مهربان محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ادبي دنيا جي هن معروف هستيءَ جا شاعري، افسانا نويسي، ناول، تاريخ، تنقيد، تحقيق، سوانح ۽ لطيفيات کانسواءِ ٻين موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب آهن، جن جي ڳاڻيٽي جي برعڪس فقط چند ڪتابن جو بہ جيڪڏهن ڳوڙهو اڀياس ڪجي تہ ڄاڻ پوندي تہ هن جنهن بہ موضوع کِي هٿ لاٿو، انهيءَ سان پورو پورو انصاف ڪيو. چاهي اها سنڌ جي ادبي تاريخ هجي يا”لطيفيات“، ”شيخ اياز جي شاعريءَ جو مطالعو“ هجي يا ”ڪٺمال“. سندس پوري حياتي قلم ۽ ڪتابن سان سلهاڙيل هئي. سندس ڪيل علمي ۽ ادبي پورهئي جي لاٽ ڪڏهن بہ نہ اُجھامندي. جيسيتائين سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي ويندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو نالو قائم ۽ دائم رهندو.
ڊاڪٽر صاحب کي مطالعي سان بي انت پيار هو. جنهن جي ڄاڻ سندن قائم ڪيل ذاتي لائبريري ”دارالسلطانيہ لائبريري“ مان پوي پيئي. سندن نظر ۾ ڪتابي علم فقط پڙهڻ نہ پر پرکڻ، پروڙڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ آهي. انهيءَ ڪري ٻين ادبي صنفن ۾ لکندي لکندي سندن لاڙو ترت تحقيق جي ميدان ڏي مڙي ويو ۽ تحقيق ۽ تنقيد بہ جهڙي تهڙي نہ بلڪہ هُو هڪ اهڙو محقق/نقاد هيو، جو جيستائين ڪنهن بہ تحقيقي ڪم جي ڇنڊ ڇاڻ مان مڪمل طور مطمئن نہ ٿيندو هو، تيستائين ڪوبہ نتيجو ڏيڻ پسند نہ ڪندو هو.
ڊاڪٽر صاحب جي عالماڻي نوعيت جي ڪم ۾ هڪ وڏو ڪارنامو لطيف شناسيءَ جي پروڙ آهي.
شاھ ڀٽائيءَ سان عقيقدت ۽ محبت ۽ ان جي آفاقي ڪلام جي ڪيفيت کي سمجھڻ ۽ انهيءَ جي اونهائيءَ ۽ موسيقيت کي محسوس ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر جبار کي وڏو ڪمال حاصل هيو. هن لطيفي ڪيف جي سرور کي پنهنجي اندر ۾ اوتيندي ڪيترائي مقالا، مضمون، تقريرون ۽ تحريرون پيش ڪيون. لطيف شناسيءَ جي حوالي سان سندس ڪم کي سنڌي ادب ۾ اهميت حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب شاھ سائينءَ جي حياتي، ڪلام، ان جي ترتيب، لغت، شاھ جي شاعريءَ جو فلسفو، موسيقي، مطلب تہ گھڻن رخن تي لکيو. هن ڏس ۾ مڪمل ڪتاب لکيا ان کانسواءِ سندن نگرانيءَ ۾ تيار ٿيل پي.ايڇ.ڊي ٿيسز خاص اهميت رکن ٿيون. جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفىٰ کهڙو جا تحقيقي مقالا آهن. کين چڱيءَ پر ڄاڻ هئي تہ اڃان تائين لطيفي فن جا ڪهڙيون ڪنڊون پاسا رهيل آهن، جن تي روشني وجھڻ جي اشد ضرورت آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جي لکيل لطيفي فن ۾ اهم ڪتاب ”ڪنز اللطيف“، ”لطيفيات“، ”ببليو گرافي شاھ تي لکيل ڪتابن جي“، ”شاھ جي رسالي جومطالعو“، ”ڪشف الاَبيات“ آهن. ان کانسواءِ سندن مقالن جي اهم ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ صفحي 141 کان 284 تائين لطيفيات جي موضوع تي مضمون ۽ مقالا آهن. ڪنزاللطيف جي مختصر ڪتاب ۾ شاھ جي ڇاپي رسالن تي بحث ڪيل آهي ۽ خاص طور ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي کي مڃتا ڏنل آهي. 1947ع کان پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪم کي مڃتا ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر جبار اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻ وقت بہ وقت هن رسالي تي ٿيل ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي تنقيدن تي بحث ڪيو اٿن. لطيفيات ڪتاب 1977ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپايو، 156 صفحن جي هن ڪتاب ۾ شاھ جي رسالي جي قلمي نسخن، رسالي جي مختلف ايڊيشنن، شاھ جي رسالي جي چونڊ ڪلام ۽ جدا جدا ڇپيل سُرن جي ڄاڻ آهي تہ گڏ شاھ جي سوانح عمريءَ جي باري ۾ ڇپيل ڪتابن ۽ مختلف مخزنن، خاص نمبرن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مقالن جي فهرست سان گڏ سنڌي، اردو، فارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ڇپيل مواد جي معلومات موجود آهي. ”ببليوگرافي شاھ تي لکيل ڪتابن جي“ ڪتاب جنوري 2000ع ۾ پهريون دفعو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو، جيڪو مٿيئن ڪتاب جي وڌيل صورت ۽ ڪجھ نئين مواد تي مشتمل آهي.
