الطاف شيخ ڪارنر

نہ سي سڙھہ سکاڻ

هي ڪتاب “نه سي سڙه سکاڻ” ناليواري سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر محترم الطاف شيخ جو سنڌ هند کان روس چين تائين جو سفرنامو آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جي اتر پاسن يعني خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سفر جو ذڪر به الطاف صاحب مخصوص انداز سان ڀيٽ ڪندي بيان ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4440
  • 881
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نہ سي سڙھہ سکاڻ

خوبصورت بندرگاهه ـــ پَاري ننگر

اسان گجرات واري ڪڇ ۽ اسانجي سنڌ جي ٿر جي حوالي سان ويراواهه ۽ ان جي بندرگاهه پاري ننگر جي ڳالهه ڪئي. اسان پهريون دفعو ويراواهه جو نالو عوامي آواز اخبارَ ۾ ڪم ڪندڙ سرڳواسي من موهن گياني کان ٻڌو جنهن جو واسطو ٿر سان هو. مون سان گڏ اسان جو ڳوٺ جو جهازران ڪئپٽن رشيد ابڙو به هو. اسان ٻنهي جو اهو رايو هو ته من موهن جنهن شهر جو نالو ويرواهه وٺي رهيو آهي اهو Verawah نه پر ويراوال (Veralwal) آهي جيڪو خود به بندرگاهه آهي ۽ ورهاڱي کان اڳ تائين اسان جا سنڌي، خاص ڪري هندو ڌرم جا پوڄا پاٺ لاءِ ڪيٽي بندر، ڪراچي ۽ ٺٽي پاسي کان ننڍين وڏين ٻيڙين ۾ ويراوال پهتا ٿي جتان پوءِ پيرين پنڌ يا اٺن تي، (بعد ۾ انجڻ جي ايجاد بعد ڪارن ۽ بسين ذريعي) سومناٿ مندر پهتا ٿي. پر من موهن ٻڌايو ته هو انڊيا جي گجرات رياست جي شهر “ويروال” جي ڳالهه نه پيو ڪري جيڪو جھوناڳڙهه ضلعي ۾ آهي، ۽ جتان سومناٿ مندر ايترو پري آهي جيترو ڪياماڙي کان بولٽن مارڪيٽ...... اٽڪل ڇهه ڪلوميٽر کن..... پر هو ان “ويراواهه” جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪو ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگر پارڪر جو شهر آهي. ويراواهه ننگر پارڪر شهر کان فقط 21 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هِتي جين ڌرم وارن جو پاري ننگر نالي مندر آهي جنهن لاءِ اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته اهو قديمي شهر پاري ننگر جو حصو آهي. پاڪستان جي آرڪالاجي ڊپارٽمينٽ وارن جو اهو خيال آهي ته ان هنڌ تي جيڪڏهن چڱيءَ طرح کوٽائي ڪئي وڃي ته هن ڊٺل شهر جي ڪيترين ئي جھونين شين سان گڏ تاريخ ۽ شهر جي Layout جي پڻ خبر پئجي سگهندي. شروع ۾ ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو جِتي قبل مَسيح 500 ڌاري پاري ننگر قائم ڪيو ويو هو. يعني 330 ق م جڏهن سڪندر اعظم سنڌ ۾ آيو ته هي بندرگاهه پنهنجي اوج تي هو. هي بندرگاهه وڏو عرصو هڪ بين الاقوامي نوعيت جو مشغول بندرگاهه ٿي رهيو جِتان مال ۽ ماڻهن سان ڀريل ٻيڙا ڪَڇَ، ڀُڄ، پير بندر، منڊالي، لنڪا ۽ جاوا سماترا ويا ٿي.
