لاڙڪاڻي جو هڪ سفر......
هڙتال ڪري شهر جا باقي تعيلمي ادارا ڀلي بند هجن، سرديءَ ڪري ٻين اسڪولن ۾ ڀلي ٽيچر ۽ شاگرد غير حاضر هجن پر هن ويران ۽ خاموش بستي ۾ هر شيءِ گهڙيال جي ڪانٽن مطابق ٿيندي رهي ٿي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کي ته فنڊ به گهڻا ئي ملن ٿا، هر وقت نيوي جو اسٽاف ۽ سهولتون به ملن ٿيون پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته لاڙڪاڻي جو ڪئڊٽ ڪاليج محدود سهولتن هوندي به نه فقط پيٽارو جي ڪئڊٽ ڪاليج جو پر پاڪستان جي سمورن ڪئڊٽ ڪاليجن جو مقابلو ڪري ٿو. ڪئڊٽن جو صحيح ڊريسڊ هجڻ، سٺو ٽرن آئوٽ، پڙهائي کان علاوه هنن جو راندين، تقريرن، بحث مباحثن ۽ مضمون نويسي ۾ پڻ حصو وٺڻ....... ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج جي هر شاگرد کي ڪاليج ڇڏڻ کان اڳ ترڻ سکڻوئي پوي ٿو...... ڪاليج کي پنهنجو بهترين سئمنگ پول آهي، بهترين جِم (Gymnastic Hall) آهي جنهن جي هر مشين ڪم ڪري ٿي ۽ بهترين لائبرري آهي..... بلڪه دي بيسٽ آهي....... پاڪستان ۾ ايڏي وڏي لئبرري ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ يونيورسٽي ۾ هجي. ڪاليج ۾ 600 کن شاگرد آهن جن کي ۽ استادن کي ڪئمپس اندرئي رهڻو پوي ٿو جيتوڻيڪ لاڙڪاڻو شهر 26 ڪلوميٽر ڪو مس آهي. پر منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه به شاگردن جي فائدي ۾ آهي ته کين پڙهائڻ وارا روزانو 25 ڪلوميٽر drive ڪري اچڻ بدران پنجن منٽن جي پنڌ تي ڪئمپس ۾ رهن ٿا. ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران اسان مختلف ملڪن کان آيل جهازن جي ڪپتانن ۽ چيف انجنيرن کي پڻ ڪئمپس اندر رکيو ويو هو. هڪ ٽيچر (اسانجي ئي ملڪ جي ڪئپٽن) شهر ۾ رهڻ جو ضد ڪيو ۽ اهو به چيو ته هو پڙهائڻ لاءِ نيول اڪيڊمي ۾ وقت تي پهچي ويندو. پرنسپال چيس ته اهو ته صحيح آهي، وقت تي ته هر صورت ۾ پهچڻو اٿئي، ويندي ملڪ جو وزير اعظم به پوري اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي، پر ڪلاڪ ڊرائيو ڪري ڪلاس ۾ پهچڻ سان تو ۾ اها تازگي نه هوندي جيڪا ڪئمپس ۾ رهڻ واري ۾ هوندي. نتيجي ۾ تون شاگردن کي سٺو ليڪچر نه ڏئي سگهندين.
لاڙڪاڻي جي ڪئڊٽ ڪاليج جا سمورا شاگرد ڪاليج جي مختلف هاسٽلن ۾ئي رهن ٿا. هيترن شاگردن جي هڪ ئي وقت هڪ ئي قسم جي ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻ ۽ هڪ ئي وقت تي کارائڻ ڪو آسان ڪم ناهي. شاگردن جا ٻه ٽي ڪمرا ڏٺم...... بيحد ٽِپ ٽاپ...... هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي..... هر هڪ لاءِ پنهنجو ٽيبل، ڪرسي، لئمپ وغيره.....
“سائين سخت زندگي آهي.....” منهنجي پڇڻ تي هڪ شاگرد چيو..... مونکي لڳو ڄڻ اهو جملو مون پهرين به ٻڌو هجي..... ڪنهن فلم يا ڊرامي ۾ نه پر ريئل لائيف ۾! ۽ اهو جملو آئون ئي ته چوندو هوس جڏهن آئون هنن وانگر ڪئڊٽ هوس.
