانس.
”چيف صاحب پاڻ غلط گھوڙي تي بازي هڻي ويٺاسين. هن ڦيڦي ٿرڊ انجنيئر کان ته گن ئي نٿي کڄي، پاني کي هڻي نٽَ کولڻ ته وڏي ڳالهه آهي.“
.......................................................
جپان ۾ هڪ ڏينهن ٿڌ اچي سخت ٿي، پر ته به اسان جو سيڪنڊ انجنيئر ڪم ڪندو رهيو. مونکي خبر پئي ته شام جو پڇڻ ويوسانس. چئي ته بلڪل ٺيڪ آهيان. بس ڪن بند ٿا رهن. ۽ کُلن ٿا به ته ڪڏهن مونو ۽ ڪڏهن اسٽيريو. ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ته به حالت ساڳي رهيس. ڪيڏو چيومانس ته ڊاڪٽر وٽ وڃ، پر هي وڃي ئي نه. آخر هڪ ڏينهن ڊاڪٽر وٽ ويو. تنهن E.N.T اسپيشلسٽ وٽ وڃڻ لاءِ چيس ۽ اسان جي ٽوڪيو آفيس اڳواٽ ٻئي ڏينهن تي اسپيشلسٽ کان وقت وٺي ڇڏيو پر جيئن ٽئڪسي آئي ته سيڪنڊ انجنيئر موٽائي ڇڏي. چي اهي ڊاڪٽر چريا آهن انهن کي منهنجي مرض جي خبر ناهي ان جو علاج انهن وٽ ناهي، جوشاندو پيئڻ سان آءٌ ٺيڪ ٿي ويندس جيڪو جهاز تي هن ڀيري ڪنهن وٽ ڪونهي. ٻن ڏينهن بعد انجڻ روم ۾ فورٿ انجنيئر سان ڳالهه ڪيم ته ڪٿان جوشاندو ملي سگهندو؟
”جوشاندو” “ فورٿ انجنيئر تعجب مان پڇيو.
”ڪيترو کپي؟ مون سان ڳالهه ڪريو ها. مون وٽ ته پنج ڇهه ٿيلهيون جوشاندي جون پيون آهن.“
پوءِ هڪ ڪاڙهي جڏهن سيڪنڊ انجنيئر پيتي تڏهن نزلي کان فرحت ٿيس ۽ ٻئي ڏينهن تي ئي چاق چڱو ڀلو نوبنو ٿي ويو!.
.......................................................
هڪ دفعي سيڪنڊ انجنيئر اهڙو ڪم ڪيو جيڪو چرچي خاطر ڪيترن کي ٻڌائي چڪو هوندس. جهاز تي پلاسٽڪ جي ٿيلهين (Shopping Bags) گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو فئشن آهي. ڪنهن دڪان تان شيءَ وٺنداسين ته دڪاندار کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ وڌيڪ ٿيلهي وجھڻ لاءِ چونداسين، جو اهي ٿيلهيون وطن وري، سامان وجهي ڏيڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.
آمريڪا جي هڪ بندرگاهه، فلڊلفيا ۾ اسان جو جهاز تمام پري وڃي بيٺو جتان شهر ايترو پري هو جو ٽئڪسي ۾ وڃڻ جو ته سوال ئي نٿي پيدا ٿيو پر بس اسٽاپ به گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ ميل پري هو ۽ سخت سرديءَ جو ميل ڏيڍ پنڌ ائين آهي جيئن اونهاري ۾ لڪ ۽ جھولي ۾ سکر يا جيڪب آباد ۾ نڪرجي. اسان اهو سوچي رهيا هئاسين ته هڪ Sea men Club جي ننڍي بس آئي. همراهه ڪجهه رسالا کڻي مٿي آيو ۽ خلاصين جي ميس ۾ ڇڏي اسان کي چيائين ته اسان جي چاهيون ته شام جو هو اسان کي سي ــ مينس ڪلب وٺي هلندو جتي ٽي وي ڏسڻ، بلرڊ ۽ ٽيبل ٽينس راند کيڏڻ ۽ ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ جو بندوبست آهي. شهر جي وچ ۾ آهي سو شهر به وڃي سگھو ٿا ۽ وري رات جو توهان کي ڇڏي به ويندس.
رسالن ۽ ڪتابن لاءِ پڇيومانس ته ٻڌايائين ته اتي جام آهن، جيڪي کپنوَ اهي هلي کڻجو. جيڪي ٿورا کڻي آيو هو انهن ۾ بائبل ۽ ٻيا مذهبي ڪتاب هئا. هڪ نيشنل جاگرافڪ مئگزن هو، سو ڪڍي پڙهڻ لاءِ مٿي کڻي آيس. ٿوري دير بعد سيڪنڊ انجنيئر آيو ۽ پڙهڻ لاءِ گھريائين. ٻڌايومانس ته هي ئي في الحال اٿم شام جو ڪلب هلجانءِ ته هلي کڻي اينداسين.
