گھرُ ۽ گرمي نقصانڪار آهي.
سيڪنڊ انجنيئر ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”بس رڳو ڪولمبو ۽ سنگاپور کي هٿ لاهي، جهاز مٿي اتر طرف جيئن روانو ٿيندو ته ٿڌ شروع ٿيڻ سان سڀ مشينون به صحيح ٿي وينديون ته جهاز جا ماڻهو به. سيءَ سان گڏ سڀني جي ڪم جي رفتار به وڌي ويندي.“
مون کي پنهنجي سيڪنڊ انجنيئريءَ جو زمانو ياد آيو. خط استوا جي پٽيءَ وٽان لنگھندي جيئن ئي گرمي ۽ گھم وڌندي هئي ته ڪنهن جي به ڪم ڪرڻ تي دل نه چوندي هئي. موڪل واري ڏينهن ڪئبن ۾ ويٺو هيس ته به جسم سور کان پيو ڪڙهندو ۽ هر وقت ننڊ جو گھيرٽ ۽ غنودي طاري رهندي هئي. آفريڪا جي ڪنهن شهر ۾ جهاز هوندو ته شام جو گھمڻ تي دل نه چوندي جيسين منجھند جو ٿوري دير ننڊ نه ڪجي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو خط استوا جي ليڪ کان پنجويهه ٽيهه ڊگريون کن هيٺ ۽ مٿي، آفريڪا توڙي عرب ملڪن ۾ منجھند جو ٻه ٽي ڪلاڪ دڪان بازاريون بند رهن ٿا ۽ ماڻهو منجهند جي ماني کائي ٿوري دير سمهي رهندا آهن.
ممباسا ۾ جيئن ئي ٻارهن ٿيندا هئا، ڪلنڊني روڊ کان سئلم روڊ تائين دڪان بند ٿيڻ شروع ٿيندا هئا. ”ڪوسٽل ـ ڊريپر“ دڪان جا مالڪ: مينا ۽ ٻلديو يڪدم ماني کائي، پنکو هلائي پٽ تي وڇايل غاليچي تي ئي سمهي رهندا هئا. ”اليڪٽرانڪ ريڊيو“ دڪان جو کوجو مالڪ، ڪلب ۾ ماني کائي اتي ئي ڊگھي ڪوچ تي سمهي رهندو هو ۽ آهستي آهستي سڀ رستا ۽ بازاريون سنسان ٿي وينديون هيون، ڄڻ ڪو راڪاس گھمي وڃي. چؤڌاري ڪڪڙون ڪون لڳي ويندي هئي. پوءِ ٻه ٿيڻ تي آهستي آهستي مالڪ ورندا ۽ دڪان ائين کوليندا، جيئن هڪ دفعو صبح جو کوليا ويا هئا. مسلمان، بوري ۽ کوجا پنهنجي عقيدي موجب روزگار جي دعا گھرندا، هندو واس دکائي پنهنجي نموني سان گراهڪن جي آمد جي پرارٿنا ڪندا.
اهو ساڳيو حال سنڌ جي گرميءَ جو آهي. پر هاڻ ڏينهون ڏينهن ندين، عمارتن ۽ وڻڪاريءَ ڪري ڪجھه موسم بدليل آهي ۽ اها گرمي نه رهي آهي، جيڪا اڄ کان چاليهه، سٺ سال اڳ جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو. بهرحال تنهن هوندي به چيٽ جي ڏينهن ۾ ڪانگ جي اک پيئي نڪرندي آهي ۽ سم، ڪلر، پوسل هيڪاندي گھم ۽ اٻس پيدا ڪيو آهي.
گرميءَ سان گڏ جي گھم آهي ته اها هيڪاندي خراب، جو سستي ۽ ننڊ جي گھيرٽ کي وڌائي ٿي. ڪولمبو ۾ ريڊيو آفيسر ته صبح جو نيرن ڪري ڏهين تائين ننڊ جي هڪ قسط پوري ڪندو هو ۽ ٻي منجھند جي مانيءَ کان پوءِ. ڪولمبو ۾ جهاز تي هيلٿ آفيسر هڪ ڊاڪٽرياڻِيءَ پنهنجي ملڪ جي ترقي پذيرائي جو ڏوهه مزورن تي هڻي چيو: ”اسان جي ملڪ جا ماڻهو سست ۽ ٽوٽي آهن. پورهيو ته پڄين ئي نه ٿو. انگلنڊ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ دوران انگريزن کي محنت مزوري ڪندي ڏسندي هيس ته رشڪ ۽ سڌ ٿيندي هيم ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو به ائين چست ٿي ڪم ڪن ته هي ملڪ الائي ڇا مان ڇا ٿي سگھي ٿو.“
بهرحال ان ۾ سڄو ڏوهه ماڻهن تي ٿاپڻ صحيح نه آهي جو انگلنڊ يا اتراهن ۽ ڏاکڻين ٿڌن ملڪن جا ماڻهو جي هنن ٽراپيڪل ملڪن ۾ اچن ته انهن سان به ذري گھٽ اهڙي ئي ويڌن ٿئي ۽ اسان جا ماڻهو، جڏهن انهن ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا يا هي جهاز جڏهن ٿڌن ملڪن ۾ پهچن ٿا ته ڏسندي ئي ڏسندي اسان جي ماڻهن جي پورهئي جي رفتار۽ Efficiency ايترو وڌيو وڃي، جو تعجب ٿو لڳي. اسان جي ملڪن ۾ به اهو ڏٺو ويو آهي ته سياري ۾ ۽ اونهاري ۾ جن آفيسن ۾ ايئرڪنڊيشن لڳل آهي ته ڪم جي آئوٽ پٽ ۾ ڪافي فرق اچيو وڃي جو ايئر ڪنڊيشن هوا کي ٿڌو ۽ گھم کان صاف ٿو ڪري.