هڪ ڏينهن شامَ جو ڪاليج جو پرنسپال مونکي لاڙڪاڻو شهر گهمائڻ وٺي هليو. ڪاليج ۽ ان جي آس پاس جو ٻهراڙي وارو علائقو جهڙو ناروي، سئيڊن..... پري پري تائين چهچ ساوڪ ۽ هوا ۾ سڳنڌ، خاموشي ۽ سڪون.....! شهر ۾ گهڙڻ سان ائين لڳو ڄڻ قاهري جي بازار ۾.... ڄڻ چٽگانگ جي “بپن بتني” مارڪيٽ ۾.... گوڙ گهمسان، ڌوڙ، ڌپ، دونهون، چنگچين ۽ ڪارن جي هارن ۽ ريڙهي وارن جي هوڪن ۾ دماغ ٿي چڪرايو. اهو به شڪر جو اسان واري ڪار هلائڻ ڊرائيور جي مٿي جو سور هو...... سپنا هوٽل، پرنس چرغا، مهراڻ آئيس ڪريم، سارنگ هيئر ڪٽ، دليپ سوئيٽس، مُون آپٽيڪل، لاڙڪاڻا بيڪري، امداد ڊينٽل..... هر جڳهه ماڻهو جا انبوهه، هر جڳهه انڪروچ مينٽ.... هر جڳهه گندگي....! منهنجي خيال ۾ اهي والدين خوش نصيب آهن جن جا ٻار شهر کان پري هن ڪاليج ۾ پڙهن ٿا. هو هڪ پولوشن فري ماحول ۾ رهن ٿا، هنن جي روزانو پڙهائي ٿئي ٿي، هنن کي راندين کيڏڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن گهٽين ۾ رُلڻ بدران هڪ سٺي ماحول ۾ وقت گذارين ٿا..... رهيو سوال ڊسيپلين ۽ سختيءَ جو سو مائٽن کي به اهو معلوم هئڻ کپي ته اهي ئي سختيون سندن ٻارن کي مضبوط ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ سيکارين ٿيون.
آچر ڏينهن صبح جو واڪ ڪندي پرنسپال جي آفيس ٻاهران لنگهيس ته بتيون ٻري رهيون هيون. اندر گهڙيس ته هو ڪم ۾ مصروف هو. “دراصل توهانجي ۽ توهانجي ٽيچرن جي محنت ۽ Devotion ڪري هن ڪاليج جا شاگرد هر فيلڊ ۾ سرخرو ٿيا آهن.” مون چيو مانس. لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج جي سٺي نالي هجڻ ڪري مونکي ڪيترن سالن کان ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. هي ڪاليج پيٽارو جي مقابلي ۾ بيحد نئون آهي پر مونکي حيرت ٿيندي آهي جڏهن هن ڪاليج جا شاگرد آرمي، ايئرفورس ۽ نيوي کان علاوه، سول سروس، ميڊيڪل ۽ انجيئرنگ جي هر فيلڊ ۾ به نظر اچن ٿا. دراصل شاگردن جي ڪاميابي...... اهو لکندي مونکي پنهنجا ڪجهه استاد ياد اچن ٿا.... عبد الله خادم حسين جيڪو پوءِ فيڊرل سيڪريٽري به ٿيو ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ کان علاوه ناول پڙهڻ لاءِ به زور ڀريندو هو.... ڪئپٽن عالم جان محسود جيڪو جرنل ٿي رٽائرڊ ٿيو، اسان کي هر وقت انگريزي ڳالهائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. “انگريزي بين الاقوامي زبان آهي.... ان بنا ترقي ڪرڻ مشڪل آهي.... ويندي عرب، جپاني ۽ ترڪ به انگريزي پويان آهن.” ۽ پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي ته اها خواهش هوندي هئي ته اسان جي زندگي جو هڪ هڪ منٽ سندس خواهش موجب گهاريو وڃي.... ۽ سندس خواهش ڇا هوندي هئي ته اسان شاگرد گهڻي کان گهڻو پڙهون به، پي ٽي پريڊ به ڪريون، رانديون به کيڏون، ترڻ ۽ گهوڙي سواري به سکون، پنهنجن ڪمرن کي صاف به رکون...... سڀ کان وڏي ڳالهه ته موڪلون ته هرگز نه ڪريون......
فرسٽ ييئر يا شايد انٽر ۾ هئاسين ته اعلان ڪيائين ته 25 ڊسمبر تي به ڪلاس ٿيندا. اسانجو ته اندر ئي سڙي ويو. عيسائي ٿي پاڻ ته ڪرسمس ڊي نٿو ملهائي اسان کي قائدِ اعظم جي جنم ڏينهن جي به موڪل نٿو ڏئي. ڪلاس جا ٽي چار چڱا مڙس، جن ۾ مونکي به شامل ڪيو ويو، پرنسپال جي آفيس ۾ آياسين. “سائين اڄ باباءِ ملت جو ڏينهن آهي اڄ اسين ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ نٿا چاهيون.”
“ڇو ڀلا...... ان سان توهان کي ڪهڙي تڪليف ٿيندي؟”
هن پڇيو. ڇا جواب ڏيونس. آخر سوچي سوچي چيوسينس:
“سائين اسان کي ته نه پر اسان جي ملڪ جي باني قائد اعظم جي روحَ کي تڪليف ٿيندي ته اڄوڪي ڏينهن تي به اسان ڪلاس پيا اٽينڊ ڪريون”
اسان جي پرنسپال در ڏي اشارو ڪري چيو:
“چڱو هاڻ هلو، هلي ڪلاس ۾ ويهو، قائدِ اعظم جي روح کي تڪليف نه پر خوشي ۽ سڪون ملندو ته سندس سست قوم محنت ڪري رهي آهي.”
لڳي ٿو ته ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن سان به ساڳيو حال آهي...... پر يقينن هي سختيون ۽ محنتون کين املهه ماڻڪ بڻائينديون.