”شاھ جي رسالي جو مطالعو“ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اهم موضوع ذڪر ڪيل آهن. گھڻا موضوع اهڙا آهن، جن تي اڳ ڪڏهن بہ قلم نہ کنيو ويو آهي، جيئن ”شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز“، ”شاھ جي بيتن جي تلاش“، ”حامي هادي هاشمي“، ”پدمڻي“، ”شاھ جي ڪونج“، ”رسالي بابت ٻہ اکر“، ”لطيف شناسي پس منظر ۽ تحقيق لاءِ ڪي اهم پهلو“، ”سُر ڪاموڏ جي موسيقي“، ”رامڪليءَ جي موسيقي“، ”راڻو: هڪ ڳائڻي“، ”شاھ جي بيتن جي تلاش“ ۽ چند ٻيا آهن. هنن ايڪٽيهن مضمونن ۽ مقالن ۾ موضوعن سان انصاف ڪيل آهي. مضمون ”تهڙو ڪينجھر ۾ ڪين ٻيو جھڙي سونهن سندياس“ ۾ لکيو اٿن تہ:
”'ڪينجھر' نهايت ئي باوقار، پر معنىٰ ۽ رومان پرور آهي. نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي رومانوي داستان سان منسلڪ هي لفظ ڪينجھر ڍنڍ جي حوالي ۽ مناسبت سان ئي عام ٿيو. هونئن نوري ڄام تماچيءَ جو قصو راڳ ڪاموڏ ۾ ڳايو ويو ۽ ڪينجھر هن روماني داستان جي سرزمين آهي. ڍنڍون تہ ٻيون گھڻيون پر ڪينجھر جي اهميت عشقيہ داستان جي وينيو (Venue) جي ڪري آهي. ڪينجھر جو موضوع نهايت ئي وسيع آهي. ڪينجھر هڪ ثقافتي ايڪو ۽ زندگيءَ جي شاهراھ جو هڪ پيچرو بہ آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ هن داستان کي لازوال بنائي ڇڏيو. هن سونهن، سچائي، نهٺائي ۽ سادگيءَ جو هڪ عملي داستان پنهنجن لفظن ۾ امر بنايو“. (1)
”پدمڻي“ مضمون ۾ سڄاڻ عورتن لاءِ مقرر ڪيل چار قسمن پدمڻي، چترني، سکڻي ۽ هسڻي مان سَسئيءَ کي پدمڻيءَ جو درجو ڏيندي چوي ٿو تہ:
”اکين سان اسان تہ نہ سهڻيءَ کي ڏٺو نہ ليلىٰ ۽ مومل کي، نہ نوريءَ کي، نہ سورٺ ۽ مارئيءَ کي شاھ صاحب جا واقفيت ڪرائي آهي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهبو تہ شاھ جي سورمين ۾ مارئي، نوري، سورٺ، پدمڻيءَ جي پدتي هونديون. ليلىٰ ۽ مومل جو درجو چترنيءَ وارو آهي. سهڻيءَ جو درجو بہ ڪجھ اهڙو آهي. اهو حُسنِ ظن رکي چئي سگهجي ٿو يا رسالي جي ڏنل رهبريءَ مان ڄاڻون، پر سسئي بيشڪ پدمڻيءَ جي درجي تي سرفراز آهي“. (2)
لطيف شناسيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو هڪ ٻيو اهم ڪارنامو ”ڪشف الابيات“ آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب جي جدا جدا رسالن جي بيتن جي ڏسڻي ڏنل آهي. هيءُ هڪ ڪٺن ۽ نرالو تحقيقي ڪم شمار ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جون ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون نہ وسارڻ جوڳيون آهن. سيد مظهر جميل سندن تحقيقي محنتن کي مڃتا ڏيندي لکيو آهي تہ: ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هڪ اعلىٰ پايي جو محقق آهي. سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (ٽي جلد) هڪ معياري تحقيقي ڪاوش شمار ٿئي ٿو نہ فقط جداگانہ موضوعن پر تفصيلي ادبي مطالعي جي صورت ۾ مفيد نتيجا باهم فراهم ڪرڻ جي صورت ۾ هيءَ تصنيف اعلىٰ مقام تي فائز آهي“. (3)
شوڪت حسين شورو لکي ٿو تہ: ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي زبان جو هڪ وڏو اديب، عالم ۽ محقق آهي. سندس هڪ اهم خاصيت اها آهي تہ هن ادب جي گھڻو ڪري سمورين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ادبي حيثيت گھڻ پاسائين آهي“. (4) مطلب تہ سنڌي ادب جي هن مهربان محقق جون علمي ۽ ادبي خدمتون ادب ۾ معتبر مقام رکن ٿيون، جيڪي ڪڏهن بہ رائيگان نہ وينديون.
حوالا
1. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ”شاھ جي رسالي جو مطالعو“، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2005ع، صہ-203.
2. ساڳيو حوالو، ص 127.
3. سيد، مظهر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪيڊمي بازيافت، ڪراچي، 2007ع، صہ-1070.
4. شورو، شوڪت حسين: جوڻيجو ڊاڪٽر، ”ڪٺمال“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2002ع، ص-2.