چون ٿا ته پاري ننگر زلزلي تباهه ڪيو. تاريخ فرشته موجب ابن بطوطا پڻ هِتان لنگهيو ۽ هن سامونڊي بندرگاهه کي زلزلي نه پر ايران جي بادشاهه جلال الدين خواريزا تباهه ڪيو. بهرحال هِتي جو جين مندر جيتوڻيڪ ڪافي ڊٺل حالت ۾ آهي پر ان جا عقيدتمند ايندا رهن ٿا. اسانجي حڪومت چاهي ته ان کي اصلي حالت ۾ آڻي دنيا کي آگاهه ڪري. ائين ڪرڻ سان اسان وٽ انڊيا کان ايندڙ ٽوئرسٽن جو به تعداد وڌي سگهي ٿو. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان مندر ۾ رکيل مورتيون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيندو رهي ٿو. ڪجهه سال اڳ هڪ اهڙي چوري جو احوال ميڊيا ۾ آيو هو. اها سال 2006ع جي ڳالهه آهي.
اسانجي ٿر واري علائقي ۽ گجرات رياست جي ڪڇ واري حصي کي سمجھڻ لاءِ مختصر طور اهو لکڻ ضرور سمجھان ٿو ته 17 فيبروري 1843ع تي سنڌ انگريزن جي هٿن ۾ آئي. چارلس نيپئر ان جو گورنر ٿي رهيو. گورنر جي حڪم تي ٽي هزار ٻه سئو کن جاگيردار اچي سلامي ٿيس. انهن جون جاگيرون قائم رکيون ويون، باقي ٻين جون ختم ڪيون ويون. سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو ويو. ڪراچي شڪارپور ۽ حيدرآباد. حيدرآباد جو گورنر راٿ بورن هو. ڪليڪٽوريٽ ۾ ورهايو ويو ۽ جاگيرون 24 مئي 1844ع تي حيدرآباد جي درٻار ۾ ڏنيون ويون.
پارڪر وارو اهو حصو جنهن ۾ ٻلهيار، ڏيپلو، ويراواهه، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي اچي ٿا وڃن سي ڪڇ سان ڳنڍيا ويا. ۽ ٿر حيدرآباد سان شامل ڪيو ويو. ڪڇ جو انتظام سنڀاليندڙ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس هو. هو پنهنجي مرڪز ڀڄ (Bhuj) ۾ رهندو هو، برسات جي ڏينهن ۾ مٺيءَ ۾ پڻ اچي رهندو هو. هن رڪارڊ جي پورائي لاءِ پارڪر جا برهمڻ رکيا. 1847ع ۾ چارلس نيپيئر ويو ته سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو ۽ بمبئي کان سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ ڪمشنر اچڻ لڳا.
1856ع ۾ پارڪر کي وري سنڌ سان شامل ڪيو ويو. ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾، انگريزن جي وقت ۾ ڪا خاص چرپر ڪانه ٿي ڇو ته ٻئي حڪومتون انگريزن جي هٿ هيٺ هيون. ڪڇ جو راجا به انگريز حڪومت جي پاڇي هيٺ هو. پارڪر، ٿر کان ڏکڻ اوڀر طرف آهي ۽ هي ڌرتي جو حصو هر ڳالهه ۾ ٿر کان نرالو آهي. پارڪر لاءِ شاهه جو هِڪُ بيتُ ٿو ياد اچي.

ڍٽ ڍري پٽ پيئون، پاسي پارڪر
سڀئي ڀريا سر، پلر جي پالوٽ سين

“پارڪر” ۽ “ڪڇ” جي وچ ۾ “ڪڇ جو رڻ” آهي جيڪو هن وقت سڪل آهي. رکي رکي برسات جي پاڻيءَ سان يا سمنڊ جي وير چڙهڻ سان هي حصو پاڻي سان ڀرجي وڃي ٿو. پر ڪنهن زماني ۾ “ڪڇ جو رڻ” عربي سمنڊ جي چاڙهه هوندو هو جنهن کي “کاري” چوندا هئا. ڪڇ پهچڻ لاءِ کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. تنهن ڪري چوندا هئا “پار اُڪر” ۽ آهستي آهستي ٿيو پارڪر. جيمس ٽاڊ پنهنجي ڪِتاب پارڪر ۾ به ساڳي نموني ڄاڻايو آهي. هي ڪڇ جو رڻ جيڪو اڄ به ويران پيو آهي اڀرندي کان الهندي 250 ڪلوميٽرن ۽ اتر کان ڏکڻ 120 کن ڪلوميٽر آهي.
1843ع ۾ ٿر ۽ پارڪر کي ملائي تعلقو ٺاهيو ويو جيڪو ڪڇ رياست جي عملداري هيٺ هوندو هو. 1858ع ڌاري ٿرپارڪر تعلقي کي ڪڇ کان الڳ ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1882ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو الڳ ٺاهيو ويو ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر عمر ڪوٽ ۾ ۽ 1906ع ۾ ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو ويو. 1990ع ۾ ٿر نالي ضلعو ڪري ميرپور خاص ضلعو الڳ ڪيو ويو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ رکيو ويو. پر عوام جي مسلسل مطالبي کي مڃيندي 1993ع ۾ حڪومت ان جو پراڻو نالو “ٿرپارڪر” ئي بحال ڪيو ۽ هيڊ ڪوارٽر مٺي ئي رهڻ ڏنو. هن ضلعي جي حدود ۾ فقط چار ريگستاني تعلقا آهن: مٺي، ڏيپلو، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇرو. سڄي پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ته ڇاڇرو ايراضي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. اهڙي طرح ٿرپارڪر ضلعو سنڌ جو سڀني کان وڏو ضلعو آهي. ٿر جو اديب ۽ محقق من موهن گياني چوندو هو ته قدرت جا رنگ به عجيب آهن، جِتي جر جاري وهندو هو، سو اڄ پاڻيءَ جي بوندَ لاءِ محتاج آهي، چؤطرف سڃ لڳي پئي آهي. اڇي واري اڏاميو اچيو منهنَ ۾ پوي. وڏيون ڀٽون ۽ سڪل ڏهر پيا ڊيڄارين...... اڄ نه اهي نديون ۽ بندر، نه واهه نه ساوڪ، نه سرسوتي، نه هاڪڙو ۽ نه مهراڻ! ماڻهو ۽ مرون پيا پاڻيءَ لاءِ واجھائين..... پوءِ به ٿري ڌڻيءَ جو شڪر ڪيو ويٺا آهن.....هيترن ڏکن هوندي به هنن لاءِ پنهنجا پکا ڇڏڻ نا ممڪن ڳالهه آهي.
پر هڪ ڳالهه آهي ته ٿر وسي ٿو ته ڌرتي مختلف فصلن جي سنگن سان ساهه کڻي ٿي.... اڇن، پيلن ۽ گلابي گلن سان اکين کي ٺار پيئي ڏيندي. شايد شيخ اياز هِتي اچي اهڙي وقت تي هي خوبصورت نظارا پَسي ٿر کي سرڳ (بهشت) سڏيو آهي:

ساٿي مون دنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،
ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان، آ، واريءَ تي هر گهر،
سانجھي وير امر، رتي ريت تي.

ٿر جي لنگهه نئون ڪوٽ کان نڪرندي اڳي ندي وهندي هئي جنهن کي هاڻي “پراڻ ڍورو” چون ٿا. شاهه صاحب به اتان لانگهائو ٿيو هو تڏهن ته هن چيو:

ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري،
وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري
ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙي، پسو ويس ڪيا!

ڏيپلي تعلقي ۾ رحمڪي بازار جي ويجھو به “پراڻ” آهي، جنرل آف دي هسٽاريڪل سوسائٽي 1947ع ۾ هڪ هنڌ آيل آهي ته وڳهه ڪوٽ، ونگه (جنهن تان ارباب ونگي جا ڄام سڏجن ٿا)، ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويراوهه علي بندرسامونڊي بندر هئا. انهن مان محقق انومان لڳائين ٿا ته “پراڻ” سنڌو نديءَ جي شاخَ هئي.
1973ع ۾ سرڳواسي نند لعل “نندن” هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر رٽائرڊ ٿيڻ تي چيو هو ته “ٿر پرميشور جي پياري ڀومي آهي، جنهن جي پوتر پڻي للاٽ تي لڳائڻ سان نراڙ تي نور ٻهڪندو آهي. انهي پويتر ڀوميءَ ڪيترا ڀڳت، فقير، پرڀو جا پيارا پيدا ڪيا آهن، تاجل بيوس جو هڪ شعر آهي ته:

هاڻي هاڪڙو وهندو ويراواهه کان،
لڳو آهي لوڪ جو، ککر ۾ کڙو،
گجر کڻ گهڙو مهڪي ڀونءَ ملير جي

دادو جي اَديب، محقق ۽ ٽيچر تاج صحرائي 1992ع ۾ ٿر سيمينار ۾ پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته “سنڌ مان سنڌوءَ کان علاوه جيڪا ٻي مکيه ندي وهي سنڌ مها ساگر (Indian Ocean) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، ان جو نالو سرسوتي، سرسوتي گهاگهرو، ٻهڪندو، نسنڪارا، وَهندو، هاڪڙو، نارو ۽ مهراڻو هو. هو هن وقت ان درياهه کي هندستان جو گم ٿيل درياهه سڏيو وڃي ٿو. هاڪڙو درياهه لاءِ پهرين به لکي چڪو آهيان ته هن کي رگ ويد واري پهرين مکيه ندي سرسوتي (Sarasuati) به سڏيو ويو آهي.
شالَ وري هاڪ وهندو رَهي هاڪڙو!
ڪرنل ٽاڊ جي لکڻ موجب ڪن جي راءِ آهي ته “ٿر” جو علائقو قديم زماني ۾ “هاڪڙي ۽ مهراڻ” جو ميدان رهيو آهي ۽ هِتي جا پُراڻا رهاڪو پارسي هئا ۽ انهن جي مناسبت سان پاري ننگر جو پراڻو نالو پارسي ننگر هو. هن شهرَ جو بنياد 512 ق ۾ پيو جيڪو هِتي وڏو ۾ وڏو بندرگاهه هو ۽ جِتي سمنڊ مان جهاز اچي لنگر هڻندا هئا. اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته پراڻي زماني ۾ هِتي جهاز ٺاهڻ جا به وڏا ڪارخانا هئا.
اڏي اڏي ويا اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
ٽڪاڻا ۽ ٽول پيا آهن پٽ ۾

(سر ڏهر)

هِتي اسانجي ان ٿر واري آڳاٽي بندرگاهه پاري ننگر جو مثال هڪ عام ماڻهوءَ جي سمجھڻ لاءِ هن ريت ڏيندس ته جيڪڏهن اسان جو ڪراچي وارو عربي سمنڊ ڪياماڙي تائين دنگ ڪرڻ بدران ڪا کاري ٺاهي اندر نوري آباد تائين اچي وڃي يا ڪراچي جي ڇيڙي سهراب ڳوٺ تائين هجي ها ۽ اتي سهراب ڳوٺ وٽ ڪو بندرگاهه ٺاهجي ته ان جي حيثيت ننگر پارڪر واري بندرگاهه پاري ننگر جهڙي ٿيندي. ان صورت ۾ مال توڙي مسافر ڪياماڙي وٽان سامونڊي سفر شروع ڪرڻ بدران سهراب ڳوٺ وٽ بيٺل جهازن ۾ سفر ڪرڻ ۾ بهتري سمجھندا. ٿرپارڪر ضلعي جي ننگر پارڪر واري بندرگاهه پاري ننگر جي به اها اهميت هئي. سال 1222 تائين سنڌ جو هي بندرگاهه پاري ننگر اوسي پاسي جي دنيا جو مشغول ۽ مشهور بندرگاهه هو. چيو وڃي ٿو ته هن کي تباهه ڪرڻ ۾ پرشيا (ايران) جي خوارزميان شاهي گهراڻي جي آخري بادشاهه جلال الدين جو وڏو هٿ هو.
چنگيز خان جي ايران تي حملي بعد جلال الدين پنهنجي جان بچائي ڪجهه لشڪر سان وٺي ڀڳو. چنگيز خان به کيس آخر تائين نه ڇڏيو. جلال الدين جنهن جنهن شهر ۾ گهڙيو ٿي ان کي تباهه ڪيائين ٿي. اهڙو ئي حال هن بندرگاهه پاري ننگر جو ٿيو. هي بندرگاهه وري نه ٺهي سگهيو. ضرورتمندن وڃي سورت ۽ بمبئيءَ جو بندرگاهه وَسايو.