شام جو بس آئي ۽ ڪيترائي ڄڻا هليا. اتي سي مينس ڪلب جو چئپلن به اچي مليو. اٿڻ مهل اسان ڪجھه رسالن ۽ ڪتابن لاءِ چيس. پاڻ هيٺ بيسمينٽ (بهري) ۾ وٺي هليو. جتي ٽي چار ننڍا ڪمرا هئا جيڪي ذري گھٽ ڇتين تائين ڪتابن سان ڀريا پيا هئا. پاڻ چيائين:
”هن شهر جي ماڻهن کي Sailors جو ڏاڍو خيال آهي. اسان رڳو هڪ دفعو اخبار ۾ ڏنو هو ته ڪنهن وٽ به پڙهڻ يا وندر جو ڪو فالتو سامان هجي ته اسان ڏي موڪليو. جيئن جهازين کي ڏيون جيڪي زندگيءَ جو ڪافي حصو ڪناري جي خوشين کان ڪٽيل زندگي، سمنڊ جي ويرانين ۽ تنهائين ۾ گذارين ٿا.
اشتهار پڙهڻ کان پوءِ هاڻ ايترا ته ماڻهو رسالا ۽ ڪتاب کڻيو اچن ٿا جو رکڻ جي جاءِ ناهي ۽ موٽائي ڇڏڻا ٿا پون. ڪجھه ماڻهو ته تاش، ليوڊو، ڪيرم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رانديون ڇڏي ويا آهن. ريڊرس ڊائجسٽ، پلي بئاءِ، نيويارڪر ۽ ٻيا ڪيترا رسالن وار مهني جون بچيل ڪاپيون هتي ڇڏيو وڃن ته ڀلي جهازين کي ورهائي ڏيو.
بهرحال هي جيڪو به هتي سامان پيو آهي سو توهان لاءِ آهي. هي سڄو ڪلب ئي توهان لاءِ وقف ٿيل آهي جتي وندر جون گھڙيون گذاري سگھو ٿا. ڪتاب به جيڪي کڻي سگھو ٿا کڻو.“
اسان کانئس ڪنهن کوکي يا پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ جي گھر ڪئي جنهن ۾ چونڊيل ڪتاب وجھي کڻي سگھون. پاڻ آخري ڪنڊ واري ڪمري جي پٺيان واري گھٽيءَ ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته ايڏانهن ٿيلهين جا انبار پيا اٿانوَ، جيڪي وڻنوَ کڻو. ان بعد پاڻ ته مٿي ٽي وي ڏسڻ هليو ويو.
اسان پهرين ڪا مضبوط ٿيلهي ڳولڻ ۾ لڳاسين. مختلف ماپن جون ٿيلهيون، سؤ سؤ جي بنڊلن ۾ ڪتابن جي بنڊلن سان گڏ رکيون هيون. ڪي ٿيلهيون ته ماڻهوءِ جي قد جيڏيون ڪچرو وجھي اڇلڻ لاءِ هيون ۽ تمام مضبوط هيون. جيڪي ننڍيون هيون سي به ٻه فٽ کن ته ڊگھيون هيون. مون جلدي ٻه وڏيون ٿيلهيون کڻي، هڪ جي اندر ٻي وجھي وڌيڪ مضبوط ڪئي ۽ هڪ ٻه ڪتاب اتان ئي کنيا. باقي ڪتاب ٻين ڪمرن مان چونڊي کڻڻ لڳس. سيڪنڊ انجنيئر اتي ئي لڳو رهيو. هڪ ٻه دفعو سڏ به ڪيومانس ته هيڏانهن به ڪافي مختلف قسمن جا ڪتاب رکيا آهن. آخر ڪجھه دير بعد کيس هلڻ لاءِ آواز ڏنم.
اسان ٻئي ڪتابن سان ٿيلها ڀري مٿي آياسين. ايتري ۾ ٻيا خلاصي به اچي ويا. انهن به ڪجھه ڪتاب کنيا ڪجھه راندين جو سامان ۽ بس ۾ چڙهي جهاز تي آياسين.
ٻئي ڏينهن سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ سندس چونڊ جا ڪتاب ڏسڻ لاءِ گھڙيس ته چوڻ لڳو:
”چيف صاحب ڪجھه رسالا ته پڙهڻ لاءِ ڏيو.“
”اڙي بابا تون سڄو سارو اڌ گڏهه ڪتابن جو کڻي آيو آهين.“ مون ڪنڊ ۾ رکيل سندس ٿيلهيءَ ڏي اشارو ڪندي چيو.
”مون رسالا نه کنيا، ان ڪري توهان کي ڪجھه ڏيڻا پوندا.“
ٿيلهيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيس:
”ته ڇا تو رڳا ڪتاب کنيا ڇا...؟“ اهو چئي جهڙو کڻي ٿيلهيءَ جو منهن کوليان ته سڄي ٿيلهي پلاسٽڪ جي ٿيلهن سان ڀري پئي هئي.
اسان ڏاڍو کلياسين، سيڪنڊ انجنيئر چيو:
”سائين ڪتاب ته ٻين هنڌان به ملي ويندا، ٿيلهيون ڪٿان اچن...!“
.......................................................