سنڌ محبت جي سرزمين آهي
سُوريءَ سپرينءَ جي، چَڙھُ تہ ٿيين چانگُ،
عشق آهي نانگُ، خَبَرَ کاڌنِ کي پوي.
(17-6، يمن ڪلياڻ)
”سنڌ محبت جي سرزمين آهي“ جي موضوع جي وضاحت کان اڳ ضروري آهي تہ اهو ڏسون تہ محبت ڇا آهي؟ ۽ محبت جي دلي جذبي جي انساني حياتيءَ جي گذر ۾ ڪهڙي اهميت آهي؟ ڇا محبت ۾ اهڙي طاقت آهي جو اها بقا جي حيثيت ماڻي سگهي؟ اچو تہ محبت ۽ نفرت جي تفاوت کي پرکيون ۽ اهو ڄاڻون تہ سنڌ جو خطو محبت جي مڻيا سان ڪيئن واڳيل آهي؟
”محبت“ انساني ڪردار جي هڪ اعلىٰ وصف ۽ ”خداشناسيءَ“ جو ذريعو آهي. رحم دلي، عفو و درگذر، سچائي ۽ اخلاص محبت جا ٿنڀا آهن، جن سان ماڻهو باڪردار ٿي انسانيت جي تعمير ڪري ٿو ۽ انسانيت جي خدمت ئي خدا پاڪ جي عبادت آهي. هيءُ اهو فهم آهي، جنهن سان بنا روزن نمازن جي ”پرين پسڻ“ سهل آهي. حضرت عيسىٰ عليہ السلام موجب تہ: ”جڏهن تون پنهنجي انسان ڀاءُ کي پيار نٿو ڪرين، جنهن کي تو ڏٺو آهي تہ تون اڻ ڏٺي خدا کي ڪيئن ٿو پيار ڪري سگهين؟“
سهڻي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ، ”دل ڏيئي دل وٺڻي آهي“، سو پيار مان ئي پيار پيدا ٿئي ٿو. ڌڻيءَ سڳوري بہ پنهنجيءَ عبادت ۾ ذڪر کي افضل ۽ پنهنجيءَ ياد کي مشروط ڄاڻايو آهي. قرآن پاڪ ۾ آيل آهي تہ:
فَاذۡ کُرُوۡنِيۡ اَذۡکُرُ کُمۡ (سورٰة البقره: آيت 152، رڪوع 2)
(ترجمو) پوءِ توهين مون کي ياد ڪريو تہ آءٌ اوهان کي ياد ڪريان.
محبت جي آفاقي جذبي کان سواءِ معرفت ماڻڻ محال ۽ محبت ئي سڀني دردن جي دوا ۽ وصال جو سچو وسيلو آهي تہ بقا جو پروانو پڻ. محبت ۽ نفرت جا ٻيئي جذبا هڪٻئي جو ضد آهن، محبت پاڪ روحاني ۽ لطيف احساس تہ نفرت دنيا پرستين جي غلاظتن جو ڪارو نقاب، محبت جي الهامي جذبي جي ابتدا تہ پوريءَ دنيا جي قائم ٿيڻ جو ثبوت آهي. انسان سان ڌڻيءَ سڳوري جي محبت ۽ ابليس جي آدم عليہ السلام سان بي انتها نفرت ڪل ڪائنات کي وجود ۾ آندو. حقيقت ۾ محبت جي بيمثال قوت جو انت نہ آهي ۽ محبتين جا ميڙا ئي ڪل عالم ۾ خوشبو پکيڙين ٿا.
هَنج مڙوئي هَنج، ميرو منجھن ناھ ڪو،
جتي رهن سنجھ، سو سَرُ ڪَن سرهو.(شاھ ڪريم)
ازل کان ئي نبين، پيغمبرن، ولين مبلغن، رهبرن، رهنمائن، اديبن، شاعرن مطلب تہ هن ڌرتيءَ جي اڪابرن ماڻهن کي محبت ۽ پيار جا درس ڏيندي نفرت کي ڌڪار جوڳو ۽ محبت کي سونهن ۽ سچائي سڏيو آهي. جنهن کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ هر ڌرتي واسيءَ جي اهم ضرورت آهي.