دنيا جي نقشي کي ڏسبو ته دنيا جي غريب ملڪن کي گرم هوا ۾ گذارو ڪرڻو پوي ٿو. بلڪ گرم هوا وارا ملڪ ڊيولپمينٽ جي خيال کان غريب آهن. (اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجھه عرب ملڪ، انڊونيشيا وغيره هينئر تيل نڪرڻ ڪري راتو رات امير ٿي ويا آهن. فقط پئسي ۾). اها گرم ۽ گھميل هوا جيڪا پورهيت جي Productivity گھٽائي ٿي، پر بيماري، گاهه (جيت جڙا) ۽ ماڻهو (آدمشماري) وڌائي ٿي.. شايد سندس ترقي پذيرائيءَ جوئي سبب آهي....... منهنجي خيال ۾ ته:
”انڊونيشيا، فلپين، سريلنڪا، هندستان (ڏکڻ هندستان خاص ڪري) بنگلاديش، برما، پاڪستان، عرب ملڪ، آفريڪا کنڊ جا ان پٽي تي آيل ملڪ، اڳتي وچ آمريڪا جا ملڪ: پاناما، گئاٽمالا، نڪرا گئا، اڪيڊار، بولويا، پيرو وغيره سڀئي ملڪ هڪ ئي پٽيءَ تي آهن ۽ سڀني ملڪن جي گرم ۽ گھميل هوا جي ڪري هڪڙو ئي حال آهي. سائوٿ آفريڪا ۽ روڊيشيا جيتوڻيڪ آفريڪا ۾ آهن، پر اتي جا ماڻهو سست نه آهن، ڇو جو اهو حصو خط استوا کان گھڻو پري ڏکڻ ۾ آهي، جيترو ترڪي، اٽلي اسپين ٻئي پاسي آهن. سائوٿ آفريڪا جي شهرن: ڪيپ ٽائون، ايسٽ لنڊن وغيره ۾ ته جولاءِ آگسٽ ۾ ايترو ئي سيءُ پوي ٿو، جيترو ڊسمبر جنوريءَ جي مهينن ۾ نيويارڪ، فلڊلفيا، تاشقند، مئڊرڊ ۽ پيڪنگ ۾.“
هڪ سائنس جي رسالي ۾ پڙهيو هوم ته گرمي پايو ڪيميڪل Biological Cycless ۽ Biochemical Reactions وڌائي ٿي. انهيءَ ڪري گرمي ۽ گھم ۾ ٻنين ٻارن جا جيت جڙا ٿين ٿا، جيڪي فصلن کي ۽ گدامن ۾ رکيل مال کي چٽ ڪريو ڇڏين. نتيجي طور اهي نقصان به مٿين ملڪن جي ئي قسمت ۾ آهن.
گرميءَ کان علاوه مٿين ٽراپيڪل ملڪن جو مسئلو اڻپورو مينهن به آهي. مٿين غريب ملڪن ۾ يا ته تمام گھڻو مينهن پوند؛. جيئن ملايا، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، ڏکڻ هندستان ۾. يا ته وري مينهن نه برابر پوندو. جيئن مصر، پاڪستان، هندستان جو راجستان وارو حصو، چين، روس جو ڏاکڻو حصو (گوبيءَ جو رڻ پٽ وغيره)، سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻيا عرب ۽ آفريڪا جا ملڪ.... (صحرا بيابان جي هيٺيان مٿان وارا). مٿين ترقي پذير ملڪن ۾ گھڻو ڪري سوڪڙ هوندي آهي ۽ مينهن وسندو به ته هڪ ئي وقت لڳاتار نارا ٿي جيڪا پڻ خراب ڳالهه آهي. مثال طور اتر نائجيريا ۾ سوڪڙ لڳي پئي هوندي، سڄي سال جو مينهن چند ڏينهن ۾ هڪ انچ في ڪلاڪ جي حساب سان وسي ماڳهين ٻوڙ ٻوڙان ۽ نقصان ڪري ويندو ۽ جاوا ۾ ته اڍائي انچ في ڪلاڪ جي حساب سان وسي ٻنيون ٻارا لوڙهي ويندو آهي. اهڙي قسم جي مينهوڳي جرمني، سئٽزرلينڊ، ڪئناڊا، امريڪا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره ۾ نه ٿي ٿئي. جاوا جيترو مينهن جيتوڻيڪ جرمنيءَ ۾ به وسي ٿو، پر هڪ ئي وقت، ماڻهن، گھرن ۽ ڌرتيءَ سان يڪ ساهي راڱا ڪرڻ بدران، ڌيرج سان ڦڙ ڦڙ جي صورت ۾، ساهين سان سڄو سال وسندو رهي ٿو.