Beauty is truth, truth beauty. That is all.
Ye, know on earth, and all Ye need to know.
دنيا جا سڀ فلاسفر، شاعر، اديب ۽ رهنما انهيءَ موقف جا آهن تہ جيون جو بنياد فقط ۽ فقط محب، سچ ۽ اخلاص جي سونهن تي مبني آهي. محبت جو سچو جذبو ئي آهي جو انساني حياتيءَ کي سنئين دڳ تي لائي ٿو. سقراط، ارسطو، افلاطون، پلئٽو، والٽيئر، شيڪسپيئر، ٽالسٽاءِ، شيلي، ڪانت، ڪارل مارڪس، سرلزيس، لائوزي، ايزرا، ڪنفيوشس، گردجيف، جي ڪرشنا مورتي، ڪاليداس، گوتم ٻڌ، جلال الدين رومي، ابونصر فارابي، حافظ شيرازي، مولانا جامي، سعدي، خيام، ابن سينا، رازي، محمد بن يحيىٰ، زڪريا، جنيد بغدادي، دوالنون مصري، بايزيد بسطامي، داتا گنج بخش علي هجويري، سيد بختيار ڪاڪي، بابا فريد شڪر گنج، خواجہ معين الدين چشتي، (خواجہ غريب نواز)، خواجہ حسن بصري، بيبي رابعہ بصري، حسين بن منصور حلاج، محي الدين ابن العربي، نظام الدين اولياء، سليم چشتي، مجدد الف ثاني، شاھ ولي الله، قلندر شهباز، قاضي قادن، مخدوم محمد زمان، شاھ ڪريم، شاھ لطف الله قادري، شاھ عنايت شهيد، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀائي چين راءِ سامي، غالب، علامہ اقبال، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ ٻين ڪيترن جي پيغام ۾ پيار جي پرچار آهي. مٿي ڄاڻايل هنن ڏاهن جي تعليم جا اثر سنڌ جي خطي تي پيا ۽ ڪافي شخصيتون تہ سڌوسنئون هن ڌرتيءَ سان واسطو رکندڙ آهن.
سنڌ جي سرزمين جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. ننڍي کند جي هن اهم خطي جي جاگرافيائي پکيڙ صديون اڳ وسيع ايراضيءَ تي مشتمل هئي. موهن جو دڙو، هڙاپا، آمري، ڪوٽ ڏيجي، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ ٻين قديم ماڳن جي کوٽائيءَ سنڌو ماٿر (Indus Valley) جي سڀيتا (Civilization) تي روشني وڌي آهي. جاگرافي دانن، تاريخ دانن، آڪيالاجيڪل ماهرن موجب هزارين ورهيہ پراڻي هن پرڳڻي جي تهذيب سڌريل رهي آهي ۽ سنڌ جا هر دور ۾ مختلف ٻولين ۽ تهذيبن سان لاڳاپا رهيا آهن. ڪيترين قومن جيئن آرين، يونانين، ايرانين، عربن، ارغونن، ترخانن، انگريزن ڪاهي اچي هتي قبضو ڪيو تہ موجودہ وقت بہ ڪيترائي برمي، بنگالي، افغاني، سوڊاني، آفريڪي، پنجابي ۽ پناھ گير هتي آباد ٿيا آهن. مطلب تہ ڪي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڏتڙيل (IDPS) آهن تہ ڪي هتي جي ڏيھ ڌڻين جا تخت تاراج ڪري قبضو ڪري آيا آهن تہ بہ لالچ لوڀ کان پري صوفياڻي مزاج سنڌين کين هر دور ۽ هر وقت جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. صوفين ۽ ولين جي هيءَ سرزمين ملٽي نيشنل ماڻهن جو ماڳ هوندي بہ خاص طور سنڌي قوم ۽ سنڌو درياءَ جي حوالي سان سنڌ جي سرزمين سڏجي ٿي، جنهن جي فضائن ۾ سُونهن ۽ سرهاڻ آهي، جنهن جي شناخت لطيف جون وايون، ساميءَ جا سلوڪ ۽ سچل جا سڏ آهن، جنهن جي بقا سنڌوءَ جي امرت ڌارا آهي.
صدين کان مان ۽ شان سان قائم هن زمين جا رهواسي محبت/پيار جي عظيم طاقت سان مالامال آهن. پاڪستان جي هن صوبي واسين جو خمير محبت جي مٽيءَ مان ٺهيل آهي. سندن فطرت ۾ سادگي، نيڪ نيتي، مهمان نوازي، امن پسندي، رحم دلي، فرض شناسي، قرباني ۽ پيار جا جذبا موجود آهن. ماڻهپي وارين اهڙين سهڻين خاصيتن سبب مٿن قدرت بہ مهربان آهي.
هن ڌرتيءَ تي پيار جي ٻج جو ڇٽجڻ ۽ ان جي وڌڻ ۽ قائم رهڻ جا ڪافي سبب هوندي بہ چند اهم سبب جيڪي آهن، انهن ۾ سنڌ خطي جي زرخيزي، تهذيبي ۽ تمدني روايتون/روحانيت/مذهب ۽ ماڻهپي جون خوبيون آهن.
سنڌ سونهاري قدرتي نعمتن سان مالامال آهي. هنري، معدني ۽ زرعي طور نوازيل هن خطي جي وڌڻ ويجھڻ، سائي ۽ سرسبز ٿيڻ ۾ فطرت جو وڏو هٿ آهي. انيڪ قومون هتي اچي آباد ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن تہ بہ هن ڌرتيءَ جي بقا جو بندوبست رب پاڪ ڪندو اچي. قدرتي آفتن کان هن زمين جي ٽڪري کي صوفين ۽ نيڪ نيت واسين جي صدقي بچائيندو اچي. هن سرزمين ۾ سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيبي ارتقا جون ڪڙيون، روحانيت جون روايتون ۽ تجربا موجود آهن. انيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ مختلف ثقافتي ۽ تهذيبي پس منظر رکندڙ قومون ۽ ماڻهو هتي اچي رهيا آهن تہ بہ سنڌي قوم ۽ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت هن پرڳڻي جي سڃاڻپ رهي آهي. پيار ۽ عشق جي داستانن، تمثيلي قصن ۽ واقعن کي هن ڌرتيءَ تي هر دور ۾ هينئين سان هنڊايو ۽ ڳايو ويو آهي.
هتي جون تهذيبي ۽ تمدني روايتون ايتريون تہ مضبوط رهيون آهن، جو انهن عوام جي ذهنن ۽ دلين تي سڌو سنئون اثر قائم رکيو آهي. شاعرن، سگهڙن ۽ ڀانن طرفان بيان ڪيل عشق ۽ محبت جي لازوال داستانن، جيئن ”سهڻي ميهار“، ”سسئي پنهون“، ”سورٺ راءِ ڏياچ“، ”مومل راڻو“، ”ليلىٰ چنيسر“، ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ٻين قصن هتي جي ماڻهن جي دلين تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. ”هٿين هٿ ڪڙول، پيرين زنجيرون“ هوندي بہ باضمير مارئي سون تي سيڻ نٿي مٽائي سندس هڪ ئي صدا آهي تہ ”مُيائي جياس جي وڃي مڙھ ملير ڏي“. محبت، وفا، قرباني ۽ همت جهڙين وصفن کي ڳائي سنڌ جي صوفين ۽ شاعرن سنڌين جو هڪ محبتي مزاج ٺاهيو آهي. مٿين داستانن کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي عشقيہ قصا عام جي زبانن تي رهيا آهن، جيڪي ڪچهرين محبتي ميڙاڪن، سماع جي محفلن جي سونهن هئڻ سان گڏ سنڌي علم و ادب جو اهم حصو آهن.
حقيقت ۾ ڪنهن بہ ملڪ/رياست جي ترقيءَ جو دارومدار مذهب ۽ تهذيب تي هوندو آهي، جن ٻنهي ۾ بہ تهذيب جو شمار پهرين درجي تي ٿئي ٿو. مذهب سان بہ ماڻهو واڳيل تڏهن ٿيندو، جڏهن منجھس مهذب هئڻ جون خاصيتون هونديون، يعني ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. جن جي وڌڻ ويجھڻ ۽ صحيح عمل ۾ اچڻ لاءِ ”روحانيت“ جي خاص اهميت آهي. روحانيت ئي ماڻهوءَ کي ڳنڍڻ ۽ جُڙڻ سيکاري ٿي. ماڻهوءَ جا احساس ۽ جذبا عملي روين ۾ ظاهر ٿين ٿا. جيڪڏهن سندس سرير ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ نٿو سکي تہ هو ”لوامه“ قوتن جي حوالي ٿي ”فوق البشر“ جي بجاءِ هڪ عام انسان ٿي وڃي ٿو. روحانيت ماڻهنجي اندر ۾ محبت جي جذبي جو ٻج ڇٽي ٿي. محبت جو تعلق دماغ جي بجاءِ دل سان آهي ۽ دلي جذبو/روحاني قوت کي وڌائڻ ۾ ڪارگر هوندو آهي. انصاف، سچ، فلاسافي، ڏاهپ، گيان ۽ پيار جهڙين قوتن ۾ ئي روحانيت جو بنياد پوشيدہ آهي، جيڪڏهن اسين هن سرزمين جو جياپو محبت، سڪون ۽ امن وارو چاهيون ٿا تہ اسان کي مذهب ۽ تهذيب جي واڌاري لاءِ روحانيت کي وڌائڻو پوندو. جيڪو هن مشيني دور ۾ ناممڪن نہ تہ مشڪل ضرور آهي.
جڏهن انسان، انسانيت جي ڀلي ۽ هن ڌرتيءَ جي سک ۽ امن لاءِ ابو بن ادهم جيان ”پرينءَ جي پيارن کي پيار ڪري سندن خدمت ڪندو“ تڏهن ئي سندس دل صحيح معنىٰ ۾ روحانيت ڏانهن مائل ٿيندي. ديني عبادتن سان تہ فقط ايمان اجري ٿو، پر ماڻهوءَ جو من اجري اوجل تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو بي غرض ٿي ٻين جي خدمت ڪري. حديث پاڪ ۾ آهي تہ:
خَيۡرُالنَّاسِ مَنۡ يَّنۡفَعُ النَّاسَ
(ترجمو) توهان مان چڱو ماڻهو اهو آهي، جيڪو ٻين لاءِ ڀلائيءَ وارو هجي.
مطلب تہ فاني انسان جي بقا فقط انسانيت جي بچاءُ ۾ آهي. جيڪا هو پيار ۽ محبت جي پکيڙڻ سان حاصل ڪري سگهي ٿو. کيس هن سنسار جي سونهن ۽ جٽاءَ تي سوچڻ گھرجي جَرَ تي ڦوٽو جيئن جهڙي جيون کي دائمي بنائڻ لاءِ بقا ۽ فنا جي فلسفي تي جڏهن غور ڪبو تہ پوءِ من از خود نيڪ ۽ مثبت لاڙن ڏانهن مڙندو ۽ پوءِ ئي روحانيت جي سکيا عمل ۾ ايندي.
سنڌ جي صوفين، ولين، روحاني رهبرن هتي جي تهذيب ۽ تمدن ۾ قوم جي اجتماعي وجود جي بچاءُ جو پيغام روحانيت وسيلي قائم ڪيو آهي. هن ڌرتيءَ تي ڌارين جي ڪاهن، خونريزين ۽ رتوڇاڻن جي باوجود بہ هنن عام ماڻهن جا اعتماد بحال ڪيا. کين فرقيواريت ۽ انتهاپسنديءَ جي لاڙن کان بچايو آهي. محبت، مروت ۽ خلوص جي جذبن سان کين مالامال ڪري پنهنجين انفرادي ڪوششن سان هن سرزمين جي اجتماعيت کي سنئين دڳ تي لاتو آهي.
وَڳر ڪيو وَتَنِ، پِرت نہ ڇننِ پانَ ۾،
پَسو پَکيئڙن، ،ماڻهنئان ميٺ گھڻُو. (5-4، سُر ڏهر)
تهذيبن جي ترقيءَ، تعمير ۽ مستقل روشن ۽ پائندہ رهڻ جو هڪ اهم وسيلو ٻڌيءَ سان گڏ پيار جي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ آهي. ڪيتريون ئي انساني تهذيبون تاريخ جي تختيءَ تان ميسارجي ويون، سي فقط وحشياڻن عملن، بداخلاقين ۽ نفرتن جي پرچار ڪري، انساني تهذيب جي تاريخ ۾ ڪڏهن بہ اهڙين قومن کي چڱن لفظن ۾ ياد نہ ڪيو ويندو آهي ۽ نہ ئي انهن جي اڳواڻن ۽ انسانيت جي قاتلن کي قارون، نمرود، فرعون، هٽلر، هلاڪو، چنگيز خان، يزيد ۽ ٻيا انهن جهڙا ڀلي اقتداري رهيا ۽ وقتي سک ماڻيائون پر هميشہ جي ڦٽڪار ۽ ڌڪار سندن مقدر رهي آهي.
جي ظلم ڪري ظالم، وقتي کٽي ٿو،
سدا مينهن نفرت جو، ان تي وسي ٿو،
جي مظلوم اصولن تي ڪٽجي مري ٿو،
سدا مينهن محبت جو اُن تي وسي ٿو. (استاد بخاري)
روحانيت جي وڌڻ ويجھڻ ۾ مذهب پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪري ٿو؟ انهيءَ لاءِ اسين اهو چئي سگهون ٿا تہ دنيا جي سڀني الهامي ڪتابن جو مول متو مفتي منجھ ويهاري، من جو محاسبو ڪرڻ، روحانيت جي حاصلات، دنيا جي وهنوار ۾ سچائي ۽ سٺائيءَ جي پرچار ۽ پيار ونڊڻ ۾ آهي. انهيءَ تي جن دل سان عمل ڪيو، سي (Legend) مهان ماڻهو ناممڪن کي ممڪن بنائي تڙپندڙ انسانيت جي خدمت ڪري امر ٿي ويا. وٽن پيار، سچائي، سونهن، قرباني، اخلاص ۽ انصاف مٿانهون رهيو تہ ظلم، بيدردي، بي رحمي، بڇڙائي ۽ برائي نفرت جوڳي رهي.
تاريخ شاهد آهي تہ دنيا جا سڀ مذهب محبتن، نيڪين ۽ اخلاقي قدرن جي پرچار ڪندڙ رهيا آهن. بيشڪ اهي سڀ مذهب ماڻهن کي الڳ الڳ فرقن ۾ تہ ورهائين ٿا، پر سڀني مذهبن جون فلاسافيون ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ سيکارين ٿيون. ڪنهن بہ مذهب ۾ نفرت جي سکيا شامل ڪونهي، بلڪہ انهن ۾ عبادت، يقين جي قوت، گيان، محنت ۽ محبت کي افضل ڄاڻايو ويو آهي، جيڪي ڀلائيءَ ڏانهن راغب ڪن ٿا. دنيا جي مذهبي ڪتابن جيئن: ”قرآن پاڪ“، ”توريت“، ”انجيل“، ”زبور“، ”ويد“، ”پراڻ“، ”اپنشد“، ”رامائڻ“، ”مهاڀارت“، ”گيتا“، ”دمپد“، ”ڪلپ سوتر“، ”ٽين ڪمانڊمينٽ“، ”گروگرنٿ“، ”تاڻويہ چنگ“، زينڊ اويستا“، ”بوڪ آف اسپرنگ“ ۽ ”آٽم“ وغيرہ جو هڪ ئي مقصد آهي دان، ديا، عبادت، اندر جي سچائي، صفائي ۽ پيار ونڊڻ. اسين پالڻهار کي ”رب پاڪ“ چئون يا ”گاڊ“ (God) يا ”ايشور“ چئونس، هو سڀني جي سڏ تي پهچي ٿو، فقط دل جو سچو پچو تعلق کپي.
ڌرمي طور سنڌ خطي جي قديم تاريخ ۾ ويدن، مهاڀارت، رامائن ۽ اپنشدون هتان جي ماڻهن کي پئي متاثر ڪيو آهي. ڪرشن ڀڳتي، رام ڀڳتي، ناٿ پنٿني ۽ نرگن واد هندي ادب ۽ شاعريءَ جون تحريڪون رهيون آهن ۽ عرب دور يعني اسلام اچڻ کان پوءِ هن خطي ۾ سماع ۽ ذڪر جا سلسلا شروع ٿيا، جن جو سنڌ جي عوام تي تمام گھڻو اثر ٿيو. سنڌ جي پکيڙ وسيع هئڻ سبب سنڌ جا ذاڪر ۽ قوال ملتان ۽ لاهور تائين پهتا، جو شيخ فريد شڪر گنج ۽ غوث بہاءُالدين جي دوهن ۾ سنڌي لفظ موجود آهن ۽ خواجہ فريد جو گھڻو ڪلام سنڌي نما پراڻي پنجابيءَ ۾ آهي. سنڌ جي اساسي شاعر قاضي قادن جي ڀاڻيجي ميان مير سنڌيءَ جو مقبرو لاهور ۾ آهي، جتي اڃان تائين ميلو لڳندو آهي. برِصغير جي ڪيترن مسلمان شاعرن هنديءَ ۾ شاعري ڪئي. جيئن بابا رحمان، ملڪ محمد جائسي، امير خسرو ۽ ٻيا. ڀڳت ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال، تلسي داس، ڪالو ۽ ٻين جا دوها سنڌ واسين ۾ عام مقبول هئا. مطلب تہ سنڌ ڌرتيءَ تي مختلف ماڻهن، ٻولين ۽ مذهبن جا اثر قائم ٿيا، جن جو وڏو وسيلو اهي رهبر، رهنما صوفي ۽ درويش بزرگ هئا، جن جي ڪلام ۾ پيار جا پيغام هئا. وٽن مذهبن جا ويڇا، نفرتون ۽ تفرقا نہ هئا. هنن مذهبن کي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪيو. انهن روحاني ۽ مذهبي رهبرن جو مسلڪ ظاهري مذهبي رسمن ۽ مذهبي پيشوائن جي هٺ ڌرميءَ کان هٽي ڪري اصلي طور ”پرين پسڻ“ جي منزل هو. وٽن مذهبي، اخلاقي قدرن ۾ منافقي ممنوع ۽ رياڪاري حرام هئي. پيار ۽ خلوص جي چاشنيءَ سان ”جز وڃايو جوڳئين ڪُل سين آهين ڪم“ جي مصداق هو، پوريءَ ڪائنات جي ڀلي جا حامي هئا. سندن پيغام ”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“ سان گڏ ”عالم سڀ آباد ڪرين“ آهي.
هن سرزمين جي جياپي لاءِ جن ولين ۽ صوفين پاڻ پتوڙيو، انهن ۾ حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جو نالو وڏي فخر ۽ شان سان وٺي سگهون ٿا.
”شاھ جو رسالو“ دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جو عڪس آهي. هن پيغام تي نہ ڪڏهن هندوئن کي اعتراض ٿيو، نہ ڪڏهن مسلمانن کي، نہ شيعن آواز اٿاريو، نہ سُني ڪُڇيا، نہ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ کي هن ڪلام ۾ ڪو نقص نظر آيو، نہ ئي غير سنڌين اڄ تائين هن رسالي تي ڪا تنقيد ڪئي آهي. مطلب تہ جڏهن جڏهن، جنهن جنهن ٻوليءَ ۾ بہ هن شاعريءَ کي پڙهيو ۽ پرکيو ويو آهي تہ پوريءَ ڪائنات جي لاءِ پيار جو پيام ٿي ظاهر ٿيو آهي.
”جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين“ جي دعوىٰ ڪندي هن اعلىٰ پايي جي بزرگ سنڌ واسين کي ”اهل ڪتاب“ هئڻ جي شرف سان نوازيو آهي. هو فقط شاعر نہ هو، بلڪہ سنڌ ڌرتيءَ جو رهبر، رهنما ۽ وڏي ۾ وڏو سماج سڌارڪ هو، جنهن سنڌي سماج کي ”مهذب ۽ ترقي يافتہ سماج“ بنجڻ جا طريقا ڏسيا آهن. هن چاهيو ٿي تہ، هتي جا ماڻهو آزادين جي نعمتن سان نوازيل هجن. هتي خوشحاليون ۽ خودمختياريون ڪَرَ کڻي اچن، هتي جو هر شخص مقصدي واٽ ڏانهن ڪاهيندڙ ۽ همٿائيندڙ هجي، تہ هتي محبتون ۽ محنتون مرادون ماڻين. هيءُ اهڙو سماج هجي، جتي هاريءَ جي هر کيڙڻ ۽ شاعر جي شاعريءَ ۾ فرق نہ هجي، جتي حجم، هاري، لوهار، ڪڙمي، ڪاسبي ۽ ڪنڀار جي عزت مٿانهين هجي، تڏهن ئي تہ هُن سنڌ جي عام طبقي جي معرفت محبت جا درس ڏنا.
ڪَڙو منجھ ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.
(5-2، بردو سنڌي)
هلو تہ هلون ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،
ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇِنڻ مُور نہ سکيا.
محبت جي عظمت نهائينءَ جي معرفت سمجھائيندي شاھ صاحب چون ٿا تہ:
نينهن نهائينءَ کان سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نہ نڪري.
خوديءَ کي راھ مان هٽائيندي، نياز نوڙت ۽ نينهن وڌائڻ جا سبق ڏنائون تہ محبت ۾ فنا کي ”حياتِ جاودان“ سڏيائون. ”پاڻ ۾ کڻج پاڻسين وسيلا سڀ وسار“، ”هيڪر هئڻ ڇڏ تہ اوڏي ٿيئين عجيب کي“، ”مون سين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“، ”پيڪين سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پِرَ تان“، ”سوري آھ سينگار اصل عاشقن جو“، ”ڏوريندن کان ڏور پرين پرانهون نہ ٿيئي“ ئي سندن پيغام آهي. مذهبن ۽ مسلڪن تان ٿيندڙ فسادن کي هتي هفت زبان شاعر هن ريت ٻنجو ڏنو.
مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو مُنجھايا،
شيخي، پيريءَ، مريديءَ بيحد ڀُلايا،
ڪي نوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عشق وارا عمل کي.
(سچل سرمست)
ظاهري مذهبن جي پرچار جي بجاءِ هنن روحاني طور ماڻهن جون دليون کٽي کين مضبوط ڪيو. سماع ۽ ذڪر جي سلسلن ذريعي معرفت ۽ محبت جا سنيها عام ڪيا. شاھ ڪريم ۽ شاھ ڀٽائيءَ تہ سماع کي حياتيءَ جو لازمي جز قرار ڏنو، انهن سڀني جي تعليم جا اثر اڄ بہ قائم آهن.
سنڌ جي ماڻهن ۾ محبت جي موجودگيءَ جو وڏو سبب ”ماڻهپي“ جي وصف جو هئڻ آهي. نيڪ اخلاقي وصفن جو مجموعو، جنهن ۾ پيار جي وصف سرِفهرست آهي، سو ئي ”ماڻهپو“ آهي. انسانن سان ڀريل هن دنيا ۾ ماڻهپي جي خوبي هر انسان ۾ موجود ناهي هوندي. انسان سڀ برابر آهن، پر ماڻهو سڀ برابر نہ هوندا آهن. ماڻهپي جون ڪي خاصيتون آهن، جيڪي هڪ انسان کي ٻئي کان اعلیٰ بنائين ٿيون. شاھ سائينءَ جي ئي لفظن ۾ تہ:
ماڻهو سڀ نہ سهڻا، پکي سڀ نہ هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
بهار جي ٿڌيءَ هير جھڙن ماڻهن جي ڪري مذهبي، لساني، علائقائي، نفرتون مٽجي محبتن ۾ تبديل ٿين ٿيون. دليون کٽڻ واري عظيم ماڻهپي جي قوت سان رنجشون، ڏک، ڏوراپا گھٽجي ڏورانهيون ڏور ٿين ٿيون. اهڙن ڪاڪ ڪڪوريل ڪاپڙين سان ئي هن سرزمين تي سوجھرو آهي، بلڪہ تنوير عباسيءَ جن تہ اڃان بہ ٻہ قدم اڳتي وڌي پراميد هوندي اهو چئي ويا آهن تہ:
هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،
ڄاڻي ڏس تہ سهي اڻ ڄاڻ،
هر ڪا دل درياھ،
ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار،
هر ڪو سينو سمنڊ،
تري ۾ جنهن جي ڪئي اسرار.
حاصل مطلب تہ اسين بلڪل يقين سان چئي سگهون ٿا تہ صوفين ۽ نيڪ نيتن جي هيءَ سرزمين پيار، امن ۽ سڪون جي سرزمين آهي، جنهن ۾ مختلف وقتن ۾ افراتفري ۽ بدامني بيشڪ رهيا بہ آهن، پر انهيءَ جو مقصد اهو هرگز ڪونهي تہ سنڌ جو مستقبل تاريڪ آهي. اهڙي سوچ، مايوسي، نااميدي ۽ بي همٿيءَ جي علامت آهي. هن ڌرتيءَ تي قدرت جي مهر آهي. اڄ بہ اهڙا املھ ماڻڪ موجود آهن، جي هن سرزمين کي سرڳ سمان بنائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، جيڪي مفلسين ۽ جھالتن جون پاڙون پٽڻ لاءِ ڪوشان آهن، تتيءَ ٿڌيءَ ويهڻ عبث ٿا ڄاڻن. اعلیٰ مقصدن لاءِ جيون کي انمول ڪرڻ جو امر راز ڄاڻن ٿا. اهڙن سڄاڻن جي ئي ڪري هيءُ خطو صدين کان پيار ۽ امن جو ھندورو آهي.
اچو تہ گڏجي عهد ڪريون تہ نفرتن جي پاڙ پٽي، محبتن جا ميڙا مچايون، علم، ادب ۽ تهذيبي وسيلن وسيلي لطيف جي ڌرتيءَ جي ايندڙ نسل کي محبت ۽ محنت جي سوجھري سان منور ڪريون. ناحق کان نفرت ڏياري، پنهنجي حقن جي حفاظت ڪري، امن ۽ پيار جا گل وکيريون.
(هن مضمون تي مون کي ڪينيڊين ايسوسيئيشن ۽ جَسِ جي اشتراڪ سان ٿيل پروگرام ۾ مضمون نويسيءَ جي مقابلي تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ايوارڊ ڏنو ويو